باب پهريون
زبان ۽ علم زبان جي تعريف ۽ وضاحت
1_ زبان جي تعريف ۽ اهميت:_
زبان يا ٻوليءَ جي تعريف مختلف علمن جي لحاظ کان
الڳ الڳ ڪري سگهجي ٿي؛ مثلاً نفسيات جي لحاظ کان
ٻولي انسان جي دل يا اندر جي اظهار جو ٻيو نالو
آهي. لسانيات جي لحاظ کان زبان جي تعريف هن ريت
ڪئي ويئي آهي:
”زبان خودبخود اختيار ڪيل آوازي علامتن جو هڪ اهڙو
نظام آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروه جا ماڻهو
هڪٻئي سان واهپو رکن ٿا ۽ هڪٻئي کي متاثر ڪن ٿا
(1)
امريڪا جي مشهور معروف لسانياتي عالمن ميشرس بلاخ
۽ ٽِرئگر
(Bloch & Trager)
جو چوڻ آهي ته ”زبان پاڻمرادي قبول ڪيل آوازي
علامتن جي هڪ تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي هڪ سماجي
گروه جا ماڻهو هڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا (2)“
هر هڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سماج جو جزو آهي ۽
انهيءَ سماج جي ٻين جزن سان، جيڪي هن جهڙا انسان
آهن، زبان جي ذريعي ڳانڍاپو ڳنڍي ٿو. ٻوليءَ بنان
انساني سماج جو تصور ناممڪن آهي. جيڪڏهن ڪنهن به
انساني سوسائٽيءَ کي هڪ بدن ڪري تصور ڪريون ته
پوءِ ٻولي انهيءَ جو ڄڻ تنتي سرشتو آهي، جنهن جي
وسيلي ان جا سمورا جزا هڪ ٻئي سان رابطو رکن ٿا.
انساني سماج ۽ حيواني سماج جي وچ ۾ فرق فقط
ڳالهائڻ جو آهي.حيوان کي به پنهنجون خاص ٻوليون
آهن، جي هو ٻولين ٿا مگر ڳالهائين ڪو نه ٿا. سندن
ٻوليون رڳو ”تنوارون“ يا ”رڙيون“ هونديون آهن، جن
۾ تبديليءَ جي ڪا به گنجائش ڪانهي. هڪ ئي قسم جا
جانور، دنيا ڀر ۾ هڪ ئي ٻولي ڪم آڻين ٿا، جا هو
سکن ڪو نه ٿا، مگر ڏات طور حاصل ڪنٿا. ان جي
برخلاف، انسانن ۾ ڪئين ٻوليون چالو آهن، جن کي
سکڻو پوي ٿو. منجهن ايڏي ته پيچيدگي
(Complexity)
آهي جو انهيءَ جا صحيح سبب معلوم ڪرڻ مشڪل معلوم
ٿي پيو آهي. وري وڏي ڳالهه اها آهي ته اها پيچيدگي
پاڻمرادو پيدا ٿي پئي آهي ۽ نهايت منظم آهي. ٻولين
جي اندروني تنظيم ۽ سٽا ۾ انساني ارادي کي ڪو به
دخل ڪو نه آهي.
سماج جيڪي ڪي ڪري ٿو سو سڀ سندس ثقافت
(Culture)
سڏجي ٿو، جنهن ۾ مادياتي ۽ غير مادياتي
(Non- material)
شيون شامل آهن. (3). ثقافت جي مادياتي شين ۾
عمارتون، پوشاڪون، اوزار، هٿيار پنهوار، زيب زينت
وغيره اچي وڃن ٿا.
غير مادياتي شين ۾ دين ڌرم، رسم رواج، اٿڻي وهڻي
راڳ روپ، علم ادب ۽ زبان وغيره. اچي وڃن ٿا. ڪنهن
به قومي ثقافت جي انهن غير مادياتي شين کي سمجهڻ ۽
اڀياس ڪرڻ لاءِ انهن جي تنظيم ۽ جوڙجڪ جو جائزو
ورتو ويندو آهي.
زبان يا ٻولي نه فقط ثقافت جو جز آهي، مگر بنياد
پڻ آهي. (4) جيڪڏهن ثقافت کي وڻ ڪري وٺجھي ته ان
جي پاڙ سندس زبان يا ٻولي آهي. انهيءَ وڻ جا ڏار،
ٽاريون. پن، گل ۽ ڦل سڀ زبان جي ذريعي پرورش پائين
ٿا. ٻولي نه هجي ته ڇا جو دين، ڇا جو ڌرم؟ ڇا جو
ڪريا، ڇا جو ڪرم؟ ڇا جو علم، ڇا جو فن؟ ڇا جي
تهذيب، ڇا جو تمدن؟ هوند انساني سماج بدلجي حيواني
سماج ٿي پوي!
جيئن ڪا به زبان هڪ قومي ثقافت جو اهم جزو آهي،
بلڪه بڻ بنياد آهي، تيئن انهيءَ ثقافت جو آئينو
پڻ آهي. سندس لفظن جو ذخيرو ۽ انهن جي استعمال جو
طور طريقو ٻڌائيندا آهن ته سندس ڳالهائيندڙن جي
قومي ثقافت ڇا آهي، منجهن ڪهڙا علوم ۽ فنون رائج
آهن، سندن ريتون رسمون ۽ قاعدا قانون ڪهڙا آهن، ۽
اُهي ڪيتري قدر سندن پنهنجا ۽ ٻين کان اڌارا ورتل
آهن؟ سندن طبيعتن ۾ ڪيتري قدر نرمي يا شوخي، لطافت
يا ڪثافت آهي؟ سندن دلي ۽ ذهني ڪيفيت ڪهڙي آهي؟
مطلب ته ڪنهن قوم جو ثقافتي سرمايو سندن زبان مان
ظاهر ٿيندو آهي.
زبان مان نه صرف قوم جي ثقافت جو پتو پوندو آهي
مگر ان جو ماضي به معلوم ٿيندو آهي. سندس تاريخي
دورن جا آثار ۽ اُهڃاڻ سندس ٻوليءَ ۾ سانڍيل هوندا
آهن. مثلاً اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي مان صاف
ظاهر آهي ته اسان سنڌي،ويدڪ آرين، ايرانين،
يونانين، عربن، مغلن ۽ انگريزن جا غلام رهيا
آهيون.اسان جو تعلق سميرين، سٿين، راجپوتن، پٺاڻن
۽ بلوچن سان رهيو آهي. ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي تاريخن
۾ ٽنبي سگهجن ٿيون، مگر ٻولي قوم جي سچي تاريخ جا
اهڃاڻ ٻڌائي سگهي ٿي. انهيءَ بناءَ تي سر جان
مارشل لکيو آهي ته تاريخون درست ڪرڻ گهرجن (5).
2_ ٻوليءَ جي تعريف جي وضاحت:_
زبان جي تعريف ڪندي مٿي ٻڌايو ويو آهي ته اُها
پاڻمرادي قبول ڪيل آوازي علامتن جي هڪ تنظيم آهي،
جنهن جي وسيلي سماجي گروهه جا ماڻهو پاڻ ۾ رابطو
رکن ٿا. ان مان زبان جي ساخت ۽ جوڙجڪ جا هيٺيان
چار پهلو ظاهر ٿين ٿا (6).
1) ٻولي هڪ تنظيم آهي. سندس اندروني جوڙجڪ
۽ عمل ۾ سٽا سمايل آهي، بلڪل ائين جيئن ڪنهن مذهب،
حڪومت ۽ کاتي ۾ نظام رکيل هوندو آهي. ڪنهن به نظام
کي سڌو سنئون ٻاهران جاچي نه ڏسبو آهي، پر ان کي
جن ۾ورهائي ڇيد ڪري، ان جي عملي ڪارروائيءَ جو
جائزو ورتو ويندو آهي. ٻوليءَ جي سِٽا سمجهڻ لاءِ
به هوبهو ائين ڪيو ويندو آهي. پهريائين ان جا
مختلف آواز معلوم ڪبا آهن؛ پوءِ انهن جو ميل ميلاپ
۽ لڳ لاڳاپو ڳولي لهبو آهي. ان بعد انهن جي عملي
ڪارروائي جاچبي آهي. انهيءَ عملي ڪارروائيءَ مان
بدستور پدن جو پيدا ٿيڻ ۽ لفظن جو جڙڻ جاچي لهبو
آهي؛ آخر ۾ جملن ۾ لفظن جي ملي ٺهڪي اچڻ وارو نظام
بيان ڪبو آهي. ٻوليءَ جي انهيءَ تنظيم جو ٻيو نالو
”گرامر“ آهي.
2) ٻولي علامتن جي هڪ تنظيم آهي.
اسان جيڪي به ڳالهايون ٿا تنهن جو تعلق ٻاهرين
عملي دنيا جي شين ۽ واقعن سان آهي ۽ انهن جو تعلق
علامتي
(Symbolical)
آهي. گويا اسان جي گفتن ۾ معنيٰ موجود آهي. جڏهن
اسين چئون ٿا ته ”ڪتو اچي ٿو“، تڏهن لفظ ”ڪتو“
هوبهو شيءِ ناهي پر ان خاص شيءِ جي علامت آهي ۽
انهيءَ علامت مان خاص معنيٰ نڪري ٿي.اهڙيءَ طرح
سان ”اچي ٿو“ هوبهو واقعو ناهي پر ان خاص واقعي جي
علامت آهي، جا هڪ خاص معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿي.
انهن معنئان کي پنهنجو ماحول ٿيندو آهي، جو عملي
دنيا ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ماحول جي بدلجڻ سان معنيٰ
به بدلجي ويندي آهي اگرچ گفتي جو نمونو ظاهر ۾
ساڳيو ڇو نه هجي. مثلاً:
1 . ٻڪريون اچن ٿيون.
2 . ڪوٺي تان سرون ٻه ڪريون.
3 . ڪوٺي اچينس ته پڇا ڪريون.
پهرئين ۽ ٻئي جملي ۾ ”ٻڪريون“ ۽ ”ٻه ڪريون “ اگرچ
هڪجهڙا گفتا آهن، مگر سندن معنائون مختلف آهن.
ساڳي طرح ٻئين ۽ ٽئين جملي جو لفظ ”ڪوٺي“ ڌار
معنائن کي ظاهر ڪري ٿو.
3) ٻوليءَ جي علامتن جو تعلق زباني آوازن سان
آهي: اهڃاڻ ۽ علامتون ڪيترن ئي قسمن جون
ٿينديون آهن ۽ آواز به ڪيترن ئي نمونن جا ٿيندا
آهن. ريلوي گارڊ جي سائي ۽ ڳاڙهي ٻئي جهنڊيون
علامتون
(Symbols)
آهن. ڪنڌ جو هيٺ مٿي ڪرڻ ۽ ساڄي کاٻي ڦيرڻ ٻه
اهڃاڻ
(Symbols)
آهن. مختلف ملڪن ۾ آڱوٺو ڏيکارڻ الڳ الڳ اهڃاڻن
طور ڪم ايندو آهي؛ اسان سنڌين ۾ برو آهي مگر
انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ سٺو آهي.
آواز به ڪيترن ئي قسمن جا ٿيندا آهن، جهڙوڪ:
جانورن جا، هوائن جا، شين جي گهسجڻ جا، سازن جا،
کنگهڻ، روئڻ ۽ کلڻ جا اواز. اهڙن آوازن سان ٻوليءَ
جو ڪو به واسطو نه آهي. سندس سنٻنڌ رڳو انسانن جي
انهن آوازن سان آهي، جي ڳالهائڻ وارن عضونجي ذريعي
ظاهر ٿين ٿا ۽ معنيٰ رکن ٿا.
صورتخطيون به علامتون آهن.انهن جو تعلق به ٻولين
سان آهي پر سنڌو ناهي. اُهي، ٻولين جي علامتن جون
علامتون آهن. ٻولين جون علامتون انساني گفتا آهن ۽
انهن گفتن جون علامتون لکيل لفظ آهن. گويا تحريرون
۽ لکيتون ٻولين جون اڻسڌيءَ طرح علامتون آهن.
4) ٻوليءَ جون علامتون پاڻمرادو اختيار ڪيل
هونديون آهن.
انهيءَ جو مطلب هي آهي ته انهن علامتن ۽ سندن
معنائن جي وچ ۾ ڪو به معقول لاڳاپو ڪو نه هوندو
آهي. مثلاً هڪ شيءِ کي اسين ”کٽ“ سڏيون ٿا.ان کي
ائين ڇو ٿا سڏيون ۽ ڇو نه ”لم“ يا ٻيءَ طرح، ان
لاءِ ڪو به معقول سبب ڪونه آهي. ڪي لفظ اهڙا به
هوندا آهن جن جي معنيٰ لاءِ معقول سبب هوندو آهي؛
مگر اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇو نه انهن کي ٻين
لفظن سان سڏجي؛ مثلاً ”هڻ کڻ“ هڪ بلا جو قسم آهي،
جا ڏنگڻ سان ماڻهوءَ کي ماري وجهندي آهي. اِهو
مفهوم لفظ ”هڻ کڻ“ مان ظاهر آهي؛ مگر اِهو سمجهه
۾ نٿو اچي ته ڇو نه اُن کي ”جهٽ مار“ بلا سڏجي يا
ڪو ٻيو نالو کيس ڏجي. ان مان ثابت ٿئي ٿوته ٻولين
جا اهڃاڻ، جيڪي خود لفظ آهن، سي پاڻمرادو اختيار
ڪيا ويا آهن ۽ پيڙهي به پيڙهي وڏڙن کان پوين کي
ملندا آيا آهن.
3. زبان ۽ علامتي تنظيمون:_
ٻولي ٻاهرين دنيا سان ٻن طريقن سان تعلق رکي ٿي
(1) ڳالهه ٻولهه وقت بدن جا عضوا پيٽ ڇهه کان وٺي
ڄڀ تائين چرپر ڪن ٿا، هوا ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽
انهن لهرن جا مناسب اثر، ڪَن جي دهلڙي کان دماغ
تائين هچن ٿا. ٻوليءَ جي لکيت يا تحرير جو اثر
اکين کان ٿيندو دماغ تائين پهچي ٿو. انهن ٻنهي
حالتن ۾ اسان علامتن
(Symbols)
کان ڪم وٺون ٿا. اِهي علامتون، نشانين
(Signs)
جو خاص قسم آهن. نشانيون عام طرح سان خود واقعا يا
شيون ٿينديون آهن جي اسان جو ڌيان ڪنهن ٻئي واقعي
يا شيءِ ڏانهن ڇڪينديون آهن؛ مثلاً سِئي يا سيءَ
سان تپجي پوڻ مليريا (موسمي بخار) جي نشاني آهي.
مگر علامتون ڪن مخصوص موقعن، ڳالهين يا شين لاءِ
هٿرادو مقرر ڪيل نشانيون هونديون آهن، جهڙوڪ گارڊ
جو جهنڊي ڏيکارڻ، تار ڏيڻ لاءِ ٽڪ ٽڪ ڪرڻ وغيره.
علامتي نظامن ۾ ٻولي يا زبان، ٻن سببن ڪري خاص
مقام رکي ٿي. هڪ ته هو پاڻمرادو روايت تي مبني
آهي، ڇو ته ٻوليءَ ۾ جيڪي آوازن جا نمونا ۽ سٽائون
استعمال ڪيون وڃن ٿيون سي فطرتي يا قدرتي ناهن
بلڪه جڙتو آهن ۽ روايت طور پيڙهي به پيڙهي ورثي ۾
هلنديون اچنٿيون. اسين ٻيا جيڪي به علامتي نظام
استعمال ڪيون ٿا سي پاڻ ٺاهيون ٿا ۽ پاڻ ڊاهي ٻيا
ٺاهي سگهون ٿا يا مرضيءَ موجب ان ۾ مٽا سٽا آني
سگهون ٿا. ٻوليءَ ۾ اسين ائين ڪري نٿا سگهون. اِها
خودبخود الاهي اٽل قانون موجب ڦرندي رهي ٿي. ڪو به
شخص پنهنجي مرضيءَ مطابق ٻوليءَ جي سٽائن ۾دخل
ڏيئي نٿو سگهي. وڌ ۾ هو نوان لفظ پيدا ڪري ان ۾
داخل ڪري سگهي ٿو مگر اُن لاءِ به پڪ نه آهي ته
اُهي هلي سگهندا يا نه. مثلاً ڪو به شخص سنڌيءَ
۾چئي نٿو سگهي ته ”مون سڀاڻي ڏانهن ڪراچيءَ وڃڻ جو
ارادو ڪرين ها.“ انگريزي راڄ جي اوائلي ۾ علم بدن
۽ صحت لاءِ اروگوگيان ۽ ٿرماميٽر لاءِ مقياس
الحرارت استعمال ڪيا ويا هئا مگر هلي ڪو نه سگهيا.
هاڻي به جيڪڏهن ڪو چوي ته ”يارو، اچو ته کٽ جي
بدران اُس استعمال ڪريون“ ته ٿي ڪو نه سگهندو. هر
زبان جو هيءُ معجزو آهي ته جڙتو ۽ هٿرادو هوندي
به پاڻ سان هٿ چراند ڪرڻ نٿي ڏئي.
علامتي نظام ۾ ٻوليءَ جي خاص مقام جو ٻيو سبب، جو
پهرين کان وڌيڪ اهم آهي، سو هيءُ آهي ته زمين ۽
آسمان جي وچ ۾ هر شيءِ ۽ هر واقعي لاءِ پنهنجون
علامتون استعمال ڪري سگهي ٿي ۽ بدليل حالتن ۽
گهرجن سارؤ تبديل ٿيو وڃي. انسان ذات جو ڪوبه اهڙو
مشاهدو يا تجربو ڪونه آهي، جنهن کي پولي ڪنهن نه
ڪنهن نموني بيان ڪري نه سگهي ۽ اها ٻولي ئي آهي جا
انسان تي اثراندازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
4. زبان جي ماهيت ۽ خصوصيت:_
زبان يا ٻوليءَ بابت هيئن به چئي سگهجي ٿو ته اُها
انسان جي انهن بامعنيٰ آوازن جو اظهار آهي، جي
سندس منهن مان نڪرن ٿا ۽ جن جي ٻڌڻ سان سندس سماج
جا ٻيا ماڻهو ان مان مطلب ڪڍي سگهن ٿا. ان ڪري
انسان کي حيوان ناطق سڏيو ويو آهي. ناطق جي معنيٰ
آهي ڳالهائيندڙ يا گفتگو ڪندڙ ۽ ان گفتگو جي ذريعي
پنهنجي مطلب کي ٻئي جي سمجهه ۾ آڻيندڙ. انسان کان
سواءِ ٻيا به ڪي حيوان آهن، جيڪي انساني ٻولي سکي
سگهن ٿا جهڙوڪ طوطو ۽ مينا. مگر منجهن اها اهليت
ناهي جو ڪنهن ڳالهه يا شيءِ بابت انسانسان گفتگو
ڪري سگهن. هو جڏهن پاليا وڃن ٿا تڏهن جيڪي ٻُڌن ٿا
يا کين سيکاريو وڃي ٿو، سو ئي رٽيندا رهن ٿا. اهو
ان ڪري آهي جو سندن ڄڀ جي جوڙج، انساني ڄڀ جي
جوڙجڪ جهڙي آهي. گُنگا ان ڪري نٿا ڳالهائي سگهن جو
سندن ڄڀ ۾ نقص هوندو آهي، مگر منجهن مالڪ قادر
اِها قابليت رکي آهي جو اشارن سان ساري مطلب کي
ٻئي جي دماغ ۾ داخل ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ئي انسان
کي حيوان ناطق سڏيو ويو آهي. انهيءَ اصول موجب ته
اشارن سان هڪ انسان ٻئي انسان کي پنهنجو مطلب
سمجهائي سگهي ٿو، انسان ذات ڪيتريون ئي مصنوعي
ٻوليون ايجاد ڪيون آهن. جهڙوڪ تار جي زبان، جهنڊين
جي زبان، تحريري زبان، اڌ اکري زبان، مخفي زبان
وغيره. اسين جڏهن تار گهر ۾ ويندا آهيون تڏهن
ننڍڙين مشينن مان ٽڪ ٽڪ جو آواز پيو ٻڌبو آهي ۽
خود تار ماستر ان تي هٿ رکيو پاڻ به پيو ”ٽڪ ٽڪ“
ڪندو آهي. ائين ڪرڻ سان ٻئي شهر جي تار ماستر سان
گفتگو ڪندو آهي. انهيءَ ساڳئي طريقي موجب اسڪائوٽ
وارا يا پلٽڻ جا سپاهي، جهنڊين يا رنگين بتين سان
هڪٻئي سان ڳالهائيندا آهن. اهڙي نموني ڪئين اشاري
يا رمزي ٻوليون قائم ٿيون آهن. اڌ اکري
(Shorthand)
به انهن منجهان هڪ آهي. پهرين مهاڀاري جنگ کان
پوءِ ڪوششون جاري آهن ته ساري انسان ذات لاءِ ڪا
نه ڪا هڪ زبان قائم ڪئي وڃي.
علم زبان کي اهڙن مصنوعي ٻولين سان ڪو به واسطو
ڪونه آهي. سندس تحقيقات جو تعلق فقط ڳالهايل زبانن
سان آهي،جي سماجي گروهن جي عام ماڻهن ۾ چالو آهن ۽
خود بخود فطرتي اصولن موجب موجود ٿيون آهن. البت
تحريرن سان کيس تعلق ضرور آهي ڇو ته اُهي ڳالهايل
زباننجي نمائندگي ڪن ٿيون ۽ ٻولين جي تاريخي پس
منظر ۽ ارتقا کي معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
گفتگو ۾ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جو پاڻ ۾ رابطو قائم
ٿئي ٿو. ڳالهائيندڙ جي اندر ۾ اول هڪ خيالي تصور
پيدا ٿئي ٿو، جنهن مان پوءِ هڪدم لفظي تصويرون
پيدا ٿين ٿيون جي ان خيالي تصور جي ترجماني
ڪنٿيون. انهن لفظي تصويرن مطابق لفظي آواز پيدا
ٿيندا آهن، جي هوائي لهرن ۾ وات جي اڳيان مِٽجي
ويندا آهن. اهي هوائي لهرون، جڏهن ڪَن ۾ داخل ٿين
ٿيون تڏهن اندرين دهلڙي کي لڳي ان ۾ جنبش پيدا ڪن
ٿيون، جن مان مناسب آوازي لفظ پيدا ٿيندا آهن ۽
انهن مطابق ٻڌندڙ جي دماغ ۾ لفظي تصويرون تيار
ٿينديون آهن، جن مان آخر خيالي تصور پيدا ٿيندو
آهي. ٻوليءَ جي اها عملي ڪارروائي
(Process)
آهي.
هر ٻوليءَ جي هيءَ خصوصيت آهي ته هڪ جاندار شيءِ
وانگر پئي گهٽي وڌي ۽ تبديل ٿئي، جنهن ۾ اندروني
اسبابن کي ايڏو دخل ناهي، جيڏو بيروني سببن کي
آهي. انهن مان وڏي ۾ وڏو سبب سماجي انقلاب
آهي.ٻوليءَ جو نمونو بلڪل ائين آهي، جيئن شطرنج جي
راند (8). جيئن هر چال کان پوءِ سندس صورتحال
بدلجي ويندي آهي، تيئن هر دور ۽ هر انقلاب کان
پوءِ ٻوليءَ جو نمونو به بدلجي ويندو آهي. اگرچ هر
چال کان پوءِ راند جو نقشو بدلجي ويندو آهي.پر
تڏهن به سندس بنيادي تنظيم ۾ ڦيرو نه ايندو آهي.
رانديگر راند جو نقشو بدلي سگهن ٿا مگر سندس سٽا
بدلي نٿا سگهن؛ سندس خانا گهٽ وڌ ڪري نٿا سگهن، هر
مُهري جي مخصوص چال مَٽائي نٿا سگهن. مختلف مُرن
کي ماري راند مان هٽائي سگهن ٿا ۽ وري جياري اندر
آڻي سگهن ٿا، مگر سندس نوعيت ۾ تبديلي آڻي نٿا
سگهن. جيڪڏهن راند جي سٽا کي تبديل ڪيو ته کيڏي نه
سگهبو. بلڪل ائينهر ٻوليءَ کي پنهنجي تنظيم آهي
جنهن کي مرضيءَ موجب ڦيرائي نٿو سگهجي؛ جيڪڏهن
ڦيرائبو ته ڳالهائي نه سگهبو. سندس لغت ۾ ڦيرو اچي
سگهي ٿو، سندس آواز گهٽ وڌ ٿي سگهن ٿا، منجهس
معنائون ڦري سگهن ٿيون، مگر سندس عملي سٽا بدلائي
نٿي سگهجي. سندس اسمن، ضميرن، صفتن، ظرفن، فعلن
وغيره جي نوعيت ۽ مخصوص هنڌن کي بدلائي نٿو سگهجي.
گويا زبان جي عملي نظام کي ڦيرائي نٿو سگهجي.
مٿي ٻڌايو ويو آهي ته زبان هڪ جاندار شيءِ وانگر
پئي تبديل ٿئي. ان جو تعلق انسان سانآهي، جيڪو
هميشہ انقلابن اندر گهيريل آهي. تنهن ڪري ٻولين جو
ڦيرو، ادل بدل ۽ بدل سدل به لازمي آهي. جيئن جيئن
ڪنهن سماج ۾ ڦيرو اچي ٿو، تيئن تيئن سندس ٻوليءَ ۾
به تبديلي ايندي آهي، جيڪا چئن قسمن جي هوندي آهي:
1_ صوتي يا آوازي 2_ معنوي 3_ لغوي 4_ صرفي. انهن
تبديلين جي جاچ پڙتال پوءِ ڪئي ويندي.
5) ٻوليءَ جا ٻَه پاسا:_ هر شيءِ ۽ واقعي کي ٻحَ
پاسا آهن: هڪ ظاهري ٻيو باطني. ائين ٻوليءَ کي به
ٻه پاسا آهن؛ انجو ظاهري پاسو آوازن سان تعلق رکي
ٿو جي انسانن جا آهن. ان جو باطني پاسو معنيٰ ۽
مطلب سان واسطو رکي ٿو. انساني گفتگو جڏهن با
معنيٰ ٿئي ٿو تڏهن ان کي علامت
(Symbol)
سڏجي ٿو جيئن اڳتي ٻڌايو ويو آهي. مثلاً جيڪڏهن ڪو
سنڌي چوي ته ”تاپ“ ته ان جي ڪا به معنيٰ ڪا نه
نڪرندي، پر جي ان جي بدران چوي ”تاس“ يا ”ڇاپ“ ته
پوءِ اهو علامت سڏبو ڇو ته با معنيٰ آهي.
انهن علامتن جا اهم جزا صوتيه
(Phoneme)
۽ صرفيه
(Morpheme)
آهن. صوتيا مختلف آوازن جا نمونا آهن جي هڪ ٻوليءَ
جي ڳالهائيندڙن لاءِ ساڳيا هوندا آهن، جن کي هڪ ئي
انداز ۾ استعمال ڪندا رهندا آهن. هر ٻوليءَ ۾ انهن
جو تعداد مقرر ٿيل آهي. انهن جي محدود تعداد مان
ٻوليءَ جي ساري سٽا جڙي ٿي. اهي صوتيائي آهن جي
مختلف لفظ جوڙين ٿا ۽ معنيٰ ۾ ڦير آڻين ٿا. مثلاً
/کَٽَ/ مان / ک / جو صوتيو ڪڍي / م/ جو صوتيو
وجهبو ته / مٽ/ لفظ ٿي پوندو. جنهن جي معني، ”کٽ“
جي معنيٰ کان مختلف آهي.
صوتين کان پوءِ ٻوليءَ جي ظاهري تنظيم جا ٻيا
بنيادي جزا ”صرفيا“ آهن. صرفيا صوتين مان ٺهندا
آهن. صرفيي ۾ هڪ صوتيو به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کان
وڌيڪ به. عام طرح سان ان ۾ ٻه يا ٽي صوتيا ٿيندا
آهن. اهو سادو (مفرد) لفظ به ٿي سگهي ٿو ۽ پدُ به،
جو ٻئي سادي لفظ سان ملي نئون پيچيدو
(Eomplex)
لفظ ٺاهيندوآهي، جيئن ته / ٻارڙو/ ۾ ٻهَ صرفيا
آهن: هڪ /ٻار/ ۽ ٻيو /ڙو/ . پهريون سادو لفظ آهي ۽
ٻيو پد آهي. انهن ٻنهي جي ميلاپ مان جيڪو لفظ ٺهيو
آهي سو پيچيدو
(Complex)
لفظ آهي. لفظ ترتيب سان پاڻ ۾ ملي جملا ٺاهيندا
آهن، جي گفتگو جا عام وڏا ايڪا
(Units)
آهن. زبان جي انهيءَ ظاهري سٽاءَ کي سائنسي نموني
۾ بيان ڪرڻ ۾ لسانيات جا عالم ڪامياب ٿيا آهن. مگر
ان جي باطني پهلو يعني ”معنيٰ“ کي علمي طرح بيان
ڪرڻ ۾ پوري طرح ڪامياب نه ٿيا آهن. ڪجهه قدر ان
تي بحث ڪيو اٿن ۽ ان کي علمي صورت به ڏني اٿن،
جنهن کي معنويت
(Semantics)
سڏجي ٿو. سچ پچ ته ان جو تعلق ٻه طرفو آهي: هڪ
لسانيات سان ٻيو فلسفي سن. فلسفو لسانيات کان
زياده ان ۾ دخل ڏئي ٿو.
6) علم زبان ۽ انجي سائنسي حيثيت: _
علم زبان جو موضوع
(Subject-matter)
زبان يعني ٻولي آهي؛ تنهنڪري
”علم لسان اُهو با ظابطي علم آهي، جنهن ۾ زبان جي
مختلف مسئلن يعني زبان جي ماهيت، سندس ساخت، سندس
ابتدا، سندس اختلاف، زبانن جون خصوصيتون، سندس
ارتقائي تبديليون ۽ انهن جي اسبابن سان بحث ٿئي
ٿو. (9)“ هن علم جي ذريعي زبانن جي ماهيت، شڪل
شباهت، ارتقا، زندگي ۽ موت متعلق آگاهي حاصل ٿئي
ٿي (10). زبان ۽ زبانن بابت مڪمل معلومات، جا
تحقيق ۽ تنظيم هيٺ آيل هجي، ان کي علم زبان يا
لسانيات سڏجي ٿو. |