سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :16

کوجنائن ڪندي اهو به معلوم ٿيو آهي ته تهذيب جي منڍ ۾ ماڻهن تصويرون ڪڍي انهن جي ذريعي نياپن  موڪلڻ جو ڪم ورتو. ان جو بهترين نمونو هيٺ ڏنل تصويري نياپو آهي. (10).

تصويري نياپو

اهو تصويري نياپو آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن ڳاڙهن هندين (Red Indians) جي سردار  امريڪا جي صدر کي موڪليو هو. شڪل نمبر 1 ڏيکاري ٿي ته هو شهباز فوجي قبيلي جو سردار آهي ڇو ته سندس مٿي مان ٻه ليڪون نڪرن ٿيون. سندس وڌاريل هٿ مان مراد اهي ته هو دوستيءَ جو هٿ وڌائي ٿو. سندس پويان چار ٻيا شهباز سپاهي آهن. شڪل نمبر 6 ڏيکاري ٿي ته هو ماڇي قوم جو وڏو سردار آهي. شڪل نمبر 9 ڏيکاري ٿي ته هڪ ٻي قوم جو طاقتور سردار به ساڻن شامل آهي. شڪل نمبر 8 ڏيکاري ٿي ته هو سفيد قوم جو سردار (صدر) آهي جيڪو سفيد گهر (White House) ۾ رهي ٿو يعنيٰ آمريڪا جو پريزيڊنٽ. شڪليون نمبر 7 گهر ڏيکارين ٿيون. ساري تصوير جو مطلب هي اهي ته ”اي سفيد قوم جا سردار، سفيد گهر (White Housr) ۾ رهندڙ، مان شهباز فوج جو سردار پنهنجن سپاهين سميت ۽ اسان ٻن ٻين قبيلن جي سردارن سوڌو هڪ نظر ٿي، تو سان هڪ نظر ٿيڻ گهرون ٿا ۽ توڏانهن دوستيءَ جو هٿ ڊگهيريون ٿا ۽ توهان جي گهرن جهڙن گهرن ۾ رهڻ چاهيون ٿا.

اهڙي نموني جون ٻيون خوبصورت تصويرون به مليون آهن. اسپيني ماڻهن جي داخلا ۽ قبضي کان اڳ ميڪسيڪو جي هڪ شهزاديءَ جي سنڱ بنسبت هڪ تصوير ملي آهي جا هن ريت آهي (11).

هي تصوير ڏيکاري ٿي ته هڪ شهادو شهزاديءَ جي سنڱ لاءِ تحفا آڻي ٿو مگر شهزادي پٺ ورائي انڪار ڪري ٿي.

جڏهن ته تصويرن ڪڍڻ جو ڪم ڏکيو هو تنهن ڪري انهن کي سادن خاڪن ۾ تبديل ڪيو ويو. مثلاً سميرين جي اوائلي لکيت ۾ هٿ لاءِ نشان هو. (   ) پر پوءِ جڏهن اهو خط تبديل ٿي ڪيونيفارم (Cuniform) يعني ميخي ٿي پيو تڏهن هٿ لاءِ نشان ٿيو، (   ) ائين سميري تصويري خاڪا بدلجي خاڪا ٿي پيا (12).

اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته هم نام نشانن  مان ٻيون معنائون  به ڪڍيون وينديون هيون. مثلاً مصر جي اوائلي ٻوليءَ ۾ /خا/ (/خَ/) جي معنيٰ هئي، ’ڪنول گل‘ مگر ان جي ٻي معنيٰ هئي هڪ هزار؛ ۽ آڱر لاءِ جيڪو اچاريل لفظ هو  تنهنجي ٻي معنيٰ هئي ’ڏهه هزار‘؛ تنهن ڪري 32000 ڍڳن لاءِ خاڪو هن ريت ڪڍيائون (13).

هن خاڪي ۾ ٽن آڱرين مان مراد (30000) ٽيهه هزار آهي ۽ ٻن ڪنول گلن جو مطلب آهي (2000) ٻه هزار؛ ساري خاڪي جي معنيٰ آهي: ڍڳو ٽي ڏهه هزار ۽ ٻه هڪ هڪ هزار يعني ”ٻٽيهه هزار ڍڳا؛ ائين تصويرن ۽ خاڪن سان ٻوليءَ جي لکيت شروع ٿي ڇو ته اهي ٻوليءَ جي لفطن جي آوازن جي نمائندگي ڪرڻ لڳا.

دنيا جي ٻين هنڌن جي کوٽائيءَ مان جيڪي تصويري تختيون مليون آهن، تن مان هڪ جو نمونو هنريت آهي(14):

ڪئليفورنيا جي هڪ پراڻي لکڻ جو نمونو.

سميرين توڙي مصرين جي پراڻي ٻولي غير صرفي (Un-inflective) هئي يعني منجهن لفظن جي صرفي تبديلي ڪا نه هئي. چيني زبان به ائين آهي. اهڙين ٻولين جي خصوصيت هي آهي ته ٻن يا ٽن بنيادي لفظن ملائڻ سان نئون لفظ ٺهندو آهي. چيني زبان ۾ ”چڪمق“ لاءِ ۽ ”ٽه _ لفظو“ هڪ لفظ آهي، جنهن جي بنيادي معني آهي ”ڇڪڻ _ لوهه _ پٿر.“ انهن ٽن بنيادي لفظن لاءِ جيڪي تصويري نشان هئا تن کي گڏي لکڻ سان هڪ لفظ ٺهيو، جنهن جي معني ٿي چقمق (15).

چيني زبان جو تحريري طريقو هزار ها سالن کان ساڳيو هلندو اچي. سميري ٻوليءَ جو بنهه ابتدائي لکيت وارو ڍنگ به اهڙي نموني هو جو سڀني کان تمام جهونو آهي ۽ 3300 ق . م سالن کان پراڻو آهي 016). ڪريٽ (Crete) جي ماڻهن به پنهنجو تحريري طريقو ايجاد ڪيو هو جيڪو سميرين جي فن کان پوءِ پيدا ٿيو هو؛ پر پوءِ جڏهن سميرين جي سڌريل ڍنگ کان واقف ٿيا تڏهن ان کي پنهنجو ڪيائون ۽ پنهنجو پراڻو ڍنگ ڇڏي ڏنائون (17).

بئبيلان وارن جڏهن سميرين واري تحريري طرز اختيار ڪئي تڏهن لفظن جي مختلف صييغن لاءِ کين دقت درپيش آئيڇو ته سندن زبان صرفي (Inflective) هئي. انهيءَ اوڻائي جي پورائي خاطر بئبيلان وارن کي نوان نشان مقرر ڪرڻا  پيا جيڪي پدن جي نمائندگي ڪندا هئا، پر اهي پد، لفظ  نه هئا. ياد رهي ته سميري زبان ۾ بنيادي پد لفظ هئا، يعني هڪ  پدا لفظ هئا جن جي ميلاپ سان بيا نوان مرڪب لفظ ٺهندا هئا. انهن بنيادي لفظن جي نشانن جو تعداد پنج سون کان ڇهن سون تائين هو (18). جڏهن بئبيلان وارن انهن شڪلي (Pictorial) نشانن کي پنهنجو ڪبو تڏهن انهن ۾ نون نشانن جو اضافو ڪيائون، جن جو تعلق شڪلين سان نه هو مگر پدن لاءِ محض آوازن سان هو. ائين غير لفظي پد وجود ۾ آيا. تنهن ڪري سميري لکيت جو بنياد لفظن تي ٿيو ۽ اڪادي (Akkadlsn) لکيت جو دارومدار پدن تي پيو (18). (بئبيلان وارن کي اڪادي قوم سڏبو هو.)

سميري تحريري طرز ۾ 25 سئو سالن تائين ڪو خاص ڦيرو ڪو نه آيو جڏهن ته اها بئبيلان ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي (19). منجهن سهوليت خاطر ٿورو ڦيرو آيو ۽ نه سڌاري خاطر لکيت بنيادي طرح سان ساڳي رهي. ٿيو هئين، جو بئبيلان وارن، منڍ ۾ چيڪي آلي مٽي تي ڪنهن  شئي جي نوڪ (Point) سان خاڪا ڪڍندا ويا جنهن ۾ مٽي کرڙبي هئي، جا خراب ٿي لڳي، تنهن ڪري ٽڪنڊيون ڇپرون ٺاهي انهن کي چيڪي آلي مٽيءَ تي ٺپي، ويا خاڪا ڪڍندا (19). ائين ميخي يا چپرائين لکيت جو نمونو پيدا ٿي پيو جيڪو هن ريت هو.

ڄامدت نصر (Jamdat Nasr) واري دور ۾ جڏهن سميري تحريري طرز کي صوتيا تي ٿي بنايو ويو (20). تڏهن ايران ۾ به اوائلي  ايلمتي (Elamite)  لکيت وجود آئي. ان جا جيڪي ڪتبا هٿ آيا آهن سي ٿورا آهن ۽ اڃا تائين پورا سڃاڻپ ۾ نه آيا آهن، پر ايترو انهن مان معلوم ٿو ٿئي ته اڌوگابرا تصويري آهن، ۽ سميرين کان ورتا  نه ويا آهن. سندن واسطو واپار ۽ ڪاروبار سان آهي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ايلمان جا اڳوڻا حڪمران سميري ٻولي ۽ لکيت استعمال ڪندا هئا، جنهن ڪري سندن صورتخطي کي ڌڪ لڳو پر پوءِ 13 سؤ سال قبل مسيح وري قومي مخر طور استعمال ٿيڻ لڳي. جلد ئي بئبيلان وارن جي هٿان . فتح ٿيڻ ۽ غلام بنجڻ کانپوءِ سندن صورتخطي ختم ٿي ويئي. (21).

پراڻي پارسي لکيت جا اکر جيڪي ميخي نشانن سان ميل کائن ٿا.

موئين جي دڙي جو جيڪو رسم الخط هٿ آيو آهي تنهن بابت عالم ماهرن  جي راءِ آهي ته اهو وڌ ۾ وڌ 24 سؤ سال قبل مسيح جو آهي ۽ بلڪل باقاعدي آهي. سندس بڻ بڻياد جو پتو نٿو پوي (21). پر هي حقيقت آهي ته ان دور ۾ هراپا جا ماڻهو عراق جي ماڻهن سان لهه و چڙ ۾ هئا ڇو ته هراپا مهرن جهڙيون ڪيتريون مهرون عراق جي کنڊرن مان هٿ آيون آهن. عالمنجي راءِ موجب قطعي طرح سان اهو ثابت ڪري نٿو سگهجي ته هندين (سنڌين) سميرين کان لکڻ جو فن حاصل ڪيو مگر ان ڳالهه جو گهڻو  امڪان به آهي (22). انهن عالمن جي اها به راءِ آهي ته جيئن گهڻو پوءِ اتر هندستان جي آرين ۾ پنهنجي براهمي لکيت کي پيدا ڪرڻ جو ذوق آرميني ماڻهن جي رسم الخط  کان واقف ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿيو تئين سنڌين کي به عراقين جي لکيت ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي تحريري طرز پيدا ڪرڻ جو جاڳيو، بلڪل ائين  جيئن مصرين کي پنهنجي صورتخطي پيدا ڪرڻ جو  چاهه ٻين جي صورتخطين کي ڏسڻ کان پوءِ پيدا ٿيو هو (22).

موئين جي دڙي مان هٿ آيل لکيت جا ڪي نشان جيڪي سميرين جي اوائلي لکيت سان ميل کائن ٿا.

چيني لکيت بابت اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته اها ڪئين وجود ۾ آئي؛ مگر اهو پتو پيو آهي ته ڪڏهن پيدا ٿي؛ اٽڪل 24 سؤ سال قبل مسيح وجود ۾ آئي (23). ۽ سميرين جي لکڻي کان  گهڻو پوءِ پيدا ٿي؛ تنهن ڪري ان ڳالهه جو امڪان آهي ته واپارين جي ذريعي چينين کي پتو پيو هوندو ته لکڻ جو فن عراق ۾ ايجاد ٿي چڪو آهي (24).

چيني لکيت جو نمونو جيڪو سميرين جي ميخي خط سان ميل کائي ٿو.

مصرين سميرين جي لکيت کي ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي لکيت پيدا ڪئي؛ پر جيئن سميرين جي لکڻي ڏاڪي به ڏاڪي  ترقي ۾ معلوم ٿي آهي، تيئن مصرين جي معلوم ٿي نه سگهي آهي (25). جنهن وقت سميرين جي لکني لفظي منزل اُڪري بئيلان ۾ پدائتي پد تي پهتي تنهن وقت کان پوءِ مصرين پنهنجي تحرير پدائتي منزل سان شروع ڪئي (26). ان مان محسوس ٿو ٿئي ته مصرين سميرين جي پدائتي طرز کان واقف ٿي پوءِ پنهنجي پدائتي طرز پيدا ڪئي ۽ پوءِ اڳتي ترقي ڪندا ويا. اها انساني فطرت آهي ته جڏهن به ڪو شخص ڪا شيءِ ايجاد ڪندو آهي ته نڍ ۾ ان جي صورت ۽ ڪيرت ۾ خاميون هونديون آهن جي پوءِ تجربي سان دور ڪيون وينديون آهن. اها به انساني  فطرت آهي ته هڪ شخص جي ڪنهن ايجاد جو ٻڌي، جهٽ  ٻيو شخص به اها ايجاد ڪري وٺندو آهي. روسي سياري يا گرهه جو ٻڌي جهٽ امريڪا وارن به پنهنجو گرهه يا سيارو آسمان ۾ اماڻيو. لکڻ جو فن به بنهه ائين پيدا ٿيو. مگر ان جي اوليت جو شرف سميرين جي سر تي آهي.

اهي مصري لوڪ هئا جيڪي پدائتي رسم الخط مان ترقي ڪري آخري صورتخطي کي وڃي ويجهو پهتا. انهن جيڪي نشان ڪم آندا تن مان ٻن درجن نشانن ۾ منڍ وارو هڪ وينجن يعني مصمت هو ۽ اسي نشانن ۾ ٻه وينجن هئا. انهن ۾ سر آواز (Vowel) سمايل هو مگر لکيت ۾ نه هو مثلاً  نشان ”م ن“ لاءِهو جنهن جي پڙهڻي / مَن يا مان يا مون يا ۾ يا منا يا مينون / وغيره هئي. (27).

قديم مصري زبان ۾ رَ يا را (ra) جي معنيٰ هئي وات، جنهن جو نشان هو    لڳو (27). ان زبان هلڻ لاءِ لفظ هو /شم/ (Shama) پر /ش/  (Sha) جي معنيٰ هئي ننڍو تالاب ۽ م (ma) جي معنيٰ هئي، پير، تنهن ڪري شم (هلڻ) لاءِ نشان ٺاهيائون:

ڇاڪاڻ ته مصري تختن ۾ ٻن اکرن وارا گڏيل نشان اٽڪل 250 هئا، تنهن ڪري سندن لکيت کي بلڪل اکري چئي نٿو سگهجي. البت انهن ۾ هڪ اکري نشانن جو تعداد ٻه درجن کن هو، جيڪي خاص نشانن لاءِ اکر ٿي ڪم اچڻ لڳا. ائين اکرن جي الڳ وجود جي ابتدا ٿي جيڪا مصرين ۾ مڪل نه ٿي (28) ڇو ته غير شعوري هئي.

ميخي صورتختي، جيڪا بئبيلان ۾ سميري نشانن مان سهوليت خاطر پيدا ٿي، سا ٿوري ڦير ڦار سان ساري ايشيا  ڪوچڪ ۾ عام جام استعمال ۾ اچڻ لڳي، مگر پدائتي بنجڻ ڪري ڏاڍي ڏکي هئي، ڇو ته پدائتي نشانن جو تعداد ڪافي جهجهو هو، تنهن ڪري ان کي سولي ڪرڻ خاطر ڪيترائي ڪاتب ڪوششون ڪرڻ لڳا، جيڪي سميري خواهه مصري لکيت کان واقف هئا (29) اُگارت (Ugarit) جي ماڻهن جيڪو ميخي لکيت جو نمونو ايجاد ڪيو تنهن ۾  بئبيلاني صورتختي کي سادو ۽ سولو ڪيو ويو. ان ۾ 30 نشان هئا، جيڪي سچ پچ ته اکري هئا. انهن مان 27 نشان بئبيلان وارا ميخي هئا، جيڪي مصمت يعني وينجن هئا ۽ باقي ٽي (3) سر آوازن جا نشان  هئا. تحرير جو اهو نمونو هُري توڙِ سامي ٻولين لاءِ ڪم ايندو هو (29).

اوائلي سينائي لکيتون جيڪي هٿ آيون آهن. تن سڀني ۾ تحرير جا ڪل 30 نشان ڪم آيل آهن، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته اها اکري تحرير هئي ۽ نه پدائتي، ڇو ته پدائتي تحرير ۾ نشانن جو تعداد گهڻو ٿي وڃي ٿو. انهن 30 نشانن جي مناسبت مصري هيروگلاني نشانن سان هئي مگر انهن جو اُچار شامي هو ۽ نه مصري. مثلاً وات جي نشان جو آواز ”ر“ هو، جو سامي ”پ“ ٿي پيو (30)؛ شام جي سامونڊي ڪناري تي فونيشي واپارين جڏهن ڏٺو ته هيرو گلاني نشانن ۾ هڪ اکرا پد، سر اوازن جي نشانن کان سواءِ موجود  آهن ۽ محض اکر ٿي ڪم اچي سگهن ٿا تڏهن انهن ان مان صرف 24 نشان اخذ ڪيا جن جو واسطو نه صورتن سان هو ۽ نه سر آوازن سان؛ ۽ انهن کي مختلف وينجن آوازن لاءِ استعمال ڪيائون ۽ ان کي سڏيائون ”الف _ بيت“؛ فونيشي واپاري، جن جي ٻولي آرميني هئي، سي سامي قوم جا هئا. سندن ٻولي ۾ ”الف“ جي معنيٰ هئي ڍڳو ۽ ”بيت“ جي معنيٰ هئي گهر، الف [الف] ڍڳي جي سڱ جو نشان آهي ۽ ”بيت“ يعني گهر جو اصل نشان آهي. جو پوءِ ٿيو ب؛ تنهن ڪري سندن اکرن کي ”الف _ بيت“ سڏيائون. ان مان آرميني عبراني ۽ عربي اکر پيدا ٿيا جن کي ”الف _ با“ سڏيائون. آرميني عبراني، عربي ۽ هتاتي سامي ٻوليون آهن ۽ پاڻ ۾ سوٽهڙيون ٿين.

تحرير جي تاريخ ۾ فقط هڪ ڀيرو ائين ٿيو آهي ته اُها پددائتي پد (درجي) مان ترقي ڪري اکرن جي منزل تي پهتي (31). اهي سامي ڪاتب هئا، جن تحرير جي فن کي اکرن جي منزل تي آندو. انهيءَ ”الف _بيت“ اکرن مان مشرق بعيد جي تحريرن کان سواءِ دنيا ج ڀر جي لکيتن جا اکر پيدا ٿيا.

يوناني روايتن موجب 1500 سال قبل مسيح چادميوس (Cadmus) شخص فونيشيا مان الفابيٽ (Alphoabet) کي يونان ۾ آندو (32). انهيءَ يوناني الفابيٽ مان ايٽرسڪن (Etruscan) الفابيٽ نڪتي، جنهن مان وري رومن (Roman) الفابيٽ نڪتي. انهيءَ رومن الفابيٽ مان يورپ جون الفابيٽون نڪتيون (32).

فونيشي ”الف _ بيت“ اکرن مان عربي اکر ”الف _با“ نڪتا جيڪي ساري اسلامي دنيا جي ٻولين ۾ ڪم اچڻ لڳا جهڙوڪ حاوائي مليشيائي، مورو (فلپائين واري) اردو، ڪشميري  پنجابي، سرائيڪي، سنڌي، بلوچي، فارسي ترڪي، سوڊاني، هوسا، سواهلي ۽ ٻيون آفريڪي ٻولين ۾. دراصل 19 صدي تائين جن ٻولين ۾ عربي ”الف _ با“ ڪم اچڻ لڳي تن جو تعداد انهن ٻولين کان گهڻو هو جن ۾ رمن  الفابيٽ ڪم ايندي هئي (33). ويهين صدي ۾ يورپ جي سياسي غلبي سبب ڪيترن ٻولين ۾ عربي اکرن بجاءِ رومن اکر ڪم اچڻ لڳا، جهڙوڪ ترڪي، جاوائي، مليشيائي وغيره ٻولين ۾. ان جو ٻيو سبب هي به هو ته رمن اکرن ۾ ٽائيپ رائيٽر موجود هئا ۽ ڇاپي جون ٽائيپ مشينون عام جام هيون، تنهن ڪري رومن اکرن ۾ ڇاپي جون سهوليتون ۽ آسانيون پيدا ٿي پيون. ان جي برخلاف عربي صورتخطي هٿ سانلکجي، ليٿو ۾ ڇپبي هئي، جنهن ڪري ان ۾ آساني ڪا نه هئي؛ مگر موجوده وقت ۾ اهي تڪليفون  دور ٿي ويون آهن. جهڙيءَ طرح هر ڪا ٻولي رومن اکرن ۾ لکي سگهجي ٿي،  تهڙيءَ طرح عربي اکرن ۾ به لکي سگهجي ٿي؛ بلڪه ديوناگري اکرن ۾ به لکي سگهجي ۽ ٻولين جي آوازن مطابق اکرن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ ٿيو به آهي. اهي اکر ئي آهن جن ٻولين جي تحرير کي بلڪل آسان بڻائي ڇڏيو آهي، ڇو ته سڀني ٻولين جي آوازن جو تعداد 40 جي لڳ ڀڳ آهي. ان جي برخلاف ڪن ٻولين جي تحرير جو بنياد اکرن جي بجاءِ لفظن يا پدن تي آهي، جهڙوڪ چين، جپان، ڪوريا وغيره جون لکيتون جيڪي لکڻ ۾ آسان ناهن ۽ اوکيون آهن.

آرميني زبان به سامي هئي ۽ ان ۾ به ٿوري ڦير ڦار سان فونيشي ”الف _بيت“ ڪم اچڻ لڳي جنهن مان براهمي ۽ خروشٽي لپيون پيدا ٿيون (33).

خروشٽي اکرن جو نمونو

خروشٽي لپي ته مري ويئي مگر براهمي لپي مان ديوناگري لپي پيدا ٿي جنهن مان هندستاني آريائي ۽ دراوڙي لپيون پيدا ٿيون. انهن ٻولين ۾ اکرن سان گڏ سر آوازن جا نشان به ملايا ويا، جنهن ڪري اهي وري پدائتي لپيون ٿي لپيون ۽ نشانن جو تعداد وڌي ويو. هندي آريائين تحريرن جهڙوڪ گجراتي، مرهٽي بنگالي، وغيره تحريرن ۾ اهو تعداد ايترو گهڻو ڪونهي جو تڪليف پيدا ڪري مگر دراوڙي زبانن جهڙوڪ تامل، تلگو، ڪنيري وغيره لپين ۾ بنيادي نشانن جو تعداد ايترو ته جهجهو آهي جو دقت درپيش اچي ٿي ڇو ته هڪ ئي وينجن (Consonant) آواز جون صورتون گُهڻن سر آوازن (Nasalised vowels) سببان گَهڻيون ٿي وڃن ٿيون. مثلاً تامل تحرير ۾ 312 بنيادي اکر آهن ٻين ۾ 500 کان 700 اکر آهن (34).

مشرق بعيد ۾ لکيتن جو بنياد چيني تحريري طرز آهي، جيڪا نه اکري آهي ۽ نه پدائتي، بلڪه لفظي آهي، جيئن اڳ ۾ چقمق لفظ بابت سمجهاڻي ڏيندي ٻڌايو ويو آهي (ص 206) ان طرز مان جاپاني ۽ ڪوريا جون تحريرون نڪتيون جيڪي پدائتي آهن ۽ نه لفظي يا اکري. انهن ۾ به بنيادي نشانن جو تعداد تمام جهجهو آهي.

ڪوريا جي ٻوليءَ جو تحريري نمونو

جاپاني لکيت جو نمونو

مغرب جون جيڪي به رومن تحريرون آهن سي سڀ کاٻي کان ساڄي لکجن ٿيون. اهڙي طرح سان ديوناگري طرز جون تحريرون به کاٻي کان ساڄي لکجن ٿيون. عربي طرز جون تهريرون ساڄي کان کاٻي لکجن ٿيون. ان جو سبب اهو سمجهيو ويو آهي ته ڇاڪاڻ ته تمام اڪثر انسان اوائل کان وٺي اڄ تائين ساڄيهٿ سان لکڻ جو ڪم ڪندا آيا آهن، تنهن ڪري فطرتي طريقو اهو آهي ته اکر  ساڄي کان کاٻي طرف لکيا وڃن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org