ثانوي لفظن جو ڇيد-:
اڳيئي ٻڌايو ويوآهي ته ڪي صرفيا گڏجي ثانوي لفظ
ٺاهيندا آهن. انهن صرفين مان ڪي آزاد صرفيا يعني
سالم لفظ هوندا آهن ۽ ڪي پابند صرفيا هوندا آهن.
پيچيدن لفظن ۾ هڪ آزاد صرفيو هوندو آهي يا سڀ
پابند صرفيا هوندا آهن. مطلب ته اُن ۾ ڪونڪو پابند
صرفيو ضرور هوندو آهي. مرڪب لفظن ۾ سڀ آزاد صرفيا
يعني سالم لفظ هوندا آهن. اهڙن لفظن جو ڇيد ڪري
سندن صرفياتي سڏ
(Morphological structure)
۾ ورهائيندو رکندو وڃجي. ان مان پيچيدن ۽ مرڪب
لفظن جي سڃاڻپ معلوم ٿئي ٿي. مثلاً /ڪوٺائينم/ جا
ترت جزا آهن /ڪوٺائين/ ۽ /م/ . پهريون جزو سالم
لفظ آهي تنهنڪري پابند صرفيو آهي. انهيءَ ڪري
/ڪوٺائينم/ پيچيدو لفظ آهي. /سَتماڙ/ جا ترت جزا
آهن /سَت/ ۽ /ماڙ/ اهي ٻئَي سالم لفظ آهن، تنهن
ڪري /ستماڙ/ مرڪب لفظ آهي. /جوانمردي/ جا ترت جزا
آهن /جوانمرد^/
۽ / اِي/. / اِي/ اُهو پابند صرفيو آهي جو پڇاڙي_
جوڙ طور بنياد سان ملي اسم ذات ٺاهي ٿو. /جوانمرد/
جا وري ترت جزا آهن /جوان/ ۽ /،رد/. اِهي ٻئي سالم
لفظ آهن، تنهنڪري /جوانمرد/ مرڪب لفظ آهي. مگر
/جوانمردي/ پيچيدو لفظ آهي، ڇو ته اُن ۾ / اِي/
پابند صرفيو آهي. /جوانمردي/ جا ترت جزا، /جوان/ ۽
/مردي/، ڪرڻ غلط ٿيندو ڇو ته / مردي/ نه آزاد
صرفيو (سالم لفظ) آهي ۽ نه وري پابند صرفيو آهي.
حوالا
(1) حافظ عبدالرحمان امرتسري: کتاب الصرف؛ لاهور،
1939ع،
(2) Rober A. Hill Jr: Introductory Linguistics,
p. 132
(3) L. Bloomfield: Language, London, P. 209
(4) B. Blochand G.L. Trager: An outline of
Linguistic analysis: p. 54
(5) Ibid P 54
(6) R.H. Robins: General Linguisties. P. 205
(7) R.H. Robins: General Linguisties. P. 206
(8) رابرٽ هل جو ڪتاب: ص_ 135
(9) رابنس جو ڪتاب: ص _ 213
(10) رابرٽ هل جو ڪتاب: ص_ 135
(11) رابنس جو ڪتاب: ص_ 6_205
(12) Edgerb H. Sturtevant: An Introduction to
Linguistic Science, P. 55-56
(13) بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب: ص_ 60
(14) بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب: ص_ 77
باب چوٿون
نحويات
(Syntax)
باب ٽئين ۾ صرفين، انهن جي قسمن ۽ بناوتن سان بحث
ڪيو ويو آهي. اُهي صرفيا جيڪي آزاد صورت رکن ٿا تن
کي الفاظ (لفظن جو جمع) سڏجي ٿو. اهي لفظ پاڻ ۾
ملي اهڙا ايڪا ٺاهين ٿا جي ٻوليءَ ۾ مڪمل هوندا آه
۽ جن جي ذريعي لساني سماج جا ماڻهو پاڻ ۾ گفتگو
ڪندا آهن. لسانيات اهڙن ايڪن مان هر هڪ ايڪي
(Unit)
کي جملو سڏي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي لفظ جملي جو ڪم
ڏيندو آهي، جيئن ته ”پاليومانس“. جيئن علم صرف،
صرفين، ان جي مختلف صورتن ۽ بناوتن سان بحث ڪري ٿو
تيئن عم نحو وري جملن ۽ ان جيجزن جي بناوتن،
سٽائن، نمونن، نسبتن ۽ عملن سان بحث ڪري ٿو. پر
جيئن ته هڪ لفظ به ڪڏهن ڪڏهن جملي جو ڪم ڏيئي ٿو ۽
جملي جا آخرين جزا به الفاظ آهن، تنهن ڪري جديد
لسانيات ”لفظ“ کي علم نحو جو مرڪز بڻايو آهي ۽ نه
جملي کي. علم نحو لفظن جي صورتن ۽ جوڙجڪن سان بحث
نٿو ڪري. اهو ڪم علم صرف جي حوالي آهي. مگر علم
نحو هن بحث کي نباهي ٿو ته ڪيئن لفظ پاڻ ۾ ملن ٿا
(Cohere)
۽ جملن اندر ڪهڙو ڪارج ڪن ٿا.
نحوي جوڙجڪ
(Syntactic constructions)
-:
جيئن ڪن ٻولين ۾ صرفي صورتون ٿين ٿيون جن جو بحث
ٽئين باب ۾ ڪيو ويو تيئن ٻولين ۾ نحوي صورتون به
ٿينديون آهن. ماڻهن جي گفتگو کي جيڪڏهن جاچي ڏسبو
ته معلوم ٿيندو ته ڪن ڳالهايل ٽُڪرن جون صورتون
پنهنجي اندر بلڪل مڪمل هونديون آهن مگر انهن جا
ڪيترائي قسم هوندا آهن. انهن مڪمل صورتن مان
هڪڙيون بلڪل ننڍي ۾ ننڍيون صورتون هونديون آهن، جن
کي ’الفاظ‘ سڏجي ٿو ۽ ٻيون اُهي صورتون هونديون
آهن جن ۾ گڏيل لفظن جا ميڙ هوندا آهن جي هڪ ڍار
سان ختم ٿيندا آهن؛ اُهي وڏي ۾ وڏيون مڪمل صورتون
هونديون آهن. انهن مان هر هڪ کي جملو سڏجي ٿو.
تنهن ڪري جملو اُهو لفظ يا لفن جو ميڙ
(Cluster)
آهي جو هڪ ڍار سان ختم ٿئي ٿو. گويا ٻوليءَ ۾ هڪ
لهر يا مسلسل آوازي لهرن جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي
منڍ به آهي، پڄاڻي آهي ۽مڪمل صورت
(form)
به آهي. يا ائين کڻي چئجي ته صوتياتي نقطہ نگاهه
کان، جملو، ڳالهائڻ جو اُهو ٽڪرو
(Stretch)
آهي جنهن کي بنا روڪ ڍار سان ڳالهائجي ٿو (1).
جڏهن ٻه يا وڌيڪ لفظ پاڻ ۾ ملي هڪ لساني صورت پيدا
ڪن تڏهن ان کي مجموعو
(Phrase)
سڏجي ٿو. اُهو جملو به ٿي سگهي ٿو يا جملي جو هڪ
حصو. هر جملو، مجموعو
(Phrase)
آهي مگر هر مجموعو، جملو ناهي. مجموعو جي نشاني
اها آهي ته ڳالهائڻ ۾ ان کان پوءِ ٿورو يا گهڻو
رڪجي سگهجي ٿو. عام طرح سان ائين ڏٺو ويو آهي ته
جيڪا بناوت ڪنهن ٻوليءَ جي مجموعن جي هوندي آهي
اها بناوت ان جي جملن جي هوندي آهي (2).
نحوي جوڙجڪنجون ٽي يا چار مکيه شباهتون
(Features)
ٿينديون آهن جن مان جزن جا لاڳاپا به معلوم ٿيندا
آهن. انهن مان هڪ آهي جزن جي چونڊ
(Selection)،
ٻي جزن جي ترتيب، ٽين جزن جي ترميم ۽ چوٿين سٽا
(Structure).
نحوي جوڙجڪ ۾ ٻوليءَ جا سڀ جزا هڪٻئي سان نٿا ملن
فقط لاڳاپيل جزا پاڻ ۾ ملندا آهن. مثلاً صفتون
اسمن سان گڏ اچن ٿيون جهڙوڪ سٺو ڇوڪر، مٺو انب،
ٽيون نمبر، چار روپيا وغيره. اهڙي طرح سان حرف جر
يا حرف اضافت اسمن ۽ ضميرن سان گڏ اچي ٿو: جهڙوڪ
ڌو ۾، منهنجو، اُتر کان، ڏکڻ ڏانهن وغيره. ساڳي
طرح حرف ندا به اسم سان گڏ اچي ٿو؛ جهڙوڪ او
دوستو، اڙي ڇوڪر وغيره اهڙي طرح سان ظرف، فعلن
سان گڏ ظاهر ٿين ٿا، جهڙوڪ اڄ ايندو، تکو هل،
آهستي ڳالهايائين وغيره. ان مان معلوم ٿيو ته نحوي
بناوت ۾ هڪڙا جزا پاڻ ۾ لاڳاپو رکن ٿا ۽ ٻين سان
نٿا رکن. جيڪي پاڻ ۾ لاڳاپو رکن ٿا سي گهڻو ڪري گڏ
هوندا آهن. ڪي جزا اهڙا به ٿيندا آهن جيڪي
واسطيدار جزن کان پري به ظاهر ٿيندا آه، جيئن ته
ظرف زمان، جيڪي فعلن سان واسطو رکن ٿا، سي جملن جي
منڍ ۾ به ظاهر ٿي سگهن ٿا، جيئن ته ”اڄ اسان جو
دوست اسان وٽ ايندو.“ اهڙا آزاد جزا پنهنجي اصلوڪي
جڳهه به والاري سگهن ٿا، جيئن ته ”سان جو دوست
اسان وٽ اڄ ايندو.“
نحوي جوڙجڪ ۾ نه رڳو سڀ جزا هڪ ٻئي سان نٿا ملن
مگر انهن جون خاص جايون به مقرر هونديون آهن، جتي
هُو وارد ٿي سگهن ٿا. سنڌي، اردو، هندي، پارسي
وغيره زبانن ۾ فاعل اڳ ۾ ۽ فعل پوءِ ايندو آهي.
فاعل جون صفتون ان کان اڳ اينديون آهن. مفعول فعل
کان اڳ ايندا آهن. عربي زبان ۾ گهڻو ڪري اڳ ۾ فعل،
پوءِ فاعل ۽ پوءِ مفعول ايندا آهن. انگريزي زمبان
۾ اڳ فاعل، پوءِ فعل ۽ پوءِ مفعول ايندو آهي. حرف
جر ۽ حرف اضافت وارا لفظ سنڌيءَ ۾ اسمن ۽ ضميرن
کان پوءِ ايندا آهن مگر پارسي، عربي ۽ انگريزي
زبانن ۾ اڳ ۾ ايندا آهن. ائين لفظن جي ترتيب مختلف
ٻولين جي جوڙجڪ ۾ ٻي ٻي آهي.
لفظ جن جن هنڌن تي ظاهر ٿين ٿا يا مختلف جملن ۾
جيڪا جڳهه والارين ٿا تنهن مان سندن نحوي ڪارج يا
عمل ظاهر ٿيندو آهي، سچ پچ ته جملي جي ڪنهن خاص
جڳهه ڀرڻ يا والارڻ کي نحوي عمل سڏجي ٿو(3).
انهيءَ بناءَ تي لفظن جا ڪلاس مقرر ٿيندا آهن.
ساڳئي ڪلاس وارا لفظ هڪٻئي جي جاءِ ڀري سگهندا
آهن. مثلاً:
(1) هڪ نيڪ انسان، ڪڏهن به ساهواري کي نه ستائيندو
آهي.
(2) ٻه لُچا ڇوڪرا اڄ پڻ ڪتي سان کؤنسيا پئي.
(3) پهريون ماريل پکي ڪالهه ڪنهن کي ڏٺوسين؟
نحوي جوڙجڪ جي بناءَ تي ڪن ڪلاسن جي صورتن ۾ ترميم
ٿيندي آهي. مثلاً حرف جر، حرف اضافت ۽ حرف ندا جي
ڪري اسمن ۽ ضميرن جون صورتون ڦري ون ٿيون،
جهروڪ؛ منهنجو (اصل صورت مان يا مون)
ڍڳن کي(اصل صورت ڍڳا)
او دوستو(اصل صورت دوست)
يا نحوي جوڙجڪ جي ڪري جزن جون نه صرف صورتون ترميم
ٿي وينديون آهن پر انهن جي سٽا يا نمونو به بدلجي
ويندو آهي. سٽا جو تعلق بيروني سنڌي يا ادغام سان
آهي، جيئن ته ’ڇا آهي‘ ڦري ’ڇاهي‘، ’نه آهي‘ ڦري
’ناهي‘ ٿي پوي ٿو.
هر نحوي بناوت کي ٻه پاسا آهن (4)؛ هڪ هيءُ ته
لفظن جا مجموعا هڪ خاص نموني ۾ جڙن ٿا ۽ ٻيو هيءُ
ته ننڍيون بناوتون وڏين بناوتن ۾ سمائجي وڃن ٿيون
۽ انهن ۾ هڪ خاص جڳهه والارين ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن
جهڳٽي جو ڪو به جزو ساري جهڳٽي جو ڪارج ڪري سگهي
ٿو ته پوءِ چئبو ته اُها بناوت با مرڪز
(Endocentric)
آهي. مثلاً ”هوشيار شاگرد“ ڪنهن به جملي ۾ اهڙو ئي
نحوي عمل ڪري ٿو جهڙو لفظ ”شاگرد“ ڪري ٿو. جيئن
ته:
هوشيار
شاگرد آيو.
شاگرد آيو.
هوشيار
شاگرد کي سڏ ڪر.
شاگرد کي سڏ ڪر.
انهن ٻن جوڙن جملن ۾ ”هوشيار شاگرد“ جهڳٽو اُهو ئي
عمل ڪري ٿو، جيڪو لفظ ”شاگرد“ ڪري ٿو، تنهنڪري
سندس بناوت بامرڪز آهي. مٿين بناوت ۾ هڪ جزو سردار
(Head)
آهي ۽ اُهو آهي ”شاگرد“، ٻيو جزو زبردست
(Subordinate)
آهي ۽ اُهو آهي ”هوشيار“. تنهنڪري ان کي بامرڪز
زير دست بناوت
Endocentric Subordinative Construction
سڏبو آهي. اهڙي جوڙجڪ ۾ زيردست جزو سردار واري
جڳهه وٺي نه سگهندو.
ڪي بامرڪز بناوتون اهڙيون به ٿينديون آهن جنهن جا
سڀ جزا هڪجهڙي حيثيت رکندا آهن؛ منجهن نڪو سردار
ٿئي ۽ نڪو زيردست. جيئن ته:
استاد ۽ شاگرد اڄ ميچ کيڏندا.
هن جملي ۾ ”استاد ۽ شاگرد“ هڪ جهڳٽو آهي جو فعل جو
فاعل آهي. ان جا جزا ’استاد‘ ۽ ’شاگرد‘ هڪٻئي جي
جڳهه وٺي سگهن ٿا. تنهنڪري ٻئي هڪجهڙي حيثيت رکن
ٿا اهڙي با مرڪز بناوت کي بامرڪز همسر بناوت
Endocentric Co-ordinative Construction
سڏجي ٿو.
ڪن جهڳٽن جي بناوت اهڙي ٿيندي آهي جو ان جو ڪو به
جزو وڏي بناوت ۾ ان جي جڳهه والاري نه سگهندو آهي.
۽ ان جو نحوي عمل ڪري نه سگهندو آهي. مثلاً ”توهان
لاءِ مون کي عزت آهي.“ جملي ۾، ”توهان لاءِ“ هڪ
جهڳٽو آهي، جنهن جا جزا آهن ”توهان“ ۽ ”لاءِ“ .
انهن مان ڪو به هڪ جزو ساري جهڳٽي لاءِ جملي ۾ ڪم
اچي نه سگهندو اهڙي طرح سان ”مون کي“ به هڪ جهڳٽو
آهي جنهن جو ڪو به جزو، ڪنهن به جملي ۾ انهيءَ
جهڳٽي جي جاءِ والاري نه سگهندو. اهڙي جوڙجڪ کي
بي مرڪز بناوت
(Exocentric Construction)
سڏجي ٿو.
جهڳٽن جون ڪي بناوتون اهڙيون به ٿينديون آهن جن ۾
وڌيڪ جزا داخل ٿي سگهن ٿا. مثلاً
(1)
ذهين شاگرد.
(2)
تمام ذهين شاگرد.
(3)
هڪ تمام ذهين شاگرد.
(4)
هڪ محنتي، جفاڪش، هوشيار، تمام ذهين شاگرد
جنهن جهڳٽي ۾ وڌيڪ جزن داخل ٿيڻ جي گنجائش هجي
تنهن کي کليل بناوت
(Open Construction)
سڏجي ٿو. ائين کڻي چئجي ته اهو جوڙجڪ جو وڌائي
سگهجي سو کليل آهي (5). ۽ جنهن جهڳٽي ۾ وڌيڪ جزا
داخل ٿي نه سگهن تنهن کي بنديل بناوت
(Closed Construction)
سڏجي ٿو. کليل بناوت جڏهن پنهنجي اندر سڀ لاڳاپيل
جزا سمائي دنگ ڪري ٿي، تڏهن بنديل بناوت ٿي پوي
ٿي. جڏهن سردار لفظ جو سڀ خصوصيتون شامل ڪيون وڃن
ٿيون تڏهن اُها بناوت بنديل ٿي پوي ٿي (6).
نحوي بناوت جي ڇيد مان نحوي لاڳاپا معلوم ٿيندا
آهن. اِهي نحوي لاڳاپا ٽن قسمن جا ٿيندا آهن (7).
هڪ ماڳ وار ٻيا ساٿ وارا، ۽ ٽيان عيوضي وارا.اِهي
ٽيئي لاڳاپا، نحوي بناوت جي خصوصيتن جا ڄڻ پرتوا
آهن. ماڳ وارا لاڳاپا ڏيکارين ٿا ته ڪنهن بناوت ۾
ان جا جزا ڪٿي جڳهه والارين ٿا. ساٿ وارا لاڳاپا
ڏيکارين ٿا ته ڪنهن بناوت ۾ ان جا ڪهڙا جزا هڪٻئي
جو گڏ ساٿ ڏين ٿا. اهي ٻئي لاڳاپا، نحوي بناوتن جي
شباهتن جي بيان ۾ اڳيئي ٻڌايا ويا آهن (ص _ 129).
عيوضي وارا لاڳاپا ڏيکارين ٿا ته ڪنهن بناوت ۾
مقرر جڳهين تي ڪهڙا عنصر هڪٻئي جا جائنشين يا
عيوضي ٿي سگهن ٿا.
بناوتن جو ڇيد:-
هر زبان جي هيءَ خصوصيت آهي ته مختلف لفظ ۽ ٻيا
عنصر ڪيترن ئي الڳ قسمن جي بناوتن ۾ ظاهر ٿين ٿا
(8). انهن بناوتن جي خصوصيت معلوم ڪرڻ لاءِ ضروري
آهي ته انهن جو ڇيد ڪيو وڃي. اهو ڇيد ٻن طريقن سان
ڪري سگهجي ٿو. هڪ هن طريقي سان ته اول ڪنهن بناوت
جي لفظن جا اُهي جوڙا جوڙا ڳولي لهجن جي هڪٻئي سان
گهرا لاڳاپيل هجن. اهي جوڙا يا کليل بناوتي
ڏيکاريندا يا بنديل بناوت. بنديل بناوتن کي ڇڏي
کليل بناوتن کي وڃجي وڌائيندو جيستائينڪ اُهي
بنديل بناوتون ٿي پون. پوءِ انهن بنديل بناوتن کي
ملائي وڏيون بناوتون ٺاهجن. انهن مان وري اڃان به وڏيون بناوتون ٺاهجن تان جو
آخرڪار ٻه بناوتون وڃي بچن. ٻيو طريقو هيءُ آهي ته
ڪنهن بناوت کي ٻن مکيه بناوتن ۾ ورهائجي. انهن مان
وري هر هڪ کي ٻن مکيه بناوتن ۾ ورهائجي. ائين درجي
بدرجي هر وڏي بناوت کي ٻن ننڍين بناوتن ۾
ورهائيندو وڃجي تان جو آخرين بناوت لفظن ۾ ورهائجي
وڃي.
نوٽ:-
’ڪٺور دل‘، ’پوليس واري‘ ۽ ’مار ڏني‘ مرڪب لفظ آهن
جن کي وڌيڪ جزن ۾ نه ورهائبو، جيڪڏهن ورهائبو ته
انهن جو اصل مقصد گم ٿي ويندو. پوئين طريقي کي ترت
جزن
(Immediate Constituents)
وارو ڇيد سڏجي ٿو. جديد لسانيات انهيءَ طريقي کي
نحوي معلوم ڪرڻ لاءِ مفيد معلوم ڪيو آهي. ڇو ته ان
مان جزن جا ڪلاس به معلوم ٿين ٿا. ترت جزن واري
ڇيد جو مول متو اهو آهي ته بناوتن اندر بناوتون
معلوم ڪجن (9). ۽ اهو ئي علم نحوي جو خاص مقد آهي.
ترت جزن ڪندي هن ڳالهه کي ڌيان ۾ رکجي ته جيڪي جزا
ٿين سي هڪ ٻئي جي جڳهه والاري سگهن ۽ ڪيترن ئي ٻين
موقعن تي ظاهر ٿي سگهن. مثلاً ”هن نماڻي غريب ڇوڪر
کي“ هڪ نموني جي جهڳو آهي، جنهن جا ترت جزا آهن؛ ”
هن نماڻي غريب“ ۽ ”ڇوڪر کي“. اِهي به نحوي جهڳٽا
آهن جي هڪ ٻئي جي جاءِ والاري نٿا سگهن؛ يعني
”ڇوڪر کي هڪ نماڻي غريب“ ڪڏهن به استعمال ٿي نه
سگهندو. ”هڪ ڪٺور دل پوليس واري لڪڻ سان سخت مار
ڏني.“ اِهو به هڪ نحوي جهڳٽو آهي جو خود جملو آهي.
ان جا ترت جزا آهن؛
(1)
هڪ ڪٺور دل پوليس واري،
(2)
لڪڻ سان سخت مار ڏني.
اهي جزا ڪيترن ئي ٻين جملن ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا؛
1.
هڪ ڪٺور دل پوليس واري کي سزا ڏني ويئي.
2.
ڪمشنر هڪ ڪٺور دل پوليس واري کي ڊسمس ڪيو
3.
ڪر هڪ ڪٺور دل پوليس واري کي پسند ڪندو؟
4.
استاد شاگرد کي لڪڻ سان سخت مار ڏني.
5.
ڇا، اهو سچ آهي ته هن تو کي لڪڻ سان سخت مار ڏني؟
”لڪڻ سان سخت مار ڏني.“ هن جا ترت جزا آهن:
(1)
لڪڻ سان
(2)
سخت مار ڏني.
اِهي ٻئي ٽڪرا هڪ ٻئي جي جڳهه والاري نٿا سگهن.
”سخت مار ڏني لڪڻ سان“ ڪٿي به ڪم اچي نٿو سگهي.
مگر هر ٽڪرو ڪيترن ئي جملن ۾ اچي سگهي ٿو جيئن ته:
اهڙيءَ طرح سان ڏسبو ته هر مرحلي تي ترت جزا هڪ
ٻئي جي جڳهه والاري نٿا سگهن ۽ اُهي ٻين ڪيترن ئي
موقعن تي ظاهر ٿين ٿا. آخرڪار جيڪي جزا ملن ٿا سي
لفظن جا جدا جدا ڪلاس ٻڌائين ٿا. وڏي اهم ڳالهه
اِها آهي ته هر مرحلي تي جيڪي ترت جزا ڍهن ٿا تن
مان هر هڪ جي جڳهه ڪو به ٻاهريون لفظ والاري سگهي
ٿو. مثلاً
”سڀني ڪارخانن جي مزورن ڪالهه هڪ شاهي جلوس ڪڍيو.“
هن جملي جا ترت جزا نحوي طور هن ريت ٻن لفظن جي
برابر آهي.
(1) سڀني ڪارخانن جي مزورن
=
هنن
(2) ڪالهه هڪ شاهي جلوس ڪڍيو
=
ڳالهايو.
”هنن ڳالهايو“ هڪ ننڍو جملو آهي جنهن مان فاعل_
فعل وارو جوڙجڪ معلوم ٿئي ٿو، تنهنڪري مٿئين جملي
جو جوڙجڪ به فاعل _ فعل وارو آهي. چئبو ته جملن جو
جوڙجڪ وارو نمونو به ان جي ترت جزن جي جاءِ
ڀريندڙن لفظن مان معلوم ٿي سگهي ٿو.
”سڀني ڪارخانن جي مزورن“ جهڳٽي جا ترت جزا آهن:
(1) سڀني ڪارخانن جي
(2) مزورن
”سڀني ڪارخانن جي“ جي بجاءِ ”هنن لفظ استعمال ٿي
سگهي ٿو. ائين سڀني ترت جزن جي ميڙن جي جاءِ تي هڪ
لفظ جاچي سگهي ٿو. |