سيڪشن؛ لسانيات 

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :1

علم لسان ۽ سنڌي زبان

علي نواز حاجن خان جتوئي

ناشر طرفان

لسانيات جو هن جديد زماني ۾ سماجي علومن ۾ شمار ٿئيٿو. اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ هن علم کي عالمن ۽ لسانيات جي ماهرن مختلف  نالن سان ياد پئي ڪيو. پر موجوده زماني ۾ هي علم ڇا آهي، هن علم جي ڪهڙي اهميت آهي، ۽ هن علم جو دنيا جي ٻين ڪهڙن ڪهڙن علومن سان واسطو آهي، تنهن بنسبت هن ڪتاب مان ڀليءَ ڀت معلومات ملي سگهي ٿي.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن وقت تائين مختلف علومن ۽ انهن جي شعبن تي ڪتاب پئي ڇپايا آهن، پر تشريحي لسانيات واري موضوع تي هي پهريون ڪتاب آهي جو هن اداري طرفان شايع ڪيو پيو وڃي. هن ڪتٿاب جو هي ٻيو ڇاپو آهي. پهريون ڇاپو هن ڪتاب جي  فاضل ليکڪ پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپايو هو.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پنهنجي رٿا مطابق علم و ادب جي هر شعبي ۾ نت نوان ڪتاب ڇپائي سنڌي ادب کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. مون کي اميد آهي ته  پڙهندڙ هن اداري کي پنهنجن مفيد مشعورن سان آگاهه ڪندا رهندا ته جيئن هي ادارو هر سال سٺي کان سٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندڙن جي خذمت ۾ پيش ڪري سگهي.

 سنڌي زبان جو فدائي

ڊاڪٽر غلام علي الانا

مهاڳ

(ٻئَي ڇاپي جو)

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جڏهن ڇپائي عام منظر تي آندم، تڏهن ڪن علم دوستن کي تحفي طور پيش ڪيم. انهن مان فقط ڪن صاحبن ان جي پهچ جو اطلاع ڏنو. هي ڪتاب جڏهن ڀارت پهتو تڏهن ڪيترن ئي سڄڻن خط لکي ڪتاب جي گهر ڪئي جا پوري ڪئي ويئي. مگر انهن به پهچ جو پتو ڪو نه ڏنو، انهن مان جن دوستن هن ڪتاب ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري سي اُهيئي هئا، جن لسانيات ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. ظاهر آهي ته ٻين کي هن جي خشڪ مواد مان مزو ڪو نه آيو هوندو. بهرحال پارکن ان کي بيحد پسند ڪيو ۽ پنهنجا رايا ۽ مشورا به موڪليا جن جي بناءَ تي هن ڇاپي ۾ مخصوص لساني لفظن (Linguistic Terms) کي تبديل ڪيو ويو آهي. دهليءَ جي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي مشوري موجب ”روپي لڙهيون“ (ص 122) تبديل ڪري (روپا دليون)  ڪم آندو ويو آهي ۽ (ڦٽ واري) کي مٽائي ان جي جاءِ تي ”اشتقاقي“ ۽ ”ڦيري واري“ کي تبديل ڪري ”گرداني“ لفظن کي ڪم آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح مون پاڻ ”صوتدا“ کي ”ڀڻڀڻو“ ۽ ”بيصوت“ کي ”بيڀڻو“ سان تبديل ڪيو آهي. ائين ٻيا ڪيترا بهتر لساني لفظ ڪم آندا ويا آهن.

جيڪي صاحب علم لسان جا ڄاڻو آهن، تن هن نئين علم کي ڪاميابيءَ سان سنڌيءَ ۾ آڻڻ تي مون کي مبارڪون موڪليون آهن.

پيش لفظ

(از قلم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊائريڪٽر،

انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن، سنڌ يونيورسٽي).

سنڌي زبان برصغير پاڪ هند جي قديم ترين زبانن مان هڪ آهي، ۽ خاص مهراڻ جي ماٿري جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي ٻولي آهي. جيتوڻيڪ جو ان جي موجوده شڪل پڻ صديون اڳ وجود ۾ آئي ته به ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي جي لساني تاڃي پيٽي ۾ نسبتاً ٿوريون تبديليون آيون آهن ۽ اُهي پڻ بالڪل آهستي آهستي واقع ٿيون آهن، ڇاڪاڻ جو  هڪ ته ڪنهن زماني کان وٺي جبل، سمنڊ ۽ ريگستان سندس حدون سنڀالي بيٺا آهن ۽ ٻيو ته خود سنڌي جي ڳُوڙهي فطري سٽاءَ ۽ اندروني خصوصيات ان جي انفراديت کي قائم رکيو آهي. هن وقت به سنڌي بان جا ’ڪوهستان ۽ ٻيلي‘ ، ’هيٺئَين لاڙ ۽ کاري‘ ۽ ’ڪڇ‘ وارا ٽيئي محاورا، ان جي آڳاٽي ۽ انوکي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جي ساک ڀرين ٿا. انهيءَ ڪري سنڌي جهڙي قديد، وسيع، ۽ نسبتاً گهٽ بدليل زبان جي تحقيقي مطالعي لاءِ نه فقط زمين هموار آهي پر اهڙو مطالعو لسانيات جي دائري ۾ پڻ هڪ قيمتي اضافو ٿيندو. جناب علي نواز صاحب جتوئي  هيءُ ڪتاب لکي، ان مطالعي لاءِ راهه روشن ڪئي آهي.

سنڌيءَ ۾ جيتوڻيڪ هن ڏِس ۾ هيءَ پهرين ڪوشش آهي مگر اِها قابلِ قدر آهي، ڇاڪاڻ ته فاضل مولف هن ڪتاب کي هڪ جامع انداز ۾ پيش ڪيو آهي. موضوع جي ٽن مکيه ڀاڱن، يعني صوتي، صرفي ۽ نحوي بلن مان هر هڪ جي مکيه پهلوئن کي پوريءَ طرح زير بحث آندو اٿس، ۽ اهم اصولن ۽ نظرين کي دلين ۽ مثالن سان کولي بيان ڪيو اٿس. خصوصاً ’صوتيات‘ جي نظام جي وضاحت خاڪن ۽ تصويرن ذريعي بلڪل سهني نموني ۾ ڪئي ويئي آهي.

هيءُ هڪ خالص علمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ لسانيات جي علمي نظرين کي معتبر مغربي عالمن جي ڪتابن تان اخذ ڪيو ويو آهي. فاضل مولف محض نقل ۽ ترجمي جي  بجاءِ، اهم نظرين ۽ اصولن کي سنڌي  زبان جي مزاج مطابق بيان ڪرڻ جي ڪافي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي؛ ان هوندي به جيڪڏهن ڪن جاين تي مفهوم ۾ ڪا پيچيدگي معلوم ٿئي ته اصل ماخذن ڏانهن رجوع ڪري سگهجي ٿو جن جا حُالا هر باب هيٺ ڏنا ويا آهن. انگريزي ۾ علم لسان جي ڪن خاص لفظن ۽ اصطلاحن سان گڏوگڏ فاضل مولف سنڌي مترادفات استعمال ڪيا آهن جي گهڻي حد تائين موزون ۽ مناسب آهن، ۽ آينده لاءِ سنڌيءَ ۾ هن موضوع بابت  بهتر لفظن ۽ اصطلاحن وضع ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. مجموعي طور سان پڻ اميد ته هيءُ ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ جي موضوع تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ رهنمائي ڪندو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سنڌ يونويرسٽي

حيدرآباد                                       مخلص

1_ جون 1968ع                
                           مهاڳ

(پهرئين ڇاپي جو)

علم لسان هڪ سائنسي علم آهي، جنهن کي پنهنجا مخصوص فني لفظ ۽ اصطلاح آهن. ازانسواءِ سندس تحقيق جو طور طريقو به پنهنجو، نرالو ۽ انوکو آهي.هن موضوع  تي هن مهل تائين ڪو به ڪتاب سنڌيءَ ۾ نه لکيو ويو آهي. تنهن ڪري هن ڪتاب کي انهيءَ راهه ۾ اوليت جو شرف حاصل آهي. جنهن جي مون کي خوشي آهي.هن ڪتاب ۾ مٿئين موضوع کي ڪيتري قدر ڪاميابيءَ سان نڀايو ويو آهي سو هن علم جا ڄاڻو ۽ ٻيا بي ريا عالم پنهنجا پنهنجا رايا پڙهڻ بعد پيش ڪندا جن کي بعد ۾ شايع ڪيو ويندو. آءٌ هن ڪتاب کي امريڪا، انگلينڊ، روس، جرمني ۽ ڀارت جي انهن عالمن اڳيان رکندس جيڪي علم لسان ۾ سَنَد رکن ٿا ۽ ساڳئي وقت سنڌي  زبان کان واقف پڻ آهن. اُهي صاحب جيڪي به چُڪون ڪڍي ظاهر ڪندا تن کي راخدليءَ سان قبول ڪيو ويندو ۽ پڻ ضميمي طور انهن کي شايع ڪيو ويندو تان ته شاگرد اُنهن غلطين جو شڪار نه ٿين جنن لاءِ خاص طرح سان هيءُ ڪتاب لکيو ويو آهي. غلطين کي لِڪائڻ ۽ ڄاڻ کان پوءِ به  قبول نه ڪرڻ منهنجي نظر ۾ علمي جرم آهي، ڇو ته اُنَ ڪري ڪيترائي شاگرد گمراه ٿين ٿا ۽ صحيح تحقيق جي راهه بند ٿي وڃي ٿي. غلط تعليم کان تعليم نه ڏيڻ بهتر آهي؛ اِهو اڪابرن ۽ اعليٰ عالمن جو فيصلو آهي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي سال 1961_ 1962ع واري ”سنڌي صحيفو“ ۾ خصوصي مقالو علم لسان ۽ سنڌي زبان، 38 صفحن ۾ شايع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن موضوع کي جامع انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. ان وقت جيئن ته مون کي س مستند استادن جي رهبري حاصل نه هئي ۽ گهر ويٺي ٻه ٽي ڪتاب لسانيات تي پڙهيا هئم، تنهن ڪري مٿئين مقالي ۾ ڪيتريون علمي غلطيون واقع ٿي ويون هيون. ان ۾جيڪي صحيح ڳالهيون هيون سي هن ڪتاب ۾ درج ڪيون ويون آهن جن جي بناءَ تي  اُهو مقالو علم لسان ۾  ”پيڙهائتو پٿر“ هو.

هيءُ ڪتاب علم لسان تي مجمل آهي ۽ نه ڪه مفصل. انهيءَ جو  مطلب هيءُ آهي ته علم لسن جي سڀني نظرين ۽ اصولن کي گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ۽ مثال ٿوري ۾ ٿورا ڏنا ويا آهن. اصل مقصد علم لسان جي سمجهاڻي آهي ۽ نه ان جي نظرين مطابق سنڌي  زبان جو تفصيلي جائزو اِهو ڪم تحقيق جي  طالبن لاءِ ڇڏيو ويو آهي جن لاءِ اميد ته هيءُ ڪتاب رهبريءَ جو ڪم ڏيندو. خود اردو زبان ۾ به هن قسم جو ڪارگر ڪتاب ڪونهي. ڊاڪٽر محي الدين ’زور‘ وارو ڪتاب ”هندستاني لسنيات“ ۽ ڊاڪٽر شوڪت سبزواري وارو ”اردو لسانيات“ نهايت ناقص آهن. البت پروفيسر عبدالقادر سروري وارو ڪتاب ”زبان اور علم زبان“ چڱو جامع ڪتاب آهي. مون هن ڪتاب لکندي انهن سڀني ڏيهي ڪتابن کي نظرانداز ڪيو آهي ۽ پنهنجي اعليٰ استاد پروفيسر مسٽر رابنس (Mr. R H. Robins) جي ڪتاب کي پيش نظر رکيو آهي. ازانسواءِ سندس ۽ ٻين استادن جي ليڪچرن ٻڌندي جيڪي ڪجهه تحريري طور اخذ ڪيو هوم تنهن مان فائدو ورتو اٿم. لسانيات تي ٻين جن انگريزي ڪتابن جا حُالا ڏنا اٿم سي گهڻو ڪري سڀ درسي طور  ولايت ۾ پڙهيا هئم، جي ڪورس ۾ رکيل هئا. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن انهن استادن جي رهبري ۽ تعليم حاصل نه هجيم ها ته ڪڏهن به مٿين ڪتابن کي گهر ويٺي پڙهي سمجهي ڪو نه سگهان ها ۽ نه وري هيءُ ڪتاب ئي لکي سگهان ها. مون مٿين ڪتابن کي سَند طور پيش ڪيو آهي ۽ جيڪي ڪجهه انهن مان ۽ استادن کان پرايو اٿم، تنهن کي پنهنجي انداز ۾ پنهنجي وس آهر آسان ۽ چِٽي نموني ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته جيئن پڙهندڙ سمجهي سگهن.

علم ۽ حق جي جستجو هر انسان جي فطرت ۾ سمايل آهي ۽ اِهو ئي جذبو تهذيبن ۽ تمدن کي پيدا ڪرڻ ۾ ڪارفرما رهيو آهي. نَيَن تهذيبن سان گڏوگڏ نَوَن علمن ۽ هنرن به  پئي جنم ورتو آهي، ۽ پراڻن علمن ۽ فنن کي  بهتر جامون پئي پارايو ويو آهي. ائين تحقيق جو دائرو  بهتر ۽ وسيع تر پئي ٿيندو آيو آهي. لسانيات جي عالمن جو متفق طور رايو آهي ته تحرير جو فن پهريائين مصر ۾ پيدا ٿيو جتان پوءِ بدلبو، سڌرندڙ شام، عراق، ايران، سنڌ، هند،  يونان ۽ يورپ ۾ پکڙيو. ٻوليون دنيا ۾ ڪيئن پيدا ٿيون تنهن بابت پراڻي ۾ پراڻي لکيت بائيبل جي منڍ ۾ ’پيدائش‘ (Genesis) جي ٻئين باب ۾ ملي ٿي. اُهي لکيت اگرچ انوکي ۽ عقل کان  بعيد نظر اچي ٿي ته به ان مان ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته مختلف زبانن جي پيدا ٿيڻ جو سبب روءِ زمين تي آدم ذات جو پکڙجڻ آهي.

بابل شهر جي قديم آثارن مان معلوم ٿو ٿئي ته اُهي هڪ آڳاٽي زبان هئي جا عيسوي سن کان 17 صديون اڳ ختم ٿي ويئي جنهن کي سمجهڻ لاءِ پوءِ جي رهاڪن لغت ۽ ڪي صرف ونحو جا قاعدا قائم ڪيا.

ڀارت ۾ جڏهن آريائي تهذيب اڀري تڏهن سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين بابت وياڪرڻ لکجڻ ۾ آيا. جن صاحبن انهيءَ ڏس ۾ بهتر ورتو تن مان تمام مشهور  پاڻيني هو، جنهن جي قابليت جو اعتراف اڄ به لسانيات جا صاحب ڪن ٿا.

جڏهن يوناني تهذيب وجود ۾ آئي تڏهن اتان جي مفڪرن هن ڳالهه تي بح ڪيو ته لفظ وجود ۾ ڪيئن آيا. سندن تلقيد بعد ۾ رومين ڪئي.

جڏهن اسلامي تهذيب  عربستان مان اُتي دنيا ۾ پکڙجڻ لڳي تڏهن عربن ٻين علمن سان گڏ لسانيات ۾ به بهتٿر  ورتو. پنهنجي زبان جي قراءت، صرف نحو ۽ لغت تي خوب ڪم ڪيائون. ان کانسواءِ نهنجي زبان کي عبراني ۽ سرياني زبانن سان ڀيٽي سندن وچ ۾  مشابهت پيدا ڪيائون. اهڙيءَ طرح سان ڀيٽا ڀيٽي لسانيات جو بنياد وڌائون.

يورپ ۾ عربن جي وجود ۽ سندن تعليم گاهن، مغربي ملڪن ۾ علمي سجاڳي آندي. اتان جا رهاڪو جڏهن مشرقي ملڪن ۾ اچڻ لڳا تڏهن مشرقي زبانون سکڻ لڳا ۽ خاص طرح سان سنسڪرت ۾ دلچسپي ورتائون ۽ معلوم ڪيائون ته اُها قديم ايراني، قديم يوناني ۽ لاطيني زبانن جي ويجهي مائٽ ٿئي. اِها ڳالهه پهريائين وليم جونس (William jones) ڪئي جنهن جو اثر ٻين يورپي عالمن جهڙوڪ ڊاپ (J. Bopp) راسڪ (R. Rask) ، جيڪب گرم (J. Grimm) ۽ شليگل (Shlegal) تي پيو جن آريا زبانن جي رشتي ۽ بڻ بنياد تي ڪافي ڪم ڪيو. اِهي صاحب 18 صدي عيصوي ۾ ٿي گذريا آهن. 19 صديءَ ۾ وري راپ (Rapp)، همبولٽ (Humboldt) ۽ شلائهر (Schleioher) جهڙن عالمن لسانيت کي علم حيات (Bilogy) جو رنگ ڏنو. ڪن عالمن وري انڊو آرين زبان تي وڌيڪتحقيق ڪئي.

20 صديءَ ۾ ليونارڊ بلوم فيلڊ (L. Bloomfield) لسانيت کي بلڪل سائنسي رنگ ڏنو جو اڄ تائين هلندو اچي. ۽ ان ۾ ڪافي ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اڄ لسانيات کي روپ ۽ آمريڪا جي سڀني يونيورسٽين ۾ اهميت حاصل آهي، ڇو ته ان جي ذريعي ٻولين جي سيکارڻ جا نوان طريقا معلوم ٿيا آهن. ثقافت ۽ ٻين سماجي علمن کي سمجهڻ ۾ به کانئس وڏي مدد ملي آهي.

سنڌي زبان تي اڄ تائين جيڪو ڪم ٿيو آهي سو سڀ غير سائنسي آهي. البت تازو ڀارت ۾ سائنسي اصولن موجب مٿس ڪم ٿيو آهي. مگر اُهو به انگريزي زبان ۾ آهي. تازو مٿس ڪم ٿيو آهي مگر اُهو به انگريزي زبان ۾ آهي. تازو منهنجي پراڻي شاگرد ۽ رفيق مسٽر غلام علي الانا سنڌي صوتيات تي جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي. . . . . وقت آيو آهي ته سنڌي زبان جي مختلف پهلوئن تي نئين سر تحقيق ڪئي وڃي، جنهن لاءِ اميد ته هيءُ ڪتاب ڪافي مدد ڏيندو.

هن ڪتاب جو جڏهن ڪَچو مسودو تيار ڪيم تڏهن هڪدم پريس ۾ ڇاپائڻ لاءِ قسطيوار موڪليندو رهيس. انهيءَ وچ ۾ وري مسودي کي ترميم ڪندو رهيس ۽ ٻئي باب کان پوءِ مواد کي گهٽائڻ به شروع ڪيم ته ڪتاب تمام وڏو نه ٿي پوي. ٽن بابن کي بنهه ڇڏي ڏنم جي تمام ضروري نه هئا ۽ اُهي هئا: تحريرن جي تاريخي ارتقا؛ علم لسان جي تاريخي ارتقا ۽ علم لسان جو ٻين علمن سان لاڳاپو. پروفن ڏسڻ جو بار مون پاڻ تي وڌو تنهن ڪري ان ۾ ڪي غلطيون رهجي ويون پروف جون باريڪ غلطيون ڪمپازيٽر محمد بچل سومري پاڻ به درست ڪيون، جنهن لاءِ آءٌ سندس ٿورائتو اهيان. بلاڪن لاءِ خاڪن ڪڍي ڏيڻ ۾ منهنجي مدد منهنجي شاگردياڻي محترمه مس رشيده شيخ (ليڪچرر گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد) ڪئي، جنهن لاءِ آءٌ سندس خاص طرح سان ٿورائتو آهيان. آخر ۾ آءٌ ڊاڪٽڙ نبي بخش خان بلوچ جو خاص طرح سان شڪريو بجاءِ آڻيان ٿو جنهن صاحب پنهنجي گرانقدر ”پيش لفظ“ سنا هن ڪتاب کي نوزيو آهي.

خاڪسار

2_ جون 1968ع  علي نواز حاجن جتوئي

                  صدر، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي

                    حيدرآباد(سنڌ) مغربي پاڪستان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org