سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :12

باب پنجون

معنيات (Semantics)

هن ڪائنات جا ٻه پهلو آهن: هڪ ظاهري ۽ ٻيو باطني. ٻوليءَ جا به ٻه پهلو آهن هڪ ظاهري، جو آواز سان تعلق رکي ٿو ۽ ٻيو باطني، جو معنائن سان لاڳاپيل آهي، جڏهن اسان ڳالهايون ٿا، تڏهن ڳالهايل آوازن جو مطلب سمجهون ٿا. تنهنڪري ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي طرفن کان سندس اڀياس ڪيو وڃي. بدقسمتيءَ سان ٻوليءَ جو معنيٰ وارو اڀياس علمي طريقي موجب ٿي نه سگهيو آهي. انهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن:

(الف) گفتن جي معنائن جو دائرو سندن صورتن جي دائري کان نهايت وسيع آهي ۽ ايترو ڪشادو جيترو هي سارو سنسار. اِهو دائرو نه رڳو وسيع آهي مگر نهايت پيچيدو پڻ آهي ۽ اُن جي ڄاڻ اڃا تائين مڪمل ٿي نه سگهي آهي، تنهنڪري معنائن جو بيان ٻوليءَ جي اڀياس ۾ ڪمزور نقطو آهي ۽ ائين ئي رهندو جيستائينڪ انساني علم پنهنجي موجوده حالت کان گهڻو اڳتي نه وڌيو آهي (1). معنائن جي مقابلي ۾ آوازن جو دائرو تمام محدود آهي. ٻولين ۾ انهن جو تعداد لڳ ڀڳ سَو کن آهي، جي جدا جدا جوڙجڪن سان سوين ۽ هزارين لفظ ٺاهين ٿا. ڇاڪاڻ ته بنيادي آوازن جو تعداد بلڪل ٿورو آهي، جيڪي ٻولين ۾ ڪم اچن ٿا ۽ تنظيمن ۽ سٽائن سان لفظ، لفظ جا ميڙ ۽ جملا ٺاهين ٿا. تنهن ڪري سندن ڇيد ڪري، سندن ڦير گهير جا قانون ڳولي لهڻ آسان ڪم ٿي پيو آهي.

(ب) ٻوليءَ جا گهڻا لفظ اهڙا آهن جن کي محڪم معنيٰ ڪانهي. انهن جي معنيٰ سندن ستعمال مان معلوم ٿيندي  آهي؛ مثلاً سڏ لفظ جون هڪ کان وڌيڪ معنائون آهن، جيئن ته

1) هن کي سڏ ڪر.

2) اوهان کي شاديءَ جو سڏ ڏجي ٿو.

3) منهنجي ٻني ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي آهي.

4) اسان کي ڪورٽ جو سڏ ٿيو آهي.

هن ٻوليءَ ۾ اهڙا سوين لفظ آهن جن جون معنائون ۽ مطلب هڪ  کان مٿي آهن، جي جملن ۾ لفظن جي استعمال ۽ ماحول مان ئي معلوم ٿي سگهن ٿيون. جيڪي ٿورا لفظ پنهنجي مٿي  محڪم معنيٰ رکن ٿا جهڙوڪ اُڀ، در، هٿ وغيره، سي به ٻين لفظن سان ملي اِهڙيون معنائون پيدا ڪن ٿا جن جو اصل جزوي معنائن سان لاڳاپو ئي نٿو لڳي؛ جهڙوڪ هٿ اُٿڻ، هٿ کڻن، هٿ وجهڻ، هٿ هڻن وغيره. اهڙي حالت ۾ معنائن کي علمي طريقي سان ڇيد ڪري بيان ڪرڻ لسانيات جي وس کان ٻاهر آهي.

(ٻ) نه رڳو هر لفظ هڪ کان وڌيڪ معنائون ظاهر ڪري ٿو مگر ڪن حالتن ۾ ساڳيو ئي لفظ ٻه مخالف معنائون به ظاهر ڪري ٿو؛ مثلاً ڪو ماڻهو سچ پچ پنهنجي وفادار دوست جي واقفيت ڪرائيندو آهي، تڏهن چوندو آهي ته ”هيءُ آهي  منهنجو وفادار دوست محمد هاسم، جنهن جي ڪالهه ڳالهه پئي ڪيم.“ پر جيڪڏهن ڪو دوست بيوفا ثابت ٿيندو آهي تڏهن  ٽوڪ طور چئبو آهي ته ”هيءُ آهي منهنجو وفادار دوست محمد هاشم! جنهن جي ڪالهه ڳالهه پئي ڪيم.“ اهڙيءَ طرح سان ٽوڪ طور ٻڌبو آهي ته ”فلاڻي کي دوست ڪير نه ڪندو؟ ايماندار جهڙس ڪونهي، وفادار جهڙس ڪونهي، همدرد جهڙس ڪونهي، سچار جهڙس ڪونهي“ وغيره ۽ اصل مطلب هوندو آهي ته ”فلاڻي کي دوست ڇو ڪريون؟ بي ايمان جهڙس ڪونهي، بيوفا جهڙس ڪونهي، همدردي منجهس ڪانهي، سچائي منجهس ڪانهي“ وغيره. ساڳي طرح سان ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي معنيٰ لاءِ ٻه اُبتڙ لفظ به استعمال ٿين ٿا؛ مثلاً ”فلاڻِي فلاڻي سان ٺهيل آهي“ يا ”فلاڻِي فلاڻي سان کريل آهي.، جڏهن ساڳيو لفظ ٻه مختلف معنائون پيش ڪري سگهي ٿو يا ساڳي معنيٰ ٻه مخالف لفظ پيش ڪري سگهن ٿا، تڏهن اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته ان جو علمي جائزو وٺي سگهجي؟

(پ) هر گفتي کي جيڪا صورت ۽ معنيٰ آهي، تن جي وچ ۾ ڪو به معقول لاڳاپو ڪونهي. پهرئين باب ۾ اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته (ص_ 13) هڪ شيءِ کي اسين ”کٽ، سڏيون ٿا، ان کي ائين ڇو ٿا سڏيون ۽ ڇو نه ”لم“ يا  ٻي طرح، ان لاءِ ڪو به معقول سبب نظر نٿو اچي. جيڪڏهن اِهو لاڳاپو معقول هجي ها ته پوءِ ٻوليءَ جي آوازن وانگر معنائن جو به علمي جائزو وٺي سگهجي  ها. آوازن جو تعلق طبعي دنيا  سان آهي مگر معنائن جو تعلق اهڙي سنسار سان آهي جو طبعي دنيا کان ٻاهر آهي، جنهن جو معقول جائزو وٺڻ فلسفي جو ڪم آهي ۽ نه ڪنهن سائنس جو. سائنس، ٺوس مادياتي شين جو جائزو وٺي سگهي ٿي، تنهن ڪري لسانيات ٻوليءَ جي رڳو آوازن جي اڀياس کي پنهنجو مرڪز بنايو آهي ۽ نه معنائن کي.

(ڀ) لفظن ۽ جملن جون معنائون اسان جي تجربن سان لاڳاپيل آهن؛  مثلاً اسان چئون ٿا ته سج لهي ٿو ۽ اڀري ٿو. اهو عام ماڻهوءَ جو مشاهدو ۽ تجربو آهيي، مگر علمي طرح سان اهو ثابت ٿيو آهي ته سج نڪو لهي ٿو ۽ نڪو اڀري ٿو. چئبو ته حقيقتاً ”سج جو اڀرڻ ۽ لهڻ“ غلط ٻولي آهي. جيئن جيئن سائنسون وڃن ٿيون ترقي ڪنديون تيئن تيئن شين ۽ واقعن جون حقيقتون به وڃن ٿيون ڦريل معلوم ٿينديون. علم ڪيميا موجب پاڻي، آڪسيجن ۽ هيڊروجن گئسنجو ڪيميائي ميلاپ هن طرح سان آهي ته آڪسيجن جو هڪ جزو ۽ هيڊروجن جا ٻه جزا پاڻ ۾ ميلاپ ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هر سائنس ۽ هر علم جي شاخَ، جيڪي خاص لفظ استعمال ڪري ٿي، تن جي معنيٰ نه، مگر سمجهاڻي ڪتابن جي آخر ۾ ڏئي ٿي. قاعدن قانونن جي ڪتابن جي بنهه منڍ ۾ ڄاڻايل هوندو آهي ته هن لفظ مان مراد هيءَ آهي؛ هن مان هيءَ آهي وغيره.

(ت) لفظَ جن معنائن سان اول وجود ۾ اچن ٿا سي ڪنهن سمي گذرڻ بعد گم ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن جي جاين تي ٻيون معنائون اچيو ظاهر ٿين. مثلاً انگلينڊ جي مشهور ڪمپني راجرس جا ٺهيل چاقون ”راجس چاقون“ سڏبا هئا ۽ پنهنجي ملڪ جا چاقون ”ڪنتري چاقون“ سڏبا هئا. پوءِ راجس چاقون جي معنيٰ ٿي پيئي ڀلو چاقون ۽ ڪنتري چاقون جي معنيٰ ٿي پيئي معمولي چاقون. معنيٰ جي اهڙي تبديلي ۾ ثقافتي تاريخ کي دخل هوندو آهي ۽ ان ۾ ظاهري ڪو به لاڳاپو نظر نه ايندو آهي. لفظن جي آوازن ۾ وقت گذرڻ بعد ڦيرو اچي ٿو، مگر اهڙو نه جو سڃاڻي نه سگهجي؛ مثلاً لارڊ مان لاٽ، جل مان جَر، آقا مان آڳو، يوگي مان جوڳي، وغيره. اِهو ئي سبب آهي جو علم معاني يعني معنيات کي سمجهڻ لاءِ ڪيترن ئي علومن جهڙوڪ علم منطق، علم بشر، علم سماج، علم نفس ۽ فلسفي جي ضرورت درپيش اچي ٿي. انهن علمن جي عالمن اُن تي مٿاڪُٽي ڪئي آهي ۽ ان جا مفيد پهل پيش ڪيا اٿن.

(ٺ) جنهن موقعي تي لفظ استعمال ٿين ٿا، تنهن موقعي جي ماحول (Context of situation) جو، ڪم آيل لفظن جي معنيٰ سان گهرو تعلق هوندو آهي. وڪيل جج ڪورٽن اندر جيڪي جملا ڪم آڻين ٿا تن جو پنهنجو ماحول ۽ مطلب هوندو آهي. سياسي ليڊر پنهنجي ماحول ۽ معنيٰ ۾ الفاظ استعمال ڪن ٿا؛ تعليمي ادارن کي پنهنجو ماحول آهي؛ بازار ۽ مارڪيٽ کي الڳ ماحول آهي؛ گهرن ۽ ڪلبن کي نرالو ماحول آهي. اهڙي طرح هر موقعي کي پنهنجو پنهنجو ماحول آهي. انهن سڀني ماحولن ۾ ساڳيو لفظ اهڙي ته نموني سان ڪم اچي ٿو جو ان جي معنيٰ جون باريڪيون ظاهر ٿيون پون. انهن باريڪين جو علمي طرح جائزو وٺن مشڪل معاملو آهي.

معنائن کي ڇيد ڪرڻ ۾ ڪيترين مشڪلاتن هوندي به علم معاني جي اڀياس ڪافي ترقي ڪئي آهي ۽ لساني تجربي (analysis) ان جون ڪيتريون ئي اهم حقيقتون لڌيون آهن. انهن مان هڪ هيءَ آهي ته ڪيترن يئ لساني صورتن کي هڪ کان وڌيڪ معنائون آهن (2). انهن  مان هڪ مرڪزي (Central) معنيٰ هوندي آهي ۽ ٻيون ڪناري واريون (Marginal) (3). مرڪزي معنيٰ کي حقيقي سڏبو آهي ۽ ٻين کي مجازي. جن طريقن سان لفظ مجازي معنائون حاصل ڪن ٿا، سي جدا جدا ٻولين ۾ الڳ الڳ آهن.

لفظ، جيئن عام ماڻهو روزمره جي زندگي ۽ سماجي گفتگو ۾ استعمال ڪن ٿا، ۽ فيلسوف توڙي تنقيد جا صاحب هڪ خاص نموني ۾ ڪم آڻين ٿا، تن سڀني سان لسانيات جي عالم کي واسطو آهي (4) هو انهن کي بيان ڪري سگهي ٿو ۽ ان لاءِ عيوضياتي (Substitutlonal) طريقو اختيار ڪري ٿو، مگر انهن کي ڇيد ڪري نٿو سگهي. اِهو سندس پهچ کان پري آهي. مثلاً

اڪرم وقت تي نه پهتو ۽ هٿ هنيائين.

اڪرم وقت تي نه پهتو ۽ پڇتايائين.

انهيءَ طريقي سان لسانيات جو عالم چوندو ته ’هٿ هڻڻ‘ معنيٰ پڇتائڻ. مگر ’هٿ هڻڻ‘ مان پڇتائڻ جي معنيٰ ڪيئن ٿِي نڪري، سو سمجهائڻ سندس وس کان ٻاهر آهي. هو ڏسي ٿو ته جڏهن به ڪنهن لفظ سان ”هڻن“ گڏ ايندو، تڏهن ان مان نئين معنيٰ ڪڍڻ جو اصول ڪڍڻ مڪن ناهي.

اک هڻ، ڪن هڻڻ، دل هڻن، وغيره اصطلاح جيڪي معنائون پيش ڪن ٿا تن کي ’هڻڻ‘ سان ڪو به واسطو ڪونهي، تنهنڪري معنائن جو ڇيد ڪرڻ لسانيات جي دائري کان ٻاهر آهي.

جن معنائن کي لسانيات ڇيد ڪري سمجهائي سگهي ٿي. سي لغوي ناهن مگر صرفي ۽ نحِوي آهن. مثلاً

(1)  گهوڙو ڊوڙي ٿو.

(2) گهوڙيون به ريس ۾ ڪم آنديون ويون.

(3) تون سهڻي آهين.

لسانيات پهرئين جملي جو ڇيد ڪري چوندي ته فاعل مذڪر ۽ هڪ آهي ۽ فعل  زمان حال ٻڌائي ٿو؛ ٻئين جملي جو فاعل  مؤنث آهي ۽ ان جو عدد هڪ کان گهڻو آهي؛ سندس فعل زمان ماضي ٻڌائي ٿو؛ ”به“ ٻڌائي ٿو ته انهيءَ فعل ۾ گهوڙين کانسواءِ ٻين جانورن به حصو ورتو. ٽيون جملو ٻڌائي ٿو ته جنهن سان ڳالهايو وڃي ٿو سا جنس ۾ مؤنث آهي جيئن ”سهڻي“ لفظ مان ظاهر آهي. لسانيات اهڙي قسم جي معنائن جو باقاعدي ڇيد ڪري سگهي ٿي بس.

حوالا

(1)  L. Bloomfield: Language London. 140

(2) Rober A. Jr. Introductory Linguistics, P. 230

(3) Ibid P. 231

(4) R. H. Robins: General Linguisties, P. 21

باب ڇهون

 

لساني جاگرافي (Dialect Geography)

هر زبان کي هڪ ملڪ ٿيندو آهي جنهن جي گهٽ يا وڌ ايراضي ٿيندي آهي. انهيءَ ايراضي اندر هڪ ئي زبان جا مختلف محاورا جدا جدا ڀاڱن ۾ موود هوندا آهن جن مان هر هڪ کي اُتان جي ”مقامي ٻولي“ (Diolect) سڏبو آهي. باريڪبيني سان ڏٺو وڃي ته هر شخص جي ٻوليءَ جو طريقو بلڪل پنهنجو ۽ نرالو هوندو آهي، جنهن کي ذاتي زبان (Idilect) چئي سگهي ٿو، مگر اُها آوازي، صرفي ۽ نحوي نگاهه کان ٻين جي ذاتي زبان کان نرالي نه هوندي آهي، جيڪي انهيءَ جا پاڙيسري، ڳوٺاڻي، شهري يا ويجهڙائيءَ وارا هوندا آهن. سچ پچ ته زبان نه رڳو هڪ شخص  کان ٻئي شخص تائين بدلجي ٿِي پر هر طبقي کان ٻئي طبقي تائين ڦري ٿي (1). جنهن حد تائين اتان جي رهاڪن جي ٻولي بنان ڦير ڦار جي چالو هجي  انهيءَ حد تائين ٻوليءَ جو هڪ محاورو سڏبو. جنهن حد کان ٻوليءَ ۾ ڪجهه ڦيرو معلوم ٿئي، انهيءَ حد کان ٻوليءَ جو ٻيو محاورو سڏبو. ائين هر ٻوليءَ جا ٻه ٻن کان مٿي محاورا هوندا آهن، جن کي مقامي محاورا يا ايڀاشائون سڏبو آهي. انهن مقامي ٻولين مان هڪ ٻولي، جا علم ادب جي لحاظ کان ٻين مقامي ٻولين تي ڇانئجي ويندي آهي ۽ جنهن کي پڙهيل طبقو  عام طرح سان استعمال ڪندو آهي، تنهن کي معياري زبان (Standard Dialect) سڏبو آهي. روايت طور ۽ رسمي طرح زبان سان تختگاهه جي پڙهيل ماڻهن جي زبان کي معياري زبان جو نمائندو سڏيو وڃي ٿو ۽ ٿورڙن ماڻهن جي ٻوليءَ کي ننڍي ٻولي (2). سنڌي زبان ۾ وچولي واري سنڌي معياري زبان آهي ۽ باقي ٻيون سڀ ٻوليون اترادي، لاڙي، ٿري، لاسي، ڪوهستاني ۽ ڪڇي وغيره مقامي ٻوليون آهن.

هڪ زبان  جا مختلف مقامي محاورا رائج هجڻ فطرتي ڳالهه آهي. هر ملڪ ٻئي ملڪ سان دنگئي آهي، تنهن ڪري هر زبان ٻيءَ زبان سان سرحدي آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪڏهن آمدورفت جو سلسلو وڏن پهاڙن يا بيابانن سبب بند آهي يا بلڪل گهٽ آهي ته ٻئي ٻوليون هڪٻئي کان بلڪل گهٽ متاثر ٿينديون؛ پر جي ڪا رڪاوٽ ناهي ته پوءِ لازمي طرح سان سرحدن وٽ ٻنهي ٻولين جو مڪسچر رهندو. اِهو مڪسچر اندر جي طرف ويندو ڇِٽو ٿيندو تان جو هڪ حد تي اچي ختم ٿيندو. اوستائين اِها مقامي ٻولي سڏبي. ائين سڀني سرحدن کان اندر جي طرف مختلف مقامي ٻوليون نظر اينديون، بشرطيڪ سڀني سرحدن جي پَرينءَ ڀر ٻيون ٻيون زبانون  موجود هجن. ڪَڇي سنڌي کي گجراتي زبان، ٿري سنڌي کي مارواڙي زبان، اترادي سنڌي کي ملتاني زبان، لاسي ۽ ڪوهستاني سنڌي کي بلوچي زبان دنگئي آهي.

هر ملڪ، ڪيترن ئي ثقافتي ۽ سياسي دورن مان گذريو آهي. جڏهن ڪو ملڪ غلام  ٿيندو آهي، تڏهن اُتان جي زبان حاڪم قوم جي زبان کان متاثر  ٿيندي آهي. جيڪڏهن حاڪم قوم گهر ڪري ويهندي آهي ته پوءِ جيڪي بستيون اُها قوم وسائيندي آهي تن بستين ۾ مقامي ٻولي ۽ حاڪمن جي ٻولي مِلي نئين مقامي ٻولي پيدا ڪنديون آهن، جنهن ۾ حاڪمن جي زبان جا اثرات چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جيڪڏهن حاڪمن جي زبان جا اثرات چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جيڪڏهن حاڪم قوم ڪثرت ۾ وارد ٿيندي آهي ته ان جي ٻولي اُتي رائج ٿي ويندي آهي ۽ مقامي ٻوليءَ کان متاثر ٿي نئون لهجو پيدا ڪندي آهي. جيڪڏهن حاڪم قوم ٿوري تعداد ۾ هوندي آهي ته سندن زبان درجي بدر جي ختم ٿي ويندي آهي يا رڳو گهرن اندر چالو رهندي آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي بنياد تي ڌارين ٻولي جي جزن کي تبديل ڪندا آهن، تڏهن اهڙي تبديل جي بنياد کي هيٺيون طبقو (Substratnm) سڏبو آهي پر جي ڌارين ٻوليءَ جي جزن جي بنياد تي پنهنجي ٻولي کي تبديل ڪن تڏهن  اهڙي بنياد کي مٿيون طبقو (Superstratum) سڏبو آهي؛ پاڙي واري ٻوليءَ جي قبول ڪيل بنياد کي گڏ طبقو (Adstratum) سڏبو آهي.

ويدڪ آريا جڏهن هت سنڌ اندر آيا تڏهن سدن زبان جو اثر سنڌيءَ تي ٿيو ۽ سندن زبان سنڌي کان متاثر ٿي مورڌني آواز ويدڪ زبان ۾ ڪو نه هئا مگر سنڌي زبان ۾ چالو هئا، جتان ان ۾ داخل ٿيا. خود مورڌتي آواز، جي دروڙي زبانن جا آهن، اصل سنڌيءَ ۾ ڪو نه هئا ۽ پوءِ ان ۾ داخل ٿيا. لسانيات جي عالمن ثابت ڪيو آهي ته بروهڪي زبان خود دراوڙي زبان آهي جا اڄ تائين قلات پاسي قائم آهي ۽ سنڌي زبان سان سرحدي آهي. سنڌي زبان خود آريائي زبان آهي، جنهن جي ماءُ ويدڪ آريائي زبان کان اڳ هتي موجود هئي. ويدڪ آرين کان پوءِ ٻيون آريائين قومون جهڙوڪ يوناني، قديم ايراني وغيره سنڌ تي حاڪم رهيون آهن جن جي بانن جا آثار لاسي، اتراڌي ۽ ڪوهستاني سنڌي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. عربن سنڌ جي وچئين حصي ۾ روهڙيءَ کان وٺي حيدرآباد تائين پنهنجا الڳ ڳوٺ ۽ شهر ٻَڌا. اِهو ئي سبب آهي جو وچولي سنڌي تي عربي زبان جو وڏو اثر آهي. عربن کان پوءِ سومرن عمرڪوٽ کي تختگاهه بنايو ۽ سمن ٺٽي کي تختگاهه بنايو ۽ انهن جو زور ٺتي کان وڍي ڪڇ ڀڄ تائين رهيو. اِهو ئي سبب آهي جو لاڙي ۽ ڪڇي  ٻوليون زياده ٺيٺ سنڌي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ارغونن ۽ مغلن به ٺٽي کي تختگاهه بنايو مگر تمام ٿوري تعداد ۾ هئا، تنهن ڪري سندن زبان جو اثر به ٿورو رهيو. ڪلهوڙا عباسي عربن جو اولاد هئا، تنهن ڪري سندن زبان اگرچ سنڌي ي ٿي چڪي هئي پر تڏهن به سندن سنڌيءَ تي عربيءَ جو وڏو اثر هو. ٽالپر بلوچ آهن، تنهن ڪري سندن بلوچڪي زبان جو اثر سنڌيءَ تي پيو. بلوچن ان وقت ٻي زبان کي به پنهنجو ڪري ورتو هو، جا هئي ملتاني، جنهن کي لهندا به چوندا هئا. اِها زبان به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي ۽ سرائڪي سڏجڻ ۾ آئي، ڇو ته سنڌ جي سري کان آئي هئي. انگريزن هتي حڪومت ڪئي مگر گهر ڪري ڪو نه ويٺا، تنهن ڪري سندن ٻوليءَ جا رڳا ڪي لفظ سنڌيءَ ۾ سمائجي ويا.

اهڙن ٻاهرين اثرن جهٽڻ هوندي به، ٻولي پنهنجي بنيادي سٽا کي وسئون نه ڇڏيندي اهي ۽ پنهنجن ڪيترن ئي اصلوڪن يا آڳاٽن لفظن کي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ڪٿي نه ڪٿي محفوظ رکندي آهي. نهن لساني خِطي جا رهاڪو گهڻو ڪري ٻاهر اچ وڃ نٿا ڪن، تنهن جي ٻولي ۾ اصلوڪا لفظ گهڻو ڪري پنهنجي روپ ۾ محفوظ هوندا آهن. ان راءِ ۾ به حقيقت آهي ته زالن جي ٻولي ٺيٺ اصلوڪي ٻولي هوندي آهي، بشرطيڪه هُو مردن وانگر گهر کان ٻاهر واري دنيا ۾ حصو نه وٺن. هو وڏڙين زالن کان جيئن ٻولي ٻُڌڏن ٿيون  تيئن ئي استعمال ڪن ٿيون. ائين ٻوليءَ جا پراڻا اهڃاڻ سندن زبان ۾ سانڍيل هوندا آهن.

جنهن سماج ۾ جيتريون ذاتيون ۽ طبقا هوندا آهن اوترا لساني تفاوت منجهن موجود هوندا آهن. انهن تفاوتن کي علم ادب مِٽائي ٿو ڇو ته ادبي زبان عام زبان ٿيندي آهي ۽ عام زبان ادبي زبان ٿيندي آهي (3). ۽ اُها معياري زبان به ٿيندي آهي، جنهن کي ٻين کان بهتر سمجهيو ويندو آهي. وچولي سنڌي، معياري سنڌي  آهي ۽ اِها ئي سنڌ جي عام زبان آهي. سنڌي علم ادب به انهيءَ زبان ۾ آهي. اِهو ئي سبب آهي جو معياري سنڌي جي مرڪزي خِطي کي ساهتي سڏجي ٿو، جنهن ۾ ڪنڊياري، نوشهري ۽ موري جا تعلقا اچي وڃن ٿا. جديد دور جي اطلاعات جا ذريعا جهڙوڪ ريڊيو، ٽيليويزن، اخبارون وغيره به انهن لساني فرقن کي فنا ڪن ٿا. جديد لسانيات ٻوليءَ جي مقامي تفاوتن کي وڏي اهميت ڏني آهي. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته مقامي ننڍين ٻولين جا آواز ۽ صرفي نمونا، زبان جي ڪنهن پراڻي دور سان لاڳاپيل هوندا آهن ۽ سندن سٽا جا ڪيترائي روپ ٻين ٻولين جي روپن سان گڏ  مس ٿيڻ سببان بدلجي چُڪا هوندا آهن (4). تنهنڪري لساني  جاگرافي جو مطالعو ۽ اڀياس، زبان جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ۽ اندروني باز تعمير (Internal Reconstruction) ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. لساني جاگرافي هن نتيج جي پٺڀرائي ڪري ٿي ته مختلف لساني ڦيريون ڦاريون ايراضيءَ جي مختلف ڀاڱن تي ڇانيل هونديون آهن (5). بلڪه ائين کڻي چئجي ته هر صوتي، صرتي ۽ نحوي خصويصيت کي هڪ ايراضي آهي؛ تنهنڪري هر لفظ کي پنهنجي تاريخ آهي (6).لساني خِطي جون اِهي ننڍيون ننڍيون ايراضيون جيڪي آمدرفت کان الڳ ٿلڳ آهن تن ۾ پراڻن ’باقي‘ (Relic) روپن جي قائم هجڻ جو وڏو امڪان آهي ۽ انهن کي ڳولي لهڻ لساني جاگرافي جو ڪم آهي. ڪڏهن ڪڏهن اِئين به ڏٺو ويو آهي ته مڪاني نالا جهڙوڪ شهرن، ڳوٺن ۽ محلن جا نالا، قديم لساني روپن جو پتو ڏين ٿا. اِهي نالا مشڪل سان تبديل ٿيندا آهن. تنهن ڪري اهڙي نالن جو لساني جائزو وٺڻ به ٻوليءَ جي تاريخ سمجهڻ ۾ مدد ڏي ٿو. لساني شباهتن جو پکڙجڻ سماجي حالتن تي به مدار رکي ٿو (7). تنهنڪري لساني جاگرافي، انهن غير لساني ڳالهين جو پتو ڏئي ٿي جيڪي لساني صورتن تي اثرانداز ٿين ٿيون.

لساني تبديليون لساني ايراضيءَ جي ڪنهن به هنڌان پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ اُتان ٻاهر پکڙجن ٿيون (8). اُنهن جا سبب اڳيئي هن باب جي منڍ ۾ ڏنا ويا آهن؛ مگر اِهي تبديليون ڪهڙن رستن سان ٻين طرف پکڙجن ٿيون سو ڳولي لهڻ لساني جاگرافي جو ڪم آهي.

لساني جاگرافي جي تحقيق جا ٽي مکيه طريقا آهن (9). هڪ هيءُ ته هر ننڍي ٻوليءَ جي لغت تيار ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ رڳو اُهي لفظ درج ڪيا ويندا آهن جيڪي ٻين ننڍين ٻولين ۾ نه هوندا آهن؛ انهن جي اُچارن ۽ معنائن کي چڱي طرح سان ۽ چٽيءَ طرح سان درج ڪبو آهي.

ٻيو طريقو هيءُ آهي ته هر ننڍي زبان جو گرامر تيار ڪبو آهي. ٽيون طريقو هيءُ آهي ته وڏي زبان جي ائٽلس تيار ڪبي آهي، جنهن ۾ مختلف لفظن ۽ صوتياتي، صرفياتي، خواه نحوياتي خصوصيتن جي ورڇ الڳ الڳ نقشن ۾ ڏيکاربي آهي، ان لاءِ ته انهن جي ورڇ کي ڀيٽي ڏسجي. اُهي نقشا جيتري قدر ذري پرزي پورا هوندا آهن، اوتري قدر ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني  ٿيندي آهي ۽ نتيجن ڪڍڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org