سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :13

هر ننڍي زبان ۾ جيڪڏهن صوتياتي، صرفياتي  يا لغوي بدل صورتون  هونديون آهن مگر انهن جي معنيٰ ۾ ڦير نه  هوندو آهي ته انهن تي خاص توجهه ڏبو آهي ڇو ته اُهي ٻوليءَ جي تاريخ سان لاڳاپيل هونديون آهن. انهن نقشن سان گڏ اهڙا ڪتابڙا به  تيار ڪبا آهن، جي انهن نقشن ۾ به درج ٿيل نشانن جي وضاحت ڪندا آهن. ڪن نقسن ۾ لساني ليڪون (Isoglosses) درج ٿيل هونديون، جيڪي امتيازي شباهتن وارن هنڌن کي پاڻ ۾ لائينديون آهن. اُهي لساني ليڪون جيڪي گڏوگڏ هڪ طرف هلن. سي هڪ وڏي تاريخي ڪارروائي جي ثابتي ڏينديون آهن (10). ازانسواءِ اُها لساني ليڪ، جا ساري ايراضيءَ کي ذري گهٽ ٻن هڪجيڏن حصن ۾ ورهائي يا هڪ ڪافي حصو ڏيکاري، سا انهيءَ لساني ليڪ کان زياده اهميت واري هوندي آهي جا ڪن ڳوٺن واري حصي کي ڦِري ايندي آهي(11). ان مان ثابتي ملي ٿي ته ان رستي تان ملڪ جي آفدرفت گهڻي ٿي آهي. ڪي نقشا رڳو شباهتن جون ايراضيون ڏيکارينديون آهن.

سنڌي زبان جي لساني جاگرافي تي اڄ تائين تِر جيترو به تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي، تنهن ڪري اُن تي روشني وجهي نٿي سگهجي.

حوالا

(1)  Robert A. Hill: Introductory Linguistics, P.

(2) R. H. Robins: General Linguistics. P. 51

(3) E. H. Sturtevan: Linguistice Change, Phoenix Books, Chicago, 1962, p. 156

(4) L. Bloomfield: Language, P. 322

(5)  Ibid, P. 322

(6) Ibid, P. 328

(7) Ibid, P. 345

(8) اسٽرٽونٽ جو ڪتاب : ص _ 149

(9) بلوم فيلڊ جو ڪتاب : ص _ 303

(10)         بلوم فيلڊ جو ڪتاب : ص _ 345

(11)           بلوم فيلڊ جو ڪتاب : ص _ 343

باب ستون

 

تاريخي ۽ تقابلي لسانيات

(Historical and Comparative Linguistics)

پهرئين باب کان سواءِ ٻئين باب کان وڍي ڇهين باب تائين لسانيات جي جن شاخن کي بيان ڪيو ويو، تن جو تعلق بياني لسانيات سان آهي. اِها لسانيات، ٻولين جو جائزو هڪ خاص دور ۾ وٺي ٿي، پوءِ اُهو دور حال جو هجي يا ماضيءَ جو، جيئن پهرئين باب ۾ ٻڌايو ويو آهي [ص _ 23]. جڏهن اِها لسانيت ڪنهن ٻوليءَ بابت پنهنجو ڪم  ختم ڪري ٿي، تڏهن لسانيات جون ٻيون شاخون، تاريخي ۽ تقابلي، پنهنجو ڪم شروع ڪن ٿيون. تاريخي لسانيات ۾ خاص ٻوليءَ جي مختلف دورن کي پاڻ ۾ ڀيٽي ڏسبو آهي ته معلوم ٿئي ته ٻوليءَ جي مختلف دورن ۾ تبديليون ڪهڙيون ۽ ڪيئن پيدا ٿيون. ازانسواءِ ٻوليءَ جو پڻ بنياد به ڳولي لهبو آهي. ٻوليءَ جي پيڙهي پٽي ڏسڻ لاءِ لازمي آهي ته اُن جي رشتيدار ٻولين جو به ڀيٽي جائزو وٺجي اِهو  ڪم وري تقابلي لسنيات جو آهي. تنهنڪري تاريخي لسانيات لاءِ  تقابلي لسانيات، خود تاريخي لسانيت جو جزو آهي ڇو ته هڪ ٻوليءَ جي دورن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ٿئي ٿي (ص_ 24).

تاريخي لسانيات اول اول ٻوليءَ جي مختلف دورن ۾ تبديلين جا اسباب ۽ قسم معلوم ڪري ٿي. هر ٻوليءَ جي هيءَ خصوصيت آهي ته هڪ جاندار شيءِ وانگر پئيگهٽي وڌي ۽ تبديل ٿئي (ص 17). بلڪه جاندار شين وانگر ٻوليون ڄمن، وڌن ويجهن ۽ مرن ٿيون. سندن عمريون ننڍيون وڏيون ٿين ٿيون. انهن سڀني ڳالهين لاءِ قدرتي ۽ اُصولي اسباب آهن، جن کي ڳولي لهڻ لسانيات جي شاگرد لاءِ اشد ضروري آهي.

لساني تبديلين جا اسباب:- جتي جتي هڪ لساني قوم جو سماجي اتحاد قائم رهي ٿو، اتي هڪٻئي سان لهه وچڙ سبب ٻوليءَ جا مقامي تفاوت ايترا وڏا ڪو نه ٿا ٿين جو هڪ خِطي جا ماڻهو ٻئي خطي جي ماڻهن جي ٻوليءَ کي سمجهي نه سگهن. اهڙيءَ  حالت ۾ هڪ ئي ٻولي مقامي تفاوتن سان رهندي. هڪ دفعو اهو ايڪو ٽٽو ته پوءِ ان زبان جي مختلف مقامي محاورن ۾ فرق ويندو وڌندو، تان جو ڪجهه عرصي کان پوءِ اُهي سڀ الڳ زبانون ٿي پونديون (1) . عربي زبان عربستان مان اُٿي ۽ عراق، شام، مصر، ٽرپولي، ٽيونس، الجيريا کان ٿيندي موراڪو تائين پکڙجي ويئي. هيترين صدين گذرڻ کان پوءِ به انهن ملڪن جي عربي زبان اڄ تائين قائم آهي، اگرچ منجهن مقامي تفاوت موجود آهن. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته انهن ملڪن ۾ عرب گهڻي تعداد ۾ وڃي وسيا ۽ هڪٻئي سان لهه و چڙ ۾ رهندا آيا ۽ پنهنجو عربي سماج وارو اتحاد قائم رکيائون، توڙي کڻي سياسي، طرح سان پاڻ ۾ وڙهندا آيا.جيستائين رومن سلطنت قائم رهي، تيستئين لاطيني زبان فرانس کان وٺي اٽلي تائين قائم هئي، اگرچ ان ۾ مقامي تفاوت هئا، جڏهن اها سلطنت ختم ٿي ويئي ۽ هڪ ٻئي سان الڳ لاڳاپا ختم ٿي ويا، تڏهن اهي مقامي ٻوليون ڦرنديون گهرنديون هاڻي فرينچ، اسپيني پرتگالي ۽ اتالوي زبانون ٿي پيون آهن. آڳاٽا ڊچ، هالنڊ مان نڪري وڃي ڏکڻ آفريڪا ۾ رهيا ۽ اُتي سندن زبان ايڏي ته ڦري ويئي جو اڄ اها افريڪان سڏجي ٿي. ان جو سبب اِهو هو جو سندن لڳ لاڳاپو هالينڊ سان ٽٽي ويو. انگريزي زبان انگلينڊ کان ٻاهر آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ رائج ٿي ۽ انهن سڀني ملڪن جي انگريزي زبان ۾ مقامي تفاوت آهن، مگر اهي ايڏا وڏا نه ٿيا جو نيون زبانون پيدا ڪري سگهن ها، ڇو ته انهن جي وچ ۾ لهه وچڙ رهندي آهي.

هيءَ حقيقت آهي ته زبانن ۾ وقت بوقت ڦيرا پيا پيدا ٿين، جن جا سمورا اسباب چڱيءَ طرح معلوم ٿي نه سگهيا آهن، مگر اهي ٻن قسمن جا ضرور آهن: هڪڙا ٻاهرين اثرن وارا ۽ ٻيا اندروني عمل (Processes) وارا (2).  ٻاهريان اثر اهي آهن، جيڪي مختلف ٻولين جي ماڻهن جي وچ ۾ لهه و چڙ سببان پيدا ٿين ٿا. اِها لهه وچڙ سياسي انقلاب سببان به ٿي سگهي ٿي، جهڙوڪ هڪ قوم ٻيءَ قوم تي فتح پائي، انهن تي پنهنجي زبان مڙهي.اها لهه وچڙ ثقافتي انقلاب سببان به ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ مذهبي ۽ علمي انقلاب به اچي وڃي ٿو. اها لهه وچڙ ڀر وارن ملڪن جي ماڻهن سان آمدرفت جي ڪري به ٿئي ٿي، جن جي ٻولي ٻي هوندي آهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن ماڻهو ٻي ٻولي سکن ٿا تڏهن ان زبان جون  مخصوص عادتون پرائين  ٿا. خود فاتح قوم جا ماڻهو مقامي ماڻهن سان لهه وچڙ سببان انهن جا لساني اثرات جهٽين ٿا. اهي عادتون ۽ اثرات پيڙهي به پيڙهي پوين کي ورثي ۾ ملندا رهن ٿا، تان جو ڪجهه مدت کان پوءِ منجهن گهر ڪري وڃن ٿا ۽ اصلوڪن عادتن سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. انهيءَ کي اندروني عمل وارو سبب سڏجي ٿو. عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌي زبان ۾ [خ، غ، ز ۽ ف] جا آواز ڪو نه هئا، تنهن ڪري انهن جي اچڻ کان پوءِ سنڌي خاص کي [کاس]، غلام کي [گلام]، زبان کي [جبان] ۽ فڪر کي [ڦڪر] ڪري اچارڻ لڳا ۽ اڄ تائين ڪي ڪي ماڻهو ائين اچاريندا آهن. مگر پوءِ درجي بدرجي انهن آوازن جون عادتون پيدا ٿي ويون ۽ هاڻ اسان ۾ گهر ڪري ويون آهن. منهنجي تحقيق موجب ويدڪ آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌي زبان ۾ [ب، د، ڊ، ج ۽ گ] آواز ڪو نه هئا ۽ انهن جي بجاءِ [ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ] آواز استعمال ٿيندا هئا. سنڌي زبان جي اها خصوصيت اڄ به ڪڇي ٻوليءَ ۾ موجود آهي جو  بئَٽ کي چون /ٻئٽ/، ڊپارٽمينٽ کي چون /ڏپارٽمنٽ/، جيل کي چون /ڄيل/ ۽ گو کي چون /ڳو/. اها اسان جي پراڻي لساني عادت، آرين جي اچڻ کان اڳ جي آهي. انهن آرين سان لهه وچڙ کان پوءِ اسان آهستي آهستي /ب، د، ڊ، ج ۽ گ/ آوازن جون عادتون پيدا ڪري ورتيون، جي اڄ تائين اسان ۾ موجود آهن.

لساني تبديلين جا قسم:- ٻولين ۾ جيڪي تبديليون پيدا ٿين ٿيون سي چئن قسمن جون آهن: (1) لغوي، (2) معنوي، (3) آوازي يا صوتي، (4) صرفي نحوي.

(1) لغوي تبديليون: هر ٻولي جاندار جسم وانگر پئي وڌي گهٽي. وڌڻ صحتمند زندگيءَ جي نشاني آهي ۽ گهٽجڻ بيماريءَ جي نشاني آهي، جا آخرڪار موت سان ملائي ٿي، جنهن ٻوليءَ ۾ لفظ وڌندا رهن ٿا، سا زندگيءَ جي راهه تي آهي ۽ جنهن جا گهٽجن ٿا، سا موت ڏانهن منهن رکي ٿي. اهڙيءَ ڪا به ٻولي ناهي، جنهن جا لفظ نه مرندا هجن. مرن ضرور ٿا، مگر ساڳئي وقت ڄمن به ٿا. زندهه ٻولين ۾ لفظن جو ڄم، موت کان مٿي هوندو آهي. هر جاندار جسم جا پراڻا جزا سڙي ڳري ختم ٿي ٿا وڃن ۽ منجهس نوان جزا جهجهي تعداد ۾ پيدا ٿا ٿين. زندهه ٻوليءَ جو به اهو ئي حال آهي. سندس هڪڙا لفظ مرن ٿا ته ان جي جاءِ تي ٻيا گهڻا لفظ پيدا ٿين ٿا، جيڪي شيون ۽ ريتيون رسمون استعمال کان خارج ٿي وڃن ٿيون تن سان لاڳاپيل لفظ به استعمال ٿيڻ بند ٿي ٿا وڃن ۽ پوءِ مريو وڃن. مثلاً انگريزن جي اچڻ کان اڳ  جنهنجڳهه ۾ چورن کي بند ڪيو ويندو هو تنهن کي ترم چوندا هئا. پوءِ ان جو استعمال بند ٿي ويو ۽ ان بجاءِ جيل استعمال ٿيو ته ترم لفظ مري ويو ۽ جيل لفظ اڃا تائين جيئرو آهي. هن وقت خانبهادر، راءِ بهادر ۽ راءِ صاحب جهڙا لقب بند ٿي ويا آهن ته اهي لفظ به مري ويا آهن. سنڌ  جا هندو هاڻي نڪو بهراڻو ڪڍن ۽ نه وري ڀڳت ئي وجهن، تنهن ڪري يقين آهي ته اهي لفظ به ستت ئي مري ويندا. اسڪولن ۽ ڪاليجن سان گڏ مڪتب  ۽ مدرسا به قائم رهيا ته اهي لفظ مرڻ کان بچي  ويا آهن. انگر کو ۽ بوڇڻ هن وقت بنهه ڪم ڪو نه اچن ته اهي لفظ به مري ويا آهن. ناٽڪ گهر ڪونهي ته اهو لفظ به مري ويو آهي.

ڪي لفظ فصيج ۽ سليس نه هئڻ سببان گهٽ استعمال ٿيندي ٿيندي مري ويندا آهن. ”مڇڻ“ لفظ فصيح ناهي تنهن ڪري اُهو بدلجي ’متان‘ ٿي پيو آهي. ’ٽنگ‘ کان ’سوراخ‘ لفظ وڌيڪ فصيح آهي، تنهن ڪري ’ٽنگ‘  گهٽ استعمال ٿيندي مري ويندو. ’حرارت‘ کان ’تپ‘ لفظ وڌيڪ سولو آهي ۽ ’جهيڻي‘ کان ’هلڪو‘ يا ’سنهو‘ وڌيڪ فصيح آهي، تنهن ڪري ’سنهو تپ‘ يا ’هلڪو تپ‘ عام استعمال ۾ آهي ۽ ’جهيڻو تپ‘ تام گهٽ استعمال ٿئي ٿو.

جيئن ڪن شين ۽ ريتن رسمن جي استعمال نه ٿيڻ سببان انهن سان لاڳاپيل لفظ مري وڃن ٿا تيئن نين شين ۽ نين ريتين رسمن جي پيدا ٿيڻ سان انهن سان لاڳاپيل لفظ به وجود ۾ اچن ٿا، جيئن ته ريڊيو، ائٽم بم، جيپ، موٽر، ٽيليويزن، سئنيما، پستول، ريل ڪار، ڊانس، پڪنڪ، اسٽرائيڪ، پارٽي، ڪيڪ، ڪوڪا ڪولا، ڪلب، ريس (گهوڙن واري) سيڪريٽري وغيره. لسانيات جي عالمن تحقيقات ڪري ٻولين ۾ نون لفظن پيدا ٿيڻ جا چار طريقا ٻڌايا آهن (3).

(1)  موجوده لفظن کي پاڻ ۾ ملائڻ وارو،

(2) موجوده لفظن مان ڦٽل لفظن پيدا ڪرڻ وارو،

(3) ڌارين ٻولين مان اڌارن لفظن وٺڻ وارو،

(4) بلڪل نون لفظن پيدا ڪرڻ وارو.

پهرئين طريقي موجب ڪن به ٻن يا ٽن لفظن کي ملائي مرڪب لفظ ٺاهبا آهن، جيئن ته علم دوست، اچ وڃ، اٿ ويهه، نماشام، هٿڪڙي، توشاخانو، ڪتاب گهر، رحمدل، دستخط، خير خواهه، نَڪ بنو، اڳڪٿي وغيره. انهيءَ طريقي موجب هڪ لفظ پنهنجي ٻوليءَ جو ۽ ٻيو لفظ ڌارين ٻوليءَ جو پاڻ ۾ ملائي به مرڪب لفظ ٺاهبو آهي، جيئن ته ريل گاڏي، آگبوٽ، مِل مالڪ، جيڪب آباد جيمس آباد، ڀلنامون، گربخش، خانچند، قيمتراءِ، پوليس کاتو  وغيره. اهڙن لفظن کي گڊا لفظ سڏبو آهي.

ٻئي طريقي موجب بنيادي لفظن ۾ جوڙ ملائي نوان لفظ ٺاهبا آهن جيئن ته پٽ مان ڦُٽائتو، پُٽيتو، پٽيلو؛ اڇو مان اڇاڻ، اڇائي؛ باغ مان باغائي، باغيچو، هلڻ مان هلڻي، هلت، هلان؛ ڪم مان ڪمائي، ڪمت، ڪامي، ڪمائتو، نڪمو وغيره. انهيءَ  ساڳئي طريقي موجب ڌارين لفظن کي پنهنجا جوڙ ملائي به نوان لفظ ٺاهبا آهن، جيئن ته قطار مان قطارڻ، قطاريل؛ بخش مان بخشڻ ۽ بخشيل، ڪاليج مان ڪاليجي؛ اسڪول مان اسڪولي؛ ميمبر مان ميمبري؛ فلم مان فلمائڻ، فلمي، نشان، مان شانائتو وغيره. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا پراوا جوڙ، پنهنجن پراون لفظن سان ملائي به نوان لفظ ٺاهبا آهن، جيئن ته بي نڪو، بي لڄو، نمبروار، نمبردار، صاحبڏنو، بي لِسٽيو [ جنهن جو لسٽ ۾ نالو نه هجي]، فلمساز وغيره اهي به گڊا لفظ سڏبا آهن.

ٽئين طريقي موجب ٻين ٻولين مان لفظ وٺبا آهن ۽ انهن کي پنهنجي لساني عادتن موجب بدلبو آهي، جيستائينڪ اصلوڪي اچار جي عادت پيدا ٿي پوي، جيئن ته ’ديده دانسته ۽ ديناداستي‘ ’تهويذ ۽ تائيٿ‘، ’جل ۽ جر‘، ’عبدالرحيم ۽ اڌريم‘، ’لڪشمن ۽ لڇمڻ‘، ’السلام عليڪم ۽ سلاماليڪم‘،  ’وعليڪم السلام ۽ ماليڪم سلام‘، ’لارڊ ۽ لاٽ‘، ’مئجسٽريٽ ۽ ماجريٽ‘، ’ووٽ ۽ وئونٽ‘، ’مارڪيٽ ۽ مالڪيٽ‘، ’گڻ ۽ ڳڻ‘، ’ساجن ۽ سڄڻ‘ وغيره.

چوٿين طريقي موجب قوم جا مفڪر، داناءَ ۽ عالم نوان لفظ ٺاهيندا آهن جيئن تازو ’لائوڊ اسپيڪر‘ لاءِ ’گونجارو‘، ’ايڪس ري‘ لاءِ ’عڪس ريز‘، ’وٽئنس‘ لاءِ ’حياتيات‘، ’ائڪٽر‘ لاءِ ’اداڪار‘، ’آرٽسٽ‘ لاءِ ’فنڪار‘، ’ڌارين ٻوليءَ مان ترجمو ڪري سنڌي ۾ آڻيندڙ‘ لاءِ ’سنڌيڪار‘، ’بئراميٽر‘ لاءِ ’مينهن ماپو‘، ’بئنڪنگ‘ لاءِ ’بئنڪاري‘ ۽ ’آٽو ميٽڪ‘ لاءِ ’خودڪار‘ لفظ بنايا ويا آهن. خود لسانيات جي ڪيترن اجنبي فني لفظن لاءِ مناسب سنڌي لفظ هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. ائين مختلف علمن ۾ نوان نوان لفظ پيدا ٿيندا آهن ۽ اهي ڌارين لفظن جي جڳهه والاريندا آهن، بشرطيڪ اُهي فصيح هجن ته  هلي سگهن. خوددار قومون جرمن قوم وانگر پنهنجن ٺاهيل لفظن کي استعمال ڪرڻ ۾ فخر وٺنديون آهن.

معنوي تبديليون: جيئن زندگيءَ جو طور طريقو ويندو آهي بدلبو، تيئن ٻولي به ويندي بدلبي. نه رڳو ان ۾ نوان نوان لفظ پيدا ٿين ٿا پر موجوده لفظن جون نيون معنائون به وينديون آهن پيدا ٿينديون. لفظن جي معنائن ۾ جيڪي ڦيرا اچن ٿا، تن سڀني جا اسباب معلوم ٿي نه سگهيا آهن، مگر معنائن ۾ جيڪي تبديليون اچن ٿيون، تن جا ٽي قسم معلوم ٿيا آهن[4] هڪڙيون تبديليون اُهي آهن جن ۾ معنيٰ جو ميدان ڪشادو ڪيل هوندو آهي؛ ٻيون اُهي آهن جن ۾ معنيٰ جو دائرو گهٽيل هوندو آهي ۽ ٽيون اُهي آهن جن ۾ معنيٰ ۽ مطلب مٽيل هوندو آهي.

ڪيترا لفظ اهڙا آهن جي  پنهنجي اصلوڪي معنيٰ سان گڏ نئون مطلب به پيدا ڪندا آهن [5]. مثلاً آڳاٽي زماني ۾ لکڻ لاءِ ڪانهه يا سَر جي تيلي کي ڪپي قلم ٺاهيو هو. ’قلم‘ جي اصلوڪي معنيٰ به خود ’ڪپڻ‘ آهي. پوءِ لوهي نب لکڻ لاءِ ٺهيا، جي انگريزن آندا، ته اُن کي انٽيل پين سان گڏ قلم به سڏيو ويو ۽ هاڻي انڊ پين کي پين ۽ قلم به سڏيو وڃي ٿو. هن وقت سنڌيءَ ۾ قلم جون ٻه معائون آهن؛ هڪڙي، اُها لکڻ جي شيءَ، جنهن ۾ مس ڪم اچي؛ ۽ ٻي، ٻوٽي جي سنيهن ٽاريءَ جو ڪپيل ٽڪر، جو زمين ۾ پوکڻ لاءِ هنيو وڃي. ساڳي طرح ڏندڻ جون به ٻه معنائون آهن. پٽ، سڳي پٽ کي چئبو آهي ۽  پيار مان ٻئي ڪنهن به ٻار کي چئبو آهي. مومن، ديندار کي به چئبو آهي ۽ ڪم عقل کي به. اک سان اشاري ڪرڻ کي به ’اک هڻڻ‘ چئبو آهي ۽ ٻوٽي جي گوشي واري هنڌ کي ڪپي، ٻئي ٻوٽي جي ٽاريءَ ۾ هڻڻ کي به چئبو آهي. اهڙي نموني ڪيترائي لفظ آهن، جي اصلوڪي حقيقي معنيٰ به رکن ٿا ۽ ٻي مجازي به، جيئن ته؛ بک، اڃ، دل، دماغ، جگر، هٿَ، پيرَ، گڏهه، ڍڳو، بگهڙ، شير، سهي جي کل، باهه، پاڻي، سج، چنڊ، نور، استاد، ٻانگ، ٻرو، ڀاڻ وغيره. هنن لفظن تي  غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته معنيٰ جي وسعت پيدا ڪرڻ لاءِ لفظن کي استعاري (Metaphor) طور ڪم آندو ويندو آهي. ائين خاص ماڻهن جا نالا به عام طور ڪم ايندا آهن. جهڙوڪ مجنون، نادر، حاتم، گامون سچار، رستم، پنهل، مارو، ميهار وغيره.

ڪن لفظن جي معنيٰ جو دائرو ڪافي مدت کان پوءِ تنگ ٿي ويندو آهي؛  مثلاً ’حيوان‘ لفظ جي اصلي معنيٰ آهي حياتي رکندڙ، جنهن معنيٰ ۾ ننڍڙو ساهوارو ۽ انسان به اچي وڃي ٿو. مگر هاڻي معنيٰ اٿس چوپايو جانور، ’جيت‘ لفظ جي اصلي معنيٰ آهي جياپو رکندڙ جنهن معنيٰ ۾ حيوان ۽ انسان به اچي وڃي ٿو؛ مگر هاڻي معنيٰ اٿس تمام ننڍڙو ساهوارو ’شراب‘ لفظ جي اصلي معنيٰ آهي پيڻ جي شيءِ  مگر سنڌيءَ ۾ معنيٰ اٿس نشو ڪندڙ پاڻي، جو ميون، ٻچن، وڻن وغيره مان ٺاهيو ويندو آهي.

ڪيترا لفظ اهڙا به هوندا آهن جي پنهنجي اصلوڪي معنيٰ وڃائي ويهندا آهن ۽ نئين معنيٰ حاصل ڪندا آهن؛ مثلاً ’ڪسبياڻي‘ لفظ جي اصلوڪي معنيٰ آهي پورهيو ڪندڙ زال، ڪاسبي معنيٰ پورهيو ڪندڙ مرد، ان جو مؤنث آهي ڪاسبياڻي، جو ڦري ٿيو آهي ڪسبياڻي. ان لفظ جي هاڻي بري معنيٰ آهي يعني برو ڪم ڪندڙ زال ماڻهو. غريب لفظ جي اصلي معنيٰ آهي عجيب ۽ اڻلڀ؛ انهيءَ معنيٰ ۾ هاڻي به ’عجيب‘ لفظ سان گڏجي ڪم ايندو آهي يعني عجيب و غريب. مگر اڪيلي حيثيت  ۾ سندس معنيٰ آهي مسڪين ۽ مفلس يا لچائي نه ڪندڙ. ڪي لفظ اهڙا به هوندا آهن جن جو بنياد ساڳيو هوندو آهي مگر انهن مان هڪ بُري معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي ۽ ٻيو سٺي معنيٰ ۾؛ مثلاً ڀاڙو ۽ ڀاڙ، جي ڀاڙڻ مان نڪتا آهن، تن مان هڪ جي معنيٰ  ڪِرايو آهي ۽ ٻئي جي معنيٰ رشوت آهي اِهي لفظن جون معائون ئي آهن جن مان قوم جي سماجي، ثقافتي ۽ ذهني حالتن جو پتو پوندو آهي.

آوازي يا صوتي تبديليون:- لسانيات جي عالمن کوجنا ڪري ڏٺو آهي ته  لفظن ۾ جيڪي آوازي تبديليون ٿين ٿيون  سي ٽن قسمن جون ٿين ٿيون (5) 1) هڪڙن لفظن مان ڪو آواز گم ٿي ويندو آهي. 2) ڪن لفظن ۾ ڪو نئون اواز پيدا ٿي پوندو آهي. 3) ڪن لفظن ۾ هڪ آواز ٻئي آواز ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. اِهي تبديليون ڄاڻي ٻجهي نه ٿيون آنديون وڃن مگر احساس کان سواءِ پيدا ٿين ٿيون. والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ اچار جو اڻلکو تفاوت ضرور ٿئي ٿو، جو ڪن پيڙهين کان پوءِ نمايان ٿيو پوي. تحرير جي طرز کي به ان ۾ وڏو دخل آهي. اسان جي ٻولي عربي صورتخطي ۾ لکي ٿي  وڃي، جنهن ۾ زيرون زبرون ۽ پيشَ سڀڪنهن لفظ تي ڪم نٿا اچن. نتيجو اِهو نڪتو آهي جو اُهي لفظ، جيڪي ٻُڌا نه ٿا وڃن مگر پڙهيا وڃن ٿا، تن جي زير زبر ۽ پيش وارن آوازن ۾ فرق اچيو وڃي. اِهي عادتون ڪچي وهيءَ ۾ ئي پيدا ٿي وڃن ٿيون ۽ پوءِ وڏي هوندي پڪيون ٿيون وڃن ۽ پونيرن کي ورثي ۾ مليو وڃن. اَچارَ جيئن ٻين کان ٻُڌجن ٿا تيئن جهٽجن ٿا ۽ پوءِ استعمال سببان پڪاٿي ٿا وڃن. لڏپلاڻ سببان مختلف  ٻولين جو آدم، جڏهن هڪٻئي سان رل مس ٿئي ٿو تڏهن لساني عادتن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي، جنهن ۾ اچار به اچي ٿا وڃن. ڪن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي آبهوا جو ٻوليءَ جي آوازن تي اثر پوي ٿو. اِهو غلط آهي. اُچارڻ واريون  عادتون جيستائين ڪچيون آهن، تيستائين ساڳي آبهوا ۾ تربيت سان به بدلجي وڃن ٿيون ۽ جڏهن پڪيون ٿي ٿيون وڃن، تڏهن آبهوا جي  تبديل سان به بدلجن  نه ٿيون. ٻار، چاهي ڪٿان جو به هجي، جنهن لسني ماحول ۾ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تنهن جون عادتون پرائي ٿو. گهر جو ماحول سڀ کان وڏو اثرائتو آهي، ان کان پوءِ اوڙي پاڙي جو، ان کان پوءِ اسڪول ۽ تربيت گاهه جو ۽ آخر ۾ شهر ۽ ڳوٺ جو.اُهي مهاجر جيڪي وڏي عمر ۾ هت آيا آهن سي سولائيءَ سان سنڌي سکي نه سگهيا آهن، مگر سندن اولاد سنڌي ماحول ۾ پيدا ٿيڻ ۽ پلجڻ سان جهٽ نج سنڌي زبان۽ ان جا آواز سکي ويو آهي. وڏن شهرن ۾ جتي جتي اِهو ماحول گهٽ آهي اُتي هو سنڌي سکي نه سگهيا آهن. اسان سنڌين کي گهرجي ته وڏن پوڙهن کي ڇڏي، سنڌ ۾ آيل ٻين سڀني مهاجرن سان، دڪاندارن سان، واپارين سان، پاڙي وارن سان، ٽانگي وارن سان، مطلب ته سڀني سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪريون ته سنڌي سکي وڃن. عرب آيا ته عربي درجي بدرجي ڇڏي ڏنائون؛ ائين ارسي ۽ بلوچي زبانون به  هت بند ٿي ويون. ٻي ڪارآمد زبان سکڻ سٺي ڳالهه آهي مگر ان کي روزمره جي ٻولي نه بنائجي. روزمره جي زبان فقط مادري زبان هئڻ گهرجي. ٻار جي موثر تعليم به مادري زبان ۾ ٿي سگهي ٿي. اِهو تعليمي  نفسيات جي عالمن جو فيصلو آهي.

لسانيات جي عالمن ڏٺو آهي ته ڪي آواز ڪن لفظن مان ڪڏهن نه ڪڏهن گم ٿي وڃن ٿا. پَٽڙن آوازن مان [ر] آواز اهڙو آهي. اِهو آواز جڏهن به پد جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو ته گم ٿي سگهندو؛ مثلاً ’برپا‘ مان ’بپا‘، ’گرڀ‘ مان ’ڳڀ‘، ’ڪرشن‘ مان ’ڪشن‘، ’ڀينر‘ مان ’ڀيڻ‘. [ر] جو اهو گهڻو ڪري دنيا جي سڀني ٻولين ۾ آهي. معياري انگريزي موجب هيٺين لفظن ۾ [ر] جو آواز ٿئيئي ڪونه:-

Chair, Care, There, Cargo etc.

ڪڏهن ڪڏهن اُچارجي آساني خاطر يا ڪم ڪوشش جي ڪري، ڪي آواز لفظن مان گم ٿي ويندا آهن؛ جيئن ته ’مزدور‘ مان ’مزور‘، ’ڏاتر ڏنو‘ مان ’ڏاترنو‘، ’درياء‘ مان ’دريا‘، ’شفاء‘ مان ’شفا‘، ’الله‘ مان ’الا‘، ’شهنشاه‘ مان ’شهنشا‘، ’رياءَ‘ مان ’ريا‘، ’ابراهيم‘ مان ’براهيم‘، ’جڏهين‘ مان ’جڏهن‘ يا ’جڏ‘، ’تڏهين‘ مان ’تڏهن‘ يا ’تڏ‘، ’الا ماشاءَ الله‘ مان ’الا ماشي‘، ’انشاءَ الله‘ مان ’شال‘ يا ’شل‘ وغيره.

جيئن لفظن مان ڪي آواز گم ٿي ٿا وڃن تيئن ڪي وڌيڪ آواز به پيدا ٿين ٿا؛ جيئن ته ’سُڪول‘ مان ’اسڪول‘، ’سٽيشن‘ مان ‘ٽيشن‘ يا اسٽيشن وغيره. وڌيڪ آوازن جو پيدا ٿيڻ تمام ٿورو ٿئي ٿو.

آوازي يا صوتي تبديليءَ جو مکيه قسم اُهو آهي جنهن ۾ هڪ آواز ٻئي آاز سان تبديل ٿي سگهي ٿو. اِها تبديل نهايت منظم آهي مثلاً

1)           ڊگها سُر، ڇوٽن سُرن ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا، جيئن ته ’اوستاد‘ مان ’استاد‘، ’الله‘ مان ’الهه‘، ’بيکاري‘ مان ’بکاري‘، ’باغيچو‘ مان ’بغيچو‘، ’حجام‘ مان ’حجم‘، ’سوئر‘ مان ’سُئر‘ وغيره.

2)            ڇوٽا سُر پاڻ ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا، جيئن ته ’خصوصيت‘ مان ’خَصوصيت‘ ، ’خيال‘ مان ’خِيال‘ ، ۾ ’پَٺو‘ مان ’پِٺُو‘، ’شِفا‘ مان ’شَفا‘ وغيره.

3)            ساڳئي مخرج جا وينجن هڪٻئي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا، جيئن ته ’همت‘ مان ’همٿ‘ ، ’آقا‘ مان ’آغا‘ ، ’آگا‘ ، ’آگو‘ ۽ ’آڳو‘ ، ’مدد‘ مان ’مَدت‘ ، ’نباتات‘ مان ’نبادات‘ ’ماڻهو‘ مان ’ماڙو‘ ، ’لاڪپ‘ مان ’لاڪب‘ وغيره.

4)             قريبي مخرج وارا وينجن هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا، جيئن ته ’ڦيٿو‘ مان ’فيٿو‘، ’بڪرماجيت‘ مان ’وڪرماجيت‘، ’بس‘ مان ’وس‘. ’شمس الدين‘ مان ’شمش دين‘، ’کِکِي‘ مان ’ڇِڇِي‘ وغيره.

5)             پٽڙا آواز پاڻ ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا، جيئن  ته ’جل‘ مان ’جر‘، ’ڪلف‘ مان ’ڪرف‘، ’بالٽي‘ مان ’باڙدي‘، ’تِل‘ مان ’تِر‘، ’ڦَل‘ مان ’ڦَر‘، ’پٽيوارو‘ مان ’پٽيوالو‘ وغيره. هن قسم جي تبديل دنيا جي سڀني ٻولين ۾ عام آهي.

6)             ڄڀ جي غلطي سببان ڪي آواز پاڻ ۾ جڳهه مٽيندا آهن ان کي تقليب (Metathesis) سڏبو آهي، جيئن ته ’همراهه‘ مان ’هرماهه‘، ’پنجو‘ مان ’چنبو‘، ’مذهب‘ مان ’مهذب‘، ’بندوق‘ مان ’دنبوق‘، ’حسد‘ مان ’حدس‘، ’قفل‘ مان ’ڪلف‘ وغيره.

7)             کوٽي مشابهت (False analogy) جي بناءَ تي به ڪي شخص لفظنجون غلط صورتون بنائيندا آهن، جيئن ته ’سوالات، جوابات‘ جي نموني تي ’جلاب‘ جو ’جلابات‘ ’حساب‘ جو جمع ’حسابات‘، ’ڪتاب‘ جو جمع ’ڪتابات‘ ، ’علاج‘ جو جمع ’علاجات‘ ٺاهيندا آهن.

صرفي نحوي تبديليون:- جيئن وقت گذرڻ بعد ٻولين ۾ صوتي، معنوي وغيره تبديليون پيدا ٿين ٿيون، تيئن ان ۾ صرفي نحوي تبديليون به پيدا ٿين ٿيون. اِهي ٻن قسمن جون هونديون آهن: هڪڙيون اُهي  آهن، جيڪي ٻولين جي طبعي لاڙن ۽ ارتقا موجب پيدا ٿينديون آهن ۽ ٻيون اُهي، جيڪي ٻين ٻولين جي اثرن موجب پيدا ٿينديون آهن. شاهه صاحب ڀٽائي (رحمتہ الله عليہ) جي وقت ۾ جيڪا سنڌي هئي سا اڄ ناهي. ان وقت جون ڪي ڪي صرفي نحوي خصوصيتون اڄ ناهن؛ مثلاً ان وقت زمان مضارع، زمان حال مدامي جو ڪم ڏيندو هو. جيئن ته

سوري سينگاري اصل عاشقن کي.

اتي ’سينگاري‘ جي معنيٰ ’سينگاريندي آهي‘ . اڄڪلهه زمان مضارع، گهڻو ڪري زمان حال مدامي لاءِ ڪم نه ٿو  اچي سواءِ چوڻين ۾، جيئن ته ”رب جياري رب ماري“ يا ”نانءَ ڇڙهيو واپاري کٽيو کائي“. اهي چوڻيون پراڻي زماني کان هلنديون اچن ٿيون تنهنڪري منجهن اها پراڻي صرفي صورت هلندي اچي.  اُن وقت جون ٻيون پراڻيون صرفي صورتون هي آهن: -

ڪِيام = ڪَيم = مون ڪيا

ٿِيام =  ٿِيم = مون کي ٿيا

چايائين = چوايائين

نائِين = نائين ٿو يا نِوائين ٿو

آڻيو = آڻي

هوءِ = هجي

ڪُهَنِهون = اسان کي ڪُهن

جيون = جون (حرف اضافت)

ڏٺوءِ = ڏِٺُء = تو ڏٺو

سيڻان = ساڻن  = انهن ساڻ

ائين ٻيون ڪيتريون ئي صرفي صورتون شاهه جي رسالي ۽ ٻين جهونن ڪتابن ۾ آهن جي هن وقت رائج ناهن.

لسانيات جي عالمن کوجنا ڪري ڏٺو آهي ته جن ٻولين جهونن ڪتاب ۾ آهن جي هن وقت رائج ناهن.

لسانيات جي عالمن کوجنا ڪري ڏو آهي ته جن ٻولين ۾ هاڻي حرف جر جا لفظ آهن، سي ڪنهن زماني ۾ اڳي لاڳاپيل لفظن سان شامل هئا ۽ انهن ۾ سمايل هئا. سنڌي زبان سان به اها حقيقت لاڳو آهي، جيئن ته

ڳوٺان = ڳوٺ کان يا مان

ڳوٺئون = ڳوٺ کون يا کان

زالين مڙسين = زالن، مڙسن سان

شاهه صاحب جي زماني ۾ ’لاءِ‘ حرف جر ڪن ضميرن ۾ اندر سمايل هوندي هئي، جيئن ته

سو تون ڪڄاڙاءِ، سڪڻ جون سڌون ڪرين؟

ڪڄاڙاءِ = ڪڄاڙي لاءِ = ڇا لاءِ.

عربي ۽ فارسي زبانن جو سنڌيءَ تي ڪافي اثر آيو آهي. نه رڳو سندن گهڻا لفظ سنڌيءَ ۾ سمائجي ويا آهن، جن کي سنڌي پنهنجيءَ سٽا موجب ٽپيو آهي، پر سندن ڪجهه نحوي عمل به سنڌيءَ تي اثرانداز ٿيو آهي؛ مثلاً معياري سنڌيءَ ۾ اسين چئون ”ويس“ ۽ ”ويندس“، ته شڪارپوري چون ”ويَم“ ۽ ”ويندم“. اِتي /س/ جي بجاءِ /م/ ڪم آڻن فارسي صرف موجب آهي. ساڳي طرح سان معياري سنڌي ۽ کٽ جي جمع کڏون ٿا ڪريون مگر شڪارپوري کٽان ڪن. اِهو به فارسي جو اثر آهي.

سنڌي زبان ۾ حرف جر لاڳاپيل اسم جي پويان ايندي آهي. مگر فارسي ۽ عربي اثر موجب انهن جا حرف جر وارا لفظ اسمن جي اڳيان ڪم آڻيندا آهيون، جيئن ته دراصل في ايڪڙ، بگر (بغير) تنهنجي، پيڙهي به پيڙهي، باعزت، علي الحساب، بر زبان، بي گهر وغيره.

عربي زمان جا جيڪي اسم اسين ڪم آڻيون ٿا تن جا جمع به عربيءَ وارا ڪم آڻيون ٿا، جيئن ته سوالات، جوابات، باغات، حالات، الفاظ، افعال وغيره. ڪڏهن ڪڏهن ٻٽو عدد (نشنيه) به عربي اثر  هيٺ ڪم آڻيندا آهيون، جيئن ته دارَين، طرفَين، حرمَين، حسنَين، فريقين وغيره. ائين / وَ / کي به لفظن ملائڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهيون، جيئن ته آب و هوا، صبح و شام، سروسر، بروبر وغيره. عربي صرف موجب ڪن لفظن مان طرف جوڙي به ڪم آڻيندا آهيون، جيئن ته

لازماً = لازمي طرح سان

حقيقتاً = حقيقت ڪري

فوراً = جهٽ ڪري

جواباً = جواب طور

وڏي ڳالهه ته نون لفظن ٺاهڻ لاءِ اسين عربي ۽ فارسيءَ جا جوڙ به ڪم آڻيندا اهيون، جيئن ته بد حال، بدبخت، بدبوءِ، بي سُرو، بي گهرو، بي ڊپو، ڪم بخت، ڪم عقل، ڪمذات، لاجواب، لاعلاج، لاثاني، خود مطلب، خود غرض، خودسر، نامراد، نالائق، ناخوش وغيره.

انهن ٻنهي ٻولين جي اثر هيٺ اسين ڪيترا ڦُٽل (مُشتق) لفظ به سندن صرفيِ قاعدي موجب ٺاهيندا آهيون، جيئن ته ’صفا‘ مان صفائي، ’خدا‘ مان خدائي، ’مزور‘ مان مزوري، ’سخي‘ مان سخاوت، ’قبول‘ مان قبوليت، ’امين‘ مان امانت، ’رنگ‘ مان رنگين، ’شوق‘ مان شوقين وغيره.

ائين ٻولين جي تاريخ ۾ لساني تبديليون واقع ٿيون.

تاريخي تحقيق جو طريقو-: ٻوليون پنهنجي تاريخي دورن مان گذرندي پيون تبديل ٿين، جن جي سببن ۽ فسن جو جامع بيان ڪيو ويو. هڪ لساني سماج جي زندگيءَ ۾ جيئن جيئن پيا سماجي، سياسي ۽ ثقافتي انقلاب پيدا ٿين، تيئن تيئن ان جون لساني عادتون به وڃن ڦرنديون، جيڪي لساني لاڙن (tendencies) جو بنياد بنجن ٿيون. جڏهن ڪنهن پُر رسوخ ڌارين زبان جي اثر کي قبول ڪري، عادت بنائي، ان مطابق پنهنجي زبان جي سرشتي ۾ ڦيرو آڻبو آهي تڏهن ان کي مٿئَين طبقي (Superstratum) وارو اثر سڏبو آهي، جو پوءِ لساني لاڙو تي ڪم ڪندو آهي. جڏهن ڪا به زبان ڦرندي آهي تڏهن الڳ الڳ آوازن جو سوال ناهي جيڪي ٻين انفرادي آوازن سان تبديل ٿين ٿا، مگر ساري سرشتي جو سوال آهي، جنهن جو نمونو بدلجي وڃي ٿو ۽ جنهن جي جاءِ ٻي سٽا وارو سرشتو والاري ٿو (6). تنهنڪري ڪنهن به ٻوليءَ جي تاريخي تحقيق لاءِ ضروري آهي ته ان جي مختلف دورن ۾ ان جي سٽا جي سرشتي جو پورو پورو جائزو بياني لسانيات موجب وٺجي.

ٻوليءَ جي مختلف دورن جو پورو پورو جائزو تڏهن وٺي سگهجي ٿو، جڏهن انهن دورن جو تحريري رڪارڊ ڪافي انداز ۾ هجي. انهيءَ تحريري رڪارڊ جو لساني جائزو وٺڻ خود الڳ مسئلو آهي. تحريري رڪارڊن موجب جڏهن ٻوليءَ جي مختلف دورن ۾ ان جي سرشتن کي معلوم ڪيو ويو، تڏهن انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪبي. ان بعد ان مخصوص ٻوليءَ کي پاڙي وارين ٻولين سان ڀيٽي ڏسبو ته ان سان رشتيداري اٿس يا نه، ٿي سگهي ٿو ته انهن سان سندس رشتيداري نه به لڳي، جيئن بروهڪي ٻوليءَ کي جيڪي چوڌاري ٻوليون آهن تن مان ڪا به هڪ ٻولي سندس ڪٽنبي ڪانهي. بروهڪي ٻولي فارسي، عربي، پشتو بلوچي ۽ سنڌي ٻولين جو اثر آهي، مگر  سندس مِٽي مائٽي وڃيو دروڙي ٻولين جهڙوڪ تامل تلگو وغيره سان لڳي.

رشتيدار ٻولين سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ ٻوليءَ جي انهيءَ دور لاءِ اندروني ماز تعمير (Internal Reconstruction) ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ ڪو به رڪارڊ ملي نٿو سگهي. انهيءَ دور جي ٻوليءَ کي پروٽو (Proto) يعني اوائلي زبان يا ماءُ زبان سڏبو جنهن مان هيءَ ٻولي ڦٽي نڪتل سمجهبي.

تازو هڪ نئون علمي فن نڪتو آهي، جنهن کي ليڪسِيڪوسٽَئٽِڪس^ (Lexicostatics) يا گلَٽوڪِرانالاجي (Glottochronology) سڏجي ٿو. ان کي اسين لغوي عدد_ شمار علم سڏي سگهون ٿا.ان فني علم موجب لفظن جون عمريون معلوم ٿي سگهن ٿيون ۽ پوءِ ٻوليءَ جي قدامت (Antiquity) جو پتو پئجي سگهي ٿو.

تحريري رڪارڊن جو جائزو _; دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ٻوليون اڄ به آهن جي لکيت ۾ آيون نه آهن. جن ٻولين کي اڄ به تحرير ۾ ڪم آندو وڃي ٿو،، تن جي صحيح نمائندگي سندن تحريرون علمي طرح سان نٿيون ڪن. ان جو هڪ سبب اِهو آهي ته اِهي اول اول ڪن خاص ٻولين لاءِ ڪم آنديون ويون  هيون ۽ اُتان اُڌاري طور وٺي ترميم کان سواءِ ٻين ٻولين سان لاڳو ڪيون ويون. ان جو ٻيو سبب اهو آهي ته ٻوليون  پيون تبديل ٿين، تنهن ڪري سندن صورتخطي ۾ به ترميم ٿيڻ گهرجي؛ مگر ائين نٿو ٿئي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو گهڻو ڪري سڀ صورتخطيون لسانيات جي لحاظ کان ناقص ثابت ٿيون آهن. اها حقيقت سامهون رکي ڪري پوءِ تحريري رڪارڊن جو لسانياتي جائزو وٺن گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org