سچوءَ جي ڪلام ۾ ٻين ڪيترن ئي لفظن جي اهڙي تڪرار
يا تڪراري ڪارج جا مثال ملن ٿا: مثلاً:
مون کي آهن ياد تنهنجون ڳالهيون ڳالهيون
ڪيئن وساري تو ويهون ويهون
آهن ڪيهون اسان جون ڳالهيون
ساهه سنيون تان ياد ڪيون، سي آهي عجائب جيهون
جيهون
ڪهڙين ڳالين عاشق اسان کي، ڏک ڏوراپو ٿو ڏيهون
ڏيهون
اهي عتاب تون رکين ٿو ڪيها، پکي اسانجڙي پيهون
پيهون
هن پڄاڻؤن متان اسان تي ڳالهيون رکين تون ايهون
ايهون
’سچو‘ اسان جو تون، اسين تنهنجا ڳالهيون ٻيون
ڪيهون ڪيهون
هن ڪلام ۾ ’ويهون ويهون‘،’جيهون جيهون‘،’ڏيهون
ديهون‘،’ايهون ايهون‘ ۽ ’ڪيهون ڪيهون‘ تڪراري لفظن
جون صورتون آهن، انهن جو مطالعو ڪافي دلچسپ آهي.
اهڙيءَ طرح هن ڪلام ۾ لفظن جو تڪراري ڪارج ڪيڏو نه
دلچسپ آهي؛ مثال طور:
ڳوٺ ساري جون ڳليون ڳليون وو، نت ڏسڻ ۾ مون کي
آئيون
رت روئڻ کؤن، اهي اکڙيون ڪين سي جهلجن جهليون
جهليون
ڪيچيئڙن جون وري قطارون، هيڏي ٻڌيونسين هليون
هليون
سي نه وسرن ڳالهيون اُهي، يار سڄڻ جي تو سليون
سليون
چاڙهيئي اسان تي درد فراق جون، ڇوهه ڏاڍي مؤن
ڇليون ڇليون
روز ازل کؤن ڪيَو ”سچوءَ“ سان، يارَ ڀلا، ڪيئي
ڀليون ڀليون
هن ڪلام ۾ ’ڳليون ڳليون‘’جهليون جهليون‘،’هليون
هليون‘،’سليون سليون‘،’ڇليون ڇليون‘ ۽ ’ڀليون
ڀليون‘ لفظن جون صورتون وياڪرڻي مطالعي طرف ڌيان
ڇڪائن ٿيون.
سنڌي زبان جي شاعرن پير صدرالدين، قاضي قاضن، شاهه
ڪريم، مخدوم نوح ۽ شاهه لطيف وانگر سچل جي ڪلام ۾
به ضمير متصل جو مطالعو به توجہ طلب آهي. قاضي
قاضن جي ڪلام ۾ هيٺين مصرع ۾ ضمير متصل جي ڪارج جو
جائزو، وياڪرڻ جي روشنيءَ ۾ وٺڻ گهرجي. قاضي صاحب
فرمائي ٿو:
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾.
هن مصرع ۾ شايد ’هوس‘ لفظ سان قافئي ملائڻ لاءِ
’جاڳايوس‘ قافيو ڪم آندو ويو آهي ۽ اُن سان ’س‘
ضمير متصل، ضمير غائب واحد طور ڪم آندو ويو آهي،
نه ته حقيقت ۾ هت ضمير متڪلم واحد متصل جي نشاني
’م‘ ڪم آڻڻ گهربي هئي.
هن باب ۾ ضمير متصل جي اهڙي استعمال ۽ ڪارج تي
بحث ڪرڻو نه آهي، پر هت فقط اهڙا اشارا ڏيڻا آهن
جن جي اڀياس جي مدد سان وياڪرڻ جا طالب علم آئند
سچل جي ڪلام ۾ اهڙيون وياڪرڻي ڳالهيون، هٿ ڪري
انهن تي تحقيق ڪن.
سچل جي ڪلام ۾ ضمير متڪلم جي اهڙي وياڪرڻي استعمال
لاءِ هيٺيون مصرعون ملاحظه فرمايو:
ناهي ٻاروچو ڪو ٻيو، آهي اُهو جو مان روز ڏسان ٿي!
ويٺي هُيَڙس وت تي، اچي وسيلو ٿيو.
ميلو ٿيندءِ ميلو ٿيندءِ، نينهڙو لايُوَ، جُڙيا
جاني،
مون سان ميلو ٿيندءِ
لؤن اچي پاڻ لاتُوَ، نه ته مون کي ڪل نه
هوئي،
اصل لاڪؤن عشق لائڻ جي، ڳالهه اها خوش آيَوَ
درد فراق جي
ڏنيوَ امانت، اها سانول
سيبايَوَ
عرشي ڪرسيءَ جي ڪير قبولي، اها اسان ڏي هوت
هلايَوَ
ڳالهه پُرجهڻ جهڙي نا هئي، پاڻَ سڄڻَ سمجهايَوَ
ڏينهن اُنهيءَ يارَ ”سچوءَ“ کؤن، سچي ڳالهه
سَلايَوَ
هن ڪلام ۾ ’لايَوَ،‘، ’ڏنِيَوَ‘، ’سيبايو‘،
’هلايو‘، ’سمجهايو‘ ۾ [وَ] صرفيه، ضمير متصل جي
نشانيءَ طور ڪم آئي آهي. هن قسم جي جائزي لاءِ
گهڻو وقت گهرجي. اهڙي طرح هن مصرع ۾ [ءِ] آواز پڻ
ڌيان طلب آهي؛ مثال طور:
هي سڀ ڪم سنداءِ، آهن جاني جاءِ بجاءِ
جيڪي ڪرين تون سوئي.
اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو مثال به توجھ طلب آهي:
زلفان کوليَوَ خيال اسان جي، ڏاڍو ستم سهايَوَ.
ساڳيءَ طرح هنن مصرعن ۾ ڪم آندل ضمير متصل جو
جائزو به ڌيان ڇڪائي ٿو، مثال طور:
هُت تا اڪير هُياس، ڀلو ميان، ٿي آيُس
ڪير، نه ڄاڻان،
نانءُ ٻيو هُت هو منهنجو، سائين، الا، هي ٻئي
نانءُ ٿياس
اچڻ نه هو هت منهنجو، سائين الا پر ڪنهن تا خواهش
کنياس
هُت هُيَس معشوقيءَ ۾، سائين الا، هت عاشق
ٿي آياس
هي هي هئي ڪانه ڪا، سائين الا، هت منجهه پروڙ
پياس
”سچو“ سارو سچ ٿيو، سائين الا، وچؤن آءُ وياس.
اهڙي طرح ’م‘ ضمير متصل جو استعمال هن ريت ڪيو
اٿس:
ڄاڻي هيئن ڄاتوم،
توکي سانول سڃاتوم،
هرجا آهين تون حاطي.
سنڌي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ امر استقبال جو استعمال
به دلچسپ نموني سان ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ شاهه ڪريم
۽ شاهه لطيف کان سواءِ سچل سرمست جي ڪلام جي اڀياس
ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. هت سچل جي ڪلام مان سنڌي
وياڪرڻ جي هن پهلوءَ جا ڪي نمونا، مثال طور پيش
ڪجن ٿا ته جيئن ويا ڪرڻ جا شاگرد ۽ ماهر هن ڏس ۾
ڪجهه سوچين.
مثال طور:
پرين سان پت پري ڙي جيڏيون، منهنجي،
دعا ڪريجو جيڏيون، وري سو هوت وري.
هِي ڇڏيج هو وٺيج، متان ڪي ٻي ڳالهه پڇيج
دُئيءَ واري دام کؤن، پهرين طالب پاڻ ڪڍيج
مرشد جيئن فرمايو، واقف سو تان ڏَس وٺيج
سر سَهي ڪر پانهنجو، ٻئا اُڏاڻا ڪِيمَ اَڏيج
لاريءَ لڳ نه ڪنهنٻئي، عاشق انهيءَ پنڌ پئيج
ويهه واريءَ واٽ تي، ”سچو“ ڙي تن سِرُ سٽيج.
هن ڪلام ۾ ’ڪڍيج‘،’وٺيج‘،’اَڏيج‘،’پئيج‘، ۽ ’سٽيج‘
صورتون امر استقبال جا مثال آهن، جن جي اڀياس جي
گهڻي ضرورت آهي.
اهڙيءَ طرح هن ڪلام ۾ امر استقبال جا ٻيا مثال به
ڌيان طلب آهن؛ مثال طور:
يارَ ساٿيو، ڙي ميان، يا پانڌيو ڙي
ميان.........
ڀلوڙي ميان، ڪيچين جي، وو، ڪَلَ مون کي ڪائي
ڏيجو
هيءَ نماڻي، وو، وَرَ وڪاڻي ميان، نال نباهي
نيجو
ڪيَمَ وساريو، مُئي نه ماريو، ميان، ڇوريءَ تان
م ڇڏيجو
ڏيو دلاسا ڪڏهن ايندا، ميان، لوڪؤن تان نه
لڏيجو
آءُ اوهانجڙي اصل آهيان، گولي سان گڏيجو
جنهن ويلي وو، هلو اِتاهون، ”سچو“ نانءُ سڏيجو.
10. هن کان اڳ مٿي سچل جي ڪلام مان صنعت ترصيع جا
ڪي مثال ڏنا ويا آهن، سچل ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾
تشبيهه، استعاره، تجنيس خطي، تجنيس حرفي، تجنيس
تام، مجاز مرسل، تلميع ۽ ٻين لفظي توڙي معنوي
صنعتن جا هزارين مثال موجود آهن. هت في الحال سچل
جي ڪلام مان نموني طور تشبيہ جا ڪي مثال پيش ڪجن
ٿا:
جيئن سج آهي پريشان، سوئي ڳولهي سج کي
مڇلي جيئي آب سان، آب پڇي طغيان
تارو پڇي نجم کي، مون پڇي مهراڻ
ڦڙي پڇي مينهن کي، شاهه ڳولهي سلطان
هُو مڙيئي پاڻ ٿيو، ڪير ٿيا حيران
”سچوءَ“ جي صفت ۾ اهو باريءَ ڪيو بيان.
11. سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ لفظن ۾ ڪن
آوازن جي مشدد هجڻ جا ڪئين مثال موجود آهن. هن باب
۾ مشدد آوازن لاءِ ڪن قانونن جو بيان ڪرڻ آسان ڪم
نه آهي. هت نموني طور سچل جي هڪ ڪافيءَ مان اهڙا
مثال پيش ڪيا ويندا، سچل ممڪن آهي ته سنڌي صوتيات
جو اهو اصول لاشعوري طور ڪم آندو هجي، پر سچل جي
هنن مثالن مان اهو ته ثابت ٿو ٿئي ته کيس شاعريءَ
جي فن، ڪافين جي گهاڙيٽن، ڇنڊ جي قانونن ۽ راڳ جي
ماترائن جي استعمال جي پوري ڄاڻ هئي. راڳداريءَ جي
قانون موجب، ماترائن جي پورائيءَ لاءِ سچل سرمست
کي، هيٺين ڪافيءَ ۾ ڪن، لفظن ۾ [ي] آواز کي مشدد
طور استعمال ڪرڻ پيو؛ مثال طور:
ناهي ٻاروچو ڪو ٻيو، آهي اُهو جو مان روز
ڏسان ٿي.
ويٺي هُيڙس واٽ تي، اچي وسيلو ٿيو
ماڙيءَ منجهه معشوق ڏٺوسين، لالن پائي لِيو
دريءَ منجهون ديد ڏٺي سون، لالن پاتو لِيو
جتن ڪج جتن جو، مڱ سبب سان ٿيو
سير سارو ئي صورتين، پاڻ قريبن ڪيو
يا ”سچل“ تون صحيح ڪر ڄاڻج، ڪيو خمارن کِيو.
هن ڪلام ۾ ’ٻيو‘’ٿيو‘’ليو‘’ويو‘’ڏيو‘’ڪِيو‘ ۽
’کيو‘ لفظن ۾، [ي] آواز مشدد استعمال ٿيل آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام موجب ٻن پدن وارن
لفظن ۾، لفظ جي جيڪڏهن پهرين پد ۾ ڇوٽو سر ڪم آيو
هجي ته اُن ڇوٽي سر کان پوءِ آيل وينجن، مشدد ٿي
ويندو آهي. هت به اهو ساڳيو اصول ڪم آندل آهي. سچل
سرمست لسانيات جي انهن اصولن کان ته يقينًا واقف
ڪونه هو پر سنڌي ٻوليءَ
جي عام اُچار موجب، ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۽ ماترائن
جي پورائيءَ لاءِ، سچل سرمست آواز کي مشدد ڪرڻ
وارو اصول اختيار ڪيو، ڇوته مشدد آواز ۾ ڊگهي آواز
وانگر ٻه ماترائون ٿينديون آهن ۽ ڇوٽي آواز کي هڪ
ماترا ٿيندي آهي، جيڪڏهن سچل سرمست مشدد آواز ڪم
نه آڻي ها ته هڪ ماترا کٽي پوي ها ۽ شعر جي وزن
لاءِ عيب نظر اچن ٿا.
ساڳيءَ طرح سچل جي ڪلام ۾ اسم تصغير، اُترادي لهجي
موجب اسمن جا ڦيرا، فعلن جا گردان ۽ ٻين صورتن جو
جائزو ڏاڍو دلچسپ آهي، جيڪو هن باب ۾ اختصار جي
ڪري بيان نٿو ڪري سگهجي.
باب ٽيون
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا ۽
اُبتي ٻولي
سنڌي ٻوليءَ جو مزاج
1_ سنڌي ادب هر دؤر ۾ ارتقا پذير رهيو آهي. ان جو
خاص سبب هي ئي ٿي سگهي ٿو جو سنڌ جي سڄاڻ اديبن ۽
شاعرن هميشہ پنهنجي ماحول ۽ معاشري جو مطالعو پئي
ڪيو آهي، ۽ ماحول ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ڦيرين گهيرين
جو عڪس، پنهنجي اڀياس ذريعي نظم يا نثر ۾ پيش پيش
پئي ڪيو آهي. انهيءَ ڪري سنڌي ادب کي هر دؤر ۾
ماحول جي عڪاسي ڪندڙ، هر دؤر جي ترجماني ڪندڙ ۽
جديد ادب چئي سگهجي ٿو. سومرن جي دؤر کان وٺي
موجوده وقت تائين نظمي توڙي نثري صنفن جو جڏهن
جائزو وٺجي ٿو، تڏهن محسوس ٿو ٿئي ته اسان جو ادب
هر دؤر ۾ عوامي ادب رهيو آهي، ۽ معاشري کي متاثر
ڪندڙ تبديليون هميشہ سنڌي ادب کي به متاثر ڪنديون
رهيون آهن، جنهنڪري سنڌي ادب ۾ هميشہ وقت جي رفتار
سان گڏ نوان نوان تجربا ڪيا ويا آهن، ان کي نئون
موڙ ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ نواڻ آندي وئي آهي. هن ڏس
۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جو مطالعو ئي ڪافي دلچسپ آهي.
اسين جڏهن فقط سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ آيل تبديلين جو
اڀياس ڪريون ٿا تڏهن اچرج ۾ پئجي وڃون ٿا، ۽ انهن
نقادن کي جن هيءَ راءِ قائم ڪئي ته ”علم ادب
زندگيءَ جو تفسير آهي، يا علم ادب حياتيءَ جو
آئينو آهي“، تن کي دل سان داد ڏيون ٿا. يقيناً
سنڌي ڪهاڻيءَ جو مطالعو سنڌ جي سماجي تاريخ ۽
سماجي قدرن جو مطالعو آهي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي
بلڪل درست فرمايو آهي ته:
”ادب جو سماجي ڪارج وارو اڀياس، افاديت جي خيال
کان اسان لاءِ ٻولي، سماج، ڪلچر ۽ ادب جي باري ۾
ڪئين نقطا واضح ڪري ٿو، ڪئين مسئلا حل ڪري ٿو،
ڪئين راهون کولي ٿو ۽ ڪئين سوال اُڀاري ٿو. هن طرح
اسان هن قسم جي اڀياس مان سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽
سنڌي سماج جي باري ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ وڏو مواد
حاصل ڪري سگهنداسين.“
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نت نت نوان تجربا ڪيا ويا آهن.
اهڙن تجربن مان ٻوليءَ جي کيتر ۾ ”اُبتي ٻوليءَ“
يا ”اُبتو گرامر“ جي سري هيٺ هڪ تجربي جي دعويٰ
ڪئي وئي آهي. هي تجربو ٻوليءَ جي مزاج ۽ سٽاءَ ۾
ڪيتري قدر ڪامياب ثابت ٿيو، هن باب ۾ اُن جو جائزو
ورتو ويو آهي. منهنجي خيال موجب سنڌي ڪهاڻيءَ ۾
”اُبتي ٻوليءَ“ يا ”اُبتي گرامر“ واري تجربي واري
دعويٰ، ٻوليءَ جي سٽاءَ کان اڻڄاڻپ، وياڪرڻي اصولن
۽ قانونن کان بي خبريءَ جي ڪري ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ
ته اهو عمل يا اهو ڪم جيڪو فطرت جي اصولن ۽
قانونن جي انحرافي ڪندو هجي. اها دعويٰ جيڪا بنا
سوچ سمجهه جي صرف پاڻ کي درست سمجهي ڪئي وئي هجي
درست چئي نٿي سگهجي. هن ڏس ۾ 1974ع واري ”سوجهري“
رسالي ۾ ڪافي بحث ٿيل آهي. هن باب ۾ مثالن ۽ دليلن
سان ”اُبتي ٻوليءَ“ واري اسٽائيل واري تجربي جي
دعويٰ کي قبول نه ڪرڻ جهڙي ۽ غير فطري دعويٰ ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
2_ ٻوليءَ جو مطالعو هڪ علم آهي:
ٻوليءَ جو علم هڪ سائنس آهي. هيءَ سائنس ’سماجي
علمن‘
(Social Sciences)
سان واسطو رکي ٿي. ٻولي انسان ذات سان گڏ وجود ۾
آيل آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي،
هڪ اهڙو نظام آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن
جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو، هڪٻئي سان
وهنوار رکن ٿا، تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا.
يعني ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪ ٻئي سان تعاون
لاءِ، انسان ذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي
کي، ٻولي، سڏجي ٿو. هن ڏس ۾ لسانيات جي امريڪي
ماهرن بلاڪ ۽ ٽرئگر
(Bloch & Trager)
جو رايو آهي:
”ٻولي صوتين، آوازي نشانين، اُهڃاڻن ۽ علامتن جي
هڪ اهڙي تنظيم آهي، هڪ اهڙو سٽاءَ آهي، هڪ اهڙو
سرشتو آهي، جنهن جي مدد سان سماجي گروهه، هڪٻئي
سان وهنوار ۽ تعلق رکي ٿو.
انهيءَ لحاظ سان چئبو ته ٻولي، سماج لاءِ ضروري
آهي. ٻوليءَ بنا انساني سماج جو تصور، ناممڪن آهي،
ڇوته هر انسان ڪنهن سماجي گروهه جو هڪ فرد هوندو
آهي، ۽ سماجي ۽ معاشرتي معاملن ۾ هُو زبان تي ئي
مدار رکندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ماهرن جو رايو
آهي ته ”زبان، تهذيب ۽ ثقافت جو بنياد ۽ پاڙ آهي.“
3_ ٻوليءَ هڪ تنظيم آهي:
جيئن هيءَ ساري ڪائنات ۽ ان جو نظام هڪ فطرتي عمل
آهي. جيئن سج جو اُڀرڻ ۽ لهڻ“، موسمن جو ڦرڻ ۽
بدلجڻ، فصلن جو پوکجڻ ۽ لهڻ، برسات جو پوڻ ۽ هوائن
جو لڳڻ، جيئن هڪ فطرتي عمل آهي، ۽ جيئن هر فطرتي
عمل ۾ قدرت ڪارفرما هوندي آهي. تيئن ٻولي به هڪ
فطرتي عمل آهي، هڪ قدرتي نظام آهي، هڪ تنظيم آهي،
جنهن ۾ جيئن آوازن جي اُچارڻ ۽ لفظن جي جُڙڻ ۾
صوتياتي سٽاءُ، سرشتي ۽ تنظيم جو واسطو آهي، تيئن
وري فقرن ۽ جملن ۾، لفظن جي بيهڪ ۽ انهن ۾ ڦيرڦار،
جملي جي ڳالهائڻ ۾، گفتار ۾ لاهه ۽ چاڙهه، لفظن جي
ڦيرن، گردانن ۽ صيغن ۾ وياڪرڻي جوڙجڪ، سرشتي،
سٽاءَ، ترتيب ۽ تنظيم جو عمل دخل آهي. ٻوليءَ جي
علم جا اهي سڀ شعبا ڪنهن فطرتي ۽ قدرتي نظام ۽
تنظيم جي اصولن موجب، عمل ڪن ٿا. اهي سڀ حصا ڪنهن
نظام موجب جڙيل آهن، جنهن جي ٺاهڻ ۾ ڪنهن به انسان
جو واسطو نه رهيو آهي.
قدرت جي خلقيل هر چيز ۽ قدرت جو ٺاهيل هر نظام،
جيڪڏهن اُبتو ٿي وڃي ته جيڪر مانڌاڻ مچي وڃي. مثال
طور حامله عورتجي گرڀ ۾ ٻار اتفاقاً جڏهن اوڀِڙ
پيدا ٿيندو آهي، تڏهن اُن عورت جي گهر جو هر ڀاتي
يا سندس هر عزيز، ٻار جي ڄمڻ تائين فڪرمند رهندو
آهي. اهڙي طرح غير مندائتيون هوائون، جن کي هاري
ناري ’اوکڙ‘ واريون هوائون سڏيندا آهن. جڏهن
لڳنديون آهن، تڏهن اُهي نه فقط پوکن لاءِ
نقصانڪار سمجهيون وينديون آهن، پر ماڻهن ۽ مال جي
صحبت کي به نقصان پهچائينديون آهن. غير مندائتي
برسات تباهي مچائيندي آهي. اهڙي طرح قدرتي نظام
موجب، سج هميشہ اوڀر کان اُڀري ٿو ۽ اولهه طرف لهي
ٿو. قدرت جي انهيءَ نظام ۾ جيڪڏهن ڦيرو اچي وڃي ته
جيڪر ڪهرام مچي وڃي. اهڙيءَ طرح مندون پنهنجي وقت
تي اچن ٿيون ۽ ڦرن ٿيون، موسمن جي آڌار تي پوکون
ٿين ٿيون؛ ڪڻڪ سياري ۾ پوکبي آهي ۽ بهار ۾ لهندي
آهي؛ ساريون اونهاري ۾ پوکبيون آهن ۽ سياري ۾
لهنديون آهن. اهڙيءَ طرح قدرت جو قانون، هر ڪم ۾
ڪارفرما آهي.
ٻولي به هڪ نظام آهي، هڪ سائنس آهي. ٻولي به هڪ
سرشتي تي ٻڌل آهي، جنهن کي، اُبتو ڪري نٿو سگهجي.
جيڪڏهن ڪنهن به نظام يا تنظيم کي بنا ڪنهن اصول ۽
قانون جي اُبتو ڪري سگهجي ته پوءِ اُن کي تنظيم
ڪيئن چئبو؟ شاعر جي ڪنهن ڪلام کي تڏهن ته نظم
چئبو آهي! هر ڪلام چاهي اهو هنديءَ ۾ هجي يا
سنڌيءَ ۾، عربيءَ ۾ هجي يا فارسيءَ ۾، فرينچ ۾ هجي
يا انگريزيءَ ۾، منظوم هوندو آهي. هر ڪلام ۾
پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج ۽ ماپن، بحرن، وزنن
۽ ماترائن جي علم موجب، جُڙيل هوندو آهي؛ پوءِ ڪي
ان کي ڇنڊ وديا چون ته ڪي اُن کي علم عروض چون، ته
ڪي وري ان کي ميٽر چون، مطلب ته جيئن شاعريءَ لاءِ
ماهرن ڪي قانون جوڙي انهن تي پنهنجي پنهنجي ماحول
۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق نالا رکيا. تيئن خود ٻولي
به ڪن اصولن ۽ نظام جي پابند آهي. ٻولي باقاعدي
آوازن جو هڪ سرشتو آهي. جنهن موجب انسان لاشعوري
طور ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو. اهو جنهن وقت به لکي
ٿو، جڏهن به لکي ٿو تڏهن ائين هرگز نٿو سوچي ته
فاعل پهرين رکان يا فعل پهرين لکان؛ هُو ائين اصل
نٿو سوچي ته صفت ڪٿي ڪم آڻيان، حرف جو ڪيئن
استعمال ڪريان. هو ٻوليءَ جو اهو سڄو سرشتو،
پنهنجي گهر، پنهنجي پاڙي، پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي
معاشري ۾، ننڍي هوندي، کان خود بخود سکندو ويندو
آهي. کيس ڪوبه ڪونه ٿو ٻڌائي ته هي لفظ هن هنڌ ڪم
آڻ؛ البته هر ماڻهوءَ جي سوچ جي گنجائش پنهنجي
پنهنجي آهي. ڪن جي سوچ سمنڊ وانگر اونهي هوندي
آهي، ته ڪن جي سوچ سطحي هوندي آهي؛ ڪن وٽ لفظن جي
کوٽ هوندي آهي، ته ڪي لغات جي کاڻ هوندا آهن. انهن
ڳالهين جو واسطو ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ سرشتي سان ڪونه
هوندو آهي.
ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته وياڪرڻ يا گرامر جا قاعدا
قانون پهرين ٺهيا ۽ ٻوليون پوءِ ٺهيون؛ هن ڏس ۾
محترم امداد حسيني فرمائي ٿو:
”اها ته هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته ٻولي پهرين ٺهي هئي
۽ گرامر پوءِ.“
يا ڪي ائين سمجهن ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جي صوتياتي
يا وياڪرڻي سرشتي يا سٽاءُ کي پنهنجي مرضيءَ موجب
ڦيرائي يا تبديل ڪري سگهجي ٿو، اهو ممڪن نه آهي،
اِها سوچ غلط آهي. هر ٻوليءَ جو سٽاءُ پوءِ چاهي
اهو صوتياتي هجي يا وياڪرڻي، هڪ قدرتي عمل ۽
ڪارنامو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي وجود سان گڏ وجود ۾
آيو.
|