سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :19

باب نائون

      سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب تي ٻين

 ٻولين ۽ تهذيبن جو اثر

انسان ذات جي تهذيب ۽ تمدن جو سڀ کان اعليٰ خزانو ٻولي ئي رهي آهي. دنيا ۾ ڪابه اهڙي قوم نه آهي، جيڪا ٻين قومن جي تهذيب ۽ تمدن کان متاثر نه ٿي هجي، اهڙيءَ طرح دنيا ۾ ڪابه اهڙي ٻولي نه آهي، جيڪا پنهنجي پاڙي وارين ٻولين کان اثر انداز نه ٿي هجي؛ ان کان ڪجهه ورتو نه هجيس، يا ان تي پنهنجي لساني ورثي جا اثر نه ڇڏيا هجنس، ۽ ان کي ڪجهه ڏنو نه هجيس.

دنيا جي مختلف قومن ۽ انهن جي تهذيبن جا هڪٻئي تي مٿي بيان ڪيل اثرن لاءِ ڪيترائي سبب ۽ ڪارڻ آهن. اهڙيءَ طرح ٻولين جي لغوي خزاني جي، هڪٻئي کي ڏي- وٺ جا ڪيترائي سبب آهن. انهن سببن مان هڪ سبب آهي: ’ڪنهن ملڪ کي فتح ڪري، اُن تي پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ‘ يا مفتوح قوم مٿان پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ کي مسلط ڪرڻ. انهيءَ سبب جي ڪري فاتح قوم جي ٻوليءَ، تهذيب، تمدن ۽ رسم ۽ رواج جو اثر، مفتوح قوم ۽ ان جي تهذيب، تمدن ۽ رسم و رواج ۽ ٻوليءَ تي ضرور ٿيندو آهي. فاتح قوم جي تهذيب ۽ تمدن ۽ ٻوليءَ کي ان ڪري به اهميت ملندي آهي جو اها حڪمران طبقي جي ٻولي هوندي آهي. اهڙيءَ طرح فاتح قوم جي ٻولي يا نه. مفتوح قوم جا ٻوليءَ تي سراسر غالب پئجي ويندي آهي، يا فاتح قوم کي ٻوليءَ جي هزارين لفظ، مفتوح قوم جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويندا آهن، پر اُن جي ساخت ۽ سٽاءُ تي اُن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو آهي.

ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر جو ٻيو ڪارڻ، قومن ۽ آبادين جو باهمي ميل جول آهي. جڏهن ڪي به ٻه ٻوليون، هڪ اهڙي ملڪ ۾ ڳالهايون وينديون آهن، جو (ملڪ)، سياسي طور هڪ نظام هيٺ هوندو آهي، تڏهن اهي ٻئي ٻوليون هڪ ٻئي تي اثر ڪنديون آهن، ۽ هڪ ٻئي کان ڪجهه وٺنديون آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڪجهه ڏينديون آهن.

ٻولين جي هڪ ٻئي تي اثر جو ٽيون ڪارڻ، پاڙيسري هجڻ آهي، ۽ پاڙي وارن ملڪن جي ماڻهن جي لڏ پلاڻ، اُن جو هڪ خاص سبب هوندو آهي. جڏهن ڪي ماڻهو، گهڻي تعداد ۾، هڪ ملڪ کان لڏي، ڀر واري ملڪ ۾ وڃي رهندا آهن، تڏهن نئين ملڪ ۾ رهي، لڏي ايندڙن طرفان اُن ملڪ جي اصلي رهاڪن سان ميل جول قائم رکڻ سان، ٻنهي گروهن جون ٻوليون هڪ ٻئي سان ٽڪر کائينديون آهن، ۽ هڪ ٻئي کي لفظن ۽ لغوي خزاني جو ذخيرو ڏينديون ۽ وٺنديون آهن.

اهڙيءَ طرح ٻولين جي هڪ ٻئي تي اثر جا، ماهرن جيڪي ڪارڻ ۽ سبب مقرر ڪيا آهن، اُنهن مان ڪي هي آهن:

(1) تجارتي ۽ واپاري ناتا.

(2) سماجي ۽ ثقافتي ناتا.

(3) باهمي شاديون ۽ ميل جول

(4) ساڳيو مذهب، مذهبي تبليغ ۽ ميل جول.

(5) آباديءَ جي لڏ پلاڻ.

مٿي بيان ڪيل سببن ۽ ڪارڻن جي روشنيءَ ۾، سنڌي زبان جو، سنڌ جي ڀر وارن ملڪن ۾ پکڙجڻ ۽ اُتي جي ٻوليءَ تي پنهنجا صوتي، صوتياتي، صرفي، نحوي، معنوي ۽ لُغوي اثر ڇڏڻ ۽ اُنهن ٻولين جي صوتي، صوتياتي، صرفي، نحوي ۽ لغوي اثر، قبول ڪرڻ هڪ لازمي امر آهي. سنڌي ٻوليءَ طرفان سرحد پار، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ راجسٿان ۾ پنهنجا لسانياتي اثر ڇڏڻ ۽ سنڌ اندر اُتي جي ٻولين کان اثر انداز ٿيڻ، لازمي امر هو. اهڙيءَ طرح قديم سنڌ اندر، بلوچستان جي سبي، ڪڇي، قلات، مڪران ۽ لسٻيلي واريءَ ايراضيءَ ۾ اثرانداز ٿيڻ ۽ اُتي جي مقامي ٻوليءَ جا اثر قبول ڪرڻ به هڪ زنده ٻوليءَ لاءِ صحتمند نشاني آهي. ساڳيءَ طرح سرائڪي ٻوليءَ جي خطي ۾، بهاولپور، ملتان، کيتران، ديره جات، بکر، مظفر ڳڙهه، ليه ۽ ميانواليءَ تائين پنهنجا اثر قائم ڪرڻ ۽ سرائڪيءَ جي لب و لهجي، صوتيات، صرف و نحو، معنوي ۽ لغوي خزاني کان اثر انداز ٿيڻ لاءِ جيڪي ڪارڻ ۽ سبب ٿي سگهن ٿا، اهي مٿي بيان ڪيل ڪسوٽيءَ سان ئي پرکي سگهجن ٿا.

سنڌي لسانيات جو هيءُ باب فقط انهن حدن تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، پر انهيءَ سلسلي ۾ فارسي ۽ سنڌيءَ جو هڪ ٻئي تي اثر ڪرڻ، ۽ عربي ۽ سنڌيءَ جو هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيڻ، هن مطالعي جي سلسلي ۾ هڪ اهم باب جو اضافو آهي.

مٿي بيان ڪيل ٻولين، ماڳن ۽ ملڪن سان، سنڌ جا تهذيبي ۽ تمدني رشتا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لسانياتي رابطا، ڪنهن هڪ سال، ڪنهن هڪ عرصي يا هڪ دور ۾ نه ٿيا آهن، پر هر تهذيب ۽ تمدن، هر ٻوليءَ جا رابطا ۽ رشتا، ڌار ڌار زمانن ۾، ڌار ڌار عرصي ۾ ۽ ڌار ڌار دورن ۾ قائم ٿيا، وڌيا ۽ ويجهيا آهن. انهيءَ ڪري هن باب ۾، ڪوشش ڪري، هر لساني گروهه جو، ڌار ڌار ذڪر ڪبو ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جو هي باب مطالعي کان رهجي نه وڃي. 

2. عرب ۽ سنڌ جا تعلقات:

سڀ کان پهرين عرب دنيا سان ماضيءَ ۾، سنڌ جا جيڪي ناتا رهيا، ۽ سنڌي زبان تي عربي زبان جو جيڪو اثر ٿيو، تنهن جو وستار ڪيو، ۽ پوءِ هن ڏس ۾، اُن سلسلي جا تفصيل بيان ڪبا.

712ع ۾ عرب جي سنڌ تي فتح کان پوءِ، عربي زبان جو، سڄيءَ سنڌ ۾ اثر پکڙجڻ لڳو. نون حڪمرانن (عربن)، سنڌ ۾ نئين تهذيب ۽ نئون مذهب آندو. ماڻهن، دين اسلام کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. سنڌ وارن عربي تهذيب ۽ عربي ٻوليءَ کي، اسلامي تهذيب ۽ قرآن پاڪ جي زبان سمجهي، اُن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني. مذهبي حيثيت ملڻ ڪري، سنڌ ۾ عربي ٻوليءَ کي هر هنڌ عزت ۽ احترام جي نگاهن سان ڏٺو ويو. عربي زبان هر هنڌ ۽ هر ماحول ۾، پنهنجو مقام قائم ڪرڻ لڳي. اُن جو، سنڌي زبان تي، تمام گهڻو اثر ٿيو. سنڌيءَ جي لفظي ۽ لغوي خزاني ۾ اضافو ٿيو. عام گفتگو، محفلن ۽ معرڪن ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ٻوليءَ جي لغوي خزاني جو عربي ٻوليءَ جا نوان نوان لفظ ڪم اچڻ لڳا، انهيءَ ڪري سنڌي زبان جو روپ ئي بدلجي ويو.

3- ٻولين جا هڪ ٻئي تي اثر:

  ٻولين جا هڪ ٻئي تي اثرن جا مٿي جيڪي اصول، ڪارڻ ۽ سبب بيان ڪيا ويا آهن، اُنهن مان هڪ اصول اهو به آهي ته جڏهن ڪوبه ملڪ يا ڪابه قوم، ڪنهن اهڙي ملڪ يا اهڙيءَ قوم جي تسلط هيٺ ايندي آهي، جنهن جي زبان مفتوح قوم جي زبان کان مختلف هوندي آهي، تڏهن ٻئي ٻوليون (فاتح قوم جي ٻولي ۽ مفتوح قوم جي ٻولي) ڪجهه وقت تائين، گڏوگڏ قائم رهنديون آهن، ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ يا ته فاتح قوم جي ٻولي، مفتوح قوم جي ٻوليءَ تي غائب پئجي ويندي آهي ۽ اها (مفتوح قوم جي ٻولي) آهستي آهستي فاتح قوم جي ٻوليءَ تي پنهنجا ڪجهه نشان ڇڏي، پاڻ مٽجي ويندي آهي، بلڪل ائين جيئن آرين جون ٻوليون برصغير پاڪ هند ۾، مقامي ٻولين تي غالب پئجي وئيون؛ اهڙيءَ طرح قصو ان حقيقت جي ابتڙ به ٿي ويندو آهي: يعني مفتوح قوم جي ٻولي/ ٻوليون، ٻاهران آيل فاتح قوم جي ٻوليءَ تي غالب پئجي ويندي آهي. ٻنهي حالتن ۾، جيڪا به ٻولي غالب پوندي آهي، سا نئون روپ اختيار ڪندي آهي، ۽ نئين صورت وٺي بيهندي آهي، يعني اُن ۾ ٻنهي ٻولين جا عنصر موجود هوندا آهن، انهيءَ دعوى جو وڏي ۾ وڏو ثبوت سنڌي زبان آهي.

سنڌ ۾ آيل عرب سياحن جي سفرنامن ۾ ڏنل حوالن مان ثابت ٿو ٿئي ته عربي دور ۾ سنڌ جا ماڻهو ڪافي عرصي تائين، ٻئي ٻوليون يعني عربي ۽ سنڌي ڳالهائيندا هئا. اُن جو نتيجو اهو نڪتو جو هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ، سنڌي  ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا، ۽ ڪيترائي سنڌي لفظ عربي زبان جي لغت جو حصو بڻيا.

اسلام جي اثر، سنڌ جي ماڻهن جي ذهنيت، سوچ ويچار ۽ فڪر جي ارتقا ۾، تازي خون مثل ڪم ڪيو. نئين مذهب جي ڪري نئين زندگيءَ ۽ نئين معاشري جنم ورتو. سنڌ جي نون مسلم ماڻهن پاڻ تي اسلامي نالا رکيا. اسلامي نالن کان سواءِ روزانه استعمال جا ڪيترائي مذهبي لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪدم داخل ٿي ويا. مذهبي لفظن کان سواءِ انتظاميه، سياسيات، ۽ معاشرتي علمن جا هزارين لفظ، سنڌي زبان ۾ ڪم اچڻ لڳا (1). عربي زبان جي اثر ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ گهرائي، وسعت ۽ مرڪزيت پيدا ٿي. (2) زبان جي نفسياتي ڪيفيت بدلي ۽ زبان جي تمدني سرمايي ۾ اضافو ٿيو. ان کان علاوه حديث، فقہ ۽ ٻين اسلامي علمن جا بيشمار لفظ، سنڌي عالم ۽ فاضل پنهنجي ٻوليءَ ۾ عام جام ڪم آڻڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ادبيات، ثقافت، دينيات، عمرانيات، فلسفي، سائنس، تاريخ، جفرافيه، فنون لطيفه ۽ ٻين علمن جا انيڪ عربي اصطلاح ۽ فني لفظ، سنڌي زبان ۾ داخل ٿي ويا. نه فقط علمي، فني ۽ مذهبي قسم جا لفظ سنڌي زبان جي لغوي خزاني جو حصو بڻيا، پر روزمره جي زندگيءَ، کاڌي خوراڪ، لباس ۽ رهائش وغيره جا ڪيترائي نوان لفظ، عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ آيا، ۽ اُهي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عام جام ڪم اچڻ لڳا.

سنڌ جي فتح کان پوءِ، عرب سپاهي، جيڪي خاص ڪري شام، عراق، عمان ۽ ميسوپوٽيميا جا هئا، سنڌ ۾ رهي پيا، ۽ سنڌ ۾ شاديون ڪيائن. انهيءَ کان سواءِ بغداد، بصري، مصر، عدن ۽ يمن کان ڪيترائي مهاجر، درويش، عالم ۽ مذهبي داعي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا(1). انهن سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو.

ساڳيءَ طرح خشڪي ۽ سمنڊ رستي، عدن، مسقط، عمان، يمن، بصري، بغداد، بندر عباس ۽ شام سان دائمي واپار ۽ تجارتي ڏي- وٺ جي ڪري، عربي ۽ سنڌي زبانن جو گهاٽو ۽ گهرو ميل جول وڌيو.

عربي ۽ سنڌي زبانن وارو اهو دور، جنهن ۾ ٻئي زبانون ملتان، منصوره، ديبل ۽ ٻين شهرن ۾ ڳالهايون وينديون هيون. (2) اهو سلسلو عربن جي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهيو، پر آخرڪار روزمره جي وهنوار ۾ سنڌي زبان، عربي زبان تي غالب پئجي وئي، پر انهيءَ هوندي به عربيءَ جو اثر ختم ڪونه ٿيو هو، سڌي طرح نه، ته اڻسڌيءَ طرح عربيءَ جو اثر جاري رهيو.

سنڌي ٻوليءَ ۽ عربيءَ جو هڪٻئي سان واسطو سڌو سنئون 1026ع تائين جاري رهيو. اهو واسطو فارسي زبان ذريعي به رهيو، ڇو جو عربي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ فارسي زبان سنڌ جي سرڪاري زبان رهي، پر عام ماڻهن جي زبان سنڌي هئي.

عربي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، عربي زبان جا ڪيترائي لفظ فارسي زبان جي معرفت سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا.(1)

اهڙيءَ طرح عربي ۽ فارسي زبانن جو، سنڌ سان 1100 سئو سالن تعلق رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هزارن جي تعداد ۾ عربي ۽ فارسي لفظ، جن جا هم معنيٰ لفظ سنڌيءَ ۾ موجود نه هئا، سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا.

انهن لفظن جي اڀياس کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي لغوي خزاني کي، عربي زبان شاهوڪار بنائي ڇڏيو هو. انهن لفظن جي ڇنڊڇاڻ مان ائين به معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي زبان جي صوتي، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ تي عربي زبان جو ڪو گهڻو اثر ڪونه ٿيو هو، پر سنڏي زبان جي صوتي، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي تشڪيل تي عربيءَ جو ڪجهه اثر ضرور ٿيو هو. انهن اثرن جا ڪجهه حوالا ۽ مثال هيٺ ڏجن ٿا:

 

(الف) سنڌي صوتيات تي اثر:

(i) عربي آواز: سنڌي صوتيات جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي زبان جي صوتياتي نظام ۾ پنج آواز عربي صوتيات جا شامل ٿي ويا آهن، اُهي آواز آهن:]ف، ز، ق، خ ۽ غ[. جيتوڻيڪ ]ق، خ ۽ غ[، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ائين بلڪل ڪونه ٿا اُچارجن جيئن اِهي عربي صوتيات موجب اُچاربا آهن، پر سنڌي ڳالهائيندڙ :]ق۽ ڪ، خ ۽ ک ۽ غ ۽ گ[

 آوازن ۾ فرق ڀليءَ ڀت محسوس ڪن ٿا ۽ کين اها خبر آهي ته اهي ٻئي ڌار ڌار آواز آهن.(1)

(ii) لفظ جي آخر ۾ ساڪن وينجنن جو اُچار: سنڌي صوتياتي نظام موجب، هر سنڌي لفظ جي آخر ۾ هميشہ، ڪونه ڪو سر (Vowed) اُچاربو آهي، يعني سنڌي ٻوليءَ ۾، لفظ جي آخر ۾ ساڪن وينجن جو اُچار ممڪن نه آهي، پر ڪي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، عالم ۽ فاضل، عربي ۽ فارسي مان آيل، ڪن لفظن جي اُچارڻ مهل، انهن لفظن جي آخر واري وينجنن کي، متحرڪ اُچارڻ جي بدران ساڪن ڪري اُچاريندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام تي، عربي صوتيات جو اثر قبول ڪرڻو پوندو. اهو اثر شاعريءَ ۾ خصوصاً، سنڌي ٻوليءَ جي ديوانن ۾ ته بلڪل نمايان هوندو آهي. هيٺ ڪي اهڙا لفظ مثال طور ڏجن ٿا (2).

عربي لفظ

سنڌي لفظ

عربي لفظ

سنڌي لفظ

عَذابو

عَذابۡ

دفتر

دفتۡر

مَنزلۡ

منزلۡ

علم

علمۡ

اديبۡ

اديبۡ

 

 

صاحبۡ

صاحبۡ

ڪاذب

ڪاذِبۡ

(iii) يڪپدا دُهرا سر (diphthongs): سنڌي صوتيات جي ڇنڊ ڇاڻ مان ائين پڻ معلوم ٿيو آهي ته سنڌيءَ ۾ يڪپدا دهرا سر(diphthongs) گهڻو ڪري انهن عربي يا فارسي لفظن ۾ ڪم آڻبا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ اُڌارا ورتا ويا آهن، پر ديسي سنڌي سُرن جي تقسيم ۾، يڪپداد دهرا سُر (diphthongs) نظر نٿا. اچن. هيٺ مثال طور اهڙا عربي ۽ فارسي لفظ ڏجن ٿا، جن ۾ اهڙا سر موجود آهن.

عربي/ فارسي لفظ            سنڌي لفظ

عيَبُ                           غيَبۡ

قوَم                            قَوَمَ

(iv) رسم الخط تي اثر: عربن جي سنڌ تي فتح کان اڳ، سنڌي زبان مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي. اهي سڀ رسم الخط ديوناگري رسم الخط جي نموني تي ٺهيل هئا، البت انهن جا نالا مختلف هئا. انهن مان ڪن جا نالا هي هئا:

اردناگري، ملواري/ ملقاري، لوهاڻڪا، ڀاٽيا سئنڌوَ(1) (1). سنڌي ٻوليءَ جو موجوده عربي- سنڌي رسم الخط، عربن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ئي شروع ٿي چڪو هو، پر اهڙا پڪا ثبوت يا ڪو اهڙو نمونو هٿ نه آيو آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو رايو آهي:

”عربي- سنڌي صورتخطيءَ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود ۾قق بيرونيءَ جي لکيتن ۾ ملي ٿو. هن ’ملقاري‘ لفظ ۾ ’ق‘ حرف ڪم آندو آهي. ’مگر‘ (منگر) ۽ ’اڱل‘ (آڱر) ۾ ’ڱ‘ جي اچار لاءِ ’ڱ‘ حرف آندو اٿس؛ يعني ته خود محقق بيروني سنڌ جي مقامي اُچارن کي ادا ڪرڻ لاءِ عربي حرفن تي ٽٻڪا ڏيئي اکر ڪڍيا. ان مان ظاهر آهي ته ’سنڌي- عربي صورتخطي‘ جيڪا اسان تائين پهتي آهي، اُن جا لکيت ۾ تاريخي آثار 1025ع- 1030ع واري عرصي ۾ ملن ٿا.“ (1)(2)

موجوده عربي- سنڌي رسم الخط جي اڀياس مان ظاهر آهي ته عربي رسم الخط جا اَٺَ حرف- ذ ع ح ث ص ض ط ظ- سنڌي رسم الخط يا سنڌي الف- ب جي پٽيءَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن ڇو ته اُهي حرف انهن هزارين لفظن جي صحيح صورتخطي لکڻ ۾ ڪم اچن ٿا. جيڪي عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ بتدريج داخل ٿي ويا آهن. اُهي صرف.... صورت ۾ ئي استعمال ٿين ٿا، باقي سنڌي صوتيات تي انهن جو ڪوبه اثر ڪونهي، يعني انهن حرفن جا آواز، سنڌي زبان ۾ اچاري نٿا سگهجن. انهن جو اچار سنڌيءَ ۾، سنڌي صوتي نظام موجب ڪيو ويندو آهي؛ (2) مثال طور:

عربي آواز                      سنڌي اُچار

]ع[                            ]آ[

]ح[                            ]هه[

]ث[                            ]س[

]ص[                           ]س[

]ض[                           ]ز[

]ط[                            ]ت[

]ظ[                            ]ز[

(v) سنڌي وياڪرڻ تي اثر: سنڌي وياڪرڻ جي ڇنڊ ڇاڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته عربي ٻوليءَ جون ڪيتريون ئي اڳياڙيون سنڌي ۽ فارسي ڌاتُن سان ملي، سنڌي مرتب لفظن جي ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح عربيءَ جا ڪيترائي مفرد لفظ، فارسي ۽ سنڌي زبانن جي مفرد لفظن سان ملي مرڪب لفظ جوڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا؛ مثال طور:

عربي اڳياڙي +

عربي/ سنڌي/ فارسي ڌاتو=

مرتب لفظ

لا

فاني، جواب، شڪ، حد ثاني، حاصل، علاج

لافاني، لاجواب لاشڪ، لاحد

 

 

لاثاني، لاحاصل لاعلاج.

غير-

واقف، آباد

غير واقف، غيرآباد

بالا

دست، تنگ

بالادست، بالاتنگ

اهڙيءَ طرح ڪيتريون ئي ديسي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون، عربي ڌاتن سان ملي، سنڌي مرتب لفظ ٺاهين ٿيون، جيئن:

ديسي اڳياڙي

+

عربي ڌاتو

=

مرتب لفظ

اَڻ

 

لائق

 

اڻ لائق/ اڻ واقف

 

 

 

 

 

عربي ڌاتو

+

ديسي پڇاڙي

=

مرتب لفظ

عيب

 

- آئتو

 

عيبائتو

حاڪم، غريب، فقير

 

آڻو

 

حاڪماڻو، غريباڻو، فقيراڻو

رئيس

 

-اِڪو

 

رئيسڪو

(vi) فعل: عربي زبان مان سنڌيءَ ۾ آيل لفظن مان، سنڌي وياڪرڻ جي ڍانچي موجب ڪي اسم آهن، ڪي ظرف، ڪي حرف جر ۽ ڪي حرف ندا آهن. ڌيان طلب نقطو هي آهي ته ڪيترائي سنڌي فعل، عربيءَ جي اسمن مان ٺاهيا وڃن ٿا ۽ عربي اسمي صورتن جي پويان- اَڻ يا- اِڻ پڇاڙيون ملائڻ سان ٺهندا آهن؛ مثال طور:

عربي اسم                سنڌي فعل

ضرب                  صربڻ، ضربجڻ

قبول                   قبولڻ، قبولجڻ

دفن                    دفنڻ، دفنجڻ

(vii) مرڪب فعل: سنڌي وياڪرڻ جي قانون موجب، ڪيترن ئي اسمن جي پويان، فعل معاون لڳائي، مرڪب فعل ٺاهيا ويندا آهن. اهو قانون عربيءَ مان اُڌارن ورتل اسمن سان لڳائي، مرڪب فعل ٺاهيا ويندا آهن؛ جيئن:

اسم

مددي/ معاون فعل

مرڪب فعل

مدد

ڪرڻ

مدد ڪرڻ

قبول

ڪرڻ، پوڻ

قبول ڪرڻ، قبول پوڻ

ضرب

لڳڻ، لڳائڻ

ضرب لڳڻ، ضرب لڳائڻ

نظر

وجهڻ، ڪرڻ، لڳڻ

نظر وجهڻ، نظر ڪرڻ، نظر لڳڻ

هت هن حقيقت جو ذڪر ڪرڻ به مناسب ٿيندو ته عربيءَ مان ورتل اسم ۽ صفتون، سنڌي ٻوليءَ جي اسمن ۽ صفتن وانگر، عدد، جنس ۽ حالت ۾ گردان ڪن ٿيون.

(viii) حرف جر: عربيءَ ٻوليءَ جا حرف جر، ساڳيءَ صورت ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيا آهن؛ جهڙوڪ:

واسطي

(ix) حرف ندا: هيٺيان حروف ندا، عربيءَ مان، سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا آهن:

      يا، الا، افسوس، اُف، شال، شَلَ، حيف.

(x) جنس مؤنث: اُهي عربي اسم مؤنث، جن جي آخر ۾ ’ة‘ نشاني هوندي آهي، اهڙن لفظن ۾ ’ة‘ نشاني. سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي قانون موجب ’او، اُو، يا اَتَ ۾ بدلائي ويندي آهي، مثال طور:

نشانيءَ ۾ تبديل عربي اسم

سنڌي لفظ عربي اسم

سنڌي لفظ

او

جُثة

جثو

ذخيره

ذخيرو

 

خطره

خطرو

قافلہ

قافلو

 

فتنہ

فتنو

فائده

فائدو

ت

ساعة

ساعَتَ

دعوة

دعوت

 

آفة

آفت

الفة

اُلفت

 

 

 

 

 

اهڙيءَ طرح ڪن مؤنث عربي اسم خاص ۽ اسم عام ۾، نالن جي پڇاڙيءَ ۾ عربيءَ جي ’ة‘ کي سنڌي صوتياتي نظام موجب ’اَ‘ يا ’ه‘ ۾ بدلايو ويندو آهي؛ جيئن:

عربي اسم

سنڌي لفظ

عربي اسم

سنڌي اسم

سعيدة

سعيدا

صالحة

صالحا، صالحہ

امينة

امينا، امينه

فريدة

فريدا، فريده

طالبة

طالبا، طالبہ

ساجدة

ساجدا، ساجده

معلمة

معلما، معلمہ

فاطمة

فاطما، فاطمہ

(xi) عربي پهاڪا: سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته ڪيترائي عربي پهاڪا يا ته هوبهو سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن، يا ته ڪي ترجمو ٿيل حالت ۾ سنڌي ثقافت ۽ لوڪ ادب جو حصو بنجي ويا آهن. اهڙن پهاڪن مان هڪ هي آهي:

العتجيل فعل الشيطان. يعني: تڪڙ ڪم شيطان جو.

سنڌي زبان جي تشڪيل ۾ فارسي زبان جو اثر:

1. فارسي زبان سنڌ ۾ عربي حڪومت جي دور ۾ ئي، پير کوڙيا هئا (1)(1). مشهور عرب سياح بشاري مقدسي (985ع) لکي ٿو:

”ملتان ۾ اڪثر ماڻهو عرب آهن. هت فارسي زبان به سمجهي وڃي ٿي.“ (2)

عرب سياحن جي احوالن مان اهو به ظاهر آهي ته مشهور پنڊت ماڻڪ، سنڌي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو ڄاڻو هو. هو خليفي هارون الرشيد (وفات 813ع) جي زماني ۾، خليفي موصوف جي علاج لاءِ سنڌ مان گهرايو ويو هو. هو سنڌيءَ مان فارسي ۽عربي ٻولين ۾ ڪتاب ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو (3). هن مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ فارسي زبان جا اهڃاڻ محمود غزنويءَ جي آمد کان ٻه سو سال اڳ ملن ٿا.

ان کان سواءِ فارسي، قديم سنڌ جي پاڙي وارن ملڪ جي زبان هجڻ جي حيثيت ۾، ۽ سنڌ ۽ ايران جي بندرگاهن ۽ خشڪي رستن جي ڪري واپاري ڏي- وٺ جي سبب، انهن ٻنهي زبانن جو هڪ ٻئي سان گهرو ۽ گهاٽو سنٻنڌ رهيو آهي. قديم زماني ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت (492ع- 641ع) ۾، سنڌ جون سرحدون ڪرمان تائين هجڻ جي ڪري به ٻنهي ٻولين جا هڪ ٻئي سان قديم رشتا ۽ ناتا رهيا آهن. (1)

سومرن جي زماني (1010ع- 1351ع) ۾، 1186ع ڌاري، سنڌي جو اُتريون خطو، ملتان ۽ اُچ جي ماتحت هو(2)، انهيءَ ڪري اهو خطو ملتان جي حڪومت جي معرفت دهليءَ جي تسلط هيٺ هو. دهليءَ جي حڪومت جي سرڪاري زبان فارسي هئي، انهيءَ ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اُتر سنڌ واري خطي ۾، سرڪاري لکپڙهه فارسي ٻوليءَ ۾ ئي هلي هوندي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر سدا رنگاڻي لکي ٿو:

”تيرهين صدي عيسويءَ ۾، سومرن جي حڪومت ۾، فارسيدان عالم ۽ درويش، سنڌ لڏي آيا، جن مان ڪن فارسي ٻوليءَ ۾ شاعر پڻ ڪئي. انهيءَ شاعريءَ مان ڪجهه مثال نورالدين ’ڪوفيءَ‘ جي هم عمر، علي بن حامد ڪوفيءَ، چچنامي جي مصنف، جي ڪلام مان ملن ٿا. هي بزرگ 1216ع ۾ سنڌي ۾ لڏي آيو. اهڙيءَ طرح لال شهباز قلندر جي فارسي ڪلام جا پڻ مثال ملن ٿا.“ (1)

هن راءِ مان ظاهر آهي ته فارسي ٻولي سومرن جي دور کان ئي دفتري ۽ سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت وٺي چڪي هئي، پر عام ماڻهن جي روزمره جي زبان سنڌي هئي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي:

”سمن جي دور کان ٻه سؤ ورهيه اڳ، سنڌ ۾، فارسيءَ جو دخل شروع ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته صوبائي گورنرن جي دفتري ٻولي ۽ عام ڪاروباري ٻوليءَ جي حيثيت ۾، فارسي رائج ٿي چڪي هئي.“ (2) ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لڳي ٿو:

سمن جي طاقت اُسرڻ وقت سنڌ جا پاڙيسري پرڳڻا، گجرات توڙي ملتان، سڌو سنئون دهليءَ جي ماتحت هئا، ۽ اُتي جا گورنر سنڌ جي سياسي انقلاب کي غور سان ڏسي رهيا هئا. ملتان جي گورنر عين الملک ماهرو، ڄام ٻانڀڻيي کي پئي چتايو ۽ هيسايو. هن سنڌ جي ڪن سربراهن ۽ بااثر شخصيتن ڏانهن خط لکيا. اها خط و ڪتابت فارسي ٻوليءَ ۾ آهي. اها آڳاٽي ۾ آڳاٽي فارسي زبان ۾ خط و ڪتابت آهي، جا دهليءَ جي مرڪزي حڪومت جي گورنر ۽ سنڌ جي طاقتور سمن سردارن ۽ ٻين سربراهن جي وچ ۾ ٿي، جنهن جو پڪو ۽ پختو تاريخي رڪارڊ موجود آهي.“ (3)

اهڙيءَ طرح سما دور جي ابتدائي زماني ۾، فارسي زبان ۾ لکيل هڪ اهڙو ڪتبو موجود آهي، جيڪو آڳاٽي ۾ آڳاٽو، فارسي زبان ۽ رسم الخط ۾، سنڌ ۾ لکيل ڪتبو آهي، جيڪو ٺٽي ضلعي ۾، گُجي شهر جي ويجهو، شيخ ترابيءَ جي مزار تي لڳل هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”ڄام جوڻي، باالقاب سلطان فيروز شاهه، پنهنجي دور حڪومت )1375ع/777هه) کان 1388ع/790هه) ۾، ٺٽي ضلعي ۾، ٿرڙي جي هڪ آڳاٽي بزرگ شيخ حاجي ترابيءَ جي مزار تي 782هه/ 1380ع ۾ گنبذ ٺهرايو، ۽ اُن تي فارسي زبان ۾ ڪتبو هڻايو هئائين، جنهن جي شروع ۾ سلطان فيروز شاهه جو نالو، آداب ۽ القاب سان ڏنل آهي، ۽ ان بعد خود علاؤالدين ڄام جونا (جوڻو) جو نالو ڏنل آهي.“ (1)

ڪتبي جا هي لفظ آهن:

بعهدِ شهريار دهر سلطان داورِ دوران

شہ فيروز منصوره و مظفر در صف شاهان

بامَر سرفرازِ سنڌ خاص، حضرِت، عالي

که پَاي قدرِ او اعلى زفَر فرقدِ تابان

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ موجب:

”هي ڪتبو سمن حاڪمن جي دور جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتبو آهي. هن شاهي ڪتبي مان ظاهر آهي ته سمن جي حڪومت جي شروعات کان وٺي، سرڪاري لکيتن ۽ يادگارن ۾ فارسي استعمال ٿيڻ لڳي ۽ فارسيءَ کي سرڪاري حيثيت ۾ ملڪ جي ڪاروبار ۾ دخل شروع ٿيو(1).

پروفيسر اياز قادري لکي ٿو:

”712 ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو ته انهن جي فوجن ۾ ايراني به ضرور موجود هئا.“ (2)

پر قادري صاحب جو خيال آهي ته:

”جيڪڏهن عربن جي فوج سان گڏ ايران وارن به سنڌ ۾ قدم رکيو هو ته ان مان اهو انومان ڪڍي ٿو سگهجي ته پارسي زبان عربيءَ سان گڏ سنڌ جي ڌرتي تي وک وڌائي هئي.“

قادري صاحب، احمد ميان اختر جهونا ڳڙهيءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:

”انهن ۾ ڪيترائي شيرازي به هوندا، جن جي مادري زبان فارسي هئي، ان ڪري اهو قياس ڪري سگهجي ٿو ته فارسي زبان هتي ايرانين بدولت پهتي هوندي، جيڪي محمد بن قاسم جي فوج ۾ شريڪ هئا.“ (3)

2. سنڌ ۾ فارسي زبان جو اثر انگريزن جي حڪومت جي اوائلي دور تائين رهيو. هزارن جي تعداد ۾ عالم ۽ فاضل سنڌ ۾ فارسي زبان ۾ لکندا هئا. سون جي تعداد ۾ فارسي زبان جا شاعر هئا. انهيءَ ڪري فارسي زبان ۾ ادبيات، تاريخ، فقہ ۽ حديث کان سواءِ ٻين بيشمار موضوعن تي ڪتاب لکجي چڪا هئا، ۽ سنڌ ۾ فارسي ادبيات جو چالامان هو. خود وقت جا حاڪم به شاعر هئا ۽ فارسي علم ادب ۾ دلچسپي رکندا هئا. اُنهن ۾ سما حاڪمن ۾ وقت جا حاڪم جهڙوڪ: ڄام نندو (وفات 1508ع/ 914 هه) خود به هڪ برک عالم، فاضل ۽ علم پرور حاڪم هو. اهڙيءَ طرح عالمن ۾ قاضي قاضن (1465ع-1551ع) شيخ عيسى لنگوٽي، مخدوم بلاول (وفات 1523ع- 929هه)، قاضي شيخ محمد اُچي، مولانا ضياءُ الدين راهوٺي، مولانا مصلح الدين لاڙي، سيد مراد شاهه شيرازي (1407ع- 1487ع) ۾ سيد علي شيرازي (1486ع-1522ع) وڏا وڏا بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن.


(1) سيد سليمان ندوي: عربون کي جهاز راني، بمبئي اسلامڪ ريسرچ ائسوسيئيشن. 1935ع، ص ص 17-24.

(2) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ٽيون ڇاپو، حيدرآباد، ڄامشورو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي 1993ع، ص 42 ۽ پڻ ڏسو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سندهي ادب کي مختصر تاريخ، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1983ع، ص 10

(1) علي شير قانع: تحفة الڪرام، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص ص 318، 327 ۽ 355 ۽ پڻ ڏسو علامه عبدالڪريم بن محمد سمعاني: الانساب، ليڊن، 1912، ص 237.

(2) بسري مقدسي: احسن التقاسيم في معرفة، اردو ترجمو، هندوستان عربون کي نظر مين، حصو اول، 1960ع ص ص 336 ۽ 386.

(1) Goldsmid, F.J., an article Published in J.R A.S of Great Britain and Irelacd Vol (1) Ns. 1892. 23-33

(1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صوتيات، حيدرآباد. ادبيات، 1967ع

(2) Alana Ghulam Ali. The Arbic Element in Sindhi. M.A Thesis. Submitted to the SOAS. University of London. 1963. P. 97

(1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي. ڇاپو چوٿون، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو. 1993ع، ص 45.

(1) نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، حوالو ڏنو ويو آهي. ص ص 54-75.

(2) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي. ڇاپو چوٿون، حوالو ڏنو ويو آهي. ص 91

(1) ڊاڪٽر سدا رنگاڻيءَ جي راءِ موجب فارسي زبان سنڌ ۾ محمود غزنويءَ جي زماني (998- 1030ع) ۾ آئي، پر عرب سياحن جي راءِ موجب فارسي ٻوليءَ جا سنڌ ۾ آثار آڳاٽا ملن ٿا، البت سدا رنگاڻي صاحب جي هيءَ دعوى صحيح آهي ته غزنوي حڪمرانن جي دور ۾ فارسي زبان سنڌ ۾ گهڻي ترقي ڪئي. ڏسو:

Sadarangani, H.I., Dr., Persian Poets of sind, Hyderabad, Singhi Adabi Borad, 1956, Introduction, P.XI.

(2) بشاوري مقدسي: احسن التقاسم في معرفة، ص ص 331 ۽ 386

(3) ابن اصيبه: اردو ترجمو. هندوستان عربون ڪي نظر ۾. جلد اول، ص 341.

(1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ٻيو ڇاپو. ڄامشورو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي 1993ع ص 138.

(2) ظفر ندوي: تاريخ سنده، اعظم ڳڙهه، ص 296.

(1) Sadarangani, H.I., Dr., Persian Poets of sind, Introduction Op, Cit. P.xi

(2) نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٽيون، 1993ع، ص 163.

(3) نبي بخش خان بلوچ، حوالو ڏنل آهي. ص 163.

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ايضاً ڇاپو ٽيون، ص 166.

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ايضاً، ص 166.

(2)  اياز قادري: سنڌي غزل جي اوسر. ڀاڱو پهريون. ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1983ع، ص 29

(3) ايضاً.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com