سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :21

انگريزن جي حڪومت جي شروعات ۾، 1847ع ۾، سنڌ کي بمبئيءَ سان ملائي، بمبئي پريزيڊنسي قائم ڪئي وئي، انهيءَ ڪري هزارن جي تعداد ۾ گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي سنڌ ۾ اچي ويٺا، ۽ گجرات ۽ سنڌ جي وچ ۾ وڻج واپار وڌيو. سنڌ ۾ اسڪولن ۾ سنڌيءَ سان گڏ گجراتي ٻولي پڻ رائج هئي. خوجا، ميمڻ، بوهره، ڪڇي، پارسي ۽ گجرات کان آيل ٻيون قومون، پنهنجي روزمره جي وهنوار ۾ گجراتي ٻولي استعمال ڪنديون هيون. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور ۽ سکر ۾ ڪجهه قدر گجراتيءَ جو اثر رهيو.

آبادي جي تبديلي، سماجي ۽ سياسي ناتن، مذهبي پرچار، واپاري ڏي وٺ سبب سنڌي ۽ گجراتيءَ جو هڪ ٻئي تي اثر ٿيو آهي.(1)

 

اڳ ۾ اچي چڪو آهي آهي ته آباديءَ جي لڏ پلاڻ تي، عام ماڻهن، اميرن ۽ حاڪمن ۾ سڱابنديون ۽ مائٽيون ٿيون، هنرمندن، فنڪارن، عالمن فاضلن ۽ ديني مبلغن جي اچ وڃ ٻنهي ٻولين تي به اثر ڪيو. هن سلسلي ۾ مشرا لکي ٿو:

”سنڌي ماڻهو بڙودي ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد آهن، جتي هو رياست جي پوليس ۽ فوج ۾ گهڻي قدر ڀرتي ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح اُتر گجرات ۽ پالنپور طرف پڻ، پوليس ۽ ٻين سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌي ماڻهو گهڻي تعداد ۾ آهن. ڪي سنڌي سامونڊي ساحل تي ٻيڙين جا ناکئا ۽ ميربحر پڻ آهن.“ (2)

انهن ۽ اهڙن ٻين رشتن جي ڪري جيئن سنڌيءَ جو گجراتيءَ اثر ٿيو، تيئن گجراتي ٻوليءَ سنڌيءَ کي متاثر ڪيو. هيٺ گجراتي ٻوليءَ جي سنڌيءَ تي اثرن مان ڪي نقطا مثالن سان پيش ڪجن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪڇي لهجي تي ته گجراتيءَ جو تمام گهڻو اثر آهي، پر لاڙي، ٿري ۽ پارڪري لهجا به انهن اثرن کان ڇٽل نه آهن، مثال طور:

(الف) صوتياتي اثر:

(1) صوتياتي لحاظ کان سنڌيءَ جي ڪڇي، لاڙي ۽ پاڪري لهجن ۾ ڪوبه خاص فرق ڪونهي، پر گجراتي ٻوليءَ جي اثر کان ڪڇي ۽ لاڙي لهجن ۾ ڪن لفظن ]ز[ کي ]ج[ ۽ ]ج[ کي ]ز[ ڪري اُچاريو ويندو آهي، مثال طور:

اصل لفظ

گجراتي لفظ

ڪڇي لفظ

لاڙي

معجزو

موزجو

هاجر

هاجر

حاظر

هاجر

هاجر

هاجر

نظر

نجر

نجر

نجر

(ii) اهڙيءَ طرح گجراتي ۾ ]ش[ کي ]س[ ۽ ]س[ کي ]ش[ ڪري اچاريو ويندو آهي. ساڳيءَ طرح گجراتيءَ ۾ ]ف[ کي ]ڦ[،]غ[ کي ]گ[، ۽ ]خ[ کي ]ک[ اُچاريندا آهن. هي اٿر ڪڇي، لاڙي ۽ پاڪري لهجن ۾ بلڪل نمايان آهن.

حرف جملو:

سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي مان اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته گجراتي ٻوليءَ جو سنڌي صرف و نحو تي پڻ ڪجهه اثر ٿيو آهي. هيٺ حرف جملي، حرف جر ۽ حالت تغيريءَ (مڪاني) جي اثر جا ڪجهه مثال نموني طور ڏجن ٿا، جهڙوڪ:

سنڌي

گجراتي

ڪڇي

فقري ۾ استعمال

۽

ني

ني

ڇوڪرو ني ڇوڪري

حرف جر:

سنڌي

گجراتي

ڪڇي

جملي/ فقري ۾ استعمال

۾

مان (مانهه)

مان (مانهه)

شيرين ني فاطما ڇلي لئي هاٿ مان لٽڪ پٽڪ رمتي

 

 

 

باجار مان

وٽ

وَٽي

وَٽي

مون وٽي

حالت:

سنڌي ٻوليءَ ۾ حالت مڪاني يا حالت جريءَ جي حالت ۾ اسم جي پويان آيل حرف جر استعمال ڪبو آهي، جيئن:

حالت جري/ مڪاني

گهر ڏانهن

گهر ۾

گهر کي

حالت تغيريءَ ۾ انهن جو استعمال هيٺ موجب هوندو آهي:

حالت جري/ مڪاني          حالت تميزي

گهر ۾                              گهرِ

گهر ڏانهن {                  

گهر مان                            گهران

گجراتي ٻوليءَ ۾ ’گهر ڏانهن‘ کي ’گرين/ گري (گري)‘ ڪري اُچاريندا آهن، گجراتيءَ جو اهو اثر ڪڇي ۽ پاڪريءَ تي نظر اچي ٿو، مثال طور:

سنڌي

گجراتي

ڪڇي

پاڪري

گهر وڃان ٿو

گرين

گري جاؤن ڇون گرين

گري  گرين جاؤن ونا تو

ظرف: سنڌيءَ ۾ گذري ويل ڏينهن کي ’ڪالهه‘ چيو ويندو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن کي ’سڀاڻي‘ چئبو آهي، پر گجراتي ٻوليءَ ۾ ٻنهي حالتن ۾ ’ڪالهه‘ چون، پر اُن جو اُچار ڪن ’ڪالي‘ ڪڇي ۽ پاڪريءَ ۾ به، گجراتيءَ جي اثر کان ’ڪالي‘ چون، جيئن:

سنڌي

گجراتي

ڪڇ

پاڪري

سڀاڻي ايندس

ڪالي آوِسون

ڪالي آوِس

ڪالهه آيس

ڪالي آويو هتو

ڪالي آويو

حرفن (Particle) جو استعمال: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن اسم يا ضمير تي زور ڏيکارڻ/ ڏيڻ لاءِ ’ئي‘، حرف (Particle) ڪم آڻبو آهي، پر گجراتيءَ ۾ ’ئي‘ جي بدران ’ج‘ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪڇي ۽ پاڪريءَ ۾ به ’ج‘ ڪم آڻبو آهي، مثلا:

سنڌي

گجراتي

ڪڇ

پاڪري

تون ئي وڃ

توجِ جاؤ

تُوجِ وِڃ

توُج جاؤ

 

 

 

 

 

توهين/ اوهين ئي وڃو   تمين جِ جاؤ   آئين جِ وِڃو     تمين جِ جاؤ

لفظن جو ذخيرو:

سنڌي ٻوليءَ جي لغات جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ جي لغوي ذخيري ۾، خاص طور ٿري، لاڙي، ڪڇي ۽ پاڪريءَ ۾ بيشمار گجراتي لفظ شامل ٿي ويا آهن. اُنهن ۾ ڌيان جوڳا اهي لفظ آهن، جيڪي مٽي مائٽيءَ، ڏينهن وارن ۽ شين وغيره جي نالن متعلق آهن. هيٺ اهڙن لفظن جي فهرست ڏجي ٿي:

سنڌي

گجراتي

ڪڇ

پاڪري

وڏو ڏير

جيٺ

ڄيٺ

 ڄيٺ     ڄيٺ

وڏي ڏيرياڻي

جيٺياڻي

ڄيٺياڻي

جيٺاڻي   جيٺاڻي

پير

پڳ

پڳ

پڳ    پڳ

اڌ

اردو

اد

اردو       اردو

مٿو

ماٿا

مٿو

ماٿو     ماٿو

 

 

 

 

 

سرائڪي ٻولي جو اثر:

سرائڪي ٻوليءَ جي باري ۾، ماهرن، ڌار ڌار ڪتابن، رسالن ۽  مضمونن ۾ گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ڪتابن ۾ هن ڏس ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي(1).

هن باب ۾ سرائڪي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪابه راءِ ڏيڻي نه آهي، پر هت فقط اهو بيان ڪرڻو آهي ته سرائڪي ۽ سنڌي جي قديم رشتن واري ڪري، ۽ ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حاڪمن واري 150 سالن جي حڪومت جي زماني ۾، حاڪمن جي زبان سرائڪي هجڻ ڪري، ۽ اُن کان سواءِ ديره جات، ملتان، رحيم يار خان ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ علائقن مان لڏي آيلن جي مستقل قيام جي ڪري، سرائڪي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جو سنڌي وياڪرڻ تي وڏو اثر ٿيو آهي.

سرائڪي ڳالهائيندڙ، سنڌ ۾ قديم زماني کان آباد آهن، اِهي ماڻهو سماجي، ثقافتي ۽ معاشرتي طور سنڌ ۾ ضم ٿي ويا آهن ۽ پاڻ کي سنڌ جا باشندا سمجهندا آهن. هنن سنڌ جي مسئلن کي پنهنجا مسئلا سمجهي، اُنهن لاءِ بي انتها قربانيون پڻ ڏنيون آهن. هو گهر کان ٻاهر پنهنجي روزانه وهنوار ۾، سنڌي زبان کي پنهنجي مادري زبان طور ڪم آڻيندا آهن، پر پنهنجن گهرن اندر ۽ پنهنجي ماحول اندر، سرائڪي ٻولي ڳالهائين. انهيءَ ڪري انهن جي صوتياتي نظام، صرفي ۽ نحوي ترڪيب تي سرائڪي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۽ وياڪرڻ جو اثر ظاهر آهي. اهڙو اثر انهن جي سنڌيءَ تي به نمايان هوندو آهي، چاهي هُو ڪو سياسي رهنما هجي، ملڪي مدبر هجي، اديب ۽ شاعر هجي، عالم ۽ فاضل هجي ۽ اُستاد وغيره هجي. اهڙو اثر هاڻ سنڌي زبان تي حاوي پئجي ويو آهي. اهڙي اثر کي مثالن سان بيان ڪجي ٿو. 

صوتي اثر:

(1) سنڌي ٻوليءَ جي اُترادي لهجي (خصوصاً سکر ۽ اوٻاوڙي طرف،

]ٽ ۽ ٽر[،]ڊ۽ ڊر[ آوازن ۾، ]ٽر ۽ ڊر[ اهڙا آواز آهن جيڪي سنڌيءَ جي فقط ڪڇي لهجي ]در ۽ تر[ ۾ ملن ٿا، پر ڪڇيءَ ۾ ]ٽ ۽ ڊ[ آواز موجود نه آهن. ڪڇيءَ ۾ ]ٽر ۽ ڊر[ جا نعم البدل ]تر ۽ در[ آهن، پر اُهي سنڌيءَ جي اُترادي لهجي وانگر ڌار ڌار صوتين ]ٽ ۽ ٽر، ڊ ۽ ڊر[ جي حيثيت ۾ نٿا اچارجن. سنڌيءَ جي اُترادي لهجي تي اهو، سرائڪيءَ جو اثر معلوم ٿئي ٿو.

(2) سنڌي ۽ سرائڪيءَ جا ڪي آواز هڪ ٻئي سان مٽبا آهن، جيئن:

سرائڪي آواز          سنڌي آواز             لفظ

      ل                  ر                      ٻالÐ ٻار 

صرفي اثر:

سنڌي ٻولي جي اُترادي لهجي ۾ جنس مؤنث، عدد واحد کي جڏهن عدد جمع ۾ بدلائبو آهي تڏهن جيڪي جمع صورتون ملن ٿيون، انهن تي سرائڪيءَ ٻوليءَ جو اثر بلڪل ظاهر آهي، مثال طور:

لفظ

عام سنڌي

اُترادي سنڌي

واحد

جمع

جمع

کٽ

کٽ            کٽون

کٽان

کارڪَ

کارڪَ         کارکون

کارڪان

ڄنگ/ ٽنگ

ڄنگ/ ٽنگ /ٽنگون/ ڄنگون

 ڄنان/ ٽنگان

اسم فاعل:

سرائڪي ٻوليءَ ۾ اسم فاعل جي نشاني ’وال‘ يا ’والا‘ پڇاڙيون آهن، ۽ سنڌيءَ ۾ ’وال‘ يا ’وار‘ پڇاڙيون ملائبيون آهن، سرائڪيءَ وارو ]ل[ سنڌيءَ ۾ بدلجي ]ر[ ٿيو آهي، ۽ اُن جي پويان ’او‘ سر ملايو ويندو آهي، جيئن:

اسم

علامت/ نشاني

اسم فاعل

ٻچو/ ٻچا/ ٻچڙا

وال

ٻچڙ وال/ ٻچڙيوال

ڪوٽ

وال

ڪوٽوال

سرندي

وال

سرنديال

صفت:

سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جي پڙهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌيءَ ۾ پهرئين ڪلاس جي ٻارن کي جيڪو ’ٻڪي جو کورو‘ سيکاريو ويندو آهي، اُن ۾ جيڪي انگ اکر ڪم آندا ويندا آهن يا اُن ۾ جيڪو عددي شماري ڪم آڻبو آهي، اُهو هوبهو سرائڪي ٻوليءَ تان کنيو ويو آهي، مثال طور ’ٻڪي جو کوڙو‘ هيٺ سڄيءَ سنڌ جي ٻارن کي هن طرح سيکاريو ويندو آهي:

ايڪ

ڏون

ڏون

سرائڪيءَ ۾ ڏون معنى ٻه

ٻه

ڏون

چار

 

ٽه

ڏون

ڇهه

 

چار

ڏون

اَٺَ

 

پنج

ڏون

ڏهه

 

ڇهه

ڏون

ٻارنهن

 

ست

ڏون

چوڏهن

 

اَٺ

ڏون

سورنهن

 

ناءِ

ڏون

ارڙهن

 

ڏهائي

ڏون

ويهه

 

نحوي اثر:

سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته اسم واحد صورت ۾، اُهي سنڌي اِسم جن جي آخر ۾ ’اَ‘ اعراب هوندي آهي، سرائڪي ڳالهائيندڙ، اهڙن سنڌي لفظن جي اُچار ڪرڻ مهل، ’اَ‘ اعراب کي ’اِ‘ ۾ بدلائي اُچاريندا آهن. اهو سرائڪي ٻوليءَ جو اثر آهي، پر هن وقت ڪيترائي غير- سرائڪي ڳالهائيندڙ سنڌي ماڻهو به، اهڙن لفظن جو اُچار، سرائڪي اثر جي ڪري هيٺ موجب ڪندا آهن، مثال طور:

سنڌي اُچار                     سرائڪي اُچار

پنج                                پنج

ستَ                                 ستِ

اَٺَ                                   اَٺِ

وَڇَ                                   وَڇِ

هَٿَ                                 هَٿِ

اُٺَ                                   اُٺِ

انهن لفظن جي اچار ۾ فرق هيٺ ڏنل جملن ۾ واضح طور معلوم ڪري سگهجي ٿو:

سنڌي اُچار                         سرائڪي اُچار

اِهي پنجَ ٻڪريون آهن.                اهي پنجِ ٻڪريون آهن.

هي سَتَ ڀائر آهن.             هي سَتِ ڀائر آهن.

هِن جي هَٿَ ۾ ڪتاب آهن.               هِنِ جي هٿِ ڪتابِ آهن.

اُٺَ کي مَهارَ وِجههُ.            اُٺَ کي مهارِ وجهه.

هُو راتَ مون وٽِ آيو.          هُو راتِ مون وٽَ آيو.

(3) اهي سنڌي لفظ جن جي آخر ۾ ’اِ‘ يا ’اُ‘ اعراب هوندي آهي، سرائڪي ڳالهائيندڙ سنڌي، اهڙن لفظن جي اُچار ڪرڻ مهل ’اِ‘ يا ’اُ‘ اعراب کي ’اَ‘ اعراب ۾ تبديل ڪندا آهن. سرائڪيءَ جو اهو اثر سنڌ جي ڪيترن ئي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن، خصوصاً اديبن ۽ شاعرن جي ٻوليءَ تي بلڪل چٽو نظر اچي ٿو.هيٺ ڪي لفظ نموني طور ڏجن ٿا:

اعراب          سنڌي اُچار             سرائڪي اُچار

اِ                سيٺِ                   سيٺَ

                راتِ                    راتَ

اُ                سنڌُ                    سنڌَ

هيٺ جملن ۾ اهي لفظ ڏجن ٿا ته جيئن فرق نمايان طور محسوس ڪري سگهجي:

سنڌي اُچار                         سرائڪي اُچار

سيٺِ اڪبَر کي دعوت ڏَيو    سيٺَ اڪبر کي دعوت ڏِيو.

اَڄُ راتِ جو ڪونهَ اينداسين        اڄَ راتَ جو ڪونهِ اينداسين.

سنڌُ ۾ راتِ ٿڌي ٿيندي آهي،     سنڌَ ۾ راتَ ٿڌي ٿيندي آهي.

(4)سنڌي وياڪرڻ موجب اهي مؤنث يا مذڪر اسم جن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اِي‘ اعراب هوندي آهي، اُنهن جي زمان حال مان، زمان ماضيءَ ۾ ڦيري لاءِ يا انهن جي حالت تغيري (حالت جري، حالت اضافت ۽ حالت مڪاني وغيره) ۾ ڦيري لاءِ جڏهن اُن اسم جي پويان حرف جر استعمال ڪبو آهي، تڏهن اُن اسم جي آخر واري ’اِي‘ اعراب کان هڪدم پوءِ ’اَ‘ (ءَ) اعراب اچاربي آهي، ۽ ’ا‘ (ءَ) جي اُچار کان پوءِ، حرف جر ڪم آڻبو آهي، مثال طور:

زمان

اسم

حالت

سنڌي جملا

سرائڪي اثر کانپوءِ جملا

حال

ڇوڪري

فاعلي

ڇوڪري ماني کائي ٿي

ڇوڪري ماني کائي ٿي.

جري

ڇوڪريءَ کي ماني ڏي

ڇوڪري کي ماني ڏي

اضافت

ڇوڪريءَ جو پيءُ آيو

ڇوڪريءَ جو پيءُ آيو.

ماضي

مفعولي

ڇوڪريءَ ٻار کي ماريو

ڇوڪري ٻارِ کي ماريو.

حال

ٻڪري

جري

ٻڪريءَ کي پنج ڦَرَ آهن

ٻڪريءَ کي پنجِ ڦَر آهن.

سنڌ

فاعلي

هُوءَ سنڌ ۾ اَٺ سال رهي.

هُو سنڌَ ۾ اَٺ سال رهي.

(هوءَ)

ضمير

اَٺ سال رَهي

 

رُتِ

سانوڻَ جي موسم ۾ رات جو رُت ٿڌي ٿيندي آهي.

سانوڻِ جي موسم ۾ راتَ جو رُتَ ٿڌي ٿيندي آهي.

 

 

 

 

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته موجوده وقت سرائڪي زبان جو اهڙو اثر نصابي ڪتابن، ادبي رسالن، روزانه اخبارن، شعر و شاعريءَ ۽ ادبي مقالن ۽ مضمونن ۾ به نظر اچي ٿو. نصابي ڪتابن ۾ ’هاريءَ‘، ’ماڻهوءَ‘، ’ڇوڪريءَ‘

وغيره اسمن جي پويان جملن ۾ ايندڙ اعراب ’ءَ‘ جو استعمال لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جا وڏا وڏا عالم ۽ اديب به، هن وهڪري ۾ وهي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جو موجوده وقت جو وڏي ۾ وڏو عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن اثر کان بچي نه سگهيو آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر موصوف سنڌي زبان جو اثر بيان ڪندي، مثال طور هڪ جملو ڏنو آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر صاحب به مٿي بيان ڪيل اسمن کان پوءِ ايندڙ ’ءَ‘ اعراب جي استعمال جي سلسلي ۾ غلطي ڪري ويو آهي. مثال طور ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

 ”عربي وانگر سنڌي ۾ پڻ زالن جا نالا ’مبني‘ آهن. يعني ته اُنهن جي اعراب ڪين ڦرندي، جيئن ته:

بانو جو پٽ.

بانو کي چيم. (1)

حقيقت ۾ ڊاڪٽر صاحب جي اها راءِ درست ڪانهي. ’بانو‘ لفظ جي پويان ’ءَ‘ اعراب استعمال ٿئي ٿي پر جيئن ته ڊاڪٽر صاحب سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙ عالم آهي، انهيءَ ڪري ڊاڪٽر صاحب سمجهيو آهي ته ’سڄي سنڌ‘ اهڙيءَ حالت ۾ ’ءَ‘ اعراب ڪم نه آڻيندي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هيٺ سنڌي نحو جي قانونن موجب ٻئي مثال ڀيٽ خاطر ڏجن ٿا.

سنڌي اُچار

سرائڪيءَ جي اثر کان پوءِ اُچار

بانوءَ جو پٽ.

بانو جو پٽ

بانوءَ کي چيم.

بانو کي چيم

جانوءَ جو اُٺُ.

جانو جو اُٺ

جانوءَ کي موڪَلَ ڏي.

جانو کي موڪَلِ ڏي.

اهڙيءَ طرح اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا جن جي مطالعي کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ تي اِهو اثر عربي جو نه پر سرائڪي ٻوليءَ جو آهي.

(5) فقرن جي ساخت ۽ نالا:

سنڌ ۾ سرائڪي خطن کان ايندڙ سرائڪي ڳالهائيندڙن پنهنجا ڳوٺ ۽ واهڻ به اڏيا ۽ انهن تي سرائڪي زبان جا نالا، يعني سرائڪيءَ جي نحوي سٽاءَ موجب نالا رکيائون. هيٺ اهڙا مثال ڏجن ٿا، جن جي اڀياس مان ظاهر آهي ته اها سٽاءَ، سنڌي زبان جي نحوي اصولن موجب ڪانه ٿي لڳي، پر اها سرائڪي ٻوليءَ جو اثر ظاهر ڪري ٿي، مثال طور:

سرائڪي ٻوليءَ وارن علائقن ۾ ڳوٺن جا نالا

سنڌي جي ڳوٺن جا نالا

علي واهڻ

آدم واهڻ

پتافي واهڻ/ واهڻ پتافي

خان واهڻ

ٺل وزير

ٺُل مير رُڪن

نوان ڪوٽ

ٺل عاقل خان

شورو ڪوٽ

نئون ڪوٽ

سلطان ڪوٽ

ڪوٽ مير رستم

ڪوٽ ادو

ڪوٽ عالم

ڪوٽ جو سرائڪيءَ ۾ اسم تصغير ’ڪوٽلي‘ يا ’ڪوٽله‘ آهي، جيئن

ڪوٽلي نجابت

ڪوٽله مغلان

سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ل‘ کي ’ڙ ۾‘ تبديل ڪيو ويو آهي، جيئن:

ڪوٽڙي ڪبير

ڪوٽڙي الهه رکيو شاهه

مغلن جي ڪوٽڙي 

(6) پهاڪا ۽ چوڻيون:

سنڌي ٻوليءَ جي لغوي خزاني ۽ لوڪ ادب جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته سنڌيءَ ۾ سَون جي تعداد ۾ سرائڪي ٻوليءَ مان چوڻيون ۽ پهاڪا ورتا ويا آهن، ۽ اُهي سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حصو بنجي ويا آهن. انهن مان ڪي هوبهو اصلي حالت يعني سرائڪي ٻوليءَ ۾، سنڌ ۾ رائج آهن ۽ ڪي ترجمي جي صورت ۾ بتدريج سنڌيءَ ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري ويا آهن. هيٺ اُنهن مان ڪي نموني خاطر ڏجن ٿا:

(الف) ترجمو ٿيل پهاڪا:

سرائڪي پهاڪو

سنڌي ترجمو

اَبا هلي ڪُتِي انڌي، گُلر ڄڻيندي هي

تڪڙي ڪُتي انڌا گلر ڄڻي

بکا ڪِراڙ تي وَهيا پٽي

کُٽل واڻيو اڳوڻيون وَهيون جاچي

بَٺ او سونا جيڙها ڪَن تروڙي

ٻَن پوي اهو سون جيڪو ڪَن ڇَني

اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني

جتني سَوَر هوي اُتني پير ڊگهيرو

سوڙ آهر پير ڊگهير

جَم نه مُڪي ناني دي مهاندري

اَڃا ڄائي ڪانهي چي نانيءَ جي مهانڊي

ڄَجھ پرائي احمق نچي

پرائي دُهلين احمق نچي

سَکڙيا دُعائين پَلُو تي دي

سکڻي دعا پٽ جي برابر آهي

ڳوهه ڪُون موت چايان چوڙهي دا گهر تڪيُس

ڳوهه کي کُٽي کڻي موچين جا گهر نهاري

گاهي گاهه مريندا ٿَڪا

گاهي بکئي جو بکيو

درڀ ساوي دا سارا

ڊڀ سائي جو سائو

نان چَڙهيا چور ڦاسي چڙهي

نالو چَڙهيو چور ڦاسيءَ چڙهي

نان چڙهيا وَپاري کُٽ کاوي

نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي.

(ب) اُهي سرائڪي پهاڪا جيڪي سنڌيءَ ۾ هُوبهو استعمال ٿين ٿا:

اپڻا مال هي روسون ڀي کاسون ڀي

اپڻا مال هي روئسان ڀي کائسان ڀي

اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي

بي شرمي دي سيري ڪنون، ساڳ سرنهن دا چوکا

ٻلي شير پڙهايا، ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا.

ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون

پاسي گهوڙي چاڙهسي

اَپڻا عرض ڏُنهان دي چُغلي

تيڏا سو مئڏا اور ميڏا سو هين هين

ڏيک موري دا توڏا

ڏيک ياران دي ڦيري

ماءُ تيري ڪن ميري

مروار، موت، ملوڪان شڪار.

اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا،

او چَرَن پَٽ، او چَرن ٻيلا

انان ٻور، ڪلالان لاها

زالان ڌاوڻ، مردان کاوڻ

سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا زال گُر

سُڃا عاشق ڀيٽو دي آچار

شينهن نه ڏيکيا ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ڏيک سونارا

دل دا قصا دل جاني ڪيا جاني قاضي

ڪوڙي ڪتابون وچون ڪُجهه نه ٿيسين

مرسان مرسان پر ڊرڀ نه چرسان

نه تيڏا سٽ نه ميري ڪپاهه

هڙ هالا منهن ڪالا (1)

اهڙيءَ طرح سنڌي زبان جي سٽاءَ ۾ پاڙيسري ۽ حاڪمن جي ٻولين جو گهڻو اثر رهيو آهي. (2)

يورپي ٻولي جا لفظ:

هن کان اڳ بيان ڪيل مشرقي ٻولين کان سواءِ سنڌيءَ ۾ مغربي ٻولين جا به بيشمار لفظ ملن ٿا. انگريزي ته سنڌ ۾ حاڪمن جي زبان هئي پر ان کان سواءِ واپاري ناتن جي ڪري سنڌيءَ ۾ ڪيترائي پورچوگيزي لفظ به شامل ٿي ويا آهن. اُنهن مان ڪي هي آهن   (1)

پورچوگيزي لفظ

سنڌي اُچار

Ambaar

انبار

Batel

بطيلو

Bafo

ٻاڦ

Bucha

ٻُوچ، ٻُنجي، ٻچو

Chaahi

ڇاهه، ڇا

Leilaao

نيلام Maatelo مارتول

Pagaar

پگهار

Limaa

ليمو

Faltoo

فالتو

Fita

ڦيٿَ

Piipa

پيپ

Pistola

پستول

Reciiboo

رسيد

Sabao

صابڻ

Tabacoo

تماڪ

Tarooncoo

تُرنگ

Cameraa

ڪمرو  (3)

اهڙيءَ طرح ترڪي، منگولي ۽ ٻين ٻولين جا به ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن.

ببليو گرافي

1. اياز قادري: سنڌي غزل جي اوسر، ڀاڱو پهريون، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1983.

2. ابن اصيبه: اردو ترجمو، هندستان عربون کي نظر ميڻ، جلد اول، اعظم گڙه دارالمصنفين، 1960ع

3. اصلاحي شرف الدين: سنڌي- اردو ڪي لساني روابط، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ. 1970ع

4. اصطخري: المسالک والممالک، اردو ترجمو، هندوستان عربون کي نظر ميڻ، جلد اول، 1960ع

5. بشاري مقدسي: احسن التقاسيم في معرفة، اردو ترجمو، ايضاً.

6. ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻولي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

7. سيد سليمان ندوي: عربون کي جهاز راني، بمبئي اسلامڪ ريسرچ ائسوسيئيشن. 1935ع.

8. عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر: سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1980ع.

9. عبدالڪريم سنڌيلو، ڊاڪٽر: پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، اسلم پبليڪيشن. 1970ع

10. علي شير قانع: تحفة الڪرام، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، حيدرآباد. سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

11. ايضاً، مڪلي نامه، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ.

12. علامه عبدالڪريم بن محمد سمعاني: الانساب، ليڊن 1912ع.

13. غلام علي الانا ڊاڪٽر: سنڌي صوتيات، حيدرآباد، ادبيات، 1967ع.

14. ايضاً، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1977ع.

15. ايضاً: سنڌي صورتخطي، چوٿون ڇاپو، حيدرآباد. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع.

16. ايضاً: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ٻيو ڇاپو، ڪراچي، سنڌيڪار: اڪيڊمي 2004ع.

17. ايضاً: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ٽيون ڇاپو، ڄام شورو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1993ع.

18. ايضاً: سندهي معلم، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع.

19. ڪيولرام شهاڻي: گل شڪر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1978ع.

20. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سندهي ادب کي مختصر تاريخ، ڄام شورو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1973ع.

21. نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ٽيون ڇاپو، ڄامشورو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، 1993ع.

22.Allana Ghulam Ali. The Arabic Elemeni in Sindhi…. Thesis. Submined to SOAS University of London. 1963.

23. Goldsmid, F.J., an article Published in J.R A.S of Great Britain and Irelacd Vol (1) Ns. 1892.

24. Misra. S.C., Muslim Commuinties in Gujrat. New York, Asia Publishing House 1864.

25. Ramnani. P.B., New Model Singhi Grammar Second Edition. Hyderabad. Raman Pak Book Depot.

26.  Sadamn….in. H.T Dn Persian Poets of Sindhi Hyderabad. Sindhi Ababi Board. 1956.

باب ڏهون

 

عرب زبان ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ

هن کان اڳ، بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ اسلامي فتوحات کان به اڳ سنڌي ٻولي معياري ۽ روزمره جي ٻوليءَ طور ڪم ايندي هئي. هن ۾ نه فقط وڻج واپار ۽ روزمره جي استعمال جا لفظ ڪم ايندا هئا، پر هيءَ ٻولي علمي ٻولي پڻ هئي. جنهن ۾ علم نجوم، علم هيئت، علم رياضي ۽ علم طب، پسارڪي شين جا بيشمار لفظ هئا.

اسلامي حڪومت جي اثر جي ڪري جتي هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ سنڌي لغات جو حصو بڻيا، اُتي ٻنهي تهذيبن جي ميل جول ڪري ڪيترائي سنڌي لفظ عربي ٻوليءَ ۾ پڻ شامل ٿي ويا. عرب سياحن پنهنجي سنڌ واري سفر دوران بي شمار سنڌي لفظ، عربيءَ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌا. سنڌي ٻوليءَ جي انهن ۽ اهڙن لفظن جي عربيءَ ۾ عام استعمال جو خاص سبب هي به هو جو ڪيتريون ئي پسارڪيون شيون ۽ روزمره جي استعمال جا وَڙَ وکر جهڙوڪ: بصر، گرم مصالحو، ڪپڙو ۽ ٻيو سامان سنڌ مان ۽ سنڌ جي واپاري مَنڊين جي وسيلي، عرب ملڪن ڏانهن اُماڻيو ويندو هو. ڪيترائي سنڌي لفظ معمولي صوتي تبديلين سان عربي ٻوليءَ ۾ جيئن جو تيئن رهيا، جيڪي اڄ به سڃاڻي سگهجن ٿا؛ البت ڪن لفظن ۾ گهڻي صوتي تبديل سبب اهي عربي ٻوليءَ ۾ اهڙا ته مدغم ٿي ويا آهن، جو اهي هاڻ سڃاڻپ ۾ ئي نٿا اچي سگهن. اهڙن لفظن جا مثال سندن اصل سنڌي لفظن سميت هيٺ ڏجن ٿا:

عربيءَ ۾ مدغم ٿيل لفظ

اصل سنڌي لفظ

ثوم/ فوم

ٿوم

شرعہ

سڙهه

سندان(1)

سنداڻ

زط

جَت

قند (2)

کنڊ

طبقي

دَٻڪي

ڪَخّ

ڪک (طب جو لفظ)

عاکره

آڪَرو (واپارڪو لفظ)

قباله

ڪاٻاڙو (واپارڪو لفظ)

بُوق

ڀُوڪ

قز

گج

فوط (لونگيءَ وارو رومال)

پَٽ/پوٽو/پوتي (3)

شيِت (4)               

ڇيٽ (ڪپڙي جو قسم)

صندل(1)

چندن

بنيانيہ(2)

واڻِيا

ڪافور(3)

ڪپور

دونيج(4)

دنگي

هندول (5)

هنڊول، هندورو

اَمبج

انب

نِيلج (6)

نيل، نير

بِلنج (7)

پلنگ (جهاز جي مٿان پيل هوندو آهي)

اٺين صديءَ عيسويءَ ۾ بغداد جي خليفن سنڌ مان ڪيترائي پنڊت، ودوان، حڪيم ۽ ويد گهرايا، ۽ کين تعليمي ۽ طبي عهدن تي مقرر ڪيو . انهن مان ڪن جا نالا هئا: پنڊت ماڻڪ، پنڊت ڀلو، پنڊت ڌنو ۽ پنڊت بکر. انهن پنڊتن، ودوانن، ويدن ۽ حڪيمن بغداد ۾ رهي، عربي زبان ۾ ڪتاب ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انهيءَ ڪري دوائن، طب ۽ پسارڪي شين جا ڪيترائي سنڌي نالا عربيءَ ۾ داخل ٿي ويا ، جن مان ڪي هي آهن:(9)   (8)

 

عربيءَ ۾ شامل ٿيل سنڌي لفظ

اصلي سنڌي لفظ

قرمز(1)                      

ڪرمچ (ڪرمج)

قرنفل(2)

چندن

جائفل(3)

واڻِيا

توتيہ  (4)

ڪپور

نيلوفر(5)

دنگي

اطرفل

هنڊول، هندورو

مخّ

انب

بَهطہ (6)

نيل، نير

اهڙيءَ طرح ٻيا لفظ هي آهن:

ايلاچي، ليسوڙا، ايريو، هريڙ  ، سُنڍ ۽ آئونرا.(7)

 

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوڇ جي تحقيق پڻ مددگار ثابت ٿي آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

”عرب- اسلامي دور ۾، نئين علمي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي ماحول جي زير اثر، سنڌيءَ ۽ عربيءَ جو پاڻ ۾ گهاٽو رشتو ۽ عمل ۽ ردعمل پيدا ٿيو، ۽ جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي لساني انفراديت مضبوط ٿي ۽ پڻ اها بين الاقوامي سطح تي تسليم ڪئي ويئي.

ٻيءَ ۽ ٽيءَ صديءَ هجريءَ کان وٺي، عرب عالمن ’علم طب‘ تي تحقيق شروع ڪئي، ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات، جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکر بابت ڪتاب لکجڻ لڳا.“ (1)

ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو:

”سنڌي نه فقط ان وقت ۾ بين الاقوامي حيثيت رکندڙ هئي، پر سنڌ ۾ پسارڪي وکر جي ڄاڻ ۾ وڏي ترقي ڪري چڪي هئي. سنڌ ۾ پسارڪي وکر جو واپار ايترو وڌيل هو جو هند جي ٻين ڀاڱن جون جڙيون ٻوٽيون پڻ سنڌ مان ئي اولهه طرف ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون هيون انهيءَ ڪري ٻين معاصر ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکرن جا نالا ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو:(2)

 

اهو چئي نٿو سگهجي ته سڀ کان پهريائين ڪڏهن کان وٺي پسارڪي وکر جا نالا سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ ڏنا ويا. غالباً اهو سلسلو ٻيءَ صديءَ هجريءَ ۾، ’سنڌ ۾ منصوره جي عالمن کان شروع ٿيو‘، ۽ پوءِ بغداد تائين پهتو، ابو حنيفہ دينوري پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب النبات“ ۾ سنڌ جي وڻ ’ڪنڍڙيءَ‘ بابت لکيو، جنهن مان ڳاڙهو رنگ نڪرندو هو. ’محمد بن زڪريا رازي‘، پنهنجي تصنيف ’ڪتاب الصيدنہ، ۾ ڪن اهڙن وکرن جا نالا ڏنا، جيڪي سنڌ ۾ پڻ هئا ۽ سنڌ مان ئي ٻاهر ويا. چوٿين صدي هجريءَ (جي آخر) ۾ ’بشر بن عبدالوهاب الفزاري‘ (فزاري  قبيلي جو) پنهنجي ڪتاب ’تفاسير الادويہ‘ ۾ پسارڪي وکر ۽ دوائن جا سنڌي ۽ هندي نالا وڌيڪ تفصيل سان درج ڪيا. ان کان پوءِ محقق بيروني سن 51- 1950ع ۾ پنهنجو ڪتاب ’الصيدنہ في الطب‘ لکيو، عربي، فارسي، سنڌي، هندي توڙي ٻين ڪن مقامي ٻولين ۾ قلمبند ڪيائين، ۽ انهن بابت وڌيڪ تفصيل پڻ ڏنائين. بيرونيءَ هن موضوع تي کانئس اڳ لکيل مڙني مکيه ۽ مستند ڪتابن مان اضافو ڪيو، ۽ پاڻ پڻ سنڌ ۽ هند ۾ اچي سرزمين تي وڌيڪ تحقيق ڪيائين ۽ ٻئي مطالعي سان گڏ، سنڌ جي جڙين ٻوٽين بابت پڻ معلومات حاصل ڪيائين. بيرونيءَ پنهنجي ”ڪتاب الصيدنہ“ ۾ مني سو کن جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا سنڌيءَ ۾ ڏنا آهن.“ (1)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:

”جڙين ٻوٽين ۽ وکرن جا مٿيان سنڌي نالا ڪم از ڪم چوٿين صديءَ هجري/ ڏهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ ان وقت واري سڄي علمي دنيا ۾ رائج هئا. اهي سڀ پسارڪا وکر سنڌ ۾ پڻ استعمال ٿيندڙ هئا، جنهن مان ان وقت هتي جي طبي ڄاڻ ۽ علمي علاج جو اندازو ٿي سگهي ٿو. انهن مان ڪي وکر اڄ تائين سنڌ جي پسارين وٽ انهن ساڳين نالن سان موجود آهن ۽ ٻيا ڪي وکر پڻ هن وقت جي پسارڪن نالن سان معلوم ۽ موجود آهن. اهي نالا ۽ الفاظ ان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پيشه ورانه طبي ۽ پسارڪي لغات جي مخصوص ذخيري تي شاهد آهن. انهن لفظن جي مطالعي مان اڄ کان هڪ هزار سال اڳ جي سنڌي لغات توڙي ٻوليءَ بابت چٽا اُهڃاڻ ملن ٿا.“ (1)

مٿي بيان ڪيل لغوي خزاني کان سواءِ، عربيءَ جي مسقطي ۽ عدني لهجن جي صوتيات تي پڻ سنڌي صوتيات جو اثر آهي. گهرن ۽ گهاٽن لساني ناتن سبب سنڌيءَ جي مورڌني آواز ۽ وسرگائيءَ جو اثر انهن لهجن تي نمايان نظر ايندو آهي.

عربيءَ کان سواءِ فارسي، بلوچي، گجراتي، مارواڙي ۽ سرائڪيءَ تي پڻ سنڌيءَ جي اثر جو تفصيلي جائزو ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘ ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هن باب ۾ اُن جو وري ذڪر ڪرڻ ضروري نه آهي.

ببليو گرافي

 1. بزرگ بن شهريار: عجائب الهند اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، 1960ع

2. حاحظ: رسالة فخرالسودان علي البيضان، اِيضاً.

3.  سيد سليمان ندوي: عرب  وهند تعلقات، الهه آباد، هندستان اڪيڊمي، 30- 1929ع

4. ممتاز حسين پٺاڻ، ڊاڪٽر: مقالو، سامي (عرب) تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو، قسط 2، ڪراچي، ماهوار نئين زندگي، مارچ 1969ع

5. نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٽيون، 1993.

6. Panwhar. M.H. The Influenee of Ancient Sciences including those of Sind of Al-Razi the great Persian Scientist. a an article published in Sindhogical Studies. 1977. P P. 38-52

   باب يارهون

 

دنيا جي ٻولين جا مکيه ۽ مشهور خاندان

دنيا ۾ ڪئين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان ڪن جي اسان کي ڪافي ڄاڻ ۽ معلومات آهي. ڪن ٻولين تي علمي تحقيق به ٿي آهي، پر ڪي ٻوليون ته اڃا ڄاتل سڃاتل ئي نه آهن. موجوده علمي دور ۾ ڪن زنده ٻولين جا آڳاٽا آثار، ۽ ڪن ’مري ويل‘ ٻولين جا اوائلي ’اهڃاڻ، اسان کي ’لکيل مواد‘ (Written records) مان ملن ٿا. اهو ’لکيل مواد‘ زنده ٻولين جي پراڻي تاريخ ۽ مئل ٻولين جي تحرير ٿيل نموني جي نقاب ڪشائي ڪري ٿو.

انسان ذات جو علم اڃا مڪمل نه آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن به شخص لاءِ اهو آسان نه آهي ته هُو ٻولين جي ’نسبت‘ ۽ ’هڪجهڙاين‘ بابت ڪا مڪمل معلومات پيش ڪري سگهي. ٻولين جي نسبت يا هڪجهڙائيءَ مان مراد اها هڪجهڙائي نه آهي، جيڪا انهيءَ ’مفروضي‘ جي آڌار تي بيان ڪئي وڃي ته سڄي دنيا جون جملي ٻوليون هڪ ئي خاندان يا ’اصلي بنياد‘ مان ڦٽي نڪتيون آهن.

ماهرن جي راءِ موجب دنيا جي ٻولين جا ڪيترائي خاندان آهن، جن مان گهڻي ئي شاخون ڦتي نڪتيون آهن، انهن خاندانن مان هيٺيان خاندان خاص طور مکيه ۽ مشهور آهن:

1. هن- يورپي (Indo- European):

ماهرن برصغير پاڪ و هند (ڏکڻ هند کان سواءِ) کان وٺي، يورپ (سواءِ مشرقي يورپ جي ڪن خطن جي) جي سڀني ٻولين کي هڪ ئي خاندان واريون ٻوليون سڏيو آهي. (1)، پر تازيءَ تحقيق کان پوءِ اهو به ثابت ٿيو آهي ته ايشيا هائنر جون ڪي ٻوليون به هن خادندان سان نسبت رکن ٿيون.(2). انهيءَ دعوى جي آڌار تي لسانيات جي هڪ ماهر اسٽر ٽيونٽ (Sturtevant) ۽ ٻين ماهرن جو خيال آهي ته قديم هند- يورپي ۽ ايشيا مائنر جي ٻولين جو ’بڻ بنياد‘ هند- يورپي ٻوليون نه، پر ڪو ٻيو خاندان يا ڪا ٻي ٻولي آهي، جنهن کي هُو هند-و- هِتَت (Indo- Hittite) خاندان سڏي ٿو(3) . Sturtevant هندو-و- هتت جو جيڪو شجرو ڏنو آهي سو هي آهي(4):

لسانيات جي ماهر گليسن (Gleason) جي راءِ موجب دنيا جي ٻولين ۾ هي خاندان گهڻو وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي . هند- يورپي

(Indo-European) خاندان ۾ ايشيا ۽ يورپ جون جيڪي ٻوليون شامل آهن، اُهي هي آهن:

هند- ايراني (Indo- Iranian) هند- يورپي خاندان جي وڏي ۾ وڏي ايشيائي شاخ، هند- ايراني آهي. هيءَ شاخ وري جن ٻين ننڍين مکيه شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي، اُهي آهن:(5)

ايراني ۽ اِنڊڪ يعني هند- آريائي. انهن مان ايراني شاخ هيٺين ٻولين تي مشتمل آهي:

(الف) فارسي: هيءَ اسلامي جمهوريه ايران جي سرڪاري زبان آهي. هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد اَسي لک کن ٿيندو . هن زمان جا قديم اُهڃاڻ زردشتين جي مذهبي ڪتاب ’اويستا‘ مان ملن ٿا. هي ڪتاب 600 ق. م جي وچ ڌاري لکيو ويو.(1)


(1) Misra. S.C., Muslim Commuinties in Gujrat. New York, Asia

Publishing House 1964. P. 17

(2) Misra. C.C., Op. Cit., P.71

(1) غلام الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، حوالو ڏنو ويو آهي. ص ص 129-246.

(1) نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ص 55.

(1) سرائڪي پهاڪن جي سلسلي ۾ هيٺين ڪتابن تان مدد ورتي ويئي آهي:

ڪيولرام شهاڻي: گلشڪر، حيدرآباد. سنڌي ادبي بورڊ، 1978ع. ص 16.

(2) Ramnani. P.B., New Model Singhi Grammar. 2 nd . edL. Hyderabad. Rama Pak Book Depot.

(1)  Anthony Xavier Soares. Protuguese Vocanbles in Asiatic Languages. Orienal Institute of Barroda. 1936. P. 496.

(2) Ibid. P. 75.

(3) Grierson. G., an Article: Indo- Aryan Vocables. Published in BOAs. Vol: 1. 1917- 20 P. 75.

(1) سنڌ لوهارڪي ڪرت ۾ شهرت رکندڙ هئي. سنڌ مان ٻئي سامان سان گڏ، سنڌ جون تلوارون به عربستان ڏانهن وڪري لاءِ موڪلبيون هيون: ڏسو: جاحظ: رسالة فخرالسودان علي البيضان، ص 5.

(2) سيد سليمان ندوي؛ عرب و ند کي تعلقات، الهه آباد، هندستاني اڪيڊمي، 30. 1929ع، ص 69.

(3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ’پوتي لفظ، عربي لفظ ’فوطہ‘ مان اُڌارو ورتو ويو هو پر ڊاڪٽر صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي 67 تي فرمائي ٿو ته: ۽ پوتي، اصل ۾ سنڌي لفظ آهي، جنهن کي عربي لغات ۾، اُڌاري لفظ طور ورتو ويو ۽ ان کي ’خوطہ‘ استعمال ڪيو ويو. ”سنڌ مان ڪپڙي جا واپاري (بزاز)، پيلبان، صراف، موسيقار ۽ بورچي بغداد، بصري، ڪوفي ۽ ٻين مرڪزي شهرن ۾ ويا. سنڌ جو ڪپڙو ۽ خاص طرح ماين جا روا ۽ رنگين پوتيون بغداد ۽ ٻين شهرن ۾ مشهور ۽ مقبول ٿيون. ايتري قدر جو سنڌي لفظ ’پوتي‘ عربي اُچار ’فوطہ‘ جي صورت ۾، اُن دور جي عام رائج عربي ٻوليءَ جو بنجي ويو. لغت جي اڳئين عالم ابن ’دريد‘ البت ايتري وضاحت ڪئي ته اصل ۾ هي لفظ عربي ناهي. مگر بعد ۾ 7 صدي هجريءَ جي وچ ڌاري، لفت جي ٻئي مشهور محقق ’حسن صفاني‘ (وف: 650 هه) جيڪو سنڌ ۾ رهيو هو ۽ سنڌي ٻولي کان واقف هو، تنهن بالآخر تحقيقي طور ٻڌايو ته ’فوطہ‘ دراصل سنڌي لفظ (پوتي) آهي ۽ اصل سنڌي اچار ۾ پيش وارو اُچار (اُو   پُو) ناهي بلڪه وچٿرو اُچار (او=پو) آهي. ص ص 68 ۽ 69.

(4) ايضاً. حوالو پهريون.

(1)  ڏسو حوالو پهريون.

(2) ايضاً.

(3) ايضاً.

(4) سيد سليمان ندوي ۽ بزرگ بن شهريار، ص 101.

(5) ايضاً. ص 202.

(6) ايضاً. 142.

(7)  بزرگ بن شهريار، ص 202.

(8) حوالو پهريون.

(9)  6. Panwhar. M.H. The Influenee of Ancient Sciences including those of Sind of Al-Razi the great Persian Scientist. a an article published in Sindhogical Studies. 1977. P P. 38-52

(1) ايضاً، ص 69

(2)  ايضاً، ص 69

(3) ايضاً، ص 69

(4) ايضاً.

(5)  ممتاز حسين پٺاڻ؛ ڊاڪٽر: مقالو، سامي (عرب) تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو،      قسم 2، ماهوار نئين زندگي، مارچ 1969ع، ص 46.

(6) سيد سليمان ندوي: حوالو ڏنو ويو. ص 69.

(7) ايضاً، ص 69.

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ص 75.

(2) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي. ص 77

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ص 76-77

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ص 110

(1) Bloomfield, L., Language, London, Op. Cit., George Allen and Unwin Ltd., 1961.

(2) Sturtevant, E.,H., and article: The Indo-Hittite Hypothesis, bublished in `Language`, Vol: 3, No: 2, April and June. 1962.

(3) Ibid.

(4) Gleason, H.A., An Introduction to Descriptive Linguistics, New York Holt Rinehart and Wilson, 1961.

(5) Ibid.

(1) Bloomfiedld. L., Op. Cit. P.62

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com