دراصل هر ٻوليءَ ۾ جهيلار ئي ته آهي، جنهن جي مدد
سان خبر پوندي آهي ته ڳالهائيندڙ جي گفتگو جو
انداز ڪهڙو آهي، آيا هُو سواليه انداز ۾ ٿو
ڳالهائي، آيا هُو اُها ڳالهه بيانيه انداز ۾ ٿو
بيان ڪري يا تعجب واري انداز ۾؟ انهيءَ ڪري هر
تحرير ۽ تقرير ۾ جمليجي ترتيب، عبادت ۽ اُسلوب جو
انداز، جهيلار ۾ تبديلي آڻڻ سان جملي جي ترتيب ۾
به تدبيلي ايندي. ته اصل معنيٰ ۾ به فرق ايندو.
اهي ئي ٻوليءَ جا عام اصول ۽ قانون آهن. امداد
حسيني صاحب لطيف جي هيٺين مصرع ڏيئي، پاڻ کي صحيح
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
ويڙهيچن ويندي عمر آءُ
امداد حسيني صاحب هاڻ جهيلار واري اصول کي سامهون
رکي. پوءِ انهيءَ مصرع جو مطالعو ڪري. شاعريءَ ۾
به لفظن جي ڦير گهير لاءِ وڏو جواز جهيلار ۽
راڳداريءَ جا اصول هوندا آهن، هن مصرع ۾ ’آءُ‘
ضمير کي اڳيان آڻي پوءِ ڏسو ته اهو زوردار مقصد ۽
مفهوم نڪري سگهي ٿو؟ شاعريءَ تي مون کي هڪ ڌار
مقالو لکڻو آهي،. تنهنڪري ابتي ٻوليءَ واري دعويٰ
ڪندي، وياڪرڻ کان اڻ ڄاڻ هجڻ، ۽ وقت جي زبان کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي؛ اها فقط خوش فهمي آهي.
هن دعويٰ مان سنڌي ٻوليءَ کي ڪوبه فائدو ڪونه
پهچندو. هن قسم جي جملن لکڻ مان نئين نسل کي
گمراهه ڪيو ويندو، تنهنڪري بهتر آهي ته اهڙيءَ
اسٽائيل ۾ لکڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پڙهندڙ پاڻ سوچين
ته:
”اُٿيو آهيان ننڊ مان، اٿي هاڻي هلان پيو رستي تي“
جملن ۾ جهيلار واري اهم نقطي کي بلڪل نظر انداز
ڪيو ويو آهي يا نه؟ ڪابه ٻولي جهيلار واري اصول
کان سواءِ ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ جو مفهوم ظاهر ڪري
نه سگهندي، تنهنڪري جهيلار جي مفهوم کان سواءِ هر
جملو غير فطري ۽ هر سٽاء فقط ڪن لفظن جو اهڙو ميڙ
سمجهيو جيڪو بي معنيٰ ۽ بي مقصد هوندو؛ جنهن کي
انگريزيءَ ۾
Non-sense sentencel)
چئبو آهي. يعني اهي جملا جن ۾ ڪوبه مقصد ڪونه
هوندو آهي.
بليو گرافي
سنڌي ڪتاب
1. الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي
ڪارج، مقالو، پرک، سالياني مخزن، ڄامشورو.
سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، 77_1976ع، ص105
2. امداد حسيني، ماهوار سوجهرو ۾ انٽرويو، جلد 2،
نمبر10، ڪراچي، جولاءِ 1974ع ص7
3. ايضاً
4. علي نواز جتوئي، پروفيسر: علم السان ۽ سنڌي
زبان، حيدرآباد، 1898ع، 12
انگريزي ڪتاب
5. Bloch, B. and Trager G.L., An Outline of
Iinguistic Analysis, Op. Cit., 1942 P.5.
6. Bloomfield, L., Language, Op. Cit, P. 190
7. Sturtevant E. H., An Introduction to
Linguistic Seience, New Human, Yale University
Press, 1947. P.21
باب چوٿون
سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا
موجوده سنڌي صورتخطي ڪڏهن ٺهي، ڪنهن ٺاهي، انگريزن
جي دؤر ۾ مسٽر ايلس جي صدارت هيٺ مقرر ڪيل
ڪاميٽيءَ ان ۾ ڪهڙا سڌارا واڌارا آڻي، اُن کي هڪ
مقرر صورت ۽ سرڪاري حيثيت ڏني. تنهن کان سنڌ جو هر
ماڻهو واقف آهي. وري 1913ع ۾ مرحوم مرزا قليچ بيگ
جي صدارت هيٺ ڪوٺايل ميڙ ۾، ايلس واريءَ ڪميٽيءَ
کان، سڌي صورتخطيءَ ۾، جيڪي ڳالهيون رهجي ويون
هيون، تن تي سوچ ويچار ڪري، انهن کي آخري شڪل
ڏيئي، اُن (سنڌي صورتخطيءَ) کي، وڌيڪ معياري ۽
آسان بنايو ويو. انهيءَ هوندي به جيئن جيئن وقت
گذرندو ويو، جيئن جيئن ٻوليءَ ۾ نون لفظن جو اضافو
ٿيندو ويو، جيئن جيئن سنڌي ادب نون لاڙن کان متاثر
ٿيندو ويو، تيئن تيئن صورتخطيءَ جا ڪيترائي مسئلا
سامهون ايندا ويا. انهن ۾ ’سنڌي وياڪرڻ ۽
صورتخطي‘،’سنڌي ٻوليءَ جو مزاج ۽ سنڌي صورتخطي‘،
’سنڌي شاعري ۽ سنڌي صورتخطي‘، سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي
شاعريءَ جا تجربا، ’سنڌي نثر ۾ ٻوليءَ جا تجربا‘،
وغيره جهڙا موضوع ڇنڊڇاڻ گهرن ٿا.
موجوده وقت، علمي ۽ ادبي حلقن طرفان اسڪولن ۽
نصابي ڪتابن ۾ ٽي لفظ عام طور استعمال ٿيندا آهن،
اهي ٽي لفظ آهن:
الف_ ب، رسم الخط ۽ صورتخطي يا لپي. لسانيات جي
اصولن جي روشنيءَ ۾ پهرين انهن ٽنهي لفظن جي وصف
سمجهڻ ضروري آهي ته جيئن اڳتي هر موضوع صاف
سمجهائي سگهجي؛ ٻيو سڀ هي به آهي ته اسان وٽ عام
طور اکر (حرف) ۽ لفظ جي وچ ۾ اڃا تائين فرق محسوس
نه ڪيو ويو آهي، ۽ عام طور لفظ کي ٻه ’اکر‘ چيو
ويندو آهي. دراصل ’لفظ‘ کي ’اکر‘ يا ’لفظن‘ کي
’اکَرَ‘ سڏڻ درست نه آهي.
’اکر‘ يا ’حرف‘ جي وصف سمجهڻ لاءِ“ پهرين آواز ۽
اکر ۾ فرق سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڇوته ڏٺو ويو آهي
ته سنڌ جي اُستادن، عام طرح ’اکر‘ (حرف) آواز جي
وچ ۾ جيڪو فرق آهي، تنهن کي اڃا تائين صحيح طرح
سمجهيو ئي نه آهي، انهيءَ لاءِ هيٺيان سبب ٿي سگهن
ٿا:
.i
پرائمري يا ثانوي اسڪولن ۾، سنڌي ٻولي پاڙهيندڙ
استاد، سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات ۽ صوتياتي نظام کان
گهڻو ڪري، واقف نه آهن.
.iiسنڌي
ڪتابن ۾ الف_ ب، رسم الخط ۽ صورتخطيءَ ۾ فرق
ڄاڻايل نه آهي.
.iii
الف_ ب ۽ صورتخطيءَ جي بيان ڪندي، حرف يا اکر ۽
آواز جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي تنهن کي سمجهڻ ڪوشش نه
ڪئي وئي آهي.
.vi
ٽيچرس ٽريننگ اسڪولن ۽ ٽريننگ ڪاليجن ۾، صوتيات جي
علم جي سکيا لاءِ جيڪي اُستاد مقرر ٿيل آهن، اهي
خود هن علم کان واقف نه آهن.
انهيءَ ڪري مناسب آهي ته پهرين آواز، پوءِ اکر يا
حرف، پوءِ الف-
ب ۽ آخر ۾ رسم الخط ۽ صورتخطيءَ جي وصفن کي سمجهڻ
جي ڪوشش ڪرڻ کپي.
(الف) آواز:
ڳالهائڻ جي عضون جي مدد سان، ڌار ڌار مخرجن وٽ،
رڪاوٽ گهڪي يا متواتر اُچار سان، ڳالهاءَ جا آواز
ٺهندا آهن. گفتگو واري ٻولي اهڙن آوازن جي تواتر
مان ٺهي ٿي.
(ب) اکر يا حرف: ٻوليءَ جي آوازن کي جڏهن
ڪنهن لکيل صورت ۾ آڻبو آهي، تڏهن اهڙين لکيل صورتن
کي ’اکر‘ چئبو آهي. مثال طور [ب، ت، ٿ، ث ج]
ڳالهاءَ جا آواز آهن، جيڪي ڌار ڌار مخرجن وٽ
اُچاريا ويندا آهن. اِهي آواز دنيا جي هر حصي_
هندستان، پاڪستان، برما، سلون، ٿائلينڊ، جاپان،
جرمني ۽ فرانس وغيره ڌار_ به اُچاريا ويندا آهن.
جڏهن انهن ۽ اهڙن ٻين آوازن کي لکت ۾ نمايان ڪبو
آهي، يعني لکت جي صورت ۾ آڻبو آهي، تڏهن انهن لاءِ
ڪي نشانيون مقرر ڪبيون آهن؛ اهڙين نشانين کي ’اکر‘
يا ’حرف‘
(Grapheme)
چئبو آهي. اهي اکر يا حرف، ڌار ڌار ٻولين ۾ ڌار
ڌار آهن. مثال طور ديوناگري رسم الخط ۾ [ب] آواز
لاءِ جيڪا لکت واري نشاني يا اکر مقرر ڪيو ويو
آهي، سو عربيءَ جي نسخ خط واري حرف کان ٻيءَ طرح
آهي. اهڙيءَ طرح برمي ٻوليءَ، ٿائي، ڪوريئن،
ويئٽنامي، جپاني ۽ انگريزي وغيره ٻولين ۾، [ب]
آواز لاءِ لکت واري علامت ساڳي نه آهي، پر هر
ٻوليءَ ۾ اها لکت الڳ الڳ آهي. جيتوڻيڪ آواز لڳ ڀڳ
ساڳيو آهي، انهيءَ ڪري اکر يا حرف مان مراد آهي:
”ٻوليءَ جي ڪنهن آواز کي لکت ۾ ظاهر ڪندڙ نشان يا
علامت.“
(ج) الف_ ب: لکت وارين نشانين يا علامتن جي اُها
ترتيب، جنهن ۾ ڪنهن ٻوليءَ جي ڌار ڌار آوازن جي
ڌار ڌار لکت وارين نشانين کي هڪ هنڌ ڏيکاريو ويو
هجي يا گڏ ڪيو ويو هجي.
(د) صورتخطي: ڪنهن به زبان ۾لفظن ۽ جملن جي لکت
لاءِ آوازن جي تحرير ٿيل صورتن (لکت وارين نشانن)
کي اهڙي نموني استعمال ڪرڻ جو اها لکت، سڄي ملڪ
لاءِ هڪ جهڙي معياري ۽ درست هجي. معياري ۽ هڪ
جهڙي صورتخطيءَ جو مطلب هي آهي ته لسانيات جي
اصولن موجب ڌار ڌار خطن ۾ ڪن لفظن جي ڌار ڌار
اُچارڻ
(Variant Pronunciation)
ڪري، اُن اُچار موجب اُن لفظ کي ڌار ڌار نموني
لکڻ، يعني هڪ لفظ کي ڌار ڌار خطن ۾، اُتي جي لهجي
۽ اچار موجب ڪتابن ۾ ڌار ڌار نمونن ۾ لکڻ، درست نه
آهي، مثال طور لاڙڪاڻي جا ماڻهو ’مڇي‘ لفظ جو
اُچار ڪن ’مَشي‘؛ هاڻ جيڪڏهن معياري لهجي وارا
لکندا ’مڇي‘ ۽ لاڙڪاڻي جي تر وارا لکندا ’مَشي ‘
ته قصو ڪيئن ٺهندو؟ اهڙي طرح لاڙي لهجي ۾ به
انهيءَ قسم جو فرق نظر ايندو آهي.
انهيءَ ڪري صورتخطي جو، مقصد آهي ڪنهن به لفظ لاءِ
هڪ صورت يا هڪ شڪل مقرر ڪرڻ. ان سبب جي ڪري ڪنهن
به زبان جي صورتخطيءَ لاءِ لازمي هوندو آهي ته
لغات ۾ يا نصابي ڪتابن ۾، هر لفظ کي کي هڪ ئي مقرر
صورت ۾ لکيو وڃي، يعني ته اُن لفظ لاءِ ڪا هڪ ئي
صورت مقرر ڪئي وڃي، اهڙيءَ طرح نه فقط لفظ جي
انفرادي حالت ۾ هڪ ئي لکيل صورت هجڻ گهرجي، پر
جڏهن اهو لفظ ڪنهن هڪ جملي ۾، يا ڌار ڌار جملن ۾،
اُچاريو آهي، تڏهن جيتوڻيڪ ڪنهن هڪ جملي ۾ يا هڪ
کان وڌيڪ جملن ۾، ڪن لفظن جا اُچار، انفرادي طور
اُچاريل لفظن کان ڪجهه ٻيءَ طرح ٿيندا آهن، پر
صورتخطيءَ جي اصولن ۽ قانونن موجب، اهڙن لفظن جي
جملن ۾ به، اُهائي ساڳي صورتخطي رکبي، جيڪا اُن
لفظ جي انفرادي طور يا اڪيلي سر اُچارريل حالت ۾
مقرر ڪئي ويندي آهي، اهو اصول سڄي ملڪ يعني ان
زبان واري ايراضيءَ ۽ حدن ۾ رائج هوندو آهي، زبان
جي ايراضيءَ اندر (يا جيڪڏهن ڪنهن زبان جا
ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ دنيا جي ٻين ملڪن اندر پکڙجي
ويا هجن)، هڪ ئي صورتخطي اختيار ڪئي ويندي آهي،
تنهنڪري ڪنهن به زبان جي صورتخطي معنيٰ اُن زبان
جي معياري لهجي ۾ اُچاريل لفظ جي لکيل ۽ مقرر ڪيل
صورت.
هت معياري لهجي جي وضاحت ڪرڻ به مناسب آهي. ”اهو
لهجو، جو سرڪاري طور اسڪولن، ڪاليجن، نشر واشاعت،
سرڪاري اطلاعن، ڪورٽن، اسيمبلين توڙي مهذب ماڻهن
جي حلقي اندر استعمال ٿئي، ڳالهيو وڃي ۽ لکيو وڃي،
اهري لهجي کي ”معياري لهجو“
(Standard dialect)
چئبو آهي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي، اُن معياري لهجي
کي تسليم ڪيو ويندو آهي. مثال طور، سنڌ جي ماڻهن
جي ٻولي ”سنڌي“ آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جو اهو لهجو،
جيڪو اسين اسڪولن ۾ پڙهون ٿا، يا ريڊيو تي سرڪاري
اعلانن ۾ ٻڌون ٿا، يا ڳالهايون ٿا، جنهن لهجي ۾
اسان جا عالم ۽ اديب تقريرون ڪن ٿا، جو لهجو
اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ذريعي تعليم طور ڪم ايندو آهي،
اهو لهجو، سڄي سنڌ لاءِ هڪ ئي آهي. هر هڪ ماڻهوءَ
کي انهيءَ لهجي ۾ لکڻو ۽ پڙهڻو آهي، ۽ باهمي
گفتگوءَ ۾ ڳالهائڻو آهي. اهڙي لهجي کي ’معياري
لهجو‘ چئبو آهي.
(د) رسم الخط: رسم الخت جي معنيٰ آهي لکت
جو رواج. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ڪنهن ملڪ يا
علائقي ۾ مروج لکيتون يا لپيون، رسم الخط ۽
صورتخطيءَ ۾ خاص فرق هي آهي ته صورتخطي سڄي ملڪ جي
ماڻهن لاءِ هڪ ئي هوندي آهي، پوءِ اُهي ماڻهو چاهي
الڳ الڳ مذهب رکندڙ هجن. صورتخطي سڄي ملڪ ۾، هر
قوم، هر قبيلي ۽ هر خطي جا ماڻهو اختيار ڪندا آهن.
ان کي گهڻو ڪري سرڪاري حيثيت حاصل هوندو آهي، پر
رسم الخط لاءِ اهو شرط لازمي نه هوندو آهي. مثال
طور سنڌ ۾ جڏهن سنڌي زبان لاءِ ڪا هڪ مقرر صورتخطي
ڪانه هئي، تڏهن سنڌي ٻولي سنڌ جي هندن پنهنجي
نموني پئي لکي ته وري مسلمانن پنهنجي نموني؛ وري
هندن ۾ به هڪ لپي ڪانه هئي، پر جدا جدا شهرن ۽ خطن
جي رهاڪن پنهنجي پنهنجي لکت پئي ڪم آندي. اُنهن
مان هر لکت کي رسم الخط چئي سگهجي ٿو. مثال طور
ٺٽي ۾ لوهاڻن هڪ رسم الخط پئي ڪم آندو ته ڀاٽين
وري ٻيو رسم الخط، اهڙيءَ طرح سکر جي لوهاڻن هڪڙي
لپي پئي ڪم آندي، ته ڀاٽين وري ٻي، اهڙيءَ طرح
عربن جي اچڻ وقت سنڌ ۾، سنڌي ٻولي خدا آبادي (خدا
واري) شڪار پوري، لاڙائي، ونگائي، راجائي، سيوهاڻي
۽ ڏاکڻي لهندا رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. اهو
سلسلو انگريزن جي دؤر تائين هلندو آيو. انگريزن جي
دؤر ۾، سنڌ ۾ عربيءَ جا ٻه رسم الخط رائج ٿيا.
انهن مان هڪڙو هو ’نستعليق رسم الخط‘ ۽ ٻيو هو
’نسخ رسم الخط‘ ڪي مسلمان، جن ۾ خواجا ۽ ميمڻ خاص
طور ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن، سي پنهنجو پنهنجو
ديواناگري نموني وارو رسم الخط استعمال ڪندا هئا.
انهن ۾ ٺٽائي ميمڻ هڪ رسم الخط ڪم آڻيندا هئا، ته
ڏيپلائي ۽ حيدرآباد جا ميمڻ وري پنهنجو پنهنجو رسم
الخط ڪم آڻيندا هئا. انهن جدا جدا لپين يا لکيتن
کي، صورتخطي چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هر خطي ۾
سنڌي ٻولي ڌار ڌار نموني پئي لکي وئي، انهيءَ ڪري
انهن جدا جدا لکيتن يا لپين کي سنڌي ٻوليءَ جا رسم
الخط چئبو.
مٿي عرض ڪيو ويو آهي، 1849ع ۾ايلس واريءَ ڪميٽيءَ،
مخدوم ابوالحسن جي ٺاهيل صورتخطيءَ تي سوچ ويچار
ڪري، اُن تي نئين سر نظر وجهي، ان کي معياري
صورتخطيءَ جي حيثيت ڏني. ڪجهه وقت کان پوءِ محسوس
ڪيو ويو ته مسٽر ايلس واريءَ ڪميٽيءَ کان به ڪي
نقطا رهجي ويا هئا، جن تي سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ
1913ع ۾، مرحوم مرزا قليچ بيگ جي صدارت هيٺ
گڏجاڻي ڪئي وئي. ان وقت جي تعليمي ماهرن، سنڌي
لٽريچر ڪميٽيءَ جي ميمبرن، انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت
ڪئي، ۽ سوچ ويچار ڪري فيصلا ڪيا. اهي فيصلا اخبار
تعليم ۾ شايع ڪرايائون، پر ڪجهه وقت گذرڻ کان
پوءِ، يا اڳتي هلي جدا جدا ماڻهن جي جدا جدا سوچ
ڪري، صورتخطيءَ ۾ نوان نوان مسئلا نظر آيا. زنده
ٻولين ۾ اهڙن مسئلن پيدا ٿيڻ مان اهو ثابت ٿو ٿئي
ته انهن ٻولين جي ڌارا بيٺل نه آهي يا سڪي ڪانه
وئي آهي، پر دائما روان آهي ۽ جاري آهي، ۽ منجهس
تحرڪ آهي. زنده ٻوليون، ٻين ٻولين کان اثر
وٺنديون، انهن تي ڪجهه پنهنجا اثر ڇڏينديون، ترقي
پذير هونديون آهن. انهن ۾ نون نون علمن جي لفظن جي
ذخيري جو اضافو ٿيندو رهندو آهي، جنهنڪري انهن نون
لفظن جي لکت جا مسئلا هميشہ ماهرن جو ڌيان
ڇڪائيندا رهندا آهن.
موجوده سنڌي صورتخطيءَ ۾، جيڪي مسئلا نظر آيا آهن،
تن جي باري ۾ ’سنڌي صورتخطي‘ ڪتاب ۾، ڪافي بحث ڪيل
آهي. ان ڪتاب جي چوٿين ڇاپي ۾، 1993ع ۾، اضافا به
ڪيا ويا آهن. مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ مثالن ۽ دليلن
سان اهو واضح ڪيو هو ته پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جا
اُستاد، سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ، خاص ڪري صوتياتي ۽
وياڪرڻي سٽاءُ کان واقف نه آهن. ڪيترن ئي اُستادن
کي اها به خبر ڪانهي ته ’وسرنگ آواز‘ ۽ ’مرڪب
آواز‘ ۾ ڪهڙو فرق آهي، يا ڪهڙا ڪهڙا آواز لفظ جي
منڍ ۾ اچن ٿا، ڪهڙا ڪهڙا آواز لفظ جي وچ ۾، ۽ ڪهڙا
ڪهڙا آواز لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ اچي سگهن ٿا. ڪيترن
سڄڻن کي اها به ڄاڻ ڪانهي ته مشدد آوازن لاءِ ڪهڙا
اصول ۽ قانون آهن. گهڻن ئي کي اها به خبر ڪانهي ته
سنڌي ٻوليءَ ۾، لفظن اندر، جزم جو استعمال ڪٿي ۽
ڇو ضروري آهي؟ اهڙي طرح گُھڻي سر ۽ گُهڻي وينجن جي
وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ انوسوار ۽ انوناسڪ صوتيه ڇا
آهن؟ گراسمن جو قانون ڇا آهي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا سڀ
نڪتا، صورتخطيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جا ڪارڻ ۽ حل
آهن. انهيءَ ڪري ٻولي سيکاريندڙ هر اُستاد لاءِ،
علم صوتيات ۽ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جي ڄاڻ
جي تمام گهڻي ضرورت آهي.
سنڌي زبان لاءِ ديوناگري يا ارڌ ناگري نموني جا
جيڪي پراڻا رسم الخط مليا آهن، انهن ۾ الف_ ب جي
پٽيءَ جي ترتيب، مخرج وار اُچاريل آوازن موجب رکي
وئي آهي، جيئن:
نرم تارونءَ وارا آواز |
ڪ ک ڳ گ گهه ڱ |
سخت تارونءَ وارا آواز |
چ ڇ ڄ ج جهه ڃ |
مورڌني آواز |
ٽ ٺ ڏ ڊ ڍ ڻ |
ڏندن وارا آواز |
ت ٿ د ڌ ن |
ٻن چپن وارا |
پ ڦ ٻ ب ڀ م |
گُهڪي وارا |
و س ش هه |
نيم سُر، روان ۽ |
ي رل |
ڦڙ ڦڙ آواز |
ڙ |
مرڪب آواز |
دُرَ تُرَ ڪُشَ گُنَ |
سن 1700ع ۾، نسخ نموني جو سنڌي زبان لاءِ جيڪو
پهريون رسم الخط لکت جي صورت ۾، عوام جي سامهون
آيو، سو مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڪتاب مقدمہ الصوات
۾، ڪم آندو. هيءُ رسم الخط پوءِ ’ابوالحسن جي
سنڌيءَ‘ جي نالي، سان سڄيءَ سنڌ ۾، مشهور ٿي ويو.
مخدوم صاحب سنڌي آوازن لاءِ، عربي ۽ فارسيءَ جي
الف_ ب جي مدد سان، جيڪا صورت مقرر ڪئي سا هن ريت
هئي:
ابوالحسن واري
الف-ب |
موجوده
الف- ب |
ابوالحسن |
|
موجوده |
|
|
|
ا |
ا |
س |
س |
|
|
ش |
ش |
ب |
ب ۽ ٻ |
ص |
ص |
ڀ، بهه |
ڀ |
ض |
ض |
ت |
ت |
ط |
ط |
ٿ، تهه |
ٿ |
ظ |
ظ |
ت ۽ تر |
ٽ |
ع |
ع |
ٽ ۽ ٿهه |
ٺ |
غ |
غ |
ث |
ث |
ف |
ف |
پ |
پ |
ق |
ق |
ف ۽ پهه |
ڦ |
ڪ |
ڪ |
ج |
ج |
ک ۽ کهه |
ک |
ج |
ڄ |
گ |
گ |
ج |
جهه |
گ |
ڳ |
نج |
ڃ |
گهه |
گهه |
چ |
چ |
نگ |
ڱ |
چهه |
ڇ |
ل |
ل |
خ |
خ |
م |
م |
د |
د |
ن |
ن |
دهه |
ڌ |
ن |
ڻ |
ڏ |
ڏ |
و |
و |
د ۽ در |
ڊ |
هه |
هه |
ڊ |
ڍ |
ء |
ء |
ر |
ر |
ي |
ي |
ر |
ڙ |
|
|
ز |
ز |
|
|
موجوده عربي_ سنڌي الف_ ب (ايلس واري) واري چارٽ ۾
ڏنل ترتيب ۾ اڳتي هلي جدا جدا ڪتابن ۾، جيڪا ڦير
گهير ڪئي وئي، تنهن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
ايلس واري پٽي
ا ب ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه
ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش
ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه
ڱ ل ۾ ن ڻ و هه ع ي
1935ع ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ جيڪا ڦير گهير ڪئي وئي تنهن
کان پوءِ الف_ ب جي پٽيءَ جي صورت هن ريت وڃي
بيٺي:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ گ
ڳ ڱ ک ي د ذ ڌ ڏ ڊ ڍ ح ج ڄ
ڃ چ ڇ خ ع غ ر ز ڙ م ن ل س ش و ق
ص ض ڻ ط هه جهه گهه ڪ عه
سال 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل جامع سنڌي
لغات جلد اول ۾، الف- ب جي پٽيءَ ۾ وڌيڪ ڦيرڦار
آڻي، ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر مان هٽائي، ’ف‘ جي ڀر ۾
رکيو ويو. اُن لاءِ هي دليل ڏنو ويو ته ’ف‘ ۽ ’ڦ‘
جي شڪل هڪ جهڙي آهي، تنهنڪري ٻئي حرف هڪ ٻئي جي
پاسي پاسي ۾ رکڻ گهرجن. اها ساڳي ترتيب پوءِ سنڌي
پرائمري ڪتاب ۾ پڻ اختيار ڪئي وئي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع لغات سنڌيءَ سان الف-ب
اها پٽي، سر ورق طور ڏني وئي آهي، اُها هن ريت
آهي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ
چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض
ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه
ڱ ل م ن ڻ و هه ع ي
هن پٽيءَ ۾ ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي پاسي ۾ رکڻ لاءِ ڏنل
دليل مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان جا ماهر سنڌي
صوتياتي نظام کان واقف نه هئا.
دراصل ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ حرف،[پ] ۽ [ڦ] آوازن جون لکيل
صورتون آهن. اهي ٻئي آواز يعني [پ] ۽ [ڦ] سنڌي
صوتيات ۾، هڪڙي ئي خاندان واري يعني هڪڙي ئي گروهه
(ڌماڪيدار) وارا آواز آهن. انهن ٻنهي آوازنجو
مخرج هڪڙو ئي يعني ساڳيو آهي. اهي ٻئي ٻن چپن وارا
ڌوڪڻا آواز
(Bi_Labial Plosives)
آهن، ٻئي هلڪا
(Voiceless)
آواز آهن ٻنهي آوازن ۾ فرق هي آهي ته [پ] هلڪو
آوسرگ آواز آهي، ۽ [ڦ] اُن جو هلڪو وسرگ جوڙ آهي.
[ف] ۽ [ڦ] آوازن جي وچ ۾ ڪابه مٽي مائٽي ۽ ڪوبه لڳ
لاڳاپو ڪونهي. اهي ٻئي ڌار ڌار گروهنوارا آواز
آهن، ۽ ٻنهي جا مخرج به ڌار ڌار آهن. انهيءَ سلسلي
۾ ’سنڌي صورتخطي‘ ڪتاب جي ٽئين ڇاپي (1969ع) ۾،
صفحي 45 تي حاشيي ۾، وضاحتي نوٽ ۾ عرض ڪيو ويو آهي
ته [ف] ڏندن ۽ گاڏئون، هلڪو گهڪيدار وينجن آهي.
انهيءَ ڪري [ڦ] ۽ [ف] جي وچ ۾ صوتياتي لحاظ کان
ڪابه قرابت، ڪابه نسبت ۽ ڪابه هجهڙائي ڪانهي.
اهوئي سبب هو جو ايلس واريءَ ڪميٽيءَ [ڦ] لاءِ
مخدوم ابوالحسن_ الف ب جي چارٽ ۾ مقرر ’ف‘ ۽ ’پهه‘
لاءِ هڪ نئون اکر ’ڦ‘ مقرر ڪيو.
اهي ته ٿيا اکرن، حرفن ۽ الف_ ب جي پٽيءَ ۾ ترتيب
جا مسئلا. هاڻ ڏسڻ گهرجي ته سنڌي صورتخطيءَ جا
مسئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ سنڌي صورتخطيءَ جي سلسلي ۾
جيڪي مسئلا مون محسوس ڪيا آهن، تن جي فهرست هن ريت
آهيِ:
(الف) لفظن جي منڍ ۽ وچ ۾ ايندڙ مرڪب آوازن جي لکت
(ب سُرِن
(Vowes)
جي لکيل صورت.
(ت) پُرن کي لکت ۾ نمايان ڪندڙ حرفن مٿان جزم جو
استعمال
(ث) وِسرگ آوازن تي مشتمل لفظن جي لکت ۾ فرق
(ج) سُرن جو، گهڻن وينجنن کان متاثر ٿيڻ.
(د) گهڻن سُرن جي گهڻائڻ واري خاصيت جو، گُهڻن
وينجنن ۾ تبديل ٿيڻ
(ر) گهڻي وينجن [ن] ۽ گهڻي سُر جي نشاندهي ڪندڙ
حرف ’ن‘ جو مطالعو
(س) مشدد وينجن ۽ تشديد لاءِ قانون
(ش) عربي ۽ فارسيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل لفظن جي
لکت ۾ ڦير گهير
(ص) سرائڪي ٻوليءَ جي اثر سبب اُچار ۽ لکت ۾ فرق
(ض) لفظن جي صورتخطين ۾ عام ڦير گهير
هاڻ هيٺ هر هڪ مسئلي جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
(الف) لفظن جي مُنڍ ۾ وچ ۾ ايندڙ مرڪب/ گڏيل
آوازن جي لکت:
سنڌي صورتخطيءَ ۾
۽ سنڌي صوتيات
۽ سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد،
ڪتابن ۾ سنڌي صوتيات جي هن خصوصيت تي ڪافي روشني
وڌي وئي آهي، ۽ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته هيستائين
سنڌ جي ماهرن سنڌي زبان جي نصابي ڪتابن، وياڪرڻن
توڙي سنڌي لغات ۾ هن موضوع طرف ڪوبه توجہ نه ڏنو
آهي. مثال طور جن لفظن جي منڍ ۾ ڪي مرڪب يا گڏيل
آواز عام طور اُچاريا ويندا آهن، اُنهن جي لکت
ڏانهن نصابي ڪتابن ۾ ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو آهي؛
جيئن هيٺيان لفظ ڏسو:
ڌۡيان، ٻۡيائي، پۡيار، ڏۡياري، ڏۡياٽي، نۡياپو،
نۡياءُ، گۡيان، ٽۡياڻ، ڪۡياڙي، جۡياپو، پۡريم،
ڪۡروڌ، گۡراهڪ ۽ بۡرهمڻ.
|