سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :12

جيتوڻيڪ انهن لفظن جو ڪو گهڻو  نه آهي، پر انهن جو جيترو به ذخيرو ملي ٿو، انهن جي لکت جو مسئلو حل ڪرڻ ضروري آهي. انهن لفظن کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيڻو نه آهي. اهي لفظ اڄ به اسان جي روزمره واريءَ ٻوليءَ ۾ ڪم ايندا آهن. ان ڪري اهي اسان جي سماج ۽ لغات جو حصو آهن. انهن ۽ اهڙن ٻين لفظن جي ڪا صورت شايد ان ڪري مقرر ٿي نه سگهي، جو عربي ۽ فارسي ٻولين  جي صوتياتي نظام ۾ لفظن جي منڍ ۾، مرڪب آوازن جا اُچار موجود نه هئا، ان ڪري عربي يا فارسي زبانن جي صورتخطين ۾ اهڙن مرڪب آوازن کي لکڻ جو رواج ڪونه هو، تنهنڪري سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺاهيندر ماهرن، انهيءَ مسئلي طرف سوچيو ئي نه هو؛ پر جيڪڏهن تقابلي مطالعي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ سٽاءُ جو مطالعو ڪيو وڃي ها ۽ ديوناگري رسم الخط  جي مدد سان ٺهيل گجراتي، مرهٽي، بنگالي وغيره زبانن جي صورتخطين کي سامهون رکيو وڃي ها ته جيڪو سنڌي زبان ۾ اهو مسئلو 1849 ۾ ئي حل ٿي وڃي ها، يا دير ۾ دير 1913ع ۾ هن مسئلي تي سوچيو وڃي ها. پر ائين نه ڪيو ويو. اهوئي سبب آهي جو ديوان لوڪناٿ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپيءَ جي دليلن ۾ پنهنجي تنقيد ۾ هن نقطي تي خاص طور زور ڏيندي لکيو هو ته:

(i) عربي- سنڌيءَ جي لکاوٽ جو اُچارن سان ڪوبه تعلق نه آهي. اُچار هڪڙو ته لکڻ جو طريقو ٻيو.

(ii) عربي- سنڌي بنهه غير وگيانڪ لپي آهي. زبان جيڪي به سڀاويڪ اُچار ڪري ٿي، عربي لپي اُنهن اُچارن کي صورت ڏيڻ کان قاصر آهي.

(iii) هن (عربي_ سنڌي) جڏيءَ ۽ غير وگيانڪ لپيءَ ڪارڻ اسان هزارين لفظن جا اُچار ڦيرائي، انهن لفظن جي صورت ئي بدلائي ڇڏي آهي. نه فقط ايترو، ليڪن غير وگيانڪ لپيءَ جي سؤ سالن جي اثر هيٺ اسان جي زبان صحيح اُچارن ڪرڻ کان قاصر ٿي پئي آهي، جنهنڪري اسان جا سنڌي، سنسڪرت شلوڪن جا اُچار اهڙا ڪندا آهن ڄڻ ته عربي ويٺا پڙهن. (1)

ديوان لوڪناٿ جي انهن اعتراضن جا جواب اُن ئي وقت سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڏنا ويا هئا. (1) جواب هن طرح هو:

”جن جن اعتراضن جي بنياد تي ديوان لوڪناٿ عربي_ سنڌي رسم الخط کي غير وگيانڪ ٿو سمجهي، سي خاميون دراصل عربي_ سنڌي رسم الخط ۾ نه پر، لکندڙن جي اڻڄاڻائيءَ جو نتيجو آهي؛ مثال طور:

لوڪناٿ لکي ٿو ’ڀرشت‘ لفظ ديوناگريءَ ۾ ئي درست نموني لکي سگهبو ڇو ته لفظ جي مُنڍ ۾ [ڀر] مرڪب آوازن ۾ [ڀ] ۽ [ر] ٻئي مرڪب صورت ۾ لفظ جي منڍ ۾، اُچارجن ٿا، ۽ ٻنهي جو مرڪب يا گڏيل اُچار ٿيندو [ڀۡر]، جيڪو، لوڪناٿ جي راءِ موجب، عربي رسم الخط ۾ لکي ڪونه سگهبو، پر جي لکڻ جي ڪوشش ڪندا ته اُن جو اُچار هڪڙو ڪبو ته لکيل صورت ٻي هوندي؛ مثلاً:

اچاريل صورت         لکاوٽ واري وصرت

ڀۡرشَٽ                          ڀِرشُٽَ

سنڌي صورتخطي ڪتاب ۾ اهو واضح طور سمجهايو ويو هو ته:

”دراصل اسان جون اهي ۽ اهڙيون ٻيون لکيل صورتون صحيح نموني سان نه لکڻ ۾ غلطي اسان جي آهي ۽ نه ڪه عربي- سنڌي رسم الخط جي.“ (2)

بهرحال اُهي لفظ جن جي منڍ ۾ مرڪب آواز هوندا آهن، اهڙن مرڪب آوازن جو پهريون جُز سان هوندو آهي. اهڙي ساڪن آواز کي لکت ۾ نمايان ڪندڙ حرف (لکيل صورت) جي مٿان جزم ڏني ويندي آهي. اهڙي طرح اڳ ۾ ڏنل مثالن جي لکيل  صورت هن ريت ٿيندي:

لفظ

نئين طريقي سان لکڻ جي شفارش

ڌيان

ڌۡيانَ

ٻيائِي

ٻۡيائي

پيار

پۡيارُ

ڏياري

ڏۡياري

ڏياٽي

ڏۡياٽي

نياپو

نۡياپو

نياء

نۡياءُ

گيان

گۡيان

ٽياڻ

ٽۡياڻ

ڪياڙي

ڪۡياڙي

جياپو

جۡياپو

پريم

پۡريم

ڪروڌ

پۡريم

ڪروڌ

ڪۡروڌ

گراهڪ

گۡراهڪ

برهمڻ

بۡرهمڻ

انهن لفظن ۾ منڍ وارن مرڪب آوازن جي هجي تي، سنڌي صورتخطي ڪتاب (ڇاپو چوٿون) ۾ صفحي 144 تي بحٿ ڪيو ويو آهي.

(ب) سرن جي لکيل صورت لسانيات جي روشنيءَ ۾ سنڌي صوتيات جو جائزو وٺندي (Consonants) کي حرف صحيح جي بدران ’وينجن‘ نالو ڏنو ويو آهي ۽ (Vowel) کي حرف علت جي بدران ’سر‘ سڏيو ويو آهي. اهي ڏنل نالا تشريحي لسانيات جي وصفن موجب درست آهن. انهيءَ لاءِ ڪتابن ۾ جيڪي سبب ڄاڻيا ويا آهن. اُهي پڙهي سگهجن ٿا. (1)

سنڌي ٻوليءَ جا ’سُر‘، جن کي سنڌ جي بزرگ تعليمي ماهرن ’حرف علت‘ سڏيو آهي، اُنهن جي باري ۾ جدا جدا ماهرن جدا جدا وصفون بيان ڪيون آهن، ۽ نتيجا ڪڍيا آهن. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو:

”اسان جي هاڻوڪي زبان جي لفطن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته جيئن اڳ تيئن الفاظ ’حروف صحيح‘ سان بنيل هئا، يعني منجهن حروف علت بلڪل ڪم هئا، يا مورڳو نه هئا. (2)

ڊاڪٽر صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”عربيءَ جي اثر کان اڳ، سنڌي الفاظ اڪثر حروف صحيح جا مرڪبات هئا.“ (3)

ڊاڪٽر صاحب جي هن پوئين راءِ مان واضح ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ سُرن کان سواءِ ئي ٺهنداهئا، يعني وينجن پاڻ ۾ ملي لفظ يا پد ٺاهيندا هئا.

سُرَ کي ڪاڪو ڀيرومل به حرف علت ٿو سڏي. هو حرف علت جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو:

”حرف علت معنيٰ ضعيف يا بيمار اکر. اهي برابر ڪمزور آهن ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجو اُچار سولائيءَ سان ٿا بدلائين. (4)

ڪاڪو ڀيرومل اڳتي لکي ٿو:

”علت معنيٰ بيماري به آهي، تنهنڪري ڪي چون ته حرف علت معنيٰ بيمار اکر ۽ حرف صحيح معنيٰ چڱا ڀلا اکر. اهي معنائون وٺبيون ته چئبو ته جيئن ماڻهو پاڻمرادو پيو ڪرڪندو ۽ ڪنجهندو آهي، تيئن حرف علت به پاڻمرادو آواز ڪن ٿا؛ باقي حرف صحيح چڱن ڀلن وانگر ماٺ ڪيو بيٺا آهن. (2) هن سلسلي ۾ شيخ واحد بخش صاحب لکي ٿو:

”علت معنيٰ آهي بيماري، ڇاڪاڻ ته ’واي‘ بيمار ماڻهوءَ جي صدا آهي، تنهنڪري انهن ٽن حرفن و، ا ۽ ي کي علت جا حرف سڏجي ٿو.“ (3)

شيخ صاحب  اڳتي لکي ٿو:

”علت معنيٰ اهو لفظ جو وجهه يا سبب بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجي.“ (4)

اهي وصفون هن علمي ۽ سائنسي دور ۾ قبول ڪرڻ جهڙيون نه آهن، پر لسانيات جي ماهرن، بلومفلد ۽ ٻين ’سُر‘ جي جيڪا وصف مقرر ڪئي آهي سان هن ريت آهي:

”سُر هڪ ڳرو آواز، آهي، جنهن جي اُچارڻ مهل هوا، نڙيءَ مان لنگهي مٿي اچي، وات واري کوپي مان ’روان لهر‘ (Continuous Stream) جي صورت ۾ لنگهندي آهي. وات واري کوپي مان لنگهڻ وقت اُن (هوا) کي ڪٿي به نه ڪا رڪاوٽ ٿيندي آهي، ۽ نه وري مخرج وٽ، اُچار دوران هوا جي لنگهه ۾ ڪا سوڙهه يا گُهٽ ٿيندي آهي، جنهنڪري هوا جي لنگهڻ مهل، مخرج وٽ ڪنهن گُهٽ يا سوڙهه ڪري، ڪو گَهِڪو ٿئي. جنهن آواز جي اُچارڻ ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود هجن، تنهن کي سُر (Vowel) چئبو آهي. (1)

هن وصف مان اهو واضح ٿو ٿئي ته سُر (Vowel) جي اُچارڻ لاءِ مخرج وٽ نه ڪٿي ڪا رڪاوٽ ٿي سگهي ٿي، ۽ ئي نه وري اُن کي ساڪن صورت ۾ اُچاري سگهجي ٿو، يعني ته سُر، ساڪن اُچاري نٿو سگهجي، پر سُر هميشہ متحرڪ هوندو آهي.

هن وصف جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’الف‘ و ۽ ي سُر نه آهن، پر سنڌي صوتياتي نظام موجب سُر ڏهه آهن، اهي آهن:

آ آ اِ اِي اُ اُو اي ايَ او، اوَ

اِهي ڏهه ئي سُرَ ’ا‘ (الف، ’و‘’ي‘ ۽ ’ء‘ اکرن يا حروفن جي مدد سان، جدا جدا حالتن، يعني لفظ جي مُنڍ ۾، وچ ۾ ۽ پڇاڙيءَ۾، لکت ۾ نمايان ڪري سگهجن ٿا. مثال طور [اَ] سُر جي حالت ۾، لفظ جي منڍ ۾ ’اَلف‘ حرف مٿان ’زبر‘ ڏني ويندي آهي ۽ [ا] جي حالت ۾ ’‘ الف حرف جي هيٺان ’زير‘ ڏني ويندي آهي، اهڙي طرح [آ] جي حالت ۾ ’الف‘ حرف جي مٿان ’مد‘ جو نشان ڏنو ويندو آهي.

ساڳي طرح [اِي] سُرَ جي لکيل صورت ظاهر ڪرڻ لاءِ، ’الف‘ حرف جي پويان ’ي‘ حرف ڏيئي، ’الف‘ هيٺ ’زير‘، ڏني ويندي آهي. [اي] جي حالت ۾ ’الف‘ کان پوءِ ’ي‘ حرف ڏيئي، پوءِ ’ي‘ هيٺ اُڀي ليڪ ڏني ويندي آهي. اهڙي طرح [اُ] ۽ [او] سر ’و‘ حرف جي مدد سان لکجن ٿا. ساڳيءَ طرح جڏهن ٻه سُر گڏ (Sequence) ۾ ايندا آهن، تڏهن جوڙ وارو پويون، سُر، ’ءُ‘ سان نمايان ڪيو ويندو آهي، جيئن:

(i) ڌيءَ>ڌ+ اِي+ آ (هت پوئين جوڙ ’اَ‘ جي بدران ’ءَ‘ ڪم آندو ويو آهي)

(ii) هيءُ> هه+ اِي+ اُ (هت ’اُ‘ جي بدران ’ءُ‘ ڪم آندو ويو آهي)

(iii) جيئرو>ج + اِي + آ_ رو (هِت ’اِي‘ کان پوءِ ’آ‘ جي بدران ’دِيءَ‘ آيو آهي

(iv) سوئڙي> س+ اوُ+ آ_ ڙي (هِت او کان پوءِ ’آ‘ جي بدران ’ء‘ آيو آهي

(v) ڪؤئا> ڪ + اُو+ آ (هِت اوُ کان پوءِ ’آ‘ جي بدران ’ئا‘ ڪم آيو آهي).

سُرن جي لکت جي سلسلي ۾ ٻيو مسئلو هي آهي ته [اَي] يا [اؤ] جڏهن ڪنهن لفظ جي منڍ يا وچ ۾، پهرين پد يا ٻئي پد ۾ ايندا، تڏهن ’زير‘،’ي‘، حرف يا ’و‘ حرف هيٺ ڏجي،  يا اُن حرف هيٺ، جنهن کان پوءِ اهي ’سرَ صورتون‘ اينديون هجن. مثال طور ’اِيمان‘ لفظ ۾ ’زير‘’الف‘ هيٺ ڏجي يا ’ي‘ جي هيٺان، ساڳيءَ طرح ’تيلي‘ لفظ ۾ ’زير‘’ت‘ هيٺ ڏجي يا ’ي‘ هيٺ؟ اهڙي طرح ’اوچو‘ لفظ ۾ ’پيش‘’و‘ مٿان ڏجي يا ’الف‘ جي مٿان؟

منهنجي راءِ موجب ’ايمان‘ ۽ ’تيلي‘ وغيره لفظن ۾ ’زير‘ ’ي‘ هيٺ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سُر [اِي] آهي، ۽ هجي ۾ ’زير‘،’ي‘ هيٺ ڄاڻائبي آهي ۽ چئبو آهي:

اِيمان= الف، ي، زير= اِي (پر الف، زير، = اِي نٿو چئجي)

تِيلي= تي، ي، زير= تِيه+ (پرت، زير، ي،= تِي ڪونه چئبو)

لام، ي، زير= لِي (زير لام، زير ي = لِي ڪونه چئبو)

گيتُ= گارف، ي، زير= گِيه (پر گاف، زير، ي= گِي ڪونه چئبو)

جيڪڏهن ’زير‘ ’ي‘ هيٺ ڏني ويندي ته پوءِ ’تِيلي‘ ۽ ’تِيلي‘ ’گِيت‘ ۽ ’گِيت‘ ۾ فرق ظاهر ٿي ويندو، ۽ ’اِي‘ جي حالت ۾ اُڀي ليڪ ڏيڻ جي ضرورت ڪانه ٿيندي.

ساڳيءَ طرح ’اُ‘ جي حالت ۾ پَش ’و‘ حرف مٿان ڏيڻ گهرجي ڇو ته ’توري‘ ’موري‘ ۽ ’نوري ‘ وغيره لفظن  جي هجي ڪرڻ مهل چئون ٿا:

تُوري> ’تي‘،’و‘، پيش = تو (پر ’تي‘، پيش=، ’و‘= تُو، ڪونه چوندا آهيون)

مُوري> ’ميم‘،’و‘، پيش= مُو (پر ’ميم‘،’پيش‘،’و‘= مو، ڪونه چئبو آهي)

سموري> س، زبر، س، ’ميم‘،’و‘، پيش= مُو (پر ’ميم‘،’پيش‘،= مو، ڪونه چئبو آهي)

ساڳيءَ طرح هڪ پد وارن (يڪپدي) دُهرن سُرن (diphthongs)، [ايَ] ۽ [اوَ] جي لکت ۾ به ’زبر‘ جو استعمال غور طلب آهي ڇوته ’بيت‘،’خير‘،’قومَ‘، ۽ ’فوج‘ وغيره لفطن ۾، ’زبر‘،’ي‘ ۽ ’و‘ کان اڳ ايندڙ حرف مٿان ڏني ويندي آهي، پر هجي مهل ’زير‘،’ي‘ يا ’و‘ مٿان آيل چئي ويندي آهي. تنهنڪري ’زبر‘ جو صحيح ۽ درست استعمال هيٺ ڏجي ٿو:

ڪتابن ۾ ڏنل صوت

صحيح صورت

بَيتُ

بِيَتُ

خَيرُ

خيَرُ

قَوم

قوَم

فَوج

فوَج

(ج) سُرن کي لکت ۾ نمايان ڪندڙ حرفن مٿان جزم جو استعمال:

مٿي سر جي وصف جي بيان ڪندي ٻڌايو ويو آهي سُر هڪ متحرڪ آواز آهي، جو ڪڏهن به ساڪن اُچاري نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته سُر ته پاڻ وينجنن کي متحرڪ بنائين ٿا. ڪي به وينجن پاڻ ۾ گڏجي، سرن کان سواءِ، پد يا لفظ ٺاهي نٿا سگهن. هڪ يا هڪ کان وڌيڪ سُر گڏجي پد يا لفظ ٺاهي سگهن ٿا، پر هڪ وينجن يا هڪ کان وڌيڪ وينجنن جو ميڙ، سر جي ميلاپ کان سواءِ، پد يا لفظ ٺاهي نٿا سگهن. اهو به چيو ويو آهي ته سُرن کي پنهنجي سراُچاري سگهجي ٿو، پر سُرَن جي مدد کان سواءِ وينجن هرگز اُچاري نه سَگهبا آهن. (1)

هن بيان مان ثابت ٿو ٿئي ته سر، ساڪن ڪم نه ايندا آهن. انهيءَ ڪري سنڌي نصاب جي ڪتابن ۾، سُرَن کي لکت ۾ نمايان ڪندڙ حرفن مٿان، جزمن جو استعمال درست نه آهي. وينجن ساڪن ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري هيٺ ڏنل لفظن ۾ وينجنن جي لکيل صورت مٿان جزم ڏيئي انهن کي ساڪن ڏيکارڻ بلڪل صحيح آهي:

هَلۡڪو

’ل‘ ساڪن

چَمۡڪو

’م‘ ساڪن

ڌرۡتِي

’ر‘ ساڪن

پر سنڌي نصابي ڪتابن، پرائمري ۽ ريڊر ۾، سُرن جي تحريري صورت ۾ جرم جو ڪيل استعمال صحيح نه آهي؛ مثال طور:

ڪتابن جو لکيل صورت (1)

صحيح لکت

ڳِيۡت

گِيت

آهيۡ

آهي

تِيۡليۡ

تِيلي

تُوريۡ

تورِي

مُورۡي

مُوريِ

درسي ڪتابن ۾، سُرن لاءِ آيل حرفن مٿان جزم جو اهڙيءَ طرح استعمال درست نه آهي.

(د) وسرگ آوازن تي مشتمل لفظن جي لکت ۾ فرق:

ڪيترائي سنڌي لفظ، جن ۾ پهرين ۽ ٻئي پد جي شروع ۾ وسرگ آواز اُچاريا ويندا آهن، سي ڌار ڌار ماڻهو ڌار ڌار نموني پيا لکندا آهن. اهڙن لفظن جون جدا جدا صورتون نصابي ڪتابن ۾ عام طور ڏٺيون ويون آهن؛ مثال طور:

گهگُهي، گهگي، گُگهي

جهجهو، جهجهو، ججهو

ڀمڀور، ڀمبور، بمڀور

ڀاڀي، باڀي، ڀابي

ڀڀ، ڀب، بڀ

گهگهن، گهگن، گگهن

انهن مثالن ۾ [جهه]، [گهه] ۽ [ڀ] آواز، [ج]، [گ] ۽ [ب] ڳرن اوسرگ آوازن جون وسرگ صورتون آهن، سنڌي صورتخطيءَ ۾ وسرگ آوازن جي سکڻ ۾ اهو مسئلو فقط (جهه، گهه ۽ ڀ) جي اُچارن سبب پيدا ٿيو آهي. هن ڏس ۾ لسانيات جي هڪ ماهر، مسٽر گراسمئن (Grassman) هڪ قانون ٺاهي، هن مسئلي جو حل ڳولي لڌو هو، پر جيئن ته اسان کي گراسمئن جي ٺاهيل انهن قانونن جي اڳ ڄاڻ ڪانه هئي، تنهنڪري هي مسئلو، مسئلو ئي رهيو. گراسمئن فرمايو آهي ته:

”جڏهن ڪنهن به لفظ جي اُچارڻ مهل، اُن لفظ جي مُنڍ، يعني لفظ ۾ پهرين پد جي منڍ ۾، ۽ ان کان پوءِ فوراً ٻئي پد جي منڍ ۾ (يعني لفظ جي وچ ۾ ٻئي پد ۾) وسرگ آواز اچن، ته اُن لفظ جي اُچارڻ ۾ پهرين پد جي منڍ وارو وسرگ آواز، پنهنجي وسرگائي وڃائي، اوسرگ ٿي ويندو.“

مثال طور هڪ لفظ جي اصلي صورت آهي ”گهگهي“، هي لفظ ٻن پدن وارو آهي، يعني [گهه+ اُ ۽ گهه +اي] هاڻ گراسمئن جي قانون موجب پهرين پد ۾/ گهه+ اُ/ وسرگ آواز اُچارڻ مهل پنهنجي وسرگائي وڃائي بدلجي اوسرگ آواز [گُ] ٿيندو، ۽ ٻئي پد وارو وسرگ آواز [گهه] قائم رهندو، ۽ اُچار ٿيندو/ گُگهي/،  صوتيات جي علم جا شاگرد،  پنهنجي نوٽس ۾ اهو ضرور ڄاڻائيندا ته اصل لفظ [گُهگهي] آهي. انهيءَ ڪري گراسمئن جي قانون جي روشنيءَ ۾، اهڙن لفظن جي جدا جدا صورتن لاءِ هيٺ موجب هڪ صورت جي سفارش ڪجي ٿي:

ڌار ڌار صورتون

مقرر صورت جي سفارش

گُهگهي، گُگهي، گُهگي

گُگهي

جهجهو، جهجو، ججهو

جَجهو

جهنجهڻو، جهنجڻو، جِنجهڻو

جِنجهڻو

ڀمڀور، ڀنڀور، ڀنبور، بنڀور، بمڀور

بنڀور

ڀڀ بڀ، ڀب

بڀ

ڀاڀي، باڀي، ڀابي

باڀي

 

(هه) سُرن جو گَهڻن وينجنن کان متاثر ٿيڻ:

سنڌي صوتياتي سٽاءُ موجب، سُر، صاف (Oral) به ٿيندا آهن ته گهڻا (Nasal) به؛ مثال طور:

صاف سر

گهڻا سُر

سا (س+آ)

سان (س+آن)

اَسي (آ_س+اِي)

اَسين (ا_س+اِين)

کَٽون (ک_ٽ+وُ)

(کَ_ٽ+اُون)

آڌي (آ_ڌي)

(آن_ڌي)

انهن مثالن ۾ [سا] ۾ [آ] سُر ۽ [اَسي] ۾ [اِي] سر، صاف سر آهن. جڏهن ته [سان] ۾ [آن] ۽ [اَسين] ۾ [اِين] سُرن کي گهڻا سُر يعني انوناسڪ سر (Nasal Vowel) چئبو آهي.

پر سنڌي صوتيات ۾، ڪي صاف سر، جڏهن ڪن گهڻن وينجنن جي اثر کان متاثر ٿي، اُچار ۾ گهڻا سر ٿي ويندا آهن، تڏهن اهڙن گھڻن سُرن کي، انوسوار يعني گُهڻائڻ وارا سر (Nasalized Vowels) چئبو آهي. (1) مثال طور ’اڃا‘،’اما‘، ۽ ’ماڻهو‘ وغيره لفظن جي آخر ۾ آيل سُرَ [آ ۽ اُو] جيڪي اصل ۾ صاف سُرهئا، پر گهڻن وينجنن [ڃ، م ۽ ڻهه] جي اثر ڪري، [آ ۽ اُو] بدلجي ’گهڻا سُر‘ [آن ۽ اُون] اُچاربا آهن. اهوئي سبب اهي جو اهڙن ڪيترن ئي لفظن جي صورتخطين ۾، گهڻائڻ کان متاثر ٿيل سر جي پويان ’ن‘ حرف لکيو ويندو آهي. اهڙن لفظن جون جدا جدا صورتون ڏيئي، انهن جي هڪ صورت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪجي ٿي:

لفظن جون جدا جدا صورتون

هڪ مقرر صورت  لکڻ جي سفارش

اَڃا، اڃان

اڃا

اما، امان

اما

آنو، آنون

آنو

ٻانهون، ٻانهو

ٻانهو

ڀاڱون، ڀاڱو

ڀاڱو

ٽاڻون، ٽاڻو

ٽاڻو

چڱون، چڱو

چڱو

راڱون، راڱو

راڱو

راڻون، راڻو

راڻو

سانان، سانا

سانا

ڪاڻون، ڪاڻو

ڪاڻو

گهاڻون، گهاڻو

گهاڻو

ماڻو، ماڻو

ماڻو

ماڻهون، ماڻهو

ماڻهو

مامون، مامو

مامو

ماڻان، ماڻا

ماڻا

نانون، نانو

نانو

هيٺ ڏنل لفظ هڪ ئي صورت ۾ لکيا ويندا آهن:

راڻي

ماني

پاڻي

ساڻي

هاڻي

ڳاني

ڄاڃي

ماڃي

پر جڏهن گُهڻا وينجن، لفظ جي مُنڍ ۾ هوندا آهن، تڏهن اُنهن جو، پهرين پد ۾ ايندڙ صاف سرن تي، يعني پهرين پد وارن صاف سرن تي، ڪوبه اثر نه ٿيندو آهي، تنهنڪري اُهي سُر، اُچار ۾ صاف سُرَ ئي رهندا آهن، اُنهن جي لکت ۾ ڪوبه مسئلو پيدا نه ٿيو آهي؛ مثال طور:

لفظ جو اُچار

لکت

مُوري

مُوري

ماري

ماري

نوري

نوري

ناري

ناري

مور

مور

نور

نور

(و) گُهڻن سرن جي گُهڻائڻ واري خاصيت جو، گهڻن وينجنن ۾ تبديل ٿيڻ:

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ جي حالت ۾، ڪن گُهڻن سرن جو اُچار هڪ طرح سان ٿيندو آهي، ته وري اهي لکيا ٻئي نموني ويندا آهن؛ جيئن هيٺيان مثال ڏسو:

لفظن جو اُچار

لکت

انبُ [اَمب]

انبُ

لَنبو [لَمبو]

لنبو، لمبو

سُنبُ [سُمب]

سُنبُ، سمبُ

رَنبو [رَمبو]

رنبو، رمبو

ڪَنبَلُ [ڪَمبَل]

ڪنبُل، ڪنبلۡ

بَنڀور [ڀمڀور]

ڀَنڀور، ڀمڀور

چَنبڙ [چَمبڙ]

چَنبڙ، چمبڙ

چنبرَ ڪاٺي [چمبر ڪـــاٺــي]

چمبر ڪاٺي، چمبر ڪاٺي

قنبُر [قمبر]

قنبر، قمبر

گَنڀيرُ [گمڀير]

گنڀير، گمڀير

رنگُ [رڱگ]

رنگ، رڱ

مٿي ڏنل لفظن ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته پهرئين پد وارا ڇوٽا گھُڻا سُرَ سندن فوراً پويان ايندڙ ٻئي پد جي منڍ ۾ آيل وينجن کان متاثر ٿين ٿا، ۽ اِنهن ڇوٽن گھڻن سرن جي گھُڻائڻ، گھُڻي وينجن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، ۽ گھُڻا گُهڻي وينجن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، ۽ گُهڻا سر، صاف سُرن جي صورت ۾ اُچارجن ٿا. مثال طور ’انب‘ لفظ جي پهرئين پد ۾ [اَن] گُهڻو سر آهي، اُنَ سر کان پوءِ ٻئي پد جي مُنڍ ۾، ٻن چپن وارو ڳرو ڌوڪڻو وينجن [ب] آيو آهي؛ هاڻي سنڌي صوتيات جي اصولن موجب، ٻن چپن واري ڳري وينجن [ب] جي اثر کان، پهرين پد واري ڇوٽي گُهڻي سر [اَن] جي گهڻائڻ،  ٻن چپن واري گهڻي وينجن [م] ۾ تبديل ٿي وئي، ۽ گهڻو سُر،  صاف سُر [آ] ٿي ويو [اَنبُ] لفظ جو اُچار ٿيو [اَمب].

اهڙي طرح ’گنڀير‘ لفظ جي پهرئين پد ۾ ڇوٽو گهُڻو سر [اَن] آيو آهي، ٻئي پد ۾ مُنڍ ۽ [اُن] کان هڪدم پوءِ، ٻن چپن وارو ڳرو وسرگ ڌوڪڻو وينجن [ڀ] اُچارجي ٿو. هاڻ ٻن چپن واري ڳري وسرگ ڌوڪڻي وينجن [ڀ] جي اثر کان، پهرئين پد واري گُهڻي سُر [اَن] جي گُهڻائڻ بدلجي صاف [آ] ٿي وَئي، [گنڀير] جو اُچار ٿيو [گمڀير].

تازو وفاقي حڪومت جي سياحت واري شعبي جي هڪ آفيسر مون کي لکي موڪليو ته سسئيءَ واري شهر ۽ قديم آثارن جي هڪ مرڪز، ’ڀنڀور‘ جو نالو ڪي ’ڀمڀور‘ لکن ٿا ڪي ’ڀنڀور‘. انهن ۾ صحيح لکت ڪهڙي آهي؟ مسئلو ظاهر آهي. اسان مان به ڪي ’ڀنڀور‘ لکن ٿا ته ڪي وري ’ڀمڀور‘ انگريزي ۾ ته وري ڌار ڌار صورتخطيون ملن ٿيون. ’انب‘ لفظ جي صورتخطيءَ جي سمجهاڻيءَ کي سامهون رکي، هت به ائين چئبو ته، اُچارڻ مهل لفظ جي پهرين پد ’ڀُن‘ ۾، [اَن] ڇوٽي گهڻي سُرَ واري گهڻائڻ، سُر جي پويان ايندڙ ٻن چپن واري ڳري ڌوڪڻي وينجن [ڀ] جي اثر کان بدلجي، ٻن چپن وارو گهڻو وينجن [م] ٿيو ۽ اُچار ٿيو [ڀمڀور]. ساڳيءَ طرح تازو سنڌي ادبي بورڊ جهڙي عالمي اداري جي معياري رسالي مهراڻ ۾ ’گنڀيرتا‘ لفظ کي [گمڀيرتا] لکيو ويو آهي. (1)

 ساڳيءَ طرح اهڙن ٻين لفظن جي هڪ صورتخطي مقرر ڪرڻ گهرجي.


(1) لوڪناٿ: سنڌي ٻوليءَ جي لپي، بمبئي، مساني روڊ، 1959ع، ص ص 36_38.

(1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، حوالو ڏنو ويو آهي، ڏسو مهاڳ، ص 13_18

(2) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، ڇاپو چوٿون، حوالو ڏنو ويو آهي، ص16

(1) غلام علي، الانا ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، ڇاپو چوٿون، ص110

(2) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد، 1962ع، ص22

(3) نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ حوالو ڏنو ويو آهي ص22

(4) ڀيرومل آڏواڻي: وڏو سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو 2، ڪراچي، هندو پريس، 1926ع، ص10

(2) ڀيرومل آڏاوڻي: وڏو سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو2، ڪراچي، هندو پريس 1926ع، ص10

(3) واحد بخش شيخ: سنڌي صرف ونحو، (حيدرآباد، آر_ ايچ احمد برادرس، 1956ع ص4

(4) ايضاً واحد بخش شيخ: سنڌي صرف ونحو، حيدرآباد، آر، ايچ احمد ائنڊ برادرس، 1956ع، ص160

(1) غلام علي الانا، سنڌي صوتيات، حيدرآباد ادبيات پبليڪيشن 1967ع، ص67.

(1) Bartil Malmberg, Phonetics, New York, Dover Publication. Inc, 1963,P.65

(1) محمد ابراهيم جويو: سنڌي پرائمري، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1962ع، ص ص، 7، 16 27 ۽ 28

(1)  انوناسڪ سُر (Nasal Vowels) صاف سرن وانگر صوتيه طور به ڪم ايندا  آهن، پر انوسوار سُر (Nasalized Vowels) صوتيه طور  ڪم نه ايندا آهن.

(1) ڏسو سماهي مهراڻ، جلد 27 نمبر2، (ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ 1978ع، ص 234).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com