سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :8

مٿين مثالن ۽ تجزيي تي غور ڪرڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي، ڪنهن به ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۽ اُن ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي ۾، اهم حصو ادا ڪري ٿي. سنڌيءَ جي مطالعي مان ئي خبر پوي ٿي، ته ٻوليءَ جي آوازن، صوتين ۽ لفظن ۾ ٻوليءَ جي ارتقا سان گڏ، ڪهڙي تبديلي ٿي آهي. ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جن جي اصلي ڌاتُن جي خبر تڏهن پئجي سگهندي، جڏهن سنڌيءَ جي مطالعي جي مدد سان اهڙن لفظن کي ڀڃي، منجهن ڪم آيل آوازن ۽ صوتين ۾ آيل تبديلين جو جائزو وٺي، اصلي آوازن ۽ صوتين کي سامهون رکبو. انهيءَ ڪري چئبو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي لاءِ ’سنڌيءَ‘ جو مطالعو نهايت ئي ضروري آهي.

ببليو گرافي

سنڌي ڪتاب: مضمون

1. ڀيرومل آڏواڻي: وڏو سنڌي وياڪرڻ، ڪراچي- حيدرآباد، هندو پريس، 1926ع.

2. ايضاً: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

3. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتطي، ڇاپو چوٿون حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع.

4. سراج: سنڌي ٻولي، حيدرآباد، عظيم پبليڪيشن، 1963ع.

5. ڪلياڻ آڏواڻي: سامي، بمبئي، 1 چرچ گيٽ، 1953ع.

6. مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو 3 حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع.

7. وسناڻي، نئون سنڌي وياڪرڻ، (A New Grammar of the Sindhi Language)

ڪراچي، گورنمينٽ سنيٽرل بڪ ڊيپو، 1892.

8. ايضاً؛ وئتپتي ڪوش، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ.

انگريزي ڪتاب:

9. Bertil Malmerg, Phonetics, New York, Dover Publications, 1963.

10. Bloomfield, L: Language, London, George Alen and Unwin ltd. 1961.

11. Cowell, E.B: The Prakrtaprakasa of Vararuchi. Calcutta4. Punthi Pustak, 1962.

12. Jones. D: An Outline of English Phonetics, Cambridge, W. Heffer and Sons Ltd. 1962.

13. Macdonell, A. A: Sanskrit- English Dictionary, London 1893.

14. Monier Williams, Sir, A Sanskrit Dictionary, Oxford, 1956.

15. Pei Mario and Frank Gaynor, Dictionary, of Linguistics, New York, Philosophical Library, 1954.شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي بناوتون

(هڪ لسانياتي جائزو)

1. ڪنهن به ٻوليءَ جي سائنسي مطالعي لاءِ اُن جو ٽه- پاسائون جائزو ۽ اڀياس ضروري آهي. اُهي ٽي پاسا آهن: صوتيات، صرفيات (علم صرف) ۽ نحويات (علم نحو). ڪنهن به ٻوليءَ جي ڳالهائڻ جي آوازن، آوازن جي مخرجن، اُنهن جي قسمن ۽ گروهن توڙي آوازن جي ميل (Sequenee) لفظن جي پدن ۽ لفظن جي ابتدا، وچ ۽ آخر ۾ ايندڙ صوتين جي استعمال واريءَ سٽاءَ ۽ تنظيم کي صوتيات يا صوتياتي مطالعو يا صوتياتي تنظيم چئبو آهي.

صرفيات کي علم صرف به چئبو آهي، علم صرف جو واسطو لفظن جي بناوت سان آهي؛ يعني مفرد لفظن مان مرتب ۽ مرڪب لفظ ٺاهڻ، اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ملائڻ سان نوان مرتب لفظ جوڙڻ، ڪردنتن ۽ مشتق صورتن جو مطالعو؛ مطلب ته لفظن جي جوڙ جڪ ۽ سٽاءَ، نون لفظن، ڪردنتن جي جوڙڻ جي طريقن ۽ اصولن واري علم کي، علم صرف يا صرفيات چئبو آهي.

مثال طور:

مفرد لفظ              مرتب لفظ

پت                     سُپت، سُپتيو

                        ڪُپت، ڪُپتيو

پٽ                     پٽيتو، ڪپوٽ، سپوت

هوُند                  اڻهوند

مفرد لفظ              مرڪب لفظ

گهر، راڄ               گهَر ڌڻي، راڄ ڌڻي.

                        ڏند ڪٿا، نانگ ول، هٿ ڦاڙ

مطلب ته مفرد لفظن مان مرتب ۽ مرڪب لفظ ٺاهڻ“، اهڙيءَ طرح فعلي ڌاتن مان اسم حاليه، اسم مفعول، اسم استقبال ۽ ٻيا ڪردنت جوڙڻ، ۽ فعل لازميءَ مان فعل متعدي ٺاهڻ، ۽ لفظن جو تڪرار وغيره علم صرف سان واسطو رکن ٿا. هن سلسلي ۾ هن کان اڳ واري حصي بابت ۾ تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.

2. علم نحو يا نحويات مان مراد اهو علم آهي، جنهن جي مطالعي مان فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءَ جي خبر پوي ٿي. هن علم جي مدد سان ٻوليءَ ۾ اسمن، فعلن، ضميرن ۽ صفتن جي عدد، جنس ۽ حالت موجب گردانن يا ڦيرن جي پڻ خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪري علم نحو جي مدد سان جملي ۾ ڪم آندل لفظن جي جملي اندر ترتيب يا تنظيم، لفظن جو مناسب انتخاب ۽ لفظن جي هڪٻئي سان لاڳاپي جي خبر پوي ٿي.

سنڌي زبان جي ڪنهن به عام رواجي بياني جملي جي نحوي بيهڪ جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ سڀ کان پهرين هي جملا ملاحظه فرمايو:

(1) ڇوڪر ڊوڙي ٿو.

(2) منهنجو ڀاءُ لکي ٿو.

انهن ٻنهي جملن مان ڪنهن به هڪ جملي جو ڪوبه حصو يا ڪابه صورت، هڪجهڙي نه آهي، پر ٻنهي جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ ترتيب هڪ جهڙي آهي؛ يعني:

”ڇوڪر ڊوڙي ٿو“ جملي ۾ ’ڇوڪر‘ جي فاعلي صورت آهي، ۽ ’ڊوڙي ٿو‘ فعلي صورت آهي.

اهڙيءَ طرح ’منهنجو ڀاءُ لکي ٿو.‘ هن جملي ۾ ’منهنجو ڀاءُ‘ فاعلي صورت آهي ۽ ’لکي ٿو‘ فعلي صورت آهي، سنڌي زبان ۾ ڪنهن به جملي جي اهڙي ترتيب، بيهڪ ۽ سٽا، جنهن ۾ فاعل پهرين اچي ۽ فعل پوءِ اچي، تنهن کي فاعل- فعل واري سٽاءَ يا ترتيب چئبو آهي.

هن ترتيب جي مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن مطابق، فاعل پهرين اچڻ گهرجي ۽ فعل جملي جي آخر ۾ اچڻ گهرجي؛ پوءِ چاهي فاعل هڪ لفظ تي مشتمل هجي يا هڪ فقري تي، مطلب ته ترتيب جو هڪ اصول اهو آهي ته ڳالهائيندڙ کي اها ڄاڻ هوندي آهي ته ڳالهائڻ ۾ کيس ڪهڙو جزو يا ڪهڙي صورت جملي جي مُنڍ ۾ آڻڻ کپي ۽ ڪهڙو جزو يا ڪهڙي صورت پوءِ استعمال ڪرڻ کپي. ڳالهائيندڙ کي خبر آهي ته:

ڊوڙي ٿو ڇوڪر.

ٿو لکي ڀاءُ منهنجو.

اُهي ۽ لفظن جي اهڙن ٻين ميڙن کي فاعل- فعل واري ترتيب چئي نه سگهبو. هن مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته ڳالهائيندڙ پنهنجي مرضيءَ پٽاندر جملي جي ترتيب ۾ ڦير ڦار آڻي نٿو سگهي.

ڪنهن به جملي ۾ فاعل- فعل واريءَ ترتيب جو مدار جهيلار (Intonation) تي به آهي. جنهن جهيلار سان/ ڇوڪر ڊوڙي ٿو/ جملو ڳالهائبو آهي، اُن مان بياني جملي جو مفهوم نڪرندو آهي، ۽ نه ڪه سوالي جملي جو؛ پر ساڳئي جملي کي سوالي جملو بنائڻ لاءِ جهيلار جي لاهه- چاڙهه واري ڍار ۾ ڦيرو آڻڻو پوندو آهي.

ترتيب کان پوءِ علم نحو جو ٻيو مکيه اصول آهي ”گردان مطابق لفظن جو انتخاب،“ يعني سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ موجب ڳالهائيندڙ کي سوچڻو پوندو آهي ته جيڪڏهن فاعل واحد ۽ مذڪر صورت ۾ آهي ته پوءِ واسطيدار فعل به عدد واحد ۽ جنس مذڪر صورت ۾ ڪم آڻڻو آهي؛ يعني فعل جو انتخاب فاعل تي مدار ٿو رکي؛ مثال طور:

ڇوڪر ڊوڙي ٿو.

هن جملي ۾ فاعل جي جنس مذڪر ۽ اُن جو عدد واحد آهي، تنهن ڪري ان لاءِ فعل به اهڙو منتخب ڪيو ويو آهي، جو جنس مذڪر ۽ عدد واحد مطابق گردان ڏيکاري ٿو، پر جيڪڏهن فاعل عدد واحد ۽ جنس مؤنث ۾ هوندو، ته فعل به اهڙو انتخاب ڪبو، جو عدد واحد ۽ جنس مؤنث موجب ڦيرو ڏيکاري.

مثال طور: ڇوڪري ڊوڙي ٿي.

هن جملي ۾ ”ڇوڪري“ فاعل آهي، ان جي جنس مؤنث ۽ عدد واحد آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن فاعل عدد جمع ۽ جنس مذڪر، يا عدد جمع، جنس مؤنث موجب ڦرندو ته فعل به اُن مطابق گِردان ڪندو. مثلاً:

ڇوڪر ڊوڙي ٿو.               ڇوڪرا ڊوڙن ٿا.

ڇوڪري ڊوڙي ٿي.            ڇوڪريون ڊوڙن ٿيون.

هنن مثالن مان اهو واضح ٿو ٿئي ته علم نحو جي مطالعي ۾، اسمن جي ڦيرن ۽ فعلن جي گردانن جو مطالعو پڻ شامل آهي. هتي اهو به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اسم، ضمير ۽ صفتون عدد، جنس ۽ حالت مطابق ڦرنديون آهن.

شروع ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته جملي جي فاعل- فعل واريءَ ترتيب لاءِ علم نحو موجب جهيلار جي هڪ خاص حالت يا هڪ نمونو مقرر ٿيل آهي، پر جيڪڏهن جهيلار جي جهيل، لاهه ۽ چاڙهه ۾ تبديلي آڻبي ته جملي ۾ لفظن جي ترتيب ۾ به ڦيرڦار ڪرڻي پوندي. اهڙيءَ ڦيرڦار سبب هڪ طرف لفظن جي وياڪرڻي ڪارج ۽ وياڪرڻي معنى ۽ مفهوم ۾ فرق ٿئي ٿو، ۽ ٻئي طرف جملي جي معنى به بدلجي ٿي.

هن سلسلي ۾ هن کان اڳ علم نحو واري حصي ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.

3. هاڻي اچو ته علم نحو جي بيان ڪيل انهن ٿورن اصولن جي روشنيءَ ۾ لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ ڪم آيل نحوي بناوتن جو مطالعو ڪريون.

لطيف سائين هڪ عوامي شاعر هو. هن عوامي ٻوليءَ ۾ پنهنجو ڪلام چيو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪچهريون ۽ بيٺڪون ان وقت جي وڏن وڏن عالمن، فاضلن ۽ اڪابرن سان به ٿينديون هيون، پر پاڻ پنهنجو ڪلام اُن ٻوليءَ ۾ چيو اٿن، جا واهڻن، وستين ۽ ڳوٺن جي عام ماڻهن، جهانگين ۽ سانگين جي ٻولي آهي، جا ان وقت عام استعمال واري ۽ روزمره جي زبان هئي.

شاهه جو سڄو رسالو ۽ رسالي جو هر سُر، گرامر جي انوکين ڳالهين سان ڀريل آهي، پر هت فقط هڪ سُر يعني سر ڪلياڻ مان ڪي مثال ڏيئي، شاهه جي ٻوليءَ جي نحوي بناوتن تي بحث ڪيو ويندو.

نحوي بناوتن ۾، جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته اسمن، فعلن، ضميرن، صفتن حرف جرن ۽ ظرفن جي گردانن ۽ ڦيرن، اُنهن جي عدد، جنس ۽ حالت موجب ڦيرن ۽ تبديلين جو مطالعو به اچي وڃي ٿو. اچو ته پهرين فعل جي گردانن کي ڏسون:

(الف) اسم معطوفيه: (ماضي معطوفي) (Conjunetiveparticipate)

سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي ماهرن، ماضي معطوفي يعني اسم معطوفيه جو مطالعو ڪندي، اُن جا ٻه روپ بيان ڪيا آهن، انهن مان هڪڙو روپ اهو آهي، جنهن جي بنائڻ لاءِ ڌاتوءَ جي پويان ”اِي“ پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ مثال طور:

هُو ماني کائي، گهر ويو.

ٻيو روپ ڌاتوءَ جي پويان ’اي‘ پڇاڙي ملائي ٺاهيو ويندو آهي، جيئن:

هُو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري، گهر ويو.

پهرئين جملي ۾ ’کائي‘ ۽ ٻئي جملي ۾ ’ڪري‘ ماضي معطوفي جا مثال آهن؛ پر روزمره جي ٻوليءَ ۾ هڪ ٽيون روپ پڻ ملي ٿو، جيڪو ڌاتوءَ جي پويان ’يو‘ يا ’يون‘ پڇاڙي ملائڻ سان ٺهندو آهي؛ مثال طور:

هُو ڀاڄي وٺيو، گهر ويو.

اُترادي لهجي ۾ ’وٺيو‘ جي بدران ’وٺيون/ ورتيون‘ ڪم آڻبو آهي.

شاهه جي سُر ڪلياڻ ۾ ’اِي ۽ اي‘ پڇاڙين وارن مثالن کان سواءِ- يو پڇاڙيءَ وارا روپ به گهڻي قدر ڪم آندا ويا آهن، مثال طور:

اِي پڇاڙيءَ وارا فعل آهن:

(1) سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم

(2) وحده لا شريڪ لہ، چئي چوندو آ.

- پڇاڙيءَ وارا:

(1) اَڏيءَ سُر ڌري، مانَ ڪُهنُون سپرين             :    ڌري

(2) پاٻوهي هيڪار، مونهان پڇيو سڄڻين   :       پاٻوهي

(3) پاڻان چُندءِ پي، ڀري جام جنت جو             :   ڀري

- يو پڇاڙي وارا فعل.

(1) سوريءَ چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏيهاڻي ڏين.

(2) جان وڍين تان ويهه نه ته وٺيو واٺ وانءُ تون.

(3) تان تو وڃيو ڪيئن، نايين ڪنڌ ٻين کي.

(4) پيسو پر عجيب جي، لچيو وڃي لو.

اهڙي طرح- يو پڇاڙيءَ وارا ماضي معطوفيءَ جا اهڙا ٻيا روپ سنڌي وياڪرڻ ۾ اهميت رکن ٿا.

(ب) اسم حاليه:

Present Participle کي سنڌي زبان جي وياڪرڻ ۾ ’اسم حاليه‘ چوندا آهن  ۽ Past participle کي ’اسم مفعول‘ چوندا آهن. اسم مفعول جي نحوي بيهڪ جو ذڪر پوءِ ڪبو، پهرين ’اسم حاليه‘ جو ذڪر ڪرڻ گهرجي:

لطيف فرمائي ٿو:

(1) مَڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو.

(2) مجلس وير مٺو ٿئي، ڪوٺيندي قهار.

(3) تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.

ظرفيه:

لطيف جي سر ڪلياڻ ۾ ڪي اهڙا مثال به ملن ٿا جيڪي فقط روزمره واريءَ ٻوليءَ ۾ ئي ڳالهايا ويندا آهن. اهڙين صورتن جو سنڌي وياڪرڻن ۾ ذڪر ٿيل ڪونهي. اهڙين صورتن يا اهڙن روپن کي وياڪرڻي نالو ڪهڙو ڏجي، اهو پڻ سنڌ جي عالمن تي ڇڏجي ٿو، ڇو ته اسان جا وياڪرڻ ۽ وياڪرڻي هن ڏس ۾ خاموش رهيا آهن. سر ڪلياڻ مان فعلن جي اهڙن گردانن جا ڪي مثال ملاحظه فرمايو:

(1) پيتي جہ پاسي ٿئي، منجهان رڳن روح

(2) سَر ڏني، سٽَ- جڙي، ته عاشق اِيءَ اچن.

هن مصرعن ۾/ پيتي/ ۽ /ڏني/ صورتون قابل توجهه آهن. /پيتي/ معنى ’پيئڻ کان پوءِ‘ ۽ /ڏني/ معنى ’ڏيڻ کان پوءِ‘ انهن صورتن کي سنڌي وياڪرڻ موجب ’اسم ظرفيه‘ (adverbial Participle) چئجي ته صحيح نه ٿيندو ڇا؟

(i) شاهه جي ڪلام ۾ صفتن، ظرفن ۽ اسم مفعول جي بيهڪ:

شروع ۾ علم نحو جي اصولن مطابق اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڳالهائڻ جا لفظ جملن ۾ پنهنجي پنهنجي بيهڪ مطابق، مفهوم ادا ڪندا آهن ۽ نه ڪه جيئن روايتي گرامرن ۾ انهن جا نالا مقرر ڪيا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ لفظ/ چڱو/ مثال طور ڏيئي وضاحت ڪئي وئي هئي ۽ ائين پڻ عرض ڪيو ويو هو ته جملي ۾ لفظ جي جيڪڏهن بيهڪ يا جاءِ بدلائجي ٿي ته اُن لفظ جي وياڪرڻي صورت پڻ بدلجي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ جي گهري مطالعي کان پوءِ وياڪرڻ جون ڪيتريون ئي انوکيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، مثال طور ننڍي هوندي پڙهيو هوسين ته سنڌي زبان ۾ اسم مفعول ٺاهڻ لاءِ فعل جي ماضي جي پويان- اَل يا- يَل پڇاڙيون ملايون وينديون آهن جيئن:

ڪُٺو   Ð ڪُٺل      ڪاوڙيو ڪاوڙيل

ڦاٽو    Ð ڦاٽل               ماريو           ماريل

پڪو   Ð پڪل      ڊوڙايو          ڊوڙايل

پر/ ڪٺل/ لفظ هر جملي ۾ اسم مفعول جي صورت ۾ ڪم ڪونه ايندو آهي؛ مثلاً:

(1) هيءَ ڪڪڙ ڪٺل آهي.

(2) هيءُ ڪُٺل ڪڪڙ آهي.

(1) هيءَ ماني پڪل آهي.

(2) هيءَ پڪل ماني آهي.

جملن جي انهن ٻنهي مثالن ۾/ ڪٺل يا/پڪل/ جو وياڪرڻي ڪارج ساڳيو نه آهي./ هيءُ ڪڪڙ ڪُٺل آهي/ ۽ هيءَ ماني پڪل آهي/ جملن ۾/ ڪُٺل ۽ پڪل/ صورتون اسم مفعول جي معنى ڏيکارين ٿيون، پر/ هيءُ ڪُٺل ڪڪڙ آهي/ يا هيءَ پڪل ماني آهي/ جملن ۾/ ڪُٺل ۽ پڪل/ صورتون اسم مفعول جي معنى ڏيکارين پر اهي اسم جي خاصيت ڏيکارن ٿا، تنهن ڪري اُهي لفظ جيڪي خاصيت ڏيکارين تن کي صفت چئبو آهي ۽ نه ڪ اسم مفعول

لطيف سرڪار جي رسالي ۾ اهڙين نحوي بناوتن جا ڪافي مثال ملن ٿا. سر ڪلياڻ ۾ لطيف هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

مٿا مُهاين جا پيا نه ڏسين پَٽَ.

هن مصرع ۾ لفظ/ پيا/ جيڪا بيهڪ ۽ صورت وٺيو بيٺو آهي، اُن جي مطالعي کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن مصرع ۾/ پيا/ لفظ جو ڪارج فعل وارو نه آهي، پر هت/ پيا/ اسم مفعول طور ڪم آيو آهي.

اهڙيءَ طرح هي مصراعون به ملاحظه فرمايو:

(1) وحده جي وڍيا، اِلا الله اَڌ ڪيا.

      محمد رسول الله چئي مسلمان ٿيا.

(2) وحده جي وڍيا، ڪيا اِلا الله اَڌ

(3) وحدت جي وهانء، جي ويا سي وڍيا.

انهن ٽنهي مثالن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته پهرينءَ مصرع ۾/ وڍيا/ ۽ /ڪيا/ صورتون فعل نه آهن، پر اسم مفعول طور ڪم آيون آهن؛ پر:

وحده جي وڍيا، ڪا اِلاالله اڌ.

هن مصرع ۾/ ڪيا/ لفظ، فعل طور ڪم آيو آهي ۽ اهو فعل زمان ماضيءَ مطلق موجب گردان ٿو ڪري. هاڻي ٻنهي مثالن کي وري جاچيو:

 

(ث) صل ضمير:

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻي اهم خصوصيت متصل ضمير يا ضميري پڇاڙيون يا ضميري نشانيون آهن، جيڪي اسم کي وري وري استعمال ڪرڻ کان بچڻ لاءِ، اسم جي بدران يعني ضمير طور استعمال ڪيون وينديون آهن. اُهي ضميري نشانيون يا پڇاڙيون، جيڪي اسم، فعل يا حرف جر جي پويان ملايون وڃن ۽ ضمير خالص جو ڪم ڏين، تن کي ضمير متصل ٿو چئجي، مثال طور:

(1) پٽم ڪالهه آيو.

(2) بابو پئسا ڏيندُءِ.

(3) تو وٽس ڇا ڏٺو؟

(4) کيس پنج روپيا ڏي.

انهن مثالن ۾ ’پٽ‘ اسم سان {-م} ضميري پڇاڙي گڏيل آهي، اها ضميري پڇاڙي، ضمير متڪلم واحد ’مون‘ جي بدران ڪم آندل آهي، ۽ اسم سان رشتيداري ٿي ڏيکاري، ٻئي جملي ۾ ’ڏيندو‘ فعل جي پويان {-ءِ} ضميري پڇاڙي ملايل آهي. هن جملي ۾، {-ءِ} ضميري پڇاڙي، ضمير حاضر واحد جي بدران ڪم آيل آهي.

اهڙيءَ طرح ’وٽ‘ ۽ ’کي‘ حرف جرن جي پويان {-س} نشاني، ضميري پڇاڙيءَ طور ملائي وئي آهي. انهيءَ حالت ۾ {-س} ضمير غائب واحد جي علامت آهي.

شاهه لطيف جو سڄو رسالو هن قسم جي نحوي بناوتن سان ڀريل آهي. هت سر ڪلياڻ مان ڪي مثال ڏجن ٿا:

مصرع

گردان

پڇاڙي

ضمير  زمان

وحده‘ لا شريڪ لہ‘ ٻڌءِ نه ٻوڙا

ٻڌءِ

(تو ٻڌو)

-ءِ

حاضر واحد ماضي

چکيم چڱائي سورانگهي سوريءَ تان

چکيم- م

(مونکي)

 

حاضر واحد ماضي

لڳيَن  لَنو لطيف چئي، فنا ڪيا فراق

لگين

-ن-

غائب جمع ماضي

 

(انهن کي لڳي)

 

 

ڪُلنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چي

(ڪورين)

-ن-

غائب جمع مضارع

 

(اهي ڪورين)

 

 

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا

پريم

متڪلم واحد

 

(منهنجا پرين)

 

 

اڏيءَ سر ڌري مانَ ڪُهُنئون

- ئون

 

متڪلم جمع مضارع

سپرين

(اسان کي ڪُهي)

 

 

 

 

 

 

 

اهڙيءَ طرح سنڌي زبان جي نحوي اصولن موجب، ضميري پڇاڙيون يا متصل ضمير، فعل سان ملي مفعول جو ڪارج به ادا ڪن ٿا، يعني ته اهي انهن ضميرن جي بدران ڪم ايندا آهن، جيڪي جملي ۾ مفعول طور ڪم ايندا آهن. جديد لسانيات ۾ انهيءَ ڪارج کي (cross reference) چئبو آهي. لطيف جي سر ڪلياڻ مان هت فقط هڪ مثال ڏجي ٿو:

مصرع

گردان

پڇاڙيون

ضمير

زمان

ڪلموتہ ڪريم تي

چايائين

-ئين

متڪلم حاضر ماضي

 

چتو چايائين

(چوايائين- هن چوايو)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 (ج) فعل متعدي مجهول:

سنڌي زبان ۾ فعل متعدي مجهول جو مطالعو به دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. سنڌيءَ ۾ متعدي معروف فعل جي، متعدي مجهولي صورت بنائڻ لاءِ عام طور فعل جي ڌاتوءَ جي پويان/- اِجه/ نشاني ملائي ويندي آهي.

مثال طور:

ڌاتو     مجهولي صورت جي نشاني    ضميري پڇاڙي      فعل جي صورت

لِکۡ      -اِجه-                        -اِي                لکجيÐ لکجي ٿو.

وَٺۡ       -اِجه                        -اِي              وٺجيÐ وٺي ٿو.

اهڙي طرح سنڌي زبان ۾ فعل متعدي مجهول جو زمان مضارع يا زمان حال ۾ گردان هيئن ٿيندو:

واحد

جمع

واحد

جمع

متڪلم: مارجان

مارجون

مارجان ٿو

مارجون ٿا

حاضر: مارجين

مارجو

مارجين ٿو

مارجو ٿا

غائب: مارج جي

مارجن

مارجي ٿو

مارجن ٿا

لطيف جي رسالي ۾ هن قسم جا ڪئين مثال ملن ٿا. هڪ مثال سر ڪلياڻ مان ڏجي ٿو:

سپيريان جي سور جو، ماڻهن ڏجي نه منجهه

هن مصرع ۾/ ڏجي/ فعلي صورت،/ ڏي/ متعدي معروف فعل جي مجهولي صورت آهي./ ڏجي/ زمان مضارع ۾ ضمير غائب واحد جو ڦيرو ڏيکاري ٿو.

لطيف جي رسالي ۾ ڪن متعدي معروف فعلن جون مجهولي صورتون/- اِجه/ نشانيءَ کان سواءِ به ملن ٿيون. اهڙا مثال فقط عام استعمال ۽ روزمره واري ٻوليءَ ۾ ئي ملي سگهن ٿا.

(1) جان وڍين تان ويهه، نا ته وٺيو واٽ وانءُ تون.

(2) سُور سنديندم سپرين، ڪَيس جہ ڪباب.

پهرينءَ مصرع ۾/ وڍين/ صورت، فعل جو اهو گردان آهي جنهن جو وياڪرڻي ڪارج متعدي مجهول آهي، ۽ جو ضمير واحد سان ڦريو آهي. /وڍين/ فعل کي معياري يا ڪتابي ٻوليءَ ۾ سمجهائبو ته چئبو ته: /وڍيو ويو هجين/ يعني/ زخمي ٿيو هجين/ يا ڦٽجي پيو هجين/.

ٻيءَ مصرع ۾/ ڪيس/ فعل جو روپ، متعدي مجهول وارو آهي./ -س/ صرفيه، متصل ضمير غائب واحد جي نشاني آهي./ ڪيسُ/ جي معنى/ جنهن مون کي ڪيو/.

حالتن جا ڦيرا يا گردان:

شاهه جي ڪلام ۾ نحوي بناوتون، اڄ جي سماج ۾ ڪم ايندڙ زبان کان ڪجهه مختلف آهن. جديد لسانيات موجب ڪنهن به ٻوليءَ ۾ حالتن جا صرف ٽي روپ ملن ٿا. اُهي آهن: حالت فاعلي، حالت تغيري ۽ حالت ندا، پر حالتن جا عام فهم نالا آهن: حالت فاعلي، حالت مفعولي ۽ حالت جري. سنڌي وياڪرڻ جي ماهرن حالت جريءَ جو هڪ روپ، حالت ’اَپادان‘ به سمجهايو آهي.

سنڌي زبان جي معياري محاوري موجب حالت اَپادان جي ڦيري لاءِ، اسم، ضمير يا ظرف جي پويان/ مان/ ۽ کان/ وغيره/ حرف جر ملايا ويندا آهن پر اُترادي لهجي ۾/ مان/ جي بدران/ مئون/ ۽ کان/ جي بدران/ کئون/ حرف ڪم آندا ويندا آهن. لاڙي لهجي ۾ /مان/ ۽/ کان/ جي بدران فقط/ آ/ يا/ آن/ حرف جر جون نشانيون ملايون وينديون آهن. لطيف جي ڪلام ۾ حالت اپادان جي صورت لاڙي ۽ اُترادي لهجن واري آهي؛ مثال طور:

(ح) حالت جري:

(1) مَلڪنِئا مهد هئي، توڏي جي تنوار

        ملڪنئا= مَلڪن کان

(2) پاٻوهي هيڪار، مونهان پڇيو سڄڻين

      مونهان= مَلڪن کان

(3) امڙ کوءِ گهروءِ، مونئان ساٿڙو وڃي نڪريو

مونئان= مون کان

آئون جا مثال:

تان مڃج محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نيهه

نرتئون= نرت مان، نرت سان

          ڪُلَنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي

ڪُلنئون= ڪلهن کان

          فرض واجب سنتون، تنئون ترڪ م پاءِ

تنئون= تن مان

سنڌي زبان ۾، حالت جريءَ، کي، ’تي ۽ سان‘ حرف جرن جي مدد سان اسمن، ضميرن ۽ صفتن جا گردان ٺاهيا ويندا آهن، پر لطيف جي رسالي ۾ جيڪي مثال ملن ٿا، انهن ۾ اهي حرف جر گم آهن، يعني انهن جي رچنا ۾ حرف جر کي گم ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي بدران ڇوٽي سُرَ/اَ/ کان ڪم ورتو ويو آهي. مثال طور:

سوريءَ چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اِي ڪم عاشقن.

هن مصرع ۾ ’سوريءَ چڙهڻ‘ (سوريءَ تي چڙهڻ) فقري ۾ (اَ) سر،/ تي/ حرف جر جي بدران ڪم آيو آهي، هت ’تي‘ حرف جر جو ڪيرايو ويو آهي.

اَڏيءَ سر ڌري، مانَ ڪُهَنئون سپرين.

هن مصرع ۾ اڏيءَ تي سر ڌري= اَڏيءَ تي سر رکي، هت ’تي‘ حرف جر گم ٿيل آهي.

ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.

’تو اوڏيائي‘= توکي اوڏي. هت ’کي‘ حرف جر ٿيل گم آهي.

(خ) حالت اضافت:

سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ به نظر اچن ٿا جن ۾ ’زير اضافت‘ جو استعمال ٿئي ٿو، پر ’زير اضافت‘ واري ترڪيب، سنڌي زبان ۾ دراصل فارسي زبان مان اُڌاري ورتي وئي آهي. هت خاص ڌيان طلب نقطو هيءُ آهي ته علم صرف جي مطالعي دوران جڏهن مرڪب لفظن جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي زبان جي، پنهنجي صرفيائي نظام ۾ ’زير اِضافت‘ جي بدران زبر اضافت موجود آهي. ان جا ڪيترائي مثال ملي سگهن ٿا. مثال طور:

گهرَ+ ڌڻي= گهَر ڌڻي يعني گهر جو ڌڻي.

(هت رَ جي مٿان زبر، ’جو‘ حرف اضافت جي معنى ۾ ڪم آندل آهي).

اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا. لطيف جي ڪلام ۾ حالت اضافت جي اڀياس ڪندي زبر اضافت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا:

(1) عاشق زهَر پياڪَ، وهه ڏسي وهستن گهڻو

هن مصرع ۾/ زهَر پياڪ/ مرڪب لفظ طور ڪم آيو آهي، جنهن ۾ ’ر‘  مٿان ’زبر‘، ’جو‘ حرف اضافت جو ڪم ڏئي ٿي. انهيءَ ڪري اُن کي زبر اضافت چئبو آهي.

مثال (2)    ته سندي دوزخَ باهه، تو اوڏيائي نه اچي

هن مصرع ۾/ دوزخَ باهه/ مرڪب لفظ ۾، /خ/ جي مٿان ’زبر‘، ’جِي‘، جي حرف اضافت معنى طور ڪم آندل آهي ۽/ دوزخ باهه معنى ’دوزخ جي باهه.‘

اهڙيءَ طرح حالت اضافت ڏيکاريندڙ ’جو‘ حرف اضافت ڪن ڪن ترڪيبن ۾ گم رهي ٿو؛ مثال طور:

(1) سُوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون

هن مصرع ۾ ’سُوريءَ سڏ ٿيو‘ معنى ’سوُريءَ جو سڏ ٿيو‘ يا ’سوريءَ لاءِ سڏ ٿيو.‘

(2) جوڙي جوڙ جهان جي، پاڻ ڪيائين پروار،

حامي هادي هاشمي، سردارن سردار،

سونهي صحابن سَٿَ ۾، منجهه مسجد مڻيادار،

چارئي چڱا چوڌَار، هئا هيڪاندا حبيب سين.

هن بيت ۾ هيءَ سٽ ڌيان جوڳي آهي:

حامي هادي هاشمي، سردارن- سردارُ.

هن مصرع ۾ ’سردارن سردارُ‘ معنى ’سردارنِ جو سردار.‘ هت ’جو‘ حرف اضافت گم آهي. اهڙيءَ طرح ’صحابن- سٿ ۾‘ ’صحابين جي سٿ ۾/‘ هت به ’جي‘ حرف اضافت گم آهي.

لطيف جي ڪلام ۾ اسمن، ظرفن ۽ ضميرن جون ڪي ڪي نحوي بناوتون ڏاڍيون دلچسپ به آهن ته وري تحقيق طلب پڻ. مثال طور سُر ڪلياڻ ۾ ڪم آندل اهڙين نحوي بناوتن مان ڪي ملاحظه فرمايو:

(1) سک نه ستا ڪڏِهِم، ويهي نه ووڙين.     ڪڏهم

عاشق عبداللطيف چئي، اِنهم پَہ پئا.         اِنَهم

(3) بي بها بالم، آگي ڪِئا اڳِهيم.          اڳهِم

(4) رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀَ ڪهم   سڀڪَهمِ

(5) آخر والعصر جو اِيهم اُتائون.              ايهم

(6) ڄل وڃائي ڄاڻ، عاشق اجل سامهمَ.              سَامهم.

علم اللسان ۽ سچل جو ڪلام

1- هر شاعر يا اديب، عالم يا فاضل توڙي مؤرخ پنهنجي وقت جو ترجمان هوندو آهي. هُو جيڪي ڪجهه چوندو آهي. آکيندو آهي يا لکندو آهي، ان تي هو پنهنجي دؤر جي حالتن جي ڇاپ هڻندو آهي. اُن ۾ پنهنجي دؤر جا اُهڃاڻ ڏيندو آهي؛ علامتن جي روپ ۾ اُن جون ڳالهيون ڪندو آهي، ۽ اُن جي باري ۾ اشارا يا ڪنايا ڏيندو آهي. اهڙا اُهڃاڻ، اشارا، استعاره، ڪنايا ۽ علامتون، اُهي ماڻهو سمجهي سگهندا آهن يا سمجهي سگهندا هوندا، جن اُن دؤر جي ماڻهن ۽ ماحول جي ڌار ڌار حالتن جو مطالع ڪيو هوندو، اُن جو اڀياس ڪيو هوندو، جيڪي اُن دؤر سان واقفيت يا ڄاڻ رکندا هوندا.

2- سچل سرمست، سنڌ جي سياسي تاريخ جي ٻن اهم دؤرن جو ترجمان رهيو آهي. هن اُنهن ٻنهي دؤرن جي سماجي تاريخ جو پنهنجي ڪلام ۾ احوال رڪارڊ ڪيو آهي. سچل ڪلهوڙن جي دؤر جو اڌ کان به وڌيڪ عرصو ڏٺو. ميان سرفراز خان سان ٿيل عقوبتون ڏٺائين؛ ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبيءَ جا سنڌ وارن سان ڪيل ڪلور پڻ پنهنجن اکين سان ڏٺائين، عطر خان جي شهيد ٿيڻ جهڙا واقعا پڻ ڏٺائين، مدد خان هٿان، سنڌ ۾ ڪوس ٿيندي، شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادين کي باهين ۾ سڙندي، جلندي ۽ تباهه ٿيندي به ڏٺائين؛ ته وري ٽالپوري دؤر جو به ڪافي عرصو ڏٺائين. اُن زماني ۾ هن سنڌ ۾ علم ادب، وڻج  واپار جو چالامان به ڏٺو.

هنن ٻنهي دؤرن ۾، سچل سرمست سنڌ ۽ سنڌ وارن جا ڪئين لاها ۽ چاڙها ڏٺا، فارسي زبان جو جاه وجلال به ڏٺائين، ته سنڌي زبان کي اڳي کان به اڳرو پسيائين. هڪ طرف لطيف سائينءَ جي ڪلام جي پالوٽ، ان زماني ۾، سنڌي زبان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ نيون راهون هموار ڪيون هيون، ته ٻئي طرف ثابت علي شاهه جهڙي اعليٰ شاعر پنهنجي ڪلام ۾ نوان نوان لفظ، نوان نوان محاورا، نوان نوان اصطلاح، نيون نيون ترڪيبون، نيون نيون تشبيهون ۽ نوان نوان استعاره ڪم آڻي، سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪيو. هن زماني ۾ سنڌي زبان جي لفظن ۽ لغات ۾ گهڻو ئي واڌارو ٿيو. پير صدرالدين، قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم، مخدوم نوح عليہ، شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ ڪم آندل لفظن جي جڏهن لطيف ۽ ميين شاهه عنايت جي ڪلام ۾ ڪم آندل ڪل لفظن سان ڀيٽ ٿي ڪجي، ته معلوم ٿو ٿئي ته لطيف سنڌي زبان جي لغت ۽ لفظن جي ذخيري جو وڏو ڄاڻو هو. هو هن سلسلي ۾ هڪ بي پايان بحر هو. هن سنڌ جي هر خطي جا، ڌار ڌار معنائون رکندڙ ڌار ڌار لفظ، پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي، ثابت ڪيو، ته سنڌي هڪ وسيع ۽ شاهوڪار زبان آهي؛ اُن ۾ لفظن جو هڪ اَکُٽ خزانو موجود آهي، جنهن کي صحيح طريقي سان گڏ ڪرڻ جي اڃا ڪوشش ئي ڪانه ٿي آهي؛ يا ائين کڻي چئجي ته اول ته لطيف جي رسالي ۾ ڪم آندل لفظن جي ڪا جامع لغات ٺاهڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي جامع لغات تي اڳتي وڌيڪ قدم کنيو وڃي. هن سلسلي ۾ سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقويءَ طرفان مرتب ڪيل ”ٻاروچي ٻوليءَ“ جي عنوان سان، لطيف جي درسني، ڇپجي ظاهر ٿيڻ سان ڪا راهه نڪرندي، ڪو ڏس ملندو ۽ ڪو دڳ ٺهندو.

3- هن سلسلي ۾ سچل سرمست جي ڪلام ۾ ڪم آندل لفظن جو صرفي ۽ نحوي، لغوي ۽ معنوي مطالعو ڪرڻ سان، سچل جي ڪلام ۾ ڪم آندل وياڪرڻي استعمال ۽ صنعت گريءَ جي خبر پوندي. لطيف پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جي صيغن ۽ ڦيرن کي ڪم آندو آهي، ته سچل سرمست وري اُنهن لفظن اُترادي لهجي جي ڦيرن ۽ صيغن موجب استعمال ڪيو آهي.

اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن واري زماني ۾ به سنڌ ۾، عام ماڻهن جي ٻولي سنڌي هئي، پر دفتري ۽ سرڪاري وهنوار واري ٻولي فارسي هئي. فارسي ’گهوڙي چاڙهسي‘ وارو محاورو انهيءَ دعويٰ جو دليل آهي، پر اُن زماني ۾ به روزمره جي زبان سنڌي هئي. ثابت علي شاهه جو واسطو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي درٻار سان هو، انهيءَ ڪري ثابت علي شاهه به سنڌي زبان ۾ اهڙا انيڪ محاورا، استعاره ۽ تشبيهون ڪم آنديون، جيڪي دراصل فارسي زبان جون هيون ۽ فارسي نهجه موجب استعمال ٿينديون هيون، جن جو سنڌي زبان سان وهنوار گهٽ هو.

4- سچل سرمست  ۽ ثابت علي شاهه هم عصر شاعر هئا. ٻنهي تي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر جو گهڻو ۽ گهرو اثر هو، انهيءَ ڪري ثابت علي شاهه وانگر سچل سرمست به عربي ۽ فارسي زبانن جا بيشمار لفظ، محاورا، ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعاره پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا، جيڪڏهن شاهه لطيف کان اڳ وارن يا شاهه جي هم عصر يعني سهيوڳي شاعرن توڙي شاهه کان پوءِ جي شاعرن، اديبن ۽ عالمن جي ڪلام جو اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انهيءَ سڄي عرصي ۾ جيئن شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ قرآن ڪريم جون انيڪ آيتون تلميح طور ڪم آنديون آهن، تيئن سچل جي ڪلام ۾ پڻ قرآن پاڪ جون بيشمار آيتون نظر اچن ٿيون. ان کان سواءِ سچل کان اڳ ڪنهن به شاعر يا اديب، عالم ۽ فاضل پنهنجي ڪلام ۾ قافئي طور يا مصرعن جي وچ وچ ۾، عربي ۽ فارسيءَ جا ايترا لفظ استعمال نه ڪيا آهن، جيترا سچل سرمست پنهنجي ڪلام  ۾ ڪم آندا آهن، البته ثابت علي شاهه اهڙن لفظن جو استعمال گهڻو ڪيو آهي، پر هن اهڙا لفظ، سچل سرمست کان گهٽ ڪم آندا آهن؛ مثال طور سچل جيڪي لفظ قافئي طور استعمال ڪيا آهن، اُنهن مان ڪي هي آهن:

ڪرامات، صفات، موجودات، مصلحات، اثبات، هدايت، ضلالت، تجريد، تفريد، توحيد وغيره.

اهڙن لفظن مان ڪن جو استعمال سچل سرمست هن ريت ڪيو آهي:

آءُ ادا سالڪ، سهي ڪرتون طلسمات کي،

ڀڃ دوئي تاڪل پويئي دور ڪردرجات کي،

سر اهو سارو سڻائج، ڪَن نه ڏي ڪرامات کي.

اهڙيءَ طرح هن ڪافيءَ ۾، صفات، موجودات، مصلحات، اثبات، طاعت، حڪايات، عزيٰ لات ۽ محلات وغيره لفظ، قافئي طور ڪم آندل آهن. اهڙي طرح سندس وحدت نامو ته قرآن شريف جي آيتن ۽ عربي زبان جي لفظن سان ڀريو پيو آهي.

سچل سرمست انهن مڙني مان وارن ماڻهن جي اتهاس مان واقف هو، جن اَناالحق جهڙو نعرو هنيو هو. سندس ساري ڪلام مان انهيءَ هوڪاري ۽ هُل جو پتو پوي ٿو. سنڌي زبان جي شاعرن ۾ هي پهريون بيباڪ بزرگ شاعر هو، جنهن منصور کان سواءِ ’سرمد‘ جهڙي سرفروش صوفيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هن قسم جي پچار اسان کي شيخ اياز ۽ ٻين جديد نظرئي وارن شاعرن جي ڪلام ۾ پوءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر ڪلاسيڪي شاعرن ’سرمد‘ جو ذڪر ۽ ’سرمد‘ جي نالي سان شعر، هن وقت تائين فقط سچل جي ڪلام ۾ نظر آيو آهي. هن ڏس ۾ سچل فقير فرمايو آهي:

ڪاٿائين قاضي ٿئين، ويهي ناحق فتويٰ ڏئين،

سوريءَ تي منصور جي

موٽي ٿئين منصور، ڪيوئي مُلن جو مذڪور،

شاهه ٿي بيهين شرع تي،

اَناالحق آواز هي، تا سارو تنهنجو راز،

ظاهر ڪيئي بيهي زمين تي

سرمد تي اَسرارَ، ڪيئي عالم تي اظهار،

وري وِڌءِ، شور شهر تي،

انهيءَ ساڳي فڪر کي سچل هن ريت به بيان ڪيو آهي:

مون کي عبرت آهي، اهڙي حال جي،

هاريون حيرت آهي انهيءَ ڳالهه جي!

ڪاٿئين ڏاڍو،ڪاٿئين هيڻو، ڪاٿئين جوڙ جڻيا ٿو پائي؛

ڪاٿئين ڪوري، ڪاٿئين موچي، ڪاٿئين سيد سڏائي؛

ڪاٿئين تارڪ، ڪاٿئين صادق، ڪاٿئين مک ملائي؛

ڪاٿئين شاهي، ڪاٿئين سپاهي، ڪاٿئين حڪم هلائي؛

ڪاٿئين ڪافر، ڪاٿئين مؤمن، ڪاٿئين سوريءَ سِر هُلائي؛

ڪاٿئين گسائين، ڪاٿئين سنياسي، ڪاٿئين بت بنائي؛

ڪاٿئين قادر، ڪاٿئين نادر، ڪاٿئين ’سچو‘ نانءُ سڻائي.

سچل سرمست پنهنجي هن ڪلام ۾ پنهنجي صوفيانه نظرئي کي ته ظاهر ڪيو آهي، پر ٻوليءَ جي اڀياس جي نقطئه نگاهه کان، جنهن نموني سان لفظن جي لڙهين کي سجايو اٿس، سينگاريو اٿس، موتين وانگر پوئي، لڙهيون ٺاهيون اٿس، اهڙي سونهن، اهڙي سينگار ۽ اهڙي حسن کي علم اللسان جي ماهرن سجعبندي يا صنعت ترصيع يعني موتي پوئڻ واري صنعت نالو ڏنو آهي. سچل جي ڪلام ۾ هن قسم جي ترصيع يا سجعبنديءَ جا تمام گهڻا مثال ملن ٿا.

هڪ ٻي ڪافي جنهن ۾ به اهڙي صنعت يا ڪاريگريءَ کان ڪم ورتو اٿس، اُن مان ڪن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

حاضر ناظر تون، باطن ظاهر تون، تنهنجو هل هنگامو هي،

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

تنهنجي حسن ماريا، سوريءَ سي سنڀاريا، انهيءَ ڳالهه ڳاريا،

هزارين هزار.

اُهي يار آيا، نيزن جي نوايا، نيئي سِرَ سَلايا، تنهين تو اگهار،

جَنهين موجَ آئي، تنهن سڌ سڀائي، ڪيهي ڳالهه ڪائي،

   لنگهيا شهسوار،

ڪم جا ٻڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نئي سر ڏنائون،

لاٿائون ميار،

مڇن هٿ هڻي سي، اها ڳالهه ڳڻي سي، تريءَ سِرُ کڻي سي،

ڪيائون نثار.

مي جا پيتائون، هي سِهرا ڳتائون، وڏي وک وڌائون،

پاڙيائون قرار.

پهلوان پاسي، نه ٿيندا ڪڏهان سي، اها باب باسي،

هليا حڪمدار.

ملڪان ملڪ ۾، مَلڪَ ۽ فلڪَ ۾، سڻو سڀ خلق ۾،

پئي هيءَ پچار.

اها اعتباري، سوري جن سواري، عجب خوش خماري،

           ڪٺن جي قطار.

نشانا کوڙيائون، منهن ناموڙيائون، ٻئي هٿ ٻڌائون

                           ڪُٺا قربدار ٿي

منصور مستي، ڪيئين گم هستي،

                           تپش جي ترار.

شاهه ۽ سچل سرمست سنڌ جا عوامي شاعر آهن، انهيءَ ڪري سندن ڪلام، سنڌ ۾ هر جاءِ تي، هر محفل ۾ ۽ هر معرڪي ۾ ماڻهو گهڻي چاهه ۽ شوق سان ڳائيندا ۽ سڻندا آهن. سندن ٻولي عوامي ٻولي آهي ۽ ڪي ڪي اهڙا لفظ جيڪي فقط عام ماڻهو ڳالهائيندا آهن، ۽ خاص ماڻهن جي محفلن ۽ معرڪن ۾ اهڙا لفظ گهٽ معياري ۽ گُٿا پيا لڳندا آهن، انهيءَ ڪري اهڙا لفظ خاص ماڻهن جي سامهون ڳالهائبا نه آهن؛ اهڙا لفظ شاهه ۽ سچل جي زباني سهڻا لڳن ٿا. مثال طور ’ڪڄاڙو‘ لفظ لاڙي لهجي جي، هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي عام استعمال جو آهي. اهو لفظ لاڙ جو هر ماڻهو هرگز ڪم ڪونه آڻيندو  آهي، فقط گهٽ پڙهيل ماڻهو يا هيٺين طبقي وارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ وهنوار ۾ اهو لفظ عام جام ٻڌبو آهي، پر اهڙي لفظ کي لطيف جنهن سهڻي انداز سان ڪم آندو آهي، تنهن جي استعمال هن لفظ کي سونهن وارو بنائي ڇڏيو آهي؛

مثال طور:

ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪي

منهنجو ڪڄاڙو ڀينر هن ڀنڀور ۾

انهن مصرعن ۾ ’ڪڄاڙو‘ لفنط جيڪا سونهن پيدا ڪريو بيٺيو آهي سا سونهن ’ڇا‘ لفظ ۾ هرگز ڪانه بيهندي. انهيءَ سونهن ۽ سڳنڌ جو احساس فقط علم اللسان جي ماهرن کي ئي محسوس ٿيندو. اهڙيءَ طرح سنڌي وياڪرڻ موجب ”ڙي“ لفظ به نفرت، قباحت  ۽ غير مهذب ماحول ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. سچل جهڙي شاعر پنهنجي ڪلام ۾، ’ڙي‘ لفظ کي رديف طور ڪم آڻي يا ٻيءَ صورت ۾ استعمال ڪري، هن لفظ جي سونهن وڌائي ڇڏي آهي، ۽ هن لفظ جي استعمال جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي. مثال طور هن ڪافيءَ ۾ ’ڙي‘ لفط جو استعمال هن ريت ڪيو اٿس.

ساري ڏيهه نه ڏي ڙي،

پانهنجي دل سمجهه سنڀالين.

ڳالهه پڇين جي پرينءَ جي، حرفَ حال ئي جا هي ڙي،

اُڇل نه ٺِڪر ڀتر جان، نينهن پاڻَ ئي سان  تي ڙي.

هاريون انهيءَ حال جو، قرب سڃاڻن ڪي ڙي،

پاڻهين آهن پڌرا. ”سچو“ سالڪَ سي ڙي.

اهڙي طرح ’ڙي‘ جي استعمال جا ٻيا مثال هي آهنِ‎:

(i) ويهه واريءَ واٽ تي ’سچو‘ ڙي تون سر سٽيج

(ii) يار ساٿيو، ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان

ڀلو ڙي ميان، ڪيچن جي، وو، ڪَلَ مون کي ڪائي ڏيجو.

7- برصغير پاڪ- هن جي زبانن، خاص ڪري هندي، سنڌي اردو، سرائڪي ۽ پنجابي وغيره جي وياڪرڻي خصوصيتن مان، هڪ خصوصيت آهي ’لفظن جو تڪرار‘ يعني Reduplication اها خوبي ۽ اها سٽاءَ ٻولي اندر جملن ۾ لفظن جو انهيءَ قسم جو تڪراري استعمال،  ٻوليءَ ۾ يا شعرتوڙي ڪلام ۾، نه فقط سونهن پيدا ڪندو آهي، پروياڪرڻي سٽاءُ  موجب لفظن جو اهڙو تڪراري استعمال يا ٻوليءَ ۾ لفظن يا فقرن جو اهڙو ڪارج وڏي وياڪرڻي معنيٰ رکندو آهي، جيئن اڳ چيو ويو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو اهڙو تڪراري ڪارج، شاهه لطيف کان اڳ ۽ شاهه سائينءَ کان پوءِ سچل سرمست توڙي جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، امداد، تنوير، نياز همايوني ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ جابجا نظر اچي ٿو. مثال طور لطيف سائينءَ جو هي بيت ڏسو:

مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن مون وٽ وٿاڻان

’اياز‘ جي هن وائيءَ ۾ لفظن جي تڪرار واري سٽاءَ هن ريت آهي:

آسارا آسارا ڪينجهر جا ڪنارا

امداد جي ڪلام ۾ تڪرار جو مثال هيٺين مصرعن مان ملاحظه فرمايو:

اسين پيٽ بکيا، اُگهاڙا اُگهاڙا

اَروکا اَروکا، اَٻالا اَٻالا

وساريل وساريل، ڌڪاريل ڌڪاريل

نماڻا نماڻا، نرالا نرالا

اڪيلا اڪيلا، توائي توائي

سدا چاڪ دامن، سدا نيڻ آلا

سچل سرمست جي ڪلام ۾ لفظن جي اهڙي تڪراري استعمال ۽ وياڪرڻي سٽاءَ جا ڪئين مثال ملن ٿا. منهنجي راءِ موجب سچل ۽ ٻين سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ وياڪرڻ جي انهيءَ صورت، يعني لفظن جي تڪراري استعمال ۽ ڪارج جو مطالعو ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي ۽ علم معانيءَ جي مدد سان انهيءَ موضوع جو استعمال ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي انهيءَ پهلوءَ تي روشني وجهڻ گهرجي، ڇوته هن وقت تائين لفظن جي تڪراري استعمال  ۽ ڪارج واري صورت کي ڪنهن به هٿ به نه لاتو آهي. سچل سرمست جي ڪلام ۾ لفظن جي اهڙي تڪراري صورت جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا. هو فرمائي ٿو:

مون سان تون آهين آهين، ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن.

اسان نماڻن تؤن سهڻا سائين، هٿ هٿئون، متان لاهين لاهين،

آءُ ڪنيزڪ، تون تان سائين، سڱ نه تنهن سان ڪو ساهين ساهين

ڪڏهن آرامي ڪرين اسان کي، ڪڏهن بڇين ٿو باهين باهين

ڪڏهن منصوري دم اناالحق، ڪڏهن ڏسين ٿو ڦاهين ڦاهين

حاضر ناظر آهين اسان سان، ڪيئن چوان  تان ناهين ناهين

استغفرالله ڳالهه اهائي، جو ڪجهه مون سان تون ناهين ناهين

”سچو“ جي عاشق آهين اسان جو، ٿج نه درد جو دانهين دانهين.

هن ڪلام ۾ ’آهين‘ ۽ ’آهين آهين‘،’لاهين‘ ۽ ’لاهين لاهين‘،’ساهين ساهين‘،’باهين باهين‘ ۽ ’ڦاهين‘ ۽ ’ڦاهين ڦاهين‘ وغيره اڪيلن ۽ تڪراري لفظن جو تقابلي جو مطالعو ڪرڻ سان، ’آهين‘ ۽ ’آهين آهين‘ توڙي ٻين لفظن جي وياڪرڻي معنيٰ ۽ معنوي استعمال ۽ ڪارج جي خبر پوي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جو هي هڪ اهڙو اهم باب آهي، جنهن جو اڀياس اڃا ٿيو ئي نه آهي، ۽ جنهن جي اڀياس جي گهڻي ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com