سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :17

. ڏکڻ هندستان وارو رسم الخط: هن علائقي ۾ پڻ رسم الخط ۾ يڪسانيت رهي آهي. اکرن ۽ وچين سُرَن جون صورتون ساڳيءَ طرز جون رهيون آهن.

انهن چئن عام عنوانن کي نون جاگرافيائي حصن ۾ ورهايو ويو آهي. اهي هي آهن:

(الف) وچ- گنگا ماٿر:  هن حصي ۾ بهار جو اڪثر حصو، اتر پرديش جو (مٿرا سان سرحدي علائقي کان سواءِ) ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هن جو اثر اوڙيسا ۽ ونڌيا جي ٻيلي واري سائي پٽيءَ تائين پهتو. گپتا گهراڻي جي راڄ ۾ هي رسم الخط گهڻو اثر انداز رهيو ۽ انهيءَ ڪري اوڀر طرف بنگال تائين ۽ اتر طرف نيپال تائين ڦهليو، ۽ مغربي علائقن ۾ مروج لپين تي به هن جو اثر غالب رهيو. چندر گپت اول جي زماني ۾ ’مهرائولي‘ (Mehrauli) لوهي ٿنڀي تي، هن ئي رسم الخط ۾ ڪتبا لکيا ويا، ۽ چندر گپت ثاني جي زماني ۾ ’اڌياگيري‘ (Udayagiri) غارن تي به هن رسم الخط ۾ ڪتبا لکرايا ويا. گپتا دور کان پوءِ، مغربي رسم الخط جو هن علائقي تي اثر ٿيو، ۽ اڳتي ان رسم الخط، ناگري لپيءَ لاءِ راهه هموار ڪئي.

(ب) مٿرا ۽ اتر_ اولهه وارا علائقا: مٿرا وارو علائقو پهرين اترين ڪۡشَتراپَسَ (Kshatrapas) ۽ پوءِ ڪُشانن جو مرڪز رهيو آهي. مٿرا جو ڪُشانن وارو نمونو، گُپتا دور تائين رهيو. ان جو اثر ’ڪمار گپتا‘ اول جي ’ڪرنمَندَدَ‘ (Karanmandada) ڪتبن ۽ ’اسڪنده گپتا‘ (Skanda Gupta) جي ’ڀٽاري ٿنڀي‘ تي به نظر اچي ٿو. ’هرش وردن‘ (Harshavardana) جي زماني ۾، رسم الخط جو هي نمونو، راجسٿاني نموني ۾ ضم ٿي ويو، ۽ اتر جمنا واري ايراضيءَ ۾ ’لک منڊل‘ (Lakhamandala) ڪتبن ۾ هن جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن رسم الخط جو سڌاريل نمونو، اڀرنديئين علائقي واري رسم الخط تان ورتل ٿو ڀانئجي، پر هيءُ رسم الخط گنگانديءَ جي سڄي واديءَ ۾ پکڙيو، جتي اتر_  اولهه وارين گنگا نديءَ جي ڪوهستاني ايراضين ۾ خاص، طور ڪشمير ۽ ڇمب ايراضين ۾ چالو ٿيو، جتي پوءِ شاردا لپيءَ پنهنجا اثر ڄمايا.

(ت) راجسٿاني نمونو: راجسٿان وارو علائقو، پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ سبب، هر علائقي جي اثر لاءِ کليل رهيو آهي. هي علائقو ناگري رسم الخط جو بنيادي گهر هو. هي ئي ماخذ هو جنهن تان ’راشٽر ڪوٽاس‘ (Rashtra Kutas) پنهنجو قديم ناگري (Proto_ Nagari) الخط جوڙيو.

(ث) ڪاٺياواڙي نمونو: هي اهو رسم الرسم آهي جنهن جي معلومات ’ڪُشتراپس‘ (Kshatrapas) ڪتبن مان ملي ٿي. هي رسم الخط ’مئتريڪا‘ (Maitraka) رڪارڊ مان آسانيءَ سان هٿ اچي سگهي ٿو. هي رسم الخط، بڙوچ جي ’گجُرن‘ ۽ ’ترائڪوٽڪس‘ (Traikutakas) وارن ڪتبن سان نسبت رکي ٿو.

(ج) سنڌي ۽ ڀاٽيا نمونو: قديم زماني ۾ سنڌ ۾ ڪهڙو خط ڪم ايندو هو، تنهن جي باري ۾ عرب سياحن جي سفرنامن کان اڳ، ڪٿي به رپورٽ نٿي ملي. جيڪڏهن ڪنهن صاحب هن موضوع تي اسلام جي دور کان اڳ وارين لکيتن جو ذڪر ڪيو آهي ته اهو احوال اڃا قديم مندرن ۽ مٺن ۾ محفوظ هوندو، پر اهواڃا منظر عام تي آيو نه آهي. سنڌ ۾ قديم زماني ۾، يعني اسلام کان اڳ، موهن جي دڙي وارين لکيتن، برهمي ۽ کروشٺي رسم الخط کان سواءِ ديسي رسم الخط جي استعمال جي باري ۾، سڀ کان اول ابن نديم ۽ البيرونيءَ لکيو آهي؛ يعني هي ٻئي بزرگ پهريان ئي شخص هئا، جن سنڌ ۾ مروج ديسي رسم الخطن جو ذڪر ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ جاحظ به اشارا ڏنا آهن. انهن ٽنهي بزرگن جا حوالا ’سنڌي صورتخطي‘ ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، پر اهي هت پڙهندڙن جي ياد دهانيءَ لاءِ دهرائجن ٿا.

جاحظ (863ع) لکي ٿو:

”سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ جملن ۽ حسابن ۽ اڳتي ڏٺو. هنن جا هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي.“ (1) (الخ)

ابن نديم (995ع کان پوءِ) لکي ٿو:

”سنڌ جي ماڻهن جون زبانون ۽ مذهب باهم مختلف آهن ۽ رسم الخط متعدد آهن. هنن جو تقريباً ٻه سؤ رسم الخط آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن وٽ 9 رسم الخط رائج آهن (2)“(الخ) البيروني سنڌ ۾ مروج يارهن رسم الخطن جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو:

”ڏکڻ سنڌ ۾، کاري واري خطي تائين، ’مالوشائو‘ (Malawashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ’ملواڙي‘ به چئبو آهي. ’بهمنوا‘ (منصوره) ۾ ’سئنڌوَ رسم الخط‘  ڪم ايندو. هو. ”لاڙي“ خط لاڙ ديس ۾ ڪم ايندو هو. ارڌناگري رسم الخط، ڀاٽيا (پنجاب) ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو.“ (1)

البيرونيءَ جي مٿينءَ لکت مان ظاهر آهي ته ارڌناگري، ملواڙي ۽ سَئنڌوَ رسم الخط، ڀاٽيا ۽ سنڌ ۾ چالو هئا، جن بابت ماهرن کي اڳ ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي، ڇوته اسلامي دؤر کان اڳ وارن آباد شهرن جي کوٽائيءَ يا غارن مان مقامي رسم الخط جا اهي نمونا حاصل ڪونه ٿيا هئا. پوءِ ڀنڀور ۽ منصوره جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان، سنڌ ۾ اسلامي دؤر کان اڳ، رائج لپين جي ثبوت ملڻ کان پوءِ. نه فقط عرب سياحن جي بيانن جي تصديق ٿئي ٿي، پر اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته برصغير جي ٻين علائقن وانگر سنڌ کي پڻ پنهنجو مقامي رسم الخط هو. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل ٺڪرين تي لکيل اکرن جي باري ۾ آثار قديمه جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايف- اي خان جو رايو آهي:

”اهي اکر جيڪي رواجي ڪاريءَ مس (ڪلڪ) سان لکيل آهن، سي ثابت ٿا ڪن ته مٽيءَ جي برتنن جون اهي ٺڪريون ٻاهران هرگز گهرايون ڪونه ويون هونديون، يعني ته اهي ديسي ئي آهن.“ (2)

هن راءِ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌ ۾، اسلام جي آمد کان اڳ، سنڌي ٻولي، ديسي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ رسم الخط هئا؛ يعني ته سنڌ ۾ گهڻو ڪري هر قوم کي پنهنجو پنهنجو رسم الخط هو. ٻولي اهائي ساڳي سنڌي هئي، پر رسم الخط ڌار ڌار هئا، يعني ته لوهاڻا پنهنجي سر پنهنجو رسم الخط ڪم آڻيندا هئا ته ڀاٽيا وري پنهنجو رسم الخط استعمال ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح ڌار ڌار شهرن ۾ پڻ ڌار ڌار رسم الخط استعمال ٿيندو هو، مثلاً ٺٽائي ڀاٽين ۽ سيوهاڻي ڀاٽين جو الڳ الڳ رسم الخط هوندو هو. انهيءَ قسم جو تفصيلي احوال سنڌي صورتخطي ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.

ڊاڪٽر داني پڻ ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين تي لکيل لپيءَ کي، ارڌنا ناگري لپي ٿو تسليم ڪري (1). رسم الخط جو اهو نمونو جنهن کي البيرونيءَ ’ڀئڪشوڪي‘ نالو ڏنو آهي، جيڪو ’پور وَديشَ ادنپور‘ (Udunpur) ۾ استعمال ٿيندو هو، جتي ٻڌ ڌرم وارن جون خانقاهون هيون. هي رسم الخط شايد ٻڌ مت وارن جو خاص رسم الخط هو. البيرونيءَ جي لکت موجب ٻيا رسم الخط هي هئا: ’سڌَماتريڪا‘، ’ناگر گوري‘، ’درواڙي‘ يعني دراوڙي. انهن ۾ ’سِڌُماتريڪا‘ ۽ ’ناگر‘ جي وچ ۾ ڪجهه قدر مونجهارو آهي، پر پويون لفظَ يقيناً ’ورڻ ناگ‘ تان ورتو ويو آهي. اهو نالو رسم الخط جي ان نموني تي رکيو ويو آهي، جيڪو مالوا ۾ عام طور هلندو هو. البيرونيءَ جي راءِ موجب ’سڌ ماتريڪا‘ رسم الخط ڪشمير، ’مڌيه ديش‘  (قنوج جي چوڌاري) ۽ ’وارنسي‘ (بنارس) ۾ چالو هو. ڏهين صدي عيسويءَ ڌاري، هن رسم الخط جي جاءِ تي گنگا ماٿر ۾ ناگر رسم الخط ۽ ڪشمير ۾ ’شارڌا‘ رسم الخط ڪم اچڻ لڳا.

(د) گجرات ۽ ڪاٺياواڙ: هي اهو علائقو هو جتي مغربي ’ڪشتَراپِس‘ (Kashatrapas) شروع ۾ حڪومت ڪندا هئا. انهن جون ڪڏهن ڪڏهن ’شاتا وهانس‘ (Shata Vahanas) سان جنگيون هلنديون هيون. هن ايراضيءَ ۾ ڪنهن رسم الخط پنهنجو اثر قائم ڪيو، سو انهن ٻنهي باهمي اثر ڪري هو. انهن جا اثر  گجرن ۽ مئترڪس (Maitrakas) جي ’ترئڪوٽڪ‘ (Traikutaka) ڪتبن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. انهن اثرن جي مطالعي مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته ڏاکڻيون اثر گهٽبو ويو ۽ هن علائقي پنهنجي رسم الخط جو آسان نمونو ايجاد ڪيو، جنهن گجراتي رسم الخط لاءِ دڳ گهڙيو.

هن سموري بيان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته ’برهمي لپي‘ موهن جي دڙي واري رسم الخط، جي اکرن جي اوٽ تي، ملڪي حالتن پٽاندر ان (برهمي) ۾ ڦيرگهير ڪري ٺاهي وئي. ان (برهمي لپيءَ) مان هر علائقي پنهنجي پنهنجي مقامي ماحول ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق، پنهنجا پنهنجا رسم الخط جوڙيا، جن کي ’علاقائي رسم الخط‘ سڏيو ويو آهي. سنڌ  ۾ پڻ ڌار ڌار علاقائي رسم الخط ٺاهيا ويا. جيڪي سنڌي زبان جي لکت لاءِ ڪم ايندا هئا. انهن ۾ آڳاٽي ۾ آڳاٽا اُهي هئا جن جا حوالا مٿي ڏنا ويا آهن.

کروشٺي رسم الخط:

مٿي چيو ويو آهي ته قديم زماني ۾، برصغير ۾ ٻه مکيه رسم الخط رائج هئا: هڪ برهمي ۽ ٻيو کروشٺي. مٿي کروشٺيءَ جي باري ۾ ڪافي معلومات ڏني وئي آهي. برصغير جو هي اهو قديم رسم الخط آهي جيڪو ساڄي کان کاٻي لکيو ويندو هو. هي خط سڀ کان اول يونان جي بختر (Bactrian) بادشاهه جي سڪن تي ڏٺو ويو. (1) انهيءَ ڪري هن رسم الخط کي پهرين بئڪٽرين خط سمجهيو ويندو هو؛ پر اهي حڪمران هندستان سان واسطو هجڻ سبب، ڪڏهن ڪڏهن انڊو- بئڪٽرين (Indo_Bactrian) به سڏبا هئا. بهرحال اڳتي هلي، اها پڪ ٿي ته هن رسم الخط جو هڪ به نمونو، هندوڪش جبلن جي اتر طرف ملي نه سگهيو آهي هن رسم الخط جو گهڻو استعمال سنڌو نديءَ جي اولهه طرف ’آريانا‘ (Ariana) ۽ اوڀر طر پنجاب ۾ هوندو هو. لئسن (Losson) تنهنڪري، هن رسم الخط کي ’ڪابلي‘ (Kabulian) رسم الخط سڏيو آهي (1) پرولسن (Wilson) ان کي آريانا (Ariana) رسم الخط نالو ڏنو آهي(2). جاگرافيائي بنياد تي ڪننگهام انهن ٻنهي نالن تي اختلاف ڪيو(3) هن، هن رسم الخط کي گنڌاري (Gandhrian) سڏيو، انهيءَ لاءِ ته سنڌو نديءَ جي مشرقي ۽ مغربي ڪنارن وارا علائقا، جن ۾ هي رسم الخط رائج هو، هن نالي جي دائري ۾ اچي سگهن ٿا(4). هن رسم الخط ۾ پالي يا پراڪرت ٻوليون لکيون وينديون هيون ۽ هي رسم الخط ”بئڪٽرو- پالي (Bactro_ Pali) يا ’آريانو_ پالي‘ (Ariano_Pali) سڏجڻ لڳو(5). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪنشڪ جي دؤر ۾، پالي عبارت ۾ لکيل هڪ ڪتبي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو هڪ ٽامي جي ٿالهيءَ تي اڪريل آهي. اها ٿالهي بهاولپور کان سورهن ميل ڏکڻ- اولهه طرف، ٻڌ ڌرم جي جهوني مندر ”سئي وهار“ جي کنڊرن مان هٿ آئي هئي(6). ڊاڪٽر صاحب ان جي پٽيءَ ۾ ڪم آندل رسم الخط کي ماهرن جي حوالي سان ”بختي- پالي“ (Bactro-Pali) رسم الخط سڏيو آهي(1). ڊاڪٽر صاحب حاشئي ۾ لکي ٿو ته بهاولپور گزيٽيئر“ ۾، هن ڪتبي کي ”بختي پاليءَ جو ڪتبو“ تسليم ڪيو ويو آهي(2)

موجوده نالو، کروشٺي بوهلر رکيو، جنهن Lalita_Vistora ڪتاب ۾ هن نالي لاءِ جواز پيش ڪيو. اهو ڪتاب (Lalita Vistara) ٽين صديءَ عيسويءَ ۾ مرتب ٿيو. (3)

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته کروشٺي رسم الخط، پنجاب ۾ برهميءَ سان گڏوگڏ استعمال ٿيندو هو. هن (کروشٺي) رسم الخط ۾ لکيل سڪا، سيستان ۽ قنڌار مان به مليا آهن، مغرب ۾ کروشٺي ڪتبا، افغانستان ۾ ’خوات‘ (Khawat) مان هٿ آيا آهن. بلوچستان جي ’ٺال واديءَ‘ مان پڻ برهميءَ سان گڏ، کروشٺيءَ ۾ لکيل ڪتبا حاصل ٿيا آهن. اهو پڻ اندازو لڳايو ويو آهي ته انهن خطن ۾ کروشٺي رسم الخط جا نمونا مشرق کان لڏي آيلن ئي آندا هوندا، ڇوته ايراني ٻولين لاءِ اهو رسم الخط گهڻو مناسب ڪونه هو (4) اتر طرف ڏوراهن ايراضين ۾ کروشٺيءَ ۾ لکيل رڪارڊ سوات ۾ تيرٿ (Tirth) کان ۽ ’خلتسي‘ (Kalatase) کان لداخ پهتا، ڏکڻ ۾ موهن جي دڙي مان پڻ هن رسم الخط جا نمونا هٿ آيا آهن(5)

هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته کروشٺي رسم الخط جي نسبت ڪهڙي قديم لکت سان آهي؟ مٿي اهو وضاحت ۽ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ته کروشٺي رسم الخط ساڄي کان کاٻي لکيو ويندو هو. انهيءَ لحاظ سان هن جو لاڳاپو آرامي يعني اترين سامي رسم الخط سان معلوم ٿئي ٿو. (1)

 

آئزڪ ٽيلر (Isaec Taylor) اشوڪا جي ڪتبن جي مدد سان اهي حالتون ۽ ڪارڻ بيان ڪيا آهن، جن ’هخامنشين‘ (Achaemenians) کي کروشٺي رسم الخط ايجاد ڪرڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ لاءِ مجبور ڪيو، پر ڪننگهام،  ٽيلر سان اختلاف راءِ ٿو رکي. هن جي راءِ موجب هن رسم الخط جي ترقيءَ ۽ واڌاري جو ڪارڻ اهو هو جو ان جو هندستان جي سڌريل رسم الخط جي طريقي سان واسطو پيو.(2)

 

بهرحال ماهرن جي خيال موجب کروشٺي رسم الخط، انهيءَ لاءِ جوڙيو ويو ته مقامي زبانون هن رسم الخط ۾ لکيون وڃن ته جيئن غير مقامي حڪمران پنهنجي مقامي رعيت سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهن، ته جيئن هو پنهنجي رعيت کي ۽ انهن جي مسئلن کي سمجهي سگهن. بهرحال ڊاڪٽر دانيءَ جي راءِ موجب هي رسم الخط غير ملڪي حڪمرانن جي آسانيءَ لاءِ ۽ سندن رڪارڊ رکڻ لاءِ وجود ۾ آيو.

جيئن ته آرامي خط فقط آرامي ٻولين لاءِ ئي مناسب هو، تنهنڪري مقامي ٻولين کي لکڻ لاءِ، ۽ انهن کي موزون بنائڻ لاءِ برصغير ۾ آرامي رسم الخط ۾ تبديليون آنديون ويون ته جيئن آرامي لکت جا تبديل ٿيل اکر، مقامي ٻولين جي آوازن جي لکت ۾ صحيح ۽ درست نمائندگي ڪري سگهن. اهو به ممڪن ٿئي ها ته آرامي رسم الخط جي اکرن ۾ ڪي نشانيون ڏيئي، انهن کي مقامي ٻولين جي آوازن کي لکڻ لائق بنايو وڃي ها، پر ائين ڪرڻ سان، ماهرن جي خيال موجب، وڌيڪ مونجهارا ٿين ها.

کروشٺي رسم الخط آرامي خط، جي طرز تي ٺهيل رسم الخط آهي. هن جي اکرن جي آرامي اکرن سان هڪجهڙائي آهي. ٻنهي ۾ تفاوت فقط ’فونالاجي‘ ۽ گرامر جو آهي. جنهنڪري آرامي خط اصلي حالت ۾ اختيار نه ڪيو ويو، پر ان جي جاءِ تي ان مان ئي ديسي زبان جي لکت لاءِ رسم الخط جوڙيو ويو، ۽ جيڪي اکر آرامي ۾ موجود نه هئا ۽ ديسي زبان ۾ موجود هئا، اُهي هن ۾ وڌايا ويا. کروشٺي رسم الخط لاءِ حرفن جي شڪلين ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي، پر لکت جو طرف ساڳيو ساڄي کان کاٻي قائم رکيو ويو.

هن ساري بحث مان نتيجو هي ٿو نڪري ته لکت جا اصلي باني مصري هئا، جن کان فنيقين هي فن سکيو. فنيقين کان آرامين هي فن حاصل ڪيو. آرامي رسم الخط جي اوٽ تي کروشٺي رسم الخط ٺهيو. فنيقي رسم الخط جي اوٽ تي موهن جي دڙي جو رسم الخط ٺهيو، جنهن تان برهمي خط جڙيو، جنهن تان وري برصغير جي ڌار ڌار علاقائي تهذيبن ۽ زبانن لاءِ ڌار ڌار رسم الخط ٺهيا. سنڌي زبان لاءِ به برهميءَ جي اوٽ تي ڌار ڌار لپيون ٺهيون جن جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي.

اهڙي طرح برصغير جي اولهه واري حصي ۾ ٻيو رسم الخط کروشٺي ڪم ايندو هو. اهو رسم الخط پڻ آرامي خط جي اوٽ تي جوڙيو ويو. هي خط موهن جي دڙي کان مٿي، واديءِ سنڌ ۾ چالو هو.

بهرحال سنڌي زبان سنڌ ۾، اسلام جي آمد کان اڳ، هڪ ترقي يافته، سڌريل ۽ روزمره واري ٻولي هئي، جا نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر باقاعدي لکي به ويندي هئي.

ببليو گرافي

1. ابن نديم: الفهرست، اردو ترجمو هندوستان عربون کي نظر مين، جلد دوم، 1962ع

2. جاحط رسالہ فخرالسودان علي البيضان، اردو ترجمو، هندوستان عربون کي نظر مين، جلد دوم 1962ع

3. طاهر علي وائي، ايس، پروفيسر: رسم الخط جي تاريخ، مقالو، سماهي مهراڻ، جلد 3_4، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع

4. نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1998ع

انگريزي ڪتاب

5. Cunningham, Coins of India, London, 1891

6. Basham A. L., The Wonder that was India, London, Sidgwick and Jackson, 1961,P.394

7. Dani Ahemd Hussain, Indian Palaeography

8. James Prinsep, Essay on Indian Antiquities, ed. Thamas E. London

9. Josn Marshal, Mohen_jo_daro and Indus Civilization, Arthur Probsthin, 1931

10. Khan, F. A., Bhambore Excavations, Revised ed. Karachi, Department of Archaeology, Govt. Pakistan, 1963.

11. Ojha Gauri Shankar Hiranand, Bharatiya Prachina Lipimala.

12. Sachau Edward, C., Al_Beruni’s India, London, Kegan Paur Trehach Truber, 1910.

13. Gazetteer of Bahawalpur State, VIA, Lahore, 1908.

باب اٺون

سنڌي لپي/ رسم الخط جي قدامت جا اُهڃاڻ:

لوهاڻڪو، ارڌ_ ناگري ۽ ڀنڀور وارو رسم الخط

مٿي سنڌ ۾ الخط جي ابتدا ۽ ارتقا واري باب ۾، رسم الخط جي استعمال جي باري ۾ ڪي حقيقتون  بيان ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ سڀ کان جيڪي اوائلي اُهڃاڻ عرب سياحن جي سفرنامن مان مليا آهن،  تن جو تفصيلي احوال ”سنڌي صورتخطي“ ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.

هن ڏس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:

”چوٿين صديءَ (هجريءَ ڏهين صدي عيسوي) جي وچ ڌاري، يعني ته عربي حڪومت جي قائم ٿيڻ بعد ٻن اڍائن سون سالن  واري عرصي ۾، سنڌي ۽ عربي ٻنهي ٻولين کي اهميت حاصل هئي. هن دؤر ۾ جڏهن عرب جاگرافيدان ۽ سياح سنڌ ۾ آيا ته هنن سنڌي ۽ عربي ٻئي ٻوليون سنڌ ۾ عام رائج ڏٺيون، يعني ته ماڻهو، ٻئي ٻوليون ڳالهائيندا هئا. جاگرافيءَ جي ٻن محققن،اصطخري ۽ ابن حوقل، جن 345هه/956ع ڌاري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اچي تحقيق ڪئي، تن هتان جي ٻولين بابت اکين ڏٺا معلومات قلبند ڪيا هئا.“(1)

بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:

”مٿين محققن کان ٽيهه ٻٽيهه سال کن پوءِ، سن377هه، 987ع ۾، ابن النديم نالي بغداد جي مشهور دانشور ۽ ڪتب فروش، مختلف ڪتابن جي مطالعي (۽ پڻ غالباً بغداد ۾ رهندڙ ۽ ايندڙ سنڌي عالمن کان پڇا جي بنياد تي) سنڌين جي ٻولي توڙي صورتخطيءَ بابت تفصيلي معلومات جمع ڪيا. هو پنهنجي مشهور محققانه تصنيف ”ڪتاب الفهرست“ ۾ لکي ٿو:

”سنڌ وارن کي مختلف ٻوليون (لغات) ۽ مختلف مذهب آهن. کين ڪيترن ئي قسمن جا رسم الخط آهن. هڪ شخص جيڪو سندن ملڪ گهمي آيو آهي، تنهن مون کي ٻڌايو ته کين تقريباً هڪ سؤ رسم الخط آهن.“ (1)

بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:

”ابن النديم جو بيان ته سنڌ ۾ ڪيئي رسم الخط رائج آهن، تنهن جي بيروني تحقيق مان پڻ پوري تصديق ٿئي ٿي. بيروني لکي ٿو:

”مالوا ۾ ’ناگري‘ الف_ ب هلي ٿي. ان بعد اردناگري (=اُڌناگري يعني اڌ اکري ناگري) ڀاٽيہ ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ رائج آهي، ڏکڻ سنڌ ۾ سامونڊي ڪناري لڳ ’مَلقشو‘ علائقي ۾، ’ملقاري‘ الف_ ب هلي ٿي، ۽ بهمنوا يعني منصوره ۾ ’سَيندِبَ‘ هلي ٿي.“ (2)

ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

”پنهنجي هن بيان ۾ بيروني ڪم از ڪم ٽن صورتخطين جو پتو ڏنو آهي، جيڪي 1020-1030ع واري عرصي ۾ سنڌ اندر  رائج هيون، ’ڀاٽيہ‘ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن، يعني جيسلمير واري سرحد لڳ سنڌ جي اُڀرندي ڀاڱن ۾ ’اڌ اکري‘ هلندڙ هئي. انهيءَ مان ڀائنجي ٿو ته اندازاً موجوده سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اُڀرندين ڀاڱن ۾، اڌ- اکري ناگري هلندڙ هئي. سامونڊي ڪناري، يعني موجوده ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻين ڀاڱي ۾ ’ملقاري‘ رسم الخط رائج هئي. تاريخي اعتبار سان درياء جي اولهه طرف ميرپور ساڪري واري علائقي ۾ آڳاٽي وقت کان ’نڱامرا‘ قوم آباد هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي صورتخطي ”نڱامري“ ڏانهن اشارو هجي. وچ سنڌ واري علائقي ۾ گاديءَ جي شهر بهمنوا يا منصوره ۾ ’سيندب‘ يعني ’سينڌؤ‘ يا سنڌي صورتخطي هلندڙ هئي اها ’عربي_ سنڌي‘ صورتخطي هئي، جيڪا پهريائين منصوره واري علائقي ۾ استعمال ٿي ۽ اُتان سڄي سنڌ ۾ رائج ٿي.“ (1)

انهن بيانن ۽ ثبوتن جي مطالعي کان پوءِ اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي، سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ باقاعدگيءَ سان لکي ويندي هئي. هيءَ ٻولي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي روزمره جي وهنوار، اُٿڻيءَ ويهڻيءَ، وڻج واپار، ڪرت ۽ ڌنڌن ۾ ڪم آڻيندا هئا.

ڀنڀور جي کنڊرن  جي تازي کوٽائيءَ اُن مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي لکيل اکرن جي اڀياس، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ ۾ نون بابن جا اضافا ڪيا آهن. هن کوٽائيءَ مان لڌيل ٺڪرين تي لکيل اکر اٺين صديءَ عيسويءَ جي ’آڳاٽي- ناگري‘ (Proto Nagari) نموني جا آهن جن کي ٻن قسطن ۾ پڙهيو ويو آهي، جنهن مان پهرينءَ قسط ۾ ڪڍيل نتيجن جو تفصيلي ذڪر .سنڌي صورتخطي“ ڪتاب ۾ پڙهي سگهجي ٿو. ٻي قسط ۾ ڪڍيل نتيجا هن باب ۾ اڳتي ڌار عنوان هيٺ شامل ڪيا ويا آهن.

پهرين قسط موجب آثار قديمہ کاتي طرفان ڀنڀور جي کوٽائيءَ جي باري ۾ شايع ڪيل خبرنامي ۾، ٽن ٺڪرين جون تصويرون ڏنل آهن (1) صفحي 30 تي ڏنل تصويرن مان نمبر 10، 9 ۽ 11 مان، 9 ۽ 11 نمبر ورين ٺڪرين تي هڪجهڙو رسم الخط، يعني ارڌ- ناگري رسم الخط لکيل آهي، جيڪو ڀنڀور واريءَ ڪانفرس لاءِ ٻيءَ قسط ۾ پڙهيو ويو، ۽ اُن مان ڪڍيل نتيجن تي ڌار مقالو پيش ڪيو ويو، جيڪو هن باب سان اڳتي ملايو ويو آهي. نمبر 10 واريءَ  تصوير يعني وچ ۾ ڏنل تصوير تي لکيل اکر ارڌ- ناگري رسم الخط جا نه، پر لوهاڻڪي يا لاڙيءَ رسم الخط جا معلوم ٿين ٿا. هن نموني جي رسم الخط يعني لوهاڻڪي يا لاڙيءَ تي لکيل اکر ارڌ- ناگري رسم الخط جا نه، پر لوهاڻڪي يا لاڙي رسم الخط جا ڪي نمونا، منصوره (برهمڻ آباد) واريءَ کوٽائيءَ (1982ع)مان هٿ آيا آهن، جن جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ڀنڀور ۽ منصوره مان مليل ٺڪرين تي لکيل رسم الخط جي اڀياس کان پوءِ  اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي رسم الخط، سنڌ ۾ اسلام جي آدم (712ع) کان اڳ واريءَ سنڌي ٻوليءَ جا اُهڃاڻ ڏين ٿا. انهن لکيتن جي اڀياس کان پوءِ اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي ٻولي، سنڌ ۾ اسلام  جي اچڻ کان نه اڳ لکي ويندي هئي، جنهن لاءِ عرب سياحن جي راءِ مطابق، هڪ کان وڌيڪ لپيون موجود هيون. اهي لپيون سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي تاريخ جا نوان باب کولڻ ۾ مددگار  ثابت ٿيون آهن.

هن اڀياس مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته سنڌ ۾ هر قوم ۽ خطي کي پنهنجو پنهنجو رسم الخط هوندو هو. ٻولي ساڳي سنڌي هئي، پر لوهاڻا اُن کي پنهنجي نموني سان پيا لکندا هئا.  ڀاٽيا پنهنجو رسم الخط پيا ڪم آڻيندا هئا، ۽ واڻيا ڌار لپيءَ ۾ لکندا هئا، اهڙي طرح ٺٽائي ڀاٽين ۽ سيوهاڻي ڀاٽين جو رسم الخط الگ الگ هوندو هو. بلڪل ساڳيءَ طرح راجائي ۽ ونگائي به رسم الخطن جا نالا هئا، جيڪي ڪي قومون پنهنجي وڻج واپاري ۽ روزانه وهنوار ۾ ڪم آڻينديون هيون.

2- ڀنڀور جا آثار_ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو:

ڀنڀور جي کنڊرن ۽ قديم آثارن پنهنجي سيني ۾ واديءِ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، ثقافتي ۽ سماجي تاريخ جا دفتر سانڍي رکيا آهن. جيتوڻيڪ آثار قديم جي ماهرن طرفان، هنن آثارن کي ديبل بندر جا آثار ثابت ڪيو ويو  آهي، پر اڃا به ڪي عالم ۽ سڄاڻ، انهيءَ راءِ کي غور طلب راءِ سمجهن ٿا ۽ انهيءَ راءِ کي قطعي ۽ آخري راءِ تسليم نٿا ڪن.

57- 1956ع ۾ پنهنجي پي. ايڇ. ڊي واريءَ ٿيسز تي تحقيق جي سلسلي ۾، مون ٺٽي طرف واري ساري سامونڊي ساحل جو سفر ڪيو هو. اُن زماني ۾ ڀنڀور جي اڃا کوٽائي به ڪانه  ٿي هئي.  اها سڄي ايراضي ان وقت دڙن جي صورت ۾ هئي، البته قلعي واري ديوار جا ڪي آثار نظر اچي رهيا هئا. ان وقت جنهن جهوني مرد مون کي اهي دڙا گهمايا هئا، ان جي چوڻ موجب هنن آثارن کان سواءِ سمنڊ اندر ٻيا به ڪيترائي آثار موجود هئا، جن مان ’رت ڪوٽ‘، ’جاکي بندر‘، ۽ ’دٻو‘، ’وٽيجي‘ ۽ ’ٻوهارن‘، وٽان، مون کارين ذريعي، هُڙن تي چڙهي گهمي ڏٺا هئا ۽ سر زمين تان سڪا ۽ ٻيو به ڪجهه سامان هٿ ڪيو هئم.

ڀنڀور جي کوٽائيءَ سنڌ جي قديم تاريخ جا اهم باب کوليا آهن، هن کوٽائيءَ مان اهو ثابت آهي ته هت اسلامي دؤر کان به اڳ، ڪيترن ئي خاندانن جي حڪومت رهي آهي. هنن دڙن کي کوٽائيءَ مان اهو پڻ ثابت ٿيو آهي ته هن شهر ۾ مسلمانن اٺين صديءَ کان وٺي رهڻ شروع ڪيو هو، ۽ سڀ کان اول جن مسلمانن هت رهڻ شروع ڪيو هو، سي عرب هئا، جيڪي تيرهين صديءَ عيسويءَ تائين هت رهيا. انهن حقيقتن جو ثبوت اُموي دؤر جا اُهي سڪا آهن، جيڪي آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن کي کوٽائيءَ مان هٿ آيا هئا.

پر حقيقت هيءَ آهي ته هي شهر مسلمانن جي سنڌ تي فتح کان به گهڻو اڳ آباد هو. ان سلسلي ۾ جيڪي ثبوت مليا آهن، انهن ۾ اهم ثبوت هڪ ته اُهي سڪا آهن، جيڪي اسلامي دؤر کان اڳ جا آهن ۽ ٻيا اُهي برتن آهن، جن تي ارڌناگري ۽ لاڙي يعني لوهاڻڪي رسم الخط ۾، ان وقت جي رائج ٻوليءَ جا لکت ۾ نشان ۽ آثار ملن ٿا. (1) هتان جيڪي بُت لڌا ويا هئا، تن مان هڪ تي هڪ عورت جي چهري جا سڀ نقش چڱي طرح اُڀريل  آهن ۽ اُن جي مٿي تي خاص قسم جو لباس  آهي. ان کان سواءِ هڪ برتن تي هڪ نچندڙ جوڙي ۽ سورج مکيءَ جون تصويرون پڻ اُڪريل آهن.

انهن کان سواءِ هتان مليل ٿانوي تي جاميٽريءَ جي ڊزائين جون شڪليون، نقش، چٽ، گل، انساني ۽ حيواني شڪليون، جن ۾ دريائي پکي، مڇي، نانگ، مور، هاٿي، هرڻ ۽ ڪن گلن ۽ ٻوٽن جون شڪليون ڏنل آهن، جن ۾ سورج مکيءَ جي گل ۽ ڪنول جي گل ۽ اُن کان سواءِ، سج اڀرڻ وغيره جا نشان اُڪريل نظر اچن ٿا. ان کان سواءِ مٽيءَ جا برتن، رانديڪا، جانورن ۽ انسانن جون مورتيون، هتي جي فن ۽ فنڪاريءَ جو ثبوت ڏين ٿيون. (2)

ڀنڀور مان لڌل سامان نه فقط هن شهر جي مطالعي جي مدد سان، واديءِ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي تاريخ تي چڙهيل پڙدا هٽي وڃن ٿا ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته هن تهذيب جي تاريخ، آمري، ڪوٽ ڏيجي، موهن جي دڙي کان هلندي، مختلف تهذيبن جا اثر تسليم ڪندي، ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ رابطو رکندي، ڀنڀور واريءَ تهذيب سان پنهنجا ناتا جوڙيندي، اڳتي سفر جاري رکندي هلي رهي آهي.


(1) جاحظ: رسالہ فخرالسودان علي البيضان، اردو ترجمو، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول ،اعظم ڳڙهه دارالمصنفين، 1960ع، ص ص 4،7

(2) ابن نديم: الفهرست، ايضاً، جلد دوم، 1962ع، ص ص 3،4

(1) Edwrad, C. Sachau, Alberuni’s, India, London, Kegam Paul Trench Truibner, 1910 p. 173

(2) Khan. F. A., Bhambore Excavation, revised ed. Karachi, Department of Archaeology Government of Pakistan. 1963 PP., 29 & 30.

(1) Dani. Dr., Op. Cit, P. 112

(1) سنڌ جو نوجوان محقق، محترم عبدالله ورياه سڪن تي تحقيق ڪري رهيو هو. ممڪن آهي ته سندس تحقيق هن ڏس ۾ وڌيڪ رهبري ڪري.

(1) Dani. A. Op. Cit. P. 251

(2) Ibid.

(3) Cunningham, Coins of India, London, 1891, p. 37

(4) Ibid.

(5) Ibid.

(6) نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد 1980ع، ص8.

(1) ايضاً

(2) ايضاً ۽ پڻ ڏسو بهاولپور رياست جو گزيٽيئر: پنجاب جي رياستن جي گزيٽيئر جو سلسلو. جلد 6 الف، لاهور، 1908ع، ص384

(3) Dani, A. Op, Cit, p. 251.

(4) Dani. A. Op. Cit, 252

(5) josn Marshol, Op. Cit. Vol I, p.116.  Also see dani. Op. Cit.o, 252

(1) Basharm A.L., Op. Cit., P. 398

(2) Cunnigham, Coins of India, London 1891.p.33

(1) نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، حوالو ڏنو ويو آهي، ص29

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ص70

(2) ايضاً ص71

(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ص74

(1) Khan F.A,. Bhambor Excavation Revised Edition. Karachi Department of Archacology. Government of Pakistan. 1963. P.P. 29&30.

(1) Khan F. A., Bhambore Excavations, Karachi, 4 th edition, Department of Archaeology, Govt. Pakistan 1976.P.15

(2) Khan F.A. Op. Cit, P.15

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com