جپسن
جي ٻوليءَ ۾ سنڌي لفظن جا اُهڃاڻ:
جپسين جي باري ۾ جدا جدا ماهرن، جدا جدا رايا ڏنا
آهن. جپسين کي بنجارا به چوندا آهن. بنجارا لفظ،
سنڌي لفظ وڻجارا جي بدليل صورت آهي. ماهرن جو
رايو آهي ته اها جپسي بڻجارا (وڻجارا) قوم، اوائل
۾ برصغير جي اُتر_ اولهه (پنجاب_ سنڌ) واري حصي جي
رهاڪو هئي، ۽ اُتان لڏي پهرين ايران ۽ ميسوپوٽيميا
واري ايراضيءَ ۾ وڃي رهي، جتان پوءِ مصر ڏانهن لڏي
وئي.
جپسي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي هڪجهڙايون ثابت
ٿيون آهن، تن مان ظاهر آهي ته هيءَ قوم اصل قديم
سنڌ جي رهاڪو هئي. هن ڏس ۾ ليلو رچنداڻي لکي ٿو
ته: هيءَ قوم يورپ جي ڪن حصن ۾ پاڻ کي زَنگلي
ته ڪٿي رومي ته ڪٿي وري سنتي سڏائيندي آهي.
سنتي، سنڌيءَ جي بدليل صورت آهي. خود جپسي به
هڪٻئي کي مخاطب ٿيڻ وقت هڪٻئي کي سنتي چوندا
آهن، جنهن جي معنيٰ آهي ساٿي. ليلو زچنداڻي
پنهنجي دعويٰ جي ثبوت لاءِ هيروُڊوٽس جو حوالو
ڏيندي لکي ٿو:
سنڌي نالي هڪ ننڍڙي قوم، ڪاري سمنڊ جي ويجهو ٽامن
نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي، اهو سمو عيسوي صديءَ کان
ڇهه_ اٺ سؤ ورهيه اڳ جو آهي.
چمن لال جو حوالو ڏيندي ليلو لکي ٿو:
پنجاب جي هڪ ايراضيءَ ۾، جنگر
نالي هڪ پٺتي پيل قوم، هن وقت به رهندي آهي، جا هڪ
سنڌوئي
قوم جو جزو آهي، ۽ جنهن جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ سان
رشتو رکندڙ آهي. اها قوم ايران جي اندروني ايراضين
تائين ويل ٿي ڏسجي.
هن ساري بيان جو مول مقصد هي آهي ته جپسي قوم، اصل
۾ واديءِ سنڌ جي وڻجارا قوم هئي، جا عيسوي سن کان
ڇهه- اٺ صديون، اڳ، ڪاري سمنڊ تائين پهچي چڪي هئي.
حاصل مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جا اُهڃاڻ ۽ آثار
800_600 ق- م ۾ به ملن ٿا، جيڪي جپسي ٻوليءَ ۾ به
ملن ٿا. هيٺ اهڙن لفظن جون لڙهيون ڏجن ٿيون جيڪي
سنڌي ۽ جپسي لفظن جي هڪجهڙائي ثابت ڪن ٿيون:
(i)
عام لفظ:
جپسي لفظ |
سنڌي لفظ |
آنگر |
آڱر |
آرو |
اَٽو |
اوتيه |
اُتي |
اوچو |
اوچو، اُچو |
بال |
وار |
ڇُري |
ڇُري |
درياو |
درياء |
رُت |
رَت |
راني |
راڻي |
راءِ |
راءِ |
ٻڪرو |
ٻڪرو، ٻڪر |
بَرو |
بَڙو (وڏو) |
بُڙهو |
ٻڍو |
بينگ |
ڀينگ |
تتو |
تتو |
تون |
تون |
تُد |
ڏُڌ |
ٿر |
دونهون |
ٿانِ |
ٿانِ |
پاني |
پاڻي |
پَٽ |
پَٽ، ڪپڙا |
پير ننگو |
پير ننگو (پيرين اگهاڙو) |
پُس |
ڀُوسو |
جَوَ |
جَوَ |
جِوو |
جون |
چور |
چور |
چوري |
چوري |
ڇڪَ |
چِڪَ |
ميل |
ميل، مٽي |
مڙس |
مڙس، مرد |
نُئه |
نُنهن |
سَت |
ست، سار |
سنگ |
سڱ |
سگو |
سِگهو |
سَوتو |
سُتو، سُتل |
سوانگ |
سانگر (ٻهروپي) |
شُڪو |
سُڪو، سڪل |
شنو |
سڻڻ، ٻڌڻ |
ڪِن |
ڪِن |
ڪارو (ڪالو) |
ڪارو |
ڪندو |
ڪُنڊو |
ڪير |
ڪولي |
کوو |
کوهه |
کر |
کر |
لوو |
لوڀ |
مَتو |
مَتو، ست |
مارو |
ماڙهو |
مانس |
ماڻهو |
ماس |
ماس |
ميلالو |
ميرو |
نڪ |
نڪ |
يڪ |
اک |
(ii)
مٽن مائٽن جا نالا
جپسي لفظ |
سنڌي لفظ |
سالو |
سالو |
سسئه |
سس |
سسرو |
سهرو |
فرل |
ڀاءُ |
فين |
ڀيڻ |
ڪاڪ |
ڪاڪو، چاچو |
4. البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت
جا ثبوت:
عرب سياحن مان هونئن ته هر هڪ سياح سنڌي زبان جي
باري ۾ جيڪي بيان ڏنا ويا آهن، اُهي سنڌي ٻوليءَ
جي قدامت ۽ تاريخ واري باب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، پر
اُنهن سڀني ۾، البيرونيءَ جي ڪتابن مان جيڪو مواد
ملي ٿو تنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ، وسعت
۽ قدامت کان سواءِ، سنڌي عالمن ۽ ودوانن جي ذهانت،
ڄاڻ ۽ قابليت جي باري ۾ وڏا تاريخي ثبوت ملن ٿا.
ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين جي پڙهڻ کان پوءِ ۽ عرب سياحن
جي بيانن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي زبان، سنڌ ۾
اسلام جي آمد کان به اڳ، روزمره جي زبان هئي. اها
زبان باقاعدي لکي به ويندي هئي؛ اُن کي پنهنجا ڌار
ڌار رسم الخط هئا، جيڪي ڌار ڌار ايراضين ۽ علائقن
۾ ڌار ڌار قومن ۾ رائج هئا.
هن سلسلي ۾ البيروني هڪ اهو ماهر هو جنهن پنهنجي
مشهور ڪتاب ڪتاب الهند ۾ اهڙا بيشمار لفظ ڏنا
آهن، جيڪي سنڌ ۾ قيام دوران کيس ٻڌڻ ۾ آيا هئا، ۽
جيڪي روزمره جي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندا هئا. هن اهي لفظ
ڌار ڌار بابن ۾، ڌار ڌار عنوانن هيٺ ڏنا آهن.
انهن لفظن جي اڀياس مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي زبان
ان وقت به هڪ شاهوڪار ۽ وسيع زبان هئي، جنهن ۾ هر
قسم جي لفظن جو ذخيرو موجود هو. البيرونيءَ اهو
ڪتاب (ڪتاب الهند) 1017ع کان 1031ع ڌاري لکيو هو.
انهيءَ لحاظ سان البيرونيءَ اڄ کان ساڍا نو سال
اڳ، سنڌي زبان، اُن جي تاريخ، لسانياتي جاگرافي
وغيره جو رڪارڊ بيان ڪيو آهي، جيڪو ان وقت جي
روزانه وهنوار ۾ ڪم ايندو هو. مذڪوره ڪتاب (ڪتاب
الهند) مان ڪي لفظ مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:
ڪتاب الهند (ڀاڱو پهريون) جو صفحو
|
البيروني جا لفظ |
موجوده سنڌي لفظ |
19 |
مليچ |
مَليڇ |
31 |
اَيشۡوَر |
ايشوَر |
40 |
پُرش |
پُرش، پُرس |
40 |
ڌَرۡمَ |
ڌَرۡم |
40 |
ٻُڌ |
ٻُڌ |
42 |
ودۡيَت |
وڄ |
42 |
شَبد |
شَبَد |
42 |
پَنچَ ماتۡرَسَ |
پنج مائرون |
42 |
پوٿي |
پوٿي |
42 |
روپَ |
روپَ |
42 |
رَسَ |
رَسُ |
42 |
گَنڌَ |
گند |
52 |
واسُو ديوَ |
واسوۡ ديوَ |
54 |
اَمۡرتِ |
اَمۡرت |
54 |
اُماديوي |
اُماديوي |
54 |
مهاديو |
مهاديو |
54 |
ڪَلپَ |
ڪَلپ |
59 |
لوڪَ |
لوڪَ |
59 |
سۡوَرلوڪَ |
_ |
59 |
ناگ لوڪ |
نانگ لوڪ |
59 |
پاتال |
پاتال |
59 |
مڌيه لوڪَ |
_ |
69 |
شۡواسَ |
ساهه |
70 |
موڪۡشَ |
موڪش موک |
70 |
وويڪ |
وويڪ (ضمير) |
70 |
وويڪ |
وويڪ (ضمير) |
89 |
رَاَڪۡشَسَ |
رَاڪاس |
89 |
پشَاچَ |
پَشاچَ |
89 |
ڀوت |
ڀوت |
89 |
اَشوُرَ |
اَشورَ |
89 |
ديوَ |
ديوَ |
100 |
وَرڻَ |
وَرڻ
(Colour) |
101 |
ڪۡشتَري |
کَتري |
101 |
شوڌۡر |
شودر |
101 |
چَنڊال |
چنڊال |
101 |
پَدۡمَ |
پَدَم |
120 |
ڪۡٽارَ |
ڪُهاڙي |
135 |
وۡياڪَرَڻ |
وۡياڪرڻ |
136 |
ڇَندَسَ |
ڇند |
138 |
لَگههُ |
هلڪو |
138 |
گُرُ |
ڳرو |
138 |
ماترا |
ماترا |
139 |
ماترا |
ماترا |
140 |
ڪَرۡتَڪَسَ |
ڪُڙتو |
140 |
جۡوَلَنَ ڄَورَ (جُوَلن> جَولَ> جُوَرَ>
ڄورَ) |
|
140 |
پَرۡوَتَ |
پَرڀَت |
219 |
ڪَنۡيا |
ڪَنۡيا |
219 |
ڪامَ |
ڪامَ |
156 |
لَوَڻ مُشۡني،
|
لوڻ مُٺ |
160 |
سُوَرَڻَ= تولا |
_ |
127 |
شۡلوڪَ |
شِلوڪَ/ سلوڪ |
160 |
ماشا |
ماسا/ماسَو |
165 |
16 ماشا= هڪ سُوَرَڻَ |
_ |
165 |
تُلا |
تورَ |
165 |
پاوَڪَ |
پاوڪ |
165 |
دَهَنَ |
ڌَوَڻَ |
165 |
تپڻ |
تپڻ |
165 |
اَگني |
اگني (باهه) |
165 |
ماش |
ماس> ماهه (مهينو) |
165 |
وِسَرۡگَ |
وِسَرۡگ |
165 |
سموندرَ |
سمونڊ/ سمنڊ |
165 |
ساگر |
ساگر |
172 |
اَڪۡشَرَ |
اَکَرَ |
173 |
سَئندۡوَ (لکت جو نمونو) |
سئندوۡ> سئنڌوي> سنڌي |
173 |
مَلواڙي (لکت جو نمونو) |
مَلواڙي |
173 |
لاڙي (لکت جو نمونو) |
لاڙي (لاڙديس ۾ ڪم ايندڙ لکت جو نمونو) |
173 |
اوم |
اوم |
174 |
آڱڪَ |
اَنگَ |
علم هيئت جا لفظ
178 |
گَگَن |
گگن |
174 |
آڪاش |
آڪاش |
178 |
اَمۡبَرَ |
اَمبر |
178 |
اَپۡرَ |
_ |
178 |
چَندۡرَ |
چَنڊُ |
178 |
لوچَنَ |
چَندر |
178 |
لَڪۡشَ |
لکَ |
مهينن جا نالا: |
|
217 |
چيتَر |
چيٽ |
217 |
وَيشاکَ |
ويساک/ ويساڪ |
217 |
جييشُٺُ |
ڄيٺ |
217 |
آشاد |
آکاڙ |
217 |
شِراوَڻ |
ساوڻ |
217 |
ڀادُرَ پَدَ |
بَڊو217 |
217 |
اَشۡوَيجَ/ اَشۡوج |
اَسو |
217 |
ڪارُتَڪَ |
ڪَتِي |
217 |
مارِگَ شِيرشَ |
ناهري |
217 |
پوشَ |
پوهه |
217 |
ماگههَ |
مانگهه/ماگهه |
217 |
ڦالگنَ |
ڦڳڻ |
ڏينهن جا نالا: |
|
|
213 |
ادتِيَ بَارَ |
اَرت وار/آچر |
213 |
سوم بار |
سومار/ سومر
(سوم بار> سومر وار> سومار) |
213 |
مڱگل بَار |
منگل (مڱگل بار >
(مڱگل وار > منگل)
اڱارو |
213 |
بُڌَبارَ |
ٻُڌر (بڌبار> ٻڌوار> ٻڌر) ٻڌوار |
213 |
بُرهسپتي بار |
وسپت (برهسپتي بار> برهسپتي وار> وسپت) |
213 |
شُڪُرَ بار |
شڪر وار |
213 |
شئنشچَرَ بار |
ڇنچر (شئنشچر > ڇنڇر) |
گرهن ۽ سيارن جا نالا:
215 |
اَدتِيَ
(Sun) |
_ |
215 |
شورۡيهَ |
سوريه، سورج، سج |
215 |
اَرڪ ڀان |
_ |
215 |
سومَ
(Moon) |
سوم |
215 |
اندُ |
_ |
215 |
مڱگلَ |
منگل |
215 |
ڀوميَ |
ڀومي، ڀُون |
215 |
ڪُج |
_ |
215 |
آر |
_ |
215 |
وَرڪَ
(Mais) |
_ |
215 |
ٻُڌَ |
_ |
215 |
شومۡيَ |
_ |
215 |
چاندرَ
(Mercury) |
_ |
215 |
ورۡهَسپَتۡي |
وسپت |
215 |
گُر |
_ |
215 |
جِوَ
(Jupiter) |
_ |
215 |
شُڪَر
(Venns) |
_ |
215 |
سومَ گرههَ
Everything
(Which is Unlucky) |
_ |
215 |
پاپَ گرههَ
(Everything Which is unlucky) |
|
طرفن ۽ ڏسين جا نالا:
290 |
دَڪۡشِڻ |
ڏکڻ |
290 |
اُتُرَ |
اُتَر |
290 |
پَشۡچِم |
پَڇم |
290 |
پوروَ |
پورب |
290 |
اُپَر |
مٿي |
290 |
تَل |
تَر، هيٺ |
مهل ۽ گهڙيون:
334 |
پراڻَ |
پراڻ |
334 |
ڪۡشَڻَ |
کَن |
357 |
رُتُ |
رُتۡ |
359 |
راتري |
راتڙي/رات |
359 |
ماس |
ماس، ماهه |
359 |
پَڪۡشَ |
پَک |
359 |
بَرش/برههَ |
ورهه |
ڪتاب الهند (ڀاڱو ٻيو):
20 |
ادر |
اَڌڙ، اَڌَڪ |
20 |
يُگ |
يُگ، جُڳ |
20 |
ڪَلَپ |
ڪَلپ |
107 |
چَڪَر |
چَڪر |
جدلون:
161 |
هڪ ماش (ماش)= |
انڊي
(انڊي وڻ جو ٻج آهي) |
|
هڪ آنڊي |
= يَوَ (جَوَ) |
|
هڪ يَوَ |
= 4 ڪَلا |
|
هڪ ڪَلا |
= 4 پاد |
|
هڪ پاد |
=4 مدۡري |
163 |
4 انڊي |
= هڪ ماش (ماسو) |
|
8 ماش |
= هڪ چڻو |
|
2 چڻا |
= هڪ ڪرش، سوَرۡڻَ |
163 |
4 سورڻ |
= هڪ پَلَ |
|
4 پَلَ |
= هڪ ڪُڊۡوَ (ڪوڏي) |
|
4 ڪُڊۡوَ |
هڪ پۡرشۡٿَ |
|
4 پۡرشٿَ |
= هڪ آڍَڪَ |
|
4 آڍَڪَ |
= هڪ دۡروَڻَ |
|
2 دۡورڻ |
= هڪ شورپَ |
|
2 شورپ |
= هڪ چڻو |
|
2000 پَلَ |
= هڪ ڀارَ |
|
2000 پَلَ |
= هڪ ڍڳو |
|
|
|
|
|
مفاصلي جي ماپ جي جدول:
166 |
8 جَوَ |
= هڪ اڱگَلَ (آڱر) |
|
4 اڱگل |
= هڪ لامَ |
|
24 اڱگل |
= هڪ هَٿُ |
|
4 هَٿَ |
= هڪ ڌَنُ |
|
40 ڌن |
= هڪ نَلوَ (نري) |
25 نَلوَ= هڪ ڪُروش (ڪروش> ڪروهه> ڪوهه)
هڪ ڪروش |
= 4000 هَٿَ |
آڱوٺي جي چوٽيءَ کان چيچ تائين ماپ |
= وتَسۡتي (وٿي) |
آڱوٺي ۽ ڏسڻي اڱرجي وچ واري وٿي |
= گوڪَرَڻ/ گوڪَلَ |
آڱوٺي ۽ ٻاچ آڱر جي وچواري وٿي |
= ڪَرڀَ |
آڱوٺي ۽ وچين آڱر جي وچ واري وٿي |
= تال/ ٻال/ ٻالو |
البرونيءَ ٻيو ڪتاب 1050ع ڌاري لکيو هو. اهو ڪتاب
دوائن جي باري ۾ هو. هن ڪتاب ۾ اهڙا بيشمار لفظ
ڏنل آهن. جن ۾ سنڌ جي جڙين ٻوٽين، وڻن ٽڻن جا ڪافي
نالا ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب طب متعلق سنڌي زبان جي
شاهوڪاريءَ جي ساک ڀري ٿو. هن ڪتاب ۾ ڏنل بيشمار
لفظن مان ڪي هي آهن:
البيرونيءَ جا لفظ |
موجوده سنڌي لفظ |
توهَر |
ٿوهر |
رَمر |
رَمڙ |
درب |
دۡرَڀ (ڊڀ) |
سمندرپين |
سمنڊ ڦيڻ |
ڪتوري، ڪستوري |
کٿوري |
اَرڪ |
ادرڪ |
سُند |
سُنڍ |
جاماها، ڊراماها، ڊراماهو |
ڊاماهو |
جيره |
جيرو |
لم |
لِم، نم |
چچنامي ۾ آيل سنڌي لفظ:
چچ نامو سنڌ جي اُها پهرين تاريخ آهي جنهن ۾ محمد
بن قاسم جي سنڌ تي فتح جي باري ۾ تفصيل وار ۽
مڪمل احوال ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي اهڙا نالا
آيل آهن جيڪي عربن جي سنڌ ۾ اچڻ وقت، سنڌي زبان ۾
عام طور استعمال ۾ هئا. هت انهن لفظن جون ڪي
لڙهيون انهيءَ لاءِ ڏنيون ويون آهن ته جيئن سنڌ جا
ماڻهو، سنڌ جي ان وقت جي جاگرافيائي حدن، واهڻن
وسين، ڳوٺن، شهرن، ماڳن، واهن، دريائن، ڍنڍن ۽
ماڻهن جي، نه فقط نالن کان واقف ٿين، پر وياڪرڻي
لحاظ کان انهن نالن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري سگهن.
وياڪرڻ جا ڄاڻو انهن لفظن ۾ فقرن جي اڀياس کان
پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ان وقت جي وياڪرڻ، ساخت ۽
سٽاءُ جي باري ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهن ٿا.
اهي نالا ۽ فقرا هيٺ ڏجن ٿا:
(i)
ذاتين جا نالا:
ڪاڪا، لاکا، ٺَڪرَ، جَتَ، سما، سَهتا، نڱامرا،
جوڻا، ڀٽي، لوهاڻا، هالا، ڀاٽيا، چنا ۽ برهمڻ.
اهي ذاتيون اڄ به سنڌ ۾ ساڳين نالن سان رهن ٿيون.
(ii)
ماڻهن جا نالا:
اگهم، چندر (چنڊ)، چچ، ڏاهر، ڏاهرسين، راءِ سيهرس،
ساهسي راءِ، موک (موکيو) مَتو، ڀيمن، ڪرهل، راسل،
چندرام، سونهن ديوي، سندر، ڍول، لاڏي، وياسو، وڪيو
۽ چڱي. چچ. ڏاهرسين ۽ ڏاهر کان سواءِ باقي سڀ
نالا اڄ به سنڌ جي ماڻهن جا دلپسند نالا آهن.
(iii)
ماڳن، مڪانن ۽ شهرن جا نالا:
برهمڻ آباد، چچ پور، هالا، اروڙ، ديبل، نيرون،
ڪوٽ، ڪڇ، اشبهار، ساڪره، جيوَر، جهم، راوڙ، وڄوٽو،
ولهار ۽ ساوندي.
(iv)
دريائن ۽ واهن جا نالا:
مهراڻ، جلوالي، ڪُتۡڪو، موج، اڙل، ڪُنڀ، ڍنڍ، ٻيٽ،
سيم ۽ سانودي.
(v)
مرڪب لفظ
ڍنڍوڪر بهار، ڪاڪاراج، نيرون ڪوٽ، کارمتي، ندمتي،
بُدَرَکو.
مٿين لفظن جو علم صرف جي روشنيءَ ۾ جڏهن جائزو
وٺجي ٿو تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته چچنامي ۾ ڏنل سنڌي
مرڪب لفظن جي ساخت ۾، مرڪب لفظ جي پهرين جُز جي
اعراب، علم صرف جي اصولن موجب بدلجي ٿي. هت هي
نقطو بيان ڪرڻ بلڪل ضروري آهي ته فارسي ٻوليءَ
واريءَ زير اضافت وارو ڪارج، سنڌيءَ ٻوليءَ جي
قديم توڙي جديد مرڪب لفظن ۾، پهرين جُز واري
اعراب، يعني آ يا اَ ادا ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾
هيئن چئبو ته فارسيءَ جي زير اضافت جي بدران سنڌي
ٻوليءَ ۾ زبر اضافت يا مد (آ) اضافت ڪم اچن
ٿا؛ جيئن:
فارسي سنڌي
مالڪِ خانه گهَرَ ڌڻي (گهَرَ+ ڌڻي: اُ >اَ=
جو)
لَکَ پتي (لکُ+ پتي: اُ>اَ= جو)
ڪوئا مار.
انهن جي ترڪيب جي روشنيءَ ۾ چچنامي ۾ ڏنل مرڪب
لفظن جي ڀيٽ ڪجي ٿي:
چچنامي ۾ ڏنل
مرڪب لفظ |
عام سنڌي لفظ |
ڪاڪا راڄ |
ملڪ راڄ، ڪوئا مار |
ڍنڍو ڪربهار |
ڇڇ جهان خان، ٽنڊو محمد خان، |
کارمتي |
کارَ لاڻي، مٽيءَ ڪَٿَ، کاري کيڙائو |
نيرون ڪوٽ |
نندڪوٽ، رني ڪوٽ، پيرَ ڳوٺ |
بُدرَکو |
منهن جوت، منهن صفا، منهن ڦوٽ |
ببليو گرافي
سنڌي ڪتاب:
(1) ليلو رچنداڻي: مقالو: جيسين جي ٻولي،
سماهي مهراڻ نمبر3، 1967ع
انگريزي ڪتاب ۽ مضمون
(2) Bloch N. A, Dr., the Historical development
of the Sindhi language, Sindh Quarterly, Vol: 1,
No, 1 Karachi, Shah Abdul latif Cultural
Society, 1935, P.P13_16
(3) Edward Sachan, C., Alberuni of India,
London, kegan Powl, Trench, & Tribner, 1910.
باب ڇهون
سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، اُن جو مستقبل ۽ اُن
جي ترقيءَ لاءِ تجويزون
1. انسان ذات جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ، اُٿڻيءَ ويهڻيءَ ۽
روزمره جي زندگيءَ جو سڀ کان اعليٰ رڪارڊ ۽ خزانو،
هر دؤر ۾ ٻولي ئي رهي آهي. جيئن جيئن ڪنهن قوم جي
رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ سماجي قدرن ۾ فرق ايندو رهندو
آهي. تيئن تيئن انهيءَ ترقيءَ ۽ تبديل جو، اُن قوم
جي ٻوليءَ تي پڻ اثر ٿيندو آهي؛ اُن ۾ پڻ تبديلي ۽
ترقي ايندي آهي ۽ اُن ۾ پڻ اضافو ٿيندو آهي. دنيا
جو اهو وهنوار، هر دؤر ۾ جاري رهيو آهي، ۽ تاقيامت
جاري رهندو.
محترم ڊاڪٽرالهداد ٻوهيي، بلڪل درست لکيو آهي ته:
هر ڪا ٻولي پنهنجي جاءِ تي هڪ گوناگون گنج ۽ عجب
اسرار آهي. ٻولي، عقل ۽ علم جو وڏو وسيلو آهي.
ٻولي، انساني عمل جو هڪ نمونو آهي. ٻولي، ماڻهن جي
ثقافتي ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي.
ٻوليءَ جو علم، علم الانسان سان واسطو رکي ٿو.
ٻوليءَ جو مطالعو ڪنهن قوم، ڪنهن سماج ڪنهن تهذيب
۽ ڪنهن تمدن جو مطالعو آهي. ڇو ته ٻولي انساني عمل
جي پيداوار آهي. ٻوليون مئل ماڻهن جي هڏين مان نه،
پر زنده ماڻهن جي روزمره جي زندگيءَ مان اڀريون ۽
اُسريون آهن. انهيءَ ڪري هيئن چئبو ته ٻولي قومن
جي زندگيءَ، ثقافت رهڻي ۽ ڪهڻيءَ جو آئينو آهي.
ٻوليءَ جي تاريخ ۾، قومن جي زندگيءَ جي تاريخ لڪل
۽ سمايل هوندي آهي.
انساني ٻولي، عوامي پيداوار آهي. اها نه ڪن عالمن
جي جوڙيل آهي ۽ نه ئي وري ڪن استادن جي. عالم ۽
استاد ٻوليءَ کي شاهوڪار ضرور بنائين ٿا؛ اُن کي
سينگاري، سنواري ٺاهي، جوڙي ادبي ٻوليءَ جي حسن جو
گل ضرور بنائين ٿا، پر ٻوليءَ جون اهم ترين مکڙيون
دراصل انهيءَ ٽاريءَ تي پيدا ٿين ٿيون، جيڪا
پنهنجو پاڻ اُڀري ۽ اُسري آهي، وڌي ۽ ويجهي آهي، ۽
ان جون پاڙون زمين ۾ کتل آهن؛ يعني ٻوليءَ جو
اُسرڻ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي محنت جو نتيجو نه آهي.
اُها زمين ئي آهي جنهن مان ٻوليءَ کي پنهنجي تازگي
۽ غذا ملي ٿي.
حقيقت ۾، ٻوليءَ جو اڀياس انسان ذات ۽ علم الانسان
جو اڀياس آهي. پورٽر جي راءِ موجب: بهترين اُها
زبان آهي جنهن جو بنياد ڪنهن سماج ۽ سماجي قدرن ۽
روايتن تي رکيل هجي.
ٻولي، پنهنجو پاڻ ئي زندگيءَ جي هڪ نئين معيار کي
ممڪن بڻائي ٿي، ٻوليءَ جي مدد سان ئي انسان پنهنجي
وسيع ترين دنيا جي جدا جدا علائقن ۾ داخل ٿئي ٿو.
ٻوليءَ جي مٿينءَ عام وصف جي اڀياس جي روشنيءَ ۾،
جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو جائزو وٺجي ٿو تڏهن چئي سگهجي
ٿو ته سنڌي ٻولي به هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو
اٿاهه مهاساگر، لغت، معنيٰ، علم ادب، خيال ۽ اظهار
جو هڪ گنج آهي. هيءَ ٻولي، ڪنهن هڪ ماڻهوءَ، ڪنهن
هڪ عالم يا ڪنهن هڪ استاد ويهي ڪانه ٺاهي آهي. پر
هيءَ ٻولي سنڌ جي ڌرتيءَ سان گڏوگڏ وجود ۾ آئي
آهي، ۽ هن جون پاڙون، سنڌي سماج ۽ ان جي ڌرتيءَ ۾
گهڻيون اونهيون کتل آهن، جن کي اکوڙڻ يا پٽڻ
ناممڪن آهي. اهوئي سبب آهي جو هيءَ ٻولي، هر زماني
۾، عوامي ٻولي رهي آهي، ۽ روزمره جي ماحول ۾
سدائين مروج، سدائين استعمال واري ۽ سندس حيثيت ۽
مقام، هر زماني ۾ مڃيل ۽ مؤثر رهيو آهي. ٻين لفظن
۾ هيئن چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو سدائين عوام
رهيو آهي. هن ٻولي جي عوامي ۽ سماجي حيثيت هميشہ ۽
هر دؤر ۾ نمايان رهي آهي، انهيءَ ڪري هيءَ ٻولي،
ابتدا کان وٺي اڄ تائين امر رهندي اچي، ۽
انشاءَالله امر رهندي ايندي. هن کي نه ڪو ڇيهو
رسائي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو آئنده به ڇيهو
رسائي سگهندو.
سنڌي ٻوليءَ اسان جي تهذيب ۽ تمدن جي حفاظت جو ڪم
ڪيو آهي ۽ اسان جي قومي، وطني ۽ سماجي حيثيت کي
هميشہ برقرار رکيو آهي، ڊاڪٽر سورلي بلڪل درست
لکيو آهي ته:
سنڌي ٻوليءَ جي لغات تي اسان جي سماج، اسان جي
معاشري، اسان جي معاش ۽ معاشي حالتن جو وڏو اثر
آهي، ۽ ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ جهڙي ٻولي، انهيءَ سماج
۾ ڪم ڪري ٿي، جهڙو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج
آهي.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي بلڪل درست لکيو آهي ته:
سنڌي ٻوليءَ، اسان جي سماج جي اندر ۾، درياءَ
شاهه جيان وهندي.
ماڻهو ماڻهوءَ کي ڍائيندي، آباد ۽ سکيو رکندي.
اسان جي ٻولي هلندي ويندي، تان جو محبتن ۽ ميلاپن،
ڏوراپن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ مهميزن، رمزن ۽ رازن ڏاهپن
۽ عقلن، طعنن ۽ ٽوڪن، حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن
جا گفتا ٺاهي ٺاهي، ٻوليءَ جي اٿاهه ساگر ۽ عميق
کي سمنڊ جهڙو ڪري ڇڏيندا.
سنڌي زبان، سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي زندگيءَ، ذهني
۽ فڪري ترقيءَ جو ذريعو آهي. محترم محدم ابراهيم
جويي، سندي ذات هنجن ڪتاب جي مهاڳ ۾ فرمايو آهي:
ٻولي، آواز_ دانهن ۽ دانهن جو جواب_ ٻوليءَ جا
لفظ ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن، ۽
ان لاءِ وڏو آتٿ آهن، بلڪه ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان
جيئڻ جو بنياد آهن.
جويي صاحب، هڪ روسي، اديب، ترگنيف (83-1818)ع،
جنهن پنهنجيءَ عمر جو اڌ عرصو ڪنهن طرح بيوطنيءَ ۾
گذاريو هو، سو پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي
تي چيل قول نقل ڪندي لکيو آهي:
جڏهن مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي
ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او
منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد، روسي ٻولي! تون
ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿي. ۽ مون کي بچائين ٿي. جي تون
نه هجين ته پڪ ئي پڪ جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي
رهيو آهي، ان کي ڏسي آءُ هوندو ڊهي، بنهه پَٽ اچي
پوان، پر ڪو آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم
ٻولي، عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي!
جويو صاحب هن مثال کان پوءِ، سنڌي ٻوليءَ بابت
پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:
اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اها
اسان جو ڏڍ آهي، آٿت آهي، ۽ اسان جا شڪ ۽ نراسايون
دور ڪري ٿي، ۽ جيڪا ٻولي اسان کي سنڌي ذات هنجن
جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي، ۽ اُن جهڙي پرک ڏيئي سگهي
ٿي، اها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ائين ڪيئن
ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي، عظيم قوم کان گهٽ،
ڪنهن قوم کي ملي هجي!
هن مثال کان پوءِ هيئن چئي سگهجي ٿو ته هر ڪا ٻولي
پنهنجي قوم جو آب حيات آهي. انساني روح جو سدا
تازو، ڀريو ڀاڳيو پاڪ چشمو آهي، جنهن ۾ ماڻهو
پنهنجو ماضي گڏ ڪري رکن ٿا، ۽ پنهنجن تمنائن جو،
پنهنجي ڄاڻ جو، تجربي جو ۽ اڳ_ ويچار ۽ پروڙ جو
عڪس ڏسن ٿا، ۽ اهو سڄو ڪم سندن سگهڙ، اديب ۽ شاعر
ڪن ٿا.
سنڌي زبان کي الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان هر دؤر ۾
اهڙا اديب ۽ شاعر مليا، جن جي ڪلام، قوم ۾ نئون
خون ۽ نئون جذبو پيدا ڪيو؛ جيڪي نه فقط پنهنجي دؤر
۾ سنڌي زبان جا ترجمان رهيا، پر انهن مان شاهه
ڪريم، شاهه لطيف، سچل سرمست، شاهه عنايت صوفي،
سامي، قليچ، مصري شاهه، طالب الموليٰ ۽ شيخ اياز
پنهنجي پنهنجي دؤر جا ترجمان رهيا.
سنڌي ٻولي هر دؤر ۾ ارتقا پذير رهي آهي. ان جو خاص
سبب هي آهي ته سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، پنهنجي
پنهنجي ماحول ۽ معاشري جو هميشہ گهرو مطالعو پئي
ڪيو آهي. هر دؤر جي ماحول ۽ معاشري جي تبديل جو
اثر ٻوليءَ تي ضرور ٿيندو رهيو آهي. اديب ۽ شاعر
لاشعوري طور ان جو رڪارڊ پنهنجي لکڻين ۾ رکندا آيا
آهن، جنهن جو پتو وقت جي نقادن ۽ ماهرن جي تجزئي
مان پوي ٿو.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا-ابتي ٻولي ۽
سنڌي ٻوليءَ جو مزاج واري اڳ ۾ ڏنل باب ۾ عرض ڪيو
ويو آهي ته:
سومرن جي دور کان وٺي، موجوده وقت تائين، نظمي
توڙي نثري صنفن جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو تڏهن محسوس
ٿو ٿئي ته اسان جو ادب، هر دؤر ۾، عوامي ادب رهيو
آهي ۽ معاشري کي متاثر ڪندڙ تبديليون هميشہ سنڌي
ادب ۽ ان دؤر جي ٻوليءَ کي به متاثر ڪنديون رهن
ٿيون. جنهنڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب ۾ هميشہ
وقت جي رفتار سان گڏ نوان تجربا ڪيا ويا آهن، ان
کي نئون موڙ ڏنو ويو آهي، ۽ ان ۾ هر قسم جي نواڻ
آندي وئي آهي.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو:
ادب جو سماجي ڪارج وارو اڀياس، افاديت جي خيال کان
اسان لاءِ ٻوليءَ سماج، ڪلچر ۽ ادب جي باري ۾ ڪئين
نقطا واضح ڪري ٿو، ڪئين مسئلا حل ڪري ٿو، ڪئين
راهون کولي ٿو ۽ ڪئين سوال اُڀاري ٿو. هن طرح
اسان، هن قسم جي اڀياس مان سنڌي ٻوليءَ سنڌي ادب ۽
سنڌي سماج جي باري ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ وڏو مواد
حاصل ڪري سگهون ٿا.
هنن مثالن مان ائين واضح ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي
موجوده حيثيت ۽ موجوده مقام، ماهرن وٽ مڃيل آهي.
ان جي هر دؤر ۾ لسانياتي، علمي ۽ ادبي حيثيت تسليم
شده آهي.
2_ سنڌي قديم ۽ تاريخي زبان آهي:
سنڌي زبان هڪ نهايت قديم ۽ تاريخي زبان آهي.
برصغير پاڪ_ هند جي تمام جهونين زبانن ۾، هن زبان
جو شمار ٿئي ٿو. سنڌي زبان هڪ علمي ۽ سرمائيدار
زبان آهي، جنهن کي پنهنجي لغات، پنهنجو لوڪ ورثو،
پنهنجو علم ادب ۽ پنهنجو ادبي خزانو آهي؛ منجهس
اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو
موجود آهي. هن ٻوليءَ کي پنهنجوهڪ معياري رسم الخط
آهي، جنهن کي عربي_ سنڌي رسم الخط چيو وڃي ٿو. اهو
رسم الخط پوري اسلامي دنيا جي ٻولين ۽ انهن جي رسم
الخط کان تاريخ طور قديم رسم الخط آهي، جو خالص
عربي رسم الخط تان ورتل آهي. ان جي مقابلي ۾ فارسي
۽ اردو، پشتو ۽ بلوچي زبانن جي رسم الخطن ۾ وڏو
فرق آهي. فارسي زبان جو رسم الخط نستعليق آهي ۽
اردو زبان وارو رسم الخط فارسيءَ جي نستعليق تان
ورتل آهي، گويا پوري اسلامي دنيا ۾، عربي رسم الخط
وانگر، محفوظ ۽ علمي رسم الخط فقط سنڌي زبان کي
عطا ٿيل آهي، جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب، رسالا ۽
اخبارون لکجي ۽ ڇپجي چڪيون آهن.
هت اهو به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته برصغيرپاڪ_ هند
جي تهذيبي ۽ تعليمي تاريخ ۾، اهو عربي_ سنڌي
پهريون رسم الخط آهي جيڪو ديوناگري رسم الخط جي
جاءِ تي خالص ديني ۽ قومي اثرن کي قبول ڪندي، بحال
ڪيو ويو ۽ جيڪو سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان وٺي هلندو
ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو شاهوڪار گرامر آهي،
جو هر حيثيت سان مستقل ۽ سائنسي آهي، جو سنسڪرت ۽
عربي گرامر وانگر مڪمل به آهي.
3_ سنڌي ٻوليءَ جي ماضيءَ ۾ حيثيت:
سنڌي ٻولي، جيتري آهي قديم، اوتري ئي آهي سندس
علمي، ادبي ۽ خانگي يا دفتري حيثيت قديم. موهن جي
دڙي جي مهرن پڙهڻ ۾ ڪن ماهرن کي ڪجهه قدر ڪاميابي
حاصل ٿيڻ کان پوءِ، اهو به چئي سگهجي ٿو ته هر ڪا
ٻولي پنهنجي گهرو ماحول ۽ پاڙي ۾ ڳالهائڻ سان سکجي
ٿي، پر ٻوليءَ جي لکڻ سکڻ لاءِ ضرور ڪي اهتمام ڪيا
ويا هوندا؛ ڪي بندوبست ڪيا ويا هوندا، اُن زماني ۾
ڪي پاٺشالائون به هونديون، جتي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو
ويندو هو، مهرن ٺاهڻ لاءِ ڪي ڪاريگر هوندا، جن ڪن
اُستادن ۽ ڪاريگرن وٽ تربيت ورتي هوندي، بلڪل ائين
جيئن اڄ ڇُر جا پورا ٺاهبا آهن، اڄ به اُستاد
ڪاريگرن وٽ ٻالڪا يا شاگرد ڪم سکندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ قديم زماني ۾ ڪهڙو
بندوبست هو، تنهن جي اسلام جي آمد کان اڳ جي خبر
فقط تڪش شلا واري وديا آليه مان پوي ٿي، ۽ ائين
چئي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ به ودوان درس وتدريس جو
ڪم ڪندا هئا، ۽ هو پنهنجن چيلن ۽ شاگردن کي
باقاعدگيءَ سان پاڙهيندا هئا.
عرب سياحن جي سفر نامن مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جا
عالم علم جوتش. علم نجوم، علم رياضي، علم طب ۽ ٻين
علمن ۾ مهارت رکندا هئا. سنڌ ۾ انهن علمن جا چاڻو،
وڏا وڏا ودوان ۽ پنڊت هوندا هئا. هن مان اهو به
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن علمن جي سکڻ ۽
سيکارڻ لاءِ به ڪي پاٺ شالائون به هونديون، جتي
ودوان ۽ پڊٽ باقاعدي تربيت ڏيندا هئا.
سنڌ جا واپاري ۽ خاص ڪري هٽائي، پنهجن ٻارن کي، ان
وقت پاٺ شالائن ۾ موڪلڻ جي بدران، پنهنجن هٽن تي
ويهاري، پٽيءَ تي پڙهائيندا هئا، اُهي ٻار، پيءُ
کي دوڪان تي به مدد ڪندا هئا ۽ ساڳئي وقت پنهنجي
پيءُ کان لکڻ ۽ پڙهڻ جي تعليم پڻ وٺندا هئا. جنهن
۾ انهن کي پنهنجي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ کان واقف
هجن. لکڻ ۽ پڙهڻ، شين جا نالا وغيره لکڻ سکڻ. انگ
۽ کوڙا سکڻ، حساب ڪتاب رکڻ، جوڙ ڪٽ، ونڊ، ضرب،
ڏيهي حساب، نرو وياج، گڏيل وياج، نفعي نقصان وارا
حساب سکڻ کان سواءِ، هنڊيون لکڻ، ڪاٻارو لکڻ، سال
جي اُپت ۽ کپت جو پوتاميل ٺاهڻ وغيره، سکندا هئا،
مطلب ته اهي ٻار، سماجي اڀياس وارن مضمونن کان
سواءِ باقي سڄو نصاب پنهنجي ڏاڏي، پيءُ، چاچي يا
وڏي ڀاءُ کان دوڪان تي پڙهندا هئا.
سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان پوءِ، اسلامي تعليم لاءِ
خاص جتن ٿيا. مدرسا کليا، هت ڪيترائي عالم ۽ فاضل
هوندا هئا، جن مان ڪن وڃي عرب دنيا کي آباد ڪيو.
اهڙيءَ طرح عرب دنيا کان ڪيترائي عالم، فاضل ۽
درويش سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا.
جن پنهنجيءَ رواداريءَ ۽ علمي ڄاڻ سان سنڌ کي
نوازيو ۽ سيراب ڪيو. هنن عربيءَ سان گڏ، سنڌي
ٻوليءَ کي به زور وٺايو، ۽ سنڌي زبان جي عالمن،
اديبن ۽ شاعرن کي عرب دنيا سان واقف ڪرايو.
عرب حاڪمن، سنڌي عالمن، طبيبن ۽ ودوانن کي بغداد
گهرايو، جتي انهن جي ڏاڍي قدرداني ٿي. سنڌي عالمن،
مترجمن جي مدد جي ڪري علم طب، علم نجوم علم جوتش،
علم رياضي ۽ ٻين علمن تي ڪتاب ۽ ڄاڻ کي عربيءَ ۾
ترجمو ڪرايو.
سومرن جو دؤر سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ جاگرتا ۽ تبليغ
جو دؤر هو. هن دؤر ۾ سنڌ ۽ سنڌي زبان کي اسلام جي
تعليم ۽ تبليغ جو ذريعو بنايو ويو. اسلام جي ٻين
فرقن جي مبلغن کان سواءِ، اسماعيلي فڪر ۽ فرقي جا
داعي، به سنڌ ۾ پکڙجي چڪا هئا. انهن مان سيد
نورالدين به هڪ هو. جو 1079ع ۾، سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ
۽ گجرات ۾، اسماعيلي تبليغ لاءِ آيو هو. هن کان
سواءِ ملتان ۽ اُچ واري خطي ۾ ٻيا داعي پڻ آيا.
اسماعيلي داعين، نون اسماعيلي مسلمانن کي اسلام جا
اصول آسانيءَ سان سمجهائڻ لاءِ، مقامي ٻولين جو
سهارو ورتو، ۽ انهن ٻولين ۾ نظم يا مقفيٰ ۽ مسجع
نثر ۾، اسلام جا اصول ۽ عقيدا، اسلامي تعليم جا
سبق پنهنجن نون مريدن کي سمجهايا. هنن شريعت جا
مسئلا روحاني علمن جا راز تصوف ۽ ويدانت جا ورق،
سنڌي، ڪڇي، گجراتي، سرائڪي، پنجابي، پوربي ۽ هندي
ٻولين ۾ سمجهايائون.
هن پنهنجن خيالن کي لکڻ ۾ آڻڻ لاءِ، ديسي رسم الخط
ڪم آندو، ان رسم الخط کي چاليهه اکري يا خواجڪي
سنڌي سڏيو ويو. هن رسم الخط ۾ نه فقط اسلامي
تعليم ۽ تبليغ تي ڪتاب لکيا ويا پر هن ۾ اسماعيلي
داعين، مبلغن ۽ پيرن جو ڪلام گنان ۽ درسي ڪتاب پڻ
لکيا ويا، جن ۾ ٻاڙ ٻوڌ
(Primer)
کوڙن جون چوپڙيون، رياضي، تاريخ، جاگرافي، اسلامي
تاريخ، ملڪي تاريخ، اخلاقيات، شعر وشاعري وغيره
درجي وار يعني ٻاراڻي درجي جي سطح کان وٺي ڇهين
درجي تائين هوندا هئا. انهن مان ڪي هن وقت به برٽش
ميوزيئم جي لائبريريءَ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسماعيلي
اسٽيڊيز، لنڊن ۾ موجود آهن.
هن راءِ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي زبان يارهين
صدي عيسويءَ کان وٺي ذريعه تعليم ۽ تدريس رهي آهي،
۽ ان وقت به ان جي حيثيت علمي، ادبي ۽ روزمره جي
استعمال واري ۽ تجارتي وهنوار واري هئي.
سمن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ اسلامي علمن جي گهڻي ترقي ٿي.
جيتوڻيڪ سومرن جي دؤر ۾ به اسلاميات جي تعليم
مدرسن ۾ ڏني ويندي هئي، پر هن دؤر ۾ مدرسن لاءِ
جدا عمارتون پڻ ٺهيون، جن ۾ وڏا وڏا محدث، عالم ۽
فاضل تعليم ڏيندا هئا. بکر، ٺٽي، سيوهڻ، درٻيلي،
ٽلٽيءَ، ٻٻرلوءِ، هالاڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻي ۽
ٻين شهرن ۾ جيئن پوءِ تيئن مدرسن جو تعداد وڌندو
ويو. جن ۾ قرآن، حديث، تفسير ۽ فقہ جي تعليم ڏني
ويندي هئي.
اسلامي دنيا ۾ اسلاميات جي درس وتدريس ۾ ٺٽي
دارالعلوم جي حيثيت اختيار ڪئي هئي. ٺٽي جي عالمن
۽ فاضلن جي علم جي هاڪ ٻڌي ايران، افغانستان،
خراسان ۽ ٻين هنڌان ڪيترائي عالم ۽ فاضل لڏي اچي
ٺٽي ۾ ويٺا.
مذهبي تعليم ۽ تدريس وارن مدرسن ۽ دانشگاهن سنڌي
علم ادب جي ترقي ۽ سنڌي زبان جي واڌاري لاءِ اهم
ڪم ڪيو. هن دور جا وڏا وڏا عالم سنڌي زبان جا
نامور شاعر پڻ هئا.
انهن مان قاضي قاضن، اسحاق آهنگر، مخدوم احمد ڀٽي
۽ بين جا نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا. ساڳئي وقت
مذهبي پرچار ۽ سمجهاڻيون، بيان العارفين جي صورت ۾
هن دعوا جو دليل آهن.
ارغون ۽ ترخانن جي مهينن ۾ به سنڌي زبان جو چرچو
عام هو. شاهه ڪريم، شاهه لطيف الله قادري، مخدوم
نوح ۽ ٻين بزرگن سنڌي زبانن ۾ لافاني ڪلام چيو.
بيان العارفين جهڙا ڪتاب هن دور ۾ لکيا ويا. هن
دور ۾ سنڌي ٻولي، عربيءَ جي نسخ ۽ نستعليق رسم
الخطن ۾ لکجڻ جا ثبوت مليا آهن.
مغلن جي راڄ جو آخري عرصو ۽ ڪلهوڙن جو ابتدائي دور
سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون
ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. هڪ طرف مخدوم
ابوالحسن، مخدوم ضياءَ الدين، مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي، شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽
شاهه لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي، ان کي
تاحيات ۽ زنده جاويد بنائي ڇڏيو. ڀٽائيءَ جو سنڌ
تي وڏو احسان آهي. هن سنڌي زبان کي لازوال بڻائي
ڇڏيو ۽ اهڙي عام فهم ٻوليءَ ۾ صوفياڻو پيغام سنڌ
وارن کي ڏنو جنهن نه صرف سڄيءَ سنڌ پر سنڌي زبان
کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. هونئن ته بيان العارفين
ڪتاب مان ظاهر آهي ته ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾
به سنڌي زبان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نستعليق يا
نسخ خط ۾ پيئي لکبي هئي، پر نسخ خط ۾ پهريون
پهريون معياري ڪتاب مقدمة الصلواة لکيو ويو هو.
جو ابوالحسن جي سنڌيءَ جي نالي سان به مشهور
ٿيو. مقدمة الصلواة جي لکجڻ مان ٻن ڳالهين کي
اهميت ملي: هڪ ته سنڌي زبان مدرسن ۾ باقاعدي نصابي
حيثيت ورتي، جنهن کي سڄيءَ سنڌ جي عالمن تسليم
ڪيو؛ ۽ ٻيو ته سنڌي زبان لاءِ سنڌ جي سڀني مدرسن
لاءِ اصولي طور هڪ صورتخطي منظور ڪئي وئي؛ جيتوڻيڪ
اهي بزرگ جيڪي نستعليق رسم الخط تي هريل هئا سي ان
ساڳئي رسم الخط ۾ پيا لکندا هئا، پر سنڌ جي اڪثر
عالمن، جهڙوڪ: مخدوم ضياء الدين ٺٽوي، مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله ۽ ٻين عالمن پنهنجن
پنهنجن مدرسن ۾ نسخ رسم الخط اختيار ڪيو. اڄ به
انهن جون سنڌيون انهيءَ دعويٰ جو دليل آهن ته
ڪلهوڙن جي دور (1700_1782ع) جي شروعات واري زماني
۾ به سنڌي سرڪاري طور يا عوام جي پسند موجب مدرسن
۾، ذريعه تعليم طور استعمال ٿيندي هئي. انهن مدرسن
۾ سنڌي زبان جي صورتخطيءَ وارو مسئلو هيڪر حل ٿي
ويو هو. هن کان پوءِ مدرسن ۾ ڪم ايندڙ نصابي ڪتاب
گهڻو ڪري هن رسم الخط ۾ لکجڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دور ۾
لکيل درسي ڪتاب ۽ ٻين موضوعن تي موجود قلمي نسخا
گهڻو ڪري نسخ رسم الخط ۾ ملن ٿا، پر ان جي باوجود
نستعليق خط لکڻ جو رواج به عام هو. هن دور ۾ جيڪي
سنڌي ڪتاب مدرسن ۾ درس و تدريس ۾ ڪم ايندا هئا،
انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:
ڪتاب جو نالو |
مصنف جو نالو |
مقدمة الصلواة |
مخدوم ابوالحسن |
چو علمي |
ايضاً |
مخدم ضياءَ الدين جي سنڌي |
مخدم ضياءَالدين |
فرائض الاسلام |
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
وصيت نامہ |
ايضاً |
ذبح شڪار عرف راحة المؤمنين |
ايضاً |
زادالفقير |
ايضاً |
مطلوب المؤمنين |
مخدوم عبدالخالق ٺٽوي |
ڪنزالعبرت (2 جلد) |
مخدوم عبدالله نريي وارو |
بدرالمنير |
ايضاً |
نورالابصار |
ايضاً |
هفت بهشت |
ايضاً |
قمرالمنير |
ايضاً |
سنگ نامو |
ايضاً |
مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌي |
مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي |
|
هالائي |
ٽالپرن جي دؤر ۾ به مدرسن ۾ تعليم، عربيءَ سان گڏ،
سنڌي زبان ۾ پڻ ڏني ويندي هئي. اعليٰ تعليم لاءِ
عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم جو رواج هو. ان وقت سنڌي
ٻوليءَ جو نصاب هن ريت هوندو هو:
|