پردو پنجون
مختيارڪار صاحب جي اوطاق جو ايوان
(مختيارڪار ۽ زميندار قادر بخش ۽ اسڪول ماستر ويٺا
آهن.)
مختيارڪار:خدا ڪيو في الحال ته خوش ٿي روانو ٿيو.
وري آيو ته به ايترو ڊپ نه ٿيندو.
زميندار:چڱو ٿيو، سائين مـُـهت ٿيو. اوهان جي
اقبال سان خير جي گذري، پوءِ به گذري ويندي.
مختيارڪار: پر هنن کوٻلن، حرامخورن، ڪافرن جو ڪي
حال ڏٺوَ؟ مهل تي دغا ڏيڻ وارا آهن ڪر نه؟ (ڏند
ڀيڙي چوي ٿو) ڏس ته ڪهڙيون نه پوپٽيون ٿو پڙهايانِ
(ماڻهو سڏي ٿو) اي، آهي ڪو، نائڪ، پٽيوالا؟ (پٽيوالو
ڊوڙي اچي ٿو.)
پٽيوالو:حاضر سائين.
مختيارڪار: اي، وڃي ڊوڙ پائي، مـُـکي ۽ ٻين
پئنچائت وارن کي وٺي اچ. گڏ ڪري، گـِـهلي جلد وٺي
اچين.
پٽيوالو: حاضر سائين، (نڪري وڃي ٿو.)
اسڪول ماستر: ڏاڍا نالائق آهن. وقت بيوقت به نه
ڏسن! پر سائينجن جي اقبال سان سڀ خير ٿيو.
مختيارڪار: ڇا ٿيو، پنهنجو منهن ڪارو ڪيائون. ڪتن
وانگي ڀؤنڪي هليا ويا هوندا. هاڻ ڀلي اچن ته سڀني
جون ٿو مـڇون پـَـٽيان. وري هنن شيطانن جي ڏس،
مسلمان ٿيا آهن؟ پر اها حرامپائي مڙئي انهيءَ
گوپالي جي آهي، اها حرڪت مڙئي انهيءَ پوهوءَ ۽
انهيءَ کوٻلي ڊولي جي آهي! ڀلي اچن ته تماشو
ڏيکاريانِ. پر خدا جي مهربانيءَ سان جيڪو آفيسر
پيو ايندو، سو منهنجي گوڏي هيٺان رکيو هوندو.
پريندي جڏهن وٽس ويس، تڏهن ”اذاجاءُ“ جي سـُـور
پڙهي ويس. نيٺ فتح ٿي نه؟ منهنجي آزمايل آهي.
زميندار:سائين، خدا سڀ سولي ڪندو. اوهان جي دشمن
جو ڪارو منهن ٿيندو ۽ اوهان جي سوڀ ٿيندي. ڀلي پيا
دانهون ڪن. اميد آهي ته سائينءَ کي اضافا ملندا،
سائين ڊپٽي ٿيندو. اسين سڀ ڏسي خوش ٿينداسين، ٻيو
”قلندرن جي پٺيان ڪئين ڪتا پيا ڀؤنڪن.“
مختيارڪار:اها ڳالهه برابر آهي. پر وري ماڻهوءَ کي
وقت بيوقت سڃاڻڻ گهرجي. (اتي پئنچات جا واڻيا اچن
ٿا.)
مختيارڪار: اچو سيٺئو، ڀلي آيؤ، ويهو.
واڻيا:(سلام ڪري، گلم تي ويهن ٿا.) سائين، سلامت
هجو. سائين خوش آهيو؟
مختيارڪار: چڱا خوش آهيون. پوءِ ٿيوَ ڪارو منهن،
ڪي نه اڃا؟ کاڌوَ ڪتن جي ڪـِـرفتي، ڪين اڃا به
کائڻي اٿوَ؟ (چڙي، زور مان) ڪافر! اوهان جو مٿو
ڦـِـري ويو آهي، مون تي ٿا دانهون ڏيو؟ اوهان
ڀانئيو ته منهنجي نوڪري کسي وٺندؤ؟ منهنجي نوڪري
ڪا انهيءَ جي هٿ ۾ هئي ڇا؟ اهو به اهڙو سرڪاري
نوڪر جهڙو آءٌ آهيان. کڻي ٻه - ٽي رپيا وڌيڪ ملندا
هوندا. اهڙا خدا گهريو آهي ته سڀاڻي مون کي به
ملندا. آءٌ اهڙي عهدي تي ٿي سگهان ٿو. دانهون ٿا
ڪريو: ته ڦـُـري ٿو، گاريون ٿو ڏئي، ماري ٿو، هيئن
ٿو ڪري، هونءَ ٿو ڪري. پوءِ ڇا ٿيو؟ ”ڪارو منهن
ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري“. خوش ٿي ويو يا نه؟
ڏسو ته سگهو ئي منهنجو پگهار وڌي ٿو نه؟ ”بدلي
ٿئي، بدلي ٿئي.“ آءٌ اڃا به ٻه - چار ورهيه ٻيا
اوهان جي ”اُرهه تي مـُـڱ ڏريندس،“ اوهان جون مڇون
پـَـٽيندس، اوهان کي جيل ۾ وجهندس، پوءِ ويندس.
”ويهن ٿا درياءَ جي ڪپ تي، وجهن ٿا واڳن سان وير!“
ڀلي هاڻ انڪم ٽئڪس جا ڏينهن اچن. اڳي اوهان تي مون
کي ڪو قياس ايندو هو، هاڻ ويٺا تماشو ڏسو.
واڻيا: (ڊپ ۾، هٿ ٻڌي) سائين، اسان کان ٿي، اسان
کي معاف ڪريو.
مختيارڪار:(وڌيڪ زور مان) چڱو معاف ڪندس. آءٌ ٿو
ڦـُـريان يا اوهين ٿا ڦـُـريو؟ غريبن ڄٽن کي
ڦـُـري کڻي چٽ ڪيو اٿـَـوَ. رپئي جي شئي چئين
رپئين پيا وڪڻو. غريبن جا جهڳائي ناس ڪري ڇڏيا
اٿوَ: اٽو خراب، گيهه خراب، کير ۾ پاڻي، ساهميون
ڪوڙيون، وٽ ڪوڙا، ماڻ ڪوڙا. هاڻ ڀلي رکو اهڙو وکر،
ڏسو تماشو. هاڻ ڀلي بازار جي وچ ۾ کٽولا وجهي ويهو
۽ چلمون ڪڍي رکو. ڀلي پاڻي هاريو، ڀلي پيشاب ڪريو.
اهي اوهان جون واڃاڻيون نه ڪچهريءَ ۾ رلايم ته شرط
آهي.
زميندار: (واڻين کي) ڀائي، اوهان کي به ايتري ڪرڻ
نه گهربي هئي، سرڪاري ڪامورن جي نالي ڪا اهڙي ڪجي؟
واڻيا:سائين، اسين اندر جي باهه سانڍي نه
سگهياسين، پر هاڻ ڀـُـلياسين. هاڻ اسان کي معافي
وٺي ڏي. (واڻيا اٿي مختيارڪار کي پيرين پون ٿا.)
مختيارڪار:(پير پري ڪري ٿو.) اوهين دلجاءِ ڪريو،
آءٌ چڱي رٿ ڪندس. نڪرو، نڪرو، مون کي چيڙائيو
نه..... (هـُـو وڃن سوڙها پوندا) پٽيوالا!
پٽيوالا! ڪڍ هنن کوٻلن کي، ڪڍ هنن ڪافرن کي، ڪڍ
ڪڍ. (پٽيوالو اچي سڀني کي ڌڪي ڪڍي وڃي ٿو.)
زميندار:سائين، هاڻ پڇتايو اٿن، وري اهڙو ڪم نه
ڪندا. (اتي پوليس انسپيڪٽر ۽ چيف ڪنسٽيبل اچن ٿا.)
انسپيڪٽر:(کلي) سائين، سـُـک سان گذري.
مختيارڪار: هتي ڪڏهن ڪا خرابي ٿي آهي؟ هميشه سک
سان گذرندي آهي، وري به اچڻو آهي، ٻئي - ٽئي
ڏينهن. پر هنن پنهنجن واڻين جو ڪي رنگ ڏٺوَ؟
انسپيڪٽر:سائين، ڏاڍا نالائق آهن. هنن جو هميشه
اهو ڪم آهي. منهن تي خوشامد ڪن، پرپٺ ڪامورن جي
گلا ڪن. صاحب وٽان موٽندي مون کي مليا هئا. مون به
خوب گاريون ڏنيون ٿيمانِ ۽ جٺيون ڪيون ٿيمانِ. (اتي
سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر گڏجي اچن ٿا، سلام ڪري ويهن ٿا.)
ڊاڪٽر: سائين، واڌائي هجيوَ، آفيسر ته خوش ٿي نڪتو.
مختيارڪار:هائو، في الحال ته خوش ٿي ويو آهي. خوش
ته اوهان جي اسپتال مان گهڻو ٿيو. اوهان سڀني مان
گهڻو خوش ٿي ويو.
سيڪريٽري:اهو سڀ سائين، اوهان جو اقبال آهي. اها
سڀ اوهان جي تعريف آهي. وري سائين، ڪڏهن ايندو؟
مختيارڪار: ٽئي ڏينهن چيائين. مون اُٺن وارن کي
حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي ته نه موٽن، پنڌ گهڻو آهي،
اتيئي رهن. پر هاڻ ڄڻ ته گهر جو ڀاتي آهي، ٻيو ڊپ
ڪونهي، مگر وري به اوهين پنهنجي صفائي رکائجو، وري
به چڱو آهي. (اتي پوسٽ ماستر اچي ٿو، هٿ ۾ هڪڙو خط
اٿس.)
پوسٽ ماستر:سائين، خبر ڪا ٻڌي اٿوَ، (ويهي ٿو) اهو
انڪوائري آفيسر ڪين هو!
سڀ: ڇا ڇا، ڇا؟ انڪوائري آفيسر نه هو!
پوسٽ ماستر:نڪو نڪو، اهو نه هو. اجهو هن خط مان
ظاهر آهي.
مختيارڪار:ڇا ٿو چئين، ڇا ٿو چئين؟ توکي سمجهه نٿي
پوي! اهو ڪهڙو خط آهي؟
پوسٽ ماستر:سائين، اُهو خط، جو هن پاڻ پنهنجي هٿ
سان لکي، ٽپال ۾ ٿي موڪليو. سندس نوڪر پيتيءَ ۾
آڻي وڌو. مون ڪڍي ڏٺو. چيم ته ڏسان ته ڇا لکيو
اٿس. متان هتي جي ڪا گلا هجي يا تعريف هجي ته
اوهان کي ٻڌايان. اوهان جو تاڪيد هو.
مختيارڪار: مون ماڻهن جي عريضين لاءِ چيو هو،
سرڪاري آفيسرن جي خطن لاءِ ڪو نه چيو هو.
پوسٽ ماستر:بس، اُنهيءَ مهل مون کي به دل ۾ اچي
ويو، سو کڻي کوليومانس. چيم ته وري بند ڪري روانو
ڪندس. خط پـَـٽي، اڃا پڙهان ته منهنجين اکين جي
اڳيان اوندهه اچي ويئي، هٿن مان ئي خط ڪـِـري پيم!
مختيارڪار:ڀائي، ڪيئن همت جهلي اٿئي، جو ههڙي
سرڪاري آفيسر جو خط کوليو اٿيئي! ڊني به ڪين؟
پوسٽ ماستر: (کلي) چرچو ته اهو آهي نه! نڪي سرڪاري
نوڪر آهي، نڪي آفيسر آهي!
انسپيڪٽر:تڏهن ڇا آهي، ڪير آهي؟
پوسٽ ماستر:الاجي ڪير آهي، ڪهڙي ڪم تي آهي!
مختيارڪار:(ڪاوڙ مان) ڇا ٿو چئين، مٿو ڇو ٿو
کائين، اسان سان مسخريون ڪرڻ آيو آهين ڇا؟
پوسٽ ماستر:سائين چڙو نه، آءٌ اجهو اوهان کي خط
پڙهيو ٿو ٻڌايان.(خط پڙهي ٿو.)
”صاحب مهربان ميان احمد خان سلامت “ |