پردو ٻيو
بچل نانوائيءَ جي دڪان جي پاسي واري جاءِ
(هنڌ وڇايو پيو آهي. هڪڙي پيتي ۽ هڪڙو ٿيلهو رکيو
آهي. ميز تي ڪي خالي باٽليون ۽ گلاس رکيا آهن. مس،
قلم ۽ ڪاغذ به رکيو آهي. ميان شرف الدين جو نوڪر
خانو بيٺو آهي.)
خانو: (پنهنجي ڌڻيءَ جي هنڌ تي پاڻ کي اڇلائي)
توبهه، توبهه! اهڙي بک لڳي اٿم جو ڳالهه ڪرڻ کان
ٻاهر - پيٽ ۾ گڙڪا پيا پون. ڄڻ ته پلٽڻ جو بين
باجو پيو وڄي. الاجي وري ڪڏهن ڳوٺ پهچنداسين. ٻه
مهينا ته نڪتي ٿيا آهن جو رلندا ڌڪا کائيدا وتون.
ميان صاحب ته فضوليون ڪري پئسو پنجڙ جيڪو ساڻ هوس
سو ته سڀ خرچي کائي ويهي ريو آهي. هاڻ ته ٽپڙ ٽاڙي
به پيو وڪڻي. اچي هتي چڪلي جي سامهون ڌرڻو ماري
ڪري پيو آهي. هڙ ۾ پائي به نه ٺهي، ٽنڊ ٽوپي ڏسو
ته ڄڻ سؤ ڏاڍيءَ جو سائين آهي، جتي هلي اتي حڪم
پيو هلائي ته ”خانو، ڪا چڱي جاءِ هلي هٿ ڪر ته
لهون ۽ ماني به عمدي کائون.“ پڇينس ته تون منشي
ماڻهو، پندرهن - ويهه رپيا مهيني ۾ ڪمائين، رڳو
ڇاپخانن وارن جي اخبارن لاءِ هيڏي هوڏي جون ڪوڙيون
سچيون خبرون گڏ ڪندو وتين. تنهنجو انهيءَ ٽنڊ
ٽوپيءَ سان ڇا؟ تنهن کان سواءِ، وري زور ڪريو
ماڻهن سان دوستيون رکي، ڪن سان جـُـوا ڪري، جيڪي
ٻه - ٽي ڏوڪڙ هجنس سي به هارايو اچي. شراب جي به
ته ڏوگهه ڏوگهان پيئي پوي. اجهي خالي ٻاٽليون
شاهدي پيون ڏين(ڏيکاري ٿو). ڪڃرخانن جون پڇائون
ڪندو وتي. پوءِ به ايندو ته نواب صاحب وانگي حڪم
پيو هلائيندو ته هيءُ آڻ، هـُـو آڻ. سرڪار کي خبر
پوي ته جيڪر رڳو ڦٽڪا هڻائينس. آءٌ ته هن مان ڪڪ
ٿي پيو آهيان، ناحق هن سان آيس. مون کي ٺڳي وٺي
آيو آهي. ڳوٺ هوندو آهيان ته ڪيئن نه فرحت سان پيو
گذاريندو آهيان. کايو پيئو پيٽ ڀريو ويٺو هوندو
هوس. هتي ته اجهو هيئن بک سان پيو لڇان(ٿورو ماٺ
ڪري ٿو) اجهو دٻڪو ٿو اچي، شايد اچي ٿو. (ٽپ ڏيئي
اُٿي ٿو ۽ هنڌ جي چادر ڇڪي ٺاهي ڇڏي ٿو ته مٿان
ميان شرف الدين به اچي ٿو.)
ميان شرف الدين:هان، هي وٺ (ڪوٽ لاهي ڏئيس ٿو ۽
لڪڻ به.)
خانو: (وٺي ٿو) مون ڀانئيو ته ڪو رپين جو ٿيلهو
آندو اٿوَ؟
ميان صاحب: ڏس، ڪو تماڪ ذرو آهي، ٻاٽليون ته خالي
پيون آهن؟
خانو: تماڪ، جيڪو ذرو هو سو پي روانا ٿيا هئوَ،
ٻيو ڪٿان آيو.
ميان صاحب: (هيڏي هوڏي پسار ڪري ٿو) ٻڌين ٿو خانو؟
خانو: جيءُ سائين، ڇا ٿا چئو؟ آءٌ ته اوهان جي
لاءِ ٽنگن تي بيهي بيهي ٿڪجي پيو آهيان، ٻيو پيٽ
خالي، هاڻ فرمايو، الائجي ڇا ٿا چئو؟ (زمين تي
ويهي رهي ٿو.)
ميان صاحب: وڃ، هاڻ وڃي ڪو مانيءَ ٽڪر جو بلو ڪر.
خانو: آءٌ سائين ڪو نه ويندس، خوشي اوهان جي.
ميان صاحب: بيوقوفَ، اهڙا ٿو جوان ڏين؟
خانو:سائين، آءٌ وڃان يا نه وڃان ته به ڳالهه هڪڙي
آهي، مانيءَ جو ٽـُـڪر به ڪو نه ملندو. نانوائي
وڙهڻ ٿو اچي.
ميان صاحب:چريو ٿيو آهين ڇا؟ وڃ، وڃي ڪي وٺي آءٌ
ته کائون.
خانو: هو پيو دڙڪا ڏئي ته وڃي مختيارڪار کي عريضي
ٿو ڏيان ته اڌ مهينو ٿيو آهي ته تنهنجو ميان صاحب
اچي پيٽ کوڙي دڪان تي ڪـِـري پيو آهي. رڳو واڳونءَ
وانگي کائيندو وڃي، ڏئي پائي به ڪا نه ٿو. الاجي
ڪهڙيون ڪهڙيون گاريون اوهان کي به ۽ مون کي به ٿو
ڏئي. چوي ٿو ته توهين ٻئي دليءَ جا ٺڳ آهيو. ڪڏهن
چوي ته بدمعاش آهيو، چور آهيو، آءٌ وڃي فرياد ڪري
اوهان کي جيل ۾ ٿو وجهايان.
ميان صاحب:(بـُـجو ڏيئي) گڏهه، تون وري مون کي
گاريون منهن تي ٿو ٻڌائين؟ هاڻ وڃ، بڪ ڦـِـٽي ڪر.
وڃي وڙهي سڙي ڪي وٺي آءٌ.
خانو: مون کي ڇاهي، آءٌ وڃي ٿو خود نانوائيءَ کي
وٺيو اچان، پنهنجو پاڻي چئوس. (اُٿي وڃي ٿو).
ميان صاحب: (اڪيلو) توبهه! ڪهڙي نه بک لڳي آهي.
آءُ هوا کائڻ ويس، ڀانئيم ته بک لهي ويندي، ماني
نه کاڌيم ته هوا کاڌيم، پر پاڻ بک وڌيڪ لڳي آهي.
سچ آهي، جي اُنهيءَ ڏينهن شراب پـِـي خير بخش
ڪڃريءَ جي گهر ۾ مست ٿي نه ڪـِـري پوان ها ۽
جـُـوا ۾ پئسا نه هارايان ها ته ٿورو گهڻو پئسو
مڙئي بچيل هجي ها! پر مـَـن وري ڪو ٻيو وجهه ملي
ته انهيءَ جواري پٺاڻ کان وير وٺان ۽ پنهنجي سموري
رقم وري کـَـٽان، پاڻ ٻيو وڌيڪ به ڪي هٿ آڻيان!
ڪهڙو نه هيءُ خراب شهر آهي، اوڌر به ڪو ڪو نه ٿو
ڏئي! (اٿي پسار ڪري ٿو ۽ سـِـيٽ وڄائي ڳائي ٿو.
اتي خانو ۽ نانوائيءَ جو نوڪر اندر اچن ٿا.)
نانوائيءَ جو نوڪر:سائين، اُستاد چوي ٿو ته ڪهڙو
ڪم آهي، ڇو ٿا سڏيو؟
ميان صاحب: آءٌ، ميان، ڀلي ڪري آئين، خوش ته آهين؟
ميان صاحب: ڪيئن، دڪان جو ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي؟
نوڪر: چڱو پيو هلي، گهڻيئي پيا اچن، گهڻيئي پيا
وڃن.
ميان صاحب: ٻيلي، اڃا اسان جي ماني ڪا نه آئي آهي
ڇو؟ ڀلائي ڪري، ڊوڙ پائي وڃي کڻي اچ. مون کي ماني
کائي وري ٻاهر وڃڻو آهي، ضروري ڪم آهي.
نوڪر:سو چڱو، سائين، پر اُستي منع ڪري ڇڏي آهي ته
اوهان کي ڪي به نه ڏيان، هو پاڻ اڄ مختيارڪار صاحب
وٽ وڃي عريضي ڏيڻ وارو آهي.
ميان صاحب: مون تي عريضي ڏيندو؟ عريضي ڀلي ڪري، پر
مون کي کائڻ لاءِ ته ڪي ڏيندو. جي اهڙو حال هوندو
ته آءٌ ڳري وڃي ڪنڊا ٿيندس. چرچو ناهي، مون کي
ڏاڍي بک لڳي آهي، وڃي ماني کڻي آءُ.
نوڪر:سو برابر، پر دڪان جي مالڪ حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي
ته جيسين هي هيترن ڏينهن جا پئسا نه ڏين، تيسين
ٻيو ڪي به نه ڏجانئينِ.
ميان صاحب( (پٺي ٺپري) وڃ وڃ، چڱو مڙس ٿيءُ، وڃي
سمجهائي ماني وٺي آءٌ. مون کي ضرور ڪي ڪجهه کائڻ
لاءِ گهرجي، شاباس، پئسا ملي پوندا، ڊڄو نه. (هو
ٻئي وڃن ٿا. پاڻ اڪيلو) جي ماني نه ڏنائون ته جٺ
ٿي. اهڙي بک مون کي ڪڏهن نه لڳي آهي. پوءِ ڪيئن
ڪجي؟ ڪپڙا لاهي ڪٿي ڳهي رکان. رکي رکي به اهو ڪوٽ
رکندس. پئسو مئو هجي ته جيڪر ڪيئن نه ٻوڙ پلاءُ
کائي، گاڏيءَ تي چڙهي هوائون کائيندو وتجي. جڏهن
دل چوي تڏهن لهي پنڌ ڪجي ۽ نوڪر پٺيان لڳو اچي.
ماڻهو پڇنس ته هي ڪير آهي؟ تن کي چوي ته ”ميان شرف
الدين صاحب، محرر، متصدي اخبارات، رپورٽر،
ڪرسپانڊنٽ صاحب!“ ڪو ننڍو نالو، ننڍو عهدو آهي ڇا؟
(اتي خانو اچي ٿو، تنهن کي) ڪيئن؟
خانو: آڻين ٿا ماني.
ميان صاحب: (خوشيءَ کان تاڙيون وڄائي ٿو) واه واه،
ماني آئي، ماني آئي. (اٿي هٿ ڌوئي ٿو).
نانوائيءَ جو نوڪر: (ٻه رڪابيون کنيو اچي ٿو) هي
پڇاڙيءَ جو دفعو آهي، جو ماني آندي اٿم، وري ڪا نه
ايندوَ، سا خبر هجيوَ.
ميان صاحب: هينئر ته آڻ، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ
سان. روزي رزاق جي هٿ ۾ آهي، اهو ٿو ڏئي. ڇا آندو
اٿئي؟
نوڪر:ماني، دال ۽ پٽاٽا.
ميان صاحب: ڇا، فقط دال ۽ پٽاٽا؟
نوڪر:فقط اهي.
ميان صاحب: نڪو گوشت، نڪا مڇي، نڪو چانور، اوهان
جو مطلب ڇا آهي؟ آءٌ هي ڪين کائيندس. هن مان ڪو
منهنجو پيٽ ڀربو ڇا؟
نوڪر:سائين، خوشي تنهنجي. اُستو ٿو چوي اهو تمام
گهڻو آهي.
ميان صاحب: وڃ، وڃي مـَـنَ نان ڪباب کڻي اچين؟
نوڪر:نان ڪباب ڪونهي سائين.
ميان صاحب: مون اڃا اڳهڻون لنگهندي ڏٺو، جو اوهان
جي دڪان ۾ ويٺي قيمو ڪـُـٽيائون!
نوڪر:چڱو سائين، آهي به ناهي به. پئسن ڏيڻ وارن جي
لاءِ آهي، سـُـڃن سـَـکڻن جي لاءِ ناهي.
ميان صاحب: (چڙ مان) صبر ڪر، ڀوڪ! ٻيا ڀلي کائين،
آءُ نه کان؟ ڇو، آءٌ مسافر ناهيان؟ نانوائي دڪان
مسافرن لاءِ ڪڍندا آهن ڪي شهر وارن لاءِ؟ (نيٺ
ماني کائڻ لڳي ٿو) هن کي دال ٿو سڏين؟ رڳو ڍنڍ
ڍورو لڳو پيو آهي، ٻيو منجهانس ڪـِـني مڇيءَ واري
بانس پئي اچي. پٽاٽا آهن سي ڪاٺ جهڙا ڏاڍا آهن.
ماني الاجي ڪالهوڪي پڪل آهي، ڪ ڇا؟ (وري هٿ ڪڍي،
پري ٿي) کڻي وڃ پنهنجي ماني، وڃي پڻهي کي کاراءِ،
مون کي ڪا نه گهرجي.
نوڪر:سائين، ٻين جا پيءَ نه ڪڍو، اُستي به چيو هو
ته نه کائي ته وري ماني کڻي اچجانئين، سو آءٌ کڻي
وڃان ٿو. (رڪابيون کڻي ٿو)
ميان صاحب:(هن کي ڌِڪو ڏئي) پري ٿيءُ ته هڻي ڊَڙي
نه رکانءِ! تو ٻين سان گستاخي ڪري ڏٺي آهي، آءٌ
اهڙي ڪاڻ کڻڻ وارو ناهيان. (وري ويهي کائي ٿو) دل
۽ پٽاٽا - واه جي دال ۽ واه جا پٽاٽا! (کائيندو
وڃي) هيءُ دال ۾ الاجي ڇا جا کنڀ آهن، ڄڻ ته گاري
۾ بـُـههُ پيو آهي.
نوڪر: (کـِـلي) اهي دال جا کنڀ آهن، ڌيان ڪريو ته
متان اها به نه اُڏامي وڃي.
ميان صاحب: (کائي بس ڪري ٿو) ڪهڙا نه هن هنڌ جا
ماڻهو خراب آهن. چڱو ٿا مهمانن ۽ مسافرن جو
آڌرڀاءُ ڪن. ماني اهڙي سخت آهي جو چٻاڙي چٻاڙي
ڄاڙيون پيون سور ڪن، ڏند پيا ڏکن. سا به ته پوري
ٿي، بک اوتري جي اوتري! هاڻ ٻيو وڌيڪ نه آڻڻو
هجيئي ته ٿانوَ کڻي وڃ، نه ته رڪابيون ڀڃيو ٿو
ڏيانءِ. (نوڪر رڪابيون کڻي وڃي ٿو ۽ خانو پٺيانس
وڃي ٿو. ميان صاحب آڱريون چٽي ٿو.) ههڙي ماني کائڻ
تي آءٌ هٿ به ڪين ڌئندس، ائين چڱو آهي، نڪا گرڙي
ڪندس، ڀائنجي ته کاڌو ئي ڪين اٿم. پاڻ بک تکي ٿي
آهي. انهيءَ کان ڪي به نه کان ها، نه ڏاٺ چـُـري
ها ته چڱو هو! رڳو ٽي - چار پئسا هجن ها ته به
جيڪر بازار مان ڪي ڀڳڙا ريوڙيون گهرائي وٺان ها.
(اتي خانو نوڪر اچي ٿو).
خانو:سائين، ڪاردار صاحب اچي نڪتو آهي. الاجي ڇو
آيو آهي! اوهان جو پيو پڇائي. اوهان کي ڏسڻ گهري
ٿو.
ميان صاحب:(ڊپ ۾) ڇا ڇا، ڇا ٿو چئين؟ شڪ ناهي ته
انهيءَ حرامزادي نانوائيءَ وڃي مون تي دانهن ڏني
آهي (پنهنجي منهن) ڪهڙي نه جٺ ٿئي، جي سچي پچي
گـِـهـَـلي وڃي جيل ۾ هڻنم! آءٌ هيترا ڏينهن هن
شهر ۾ اميرن وانگي پي گهميو آهيان ۽ هڪڙي سوداگر
جي ڌيءَ به تاڙي ڇڏي اٿم. هاڻي ته خرابي ٿي، جي
شهر مان هٿڪڙي ڏئي نيندم! (همت جهلي ٿو) پر ڇا
آهي. ڪا اهڙي ڦـُـر ٿي آهي ڇا، جو زور سان
گـِـهـَـلي ويندا؟ آءٌ صاف چوندوسانس ته توکي ڪهڙي
اختياري آهي، جو هيئن مسافرن کي ٿو ستائين. (در
پٽجي ٿو، ميان صاحب جو منهن هارجي وڃي ٿو. اتي
مختيارڪار صاحب ۽ زميندار قادر بخش اندر گهڙي اچن
ٿا. مختيارڪار ٻه - ٽي وکون ڀري بيهي رهي ٿو. ٻئي
ڊپ ۾ هڪ ٻئي ڏي نهارين ٿا. نيٺ دل جهلي، مختيارڪار
نئڙي سلام ڪري ٿو ۽ زميندار به ائين ڪري ٿو.)
مختيارڪار:(ادب سان) سائين، خوش چڱا ڀلا ته آهيو؟
ميان صاحب:(اُٿي نئڙي سلام ڪري) سائين، مهرباني
اوهان جي. اوهان ڏي ته خير عافيت آهي؟
مختيارڪار:معاف ڪجو، بي وقتو اوهان کي تڪليف ڏني
اٿم.
ميان صاحب: خير هجي، سلامت هجو، هيءُ ڇا ٿا چئو؟
ڪهڙي تڪليف آهي؟ هيءَ ته تفريح آهي.
مختيارڪار:سلامت هجو. اهو سائين منهنجو ڪم آهي،
مون تي فرض آهي ته تعلقي عملدار ٿي، آبروءَ وارن
مسافرن جي سنڀال ڪريان ته سـُـکيا رهن ۽ اهنج ڪو
نه ڏسن.
ميان صاحب: (پهرين ڊڄي ٿو، پوءِ نيٺ همت جهلي
ڳالهائي ٿو) سائين، ڇا ڪريان... منهنجو قصور
ڪونهي... آءٌ هن کي پئسن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان...
ڏينهن - ٻن ۾ ڳوٺان پئسا اچڻا اٿم... قصور انهيءَ
جو آهي، جو سڪل ماني ڪـِـني دال سکرن کي کائڻ لاءِ
ٿو ڏئي. ڏهاڙي اسان کي پئي بک ماريو اٿس. |