(اتي پوسٽ ماستر اندر گهڙي اچي ٿو. سلام ڪري
ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو.)
مختيارڪار: ڪيئن ڀائي، پئي ٿي ڪا خبر؟ چمڙا پوش
انسپيڪٽر ٿو اچئي - انڪوائري آفيسر!
پوسٽ ماستر: ڀلي اچي، اسان کي ڇا آهي. خطن کي
مـُـهرون هيو ويٺا هونداسين، ڀلي اچي!
مختيارڪار: اسان کي ته يـَـر اچي پنهنجي ساهه ورتو
آهي. تون به سـُـکي نه ٿيندين. هن ملڪ جا ماڻهو
آهن خراب، چار پئسا ڏيو گمنام عريضي لکايو ويٺا
آهن، ٻيا وري ڪي فسادي ماڻهو هـُـنن کي چڻنگ ڏيڻ
وارا. اسين به سرڪاري ڪامورا، چار اسان جا دشمن ته
چار دوست. راضي ته خود خدا مان به ماڻهو ناهن.
اسان مان به ڪي راضي ته ڪي رنج هوندا، سي پيا
ڪوڙيون سچيون گلائون ڪندا. مون کي خبر آهي ته ڪي
ماڻهو خود منهنجي به برخلاف آهن، جيڪو پڇندن تنهن
سان منهنجي به گلا ڪندا. (ٿورو ماٺ ڪري، پوءِ پوسٽ
ماسٽر کي) پر اوهان سان مون کي هڪڙي خلاصي رٿ ڪرڻي
آهي. (اٿي، پوسٽ ماستر کي پاسي تي وٺي بيهي ٿو)
ڀائي، هڪڙي ڀلائي ته ڪر، جيڪي نه خط شهر جا يا
تعلقي جي ماڻهن جا ڪنهن بالا آفيسر جي نالي هجن،
سي ته کولي ڏسدو وڃ. تنهنجو مون تي گهڻو احسان
رهندو. مون کان به جيڪا ڀلائي ٿيندي، سا توسان
ڪندس. هيءُ ڏهه - پندرهن ڏينهن ته ضرور ائين ڪج،
پر اڳتي به شڪ پويئي ته ائين ڪندو رهج. تجويز سان
کولي پوءِ جي خير جو خط هجي ته وريبند ڪري کڻي
ڇڏجانءِ، اهڙيءَ طرح چنبڙائجانءِ جو خبر ئي ڪانه
پوي.
پوسٽ ماستر: (کـِـلي) اهي هنر ته ڪو اسان کان سکي،
اوهين ڇو ٿا اسان کي سمجهايو. اهو اسان جو ڪم آهي.
پاڻيءَ جو ديڳڙو چاڙهي ان جي هـُـٻ جهلي، ڪهڙو به
مضبوط چنبڙيل خط کولي رکندا آهيون. پوسٽ ماستر
ڪڏهن ڪو ٻـُـڌوَ ته ڪا اخبار ورتي؟ سڀ پڙهي وري
بند ڪري، مالڪن کي موڪلي ڏين. هيءُ به خوش، هـُـو
به خوش. ڪڏهن ته اهڙا مزيدار خط مـُـنهن پوندا آهن
جو کـِـلي کـِـلي پيٽ ۾ سـُـور پوندو آهي. مون کي
سو گـُـروءَ رکي ورتو آهي، باقي ڪي پوسٽ ماستر ته
رجسٽر ٿيل خطن مان به نوٽ کسڪائي ڪڍي وٺن، پوءِ
وتن ڀلي انسپيڪٽر انڪوائريون ڪندا. هڪڙي ڀيري هڪڙو
خط نڪتو، سو ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي سينڌيءَ ڏي لکيو
هو. اهڙو مزي جهڙو مضمون هوس ۽ منجهس اهڙي بيتبازي
۽ چرچيبازي لڳي پيئي هئي، جو چڱا چڱا ڪتاب ڇڏي
ويهي اهو پڙهجي.
مختيارڪار: ٺهيو، هاڻي انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي،
ڀلائي ڪري ٻه - ٽي ڏينهن خط ڇڏ ئي ڪو نه، رڳو
منهنجو فائدو انهيءَ ۾ ناهي، پر اها عام فائدي جي
ڳالهه آهي، تنهن مدنظر تي روا آهي.
پوسٽ ماستر: دلجاءِ ڪريو، سائين.
(اتي شهر جو زميندار، رئيس قادر بخش تڪڙو تڪڙو
اندر لنگهي اچي ٿو.)
قادر بخش: سائين ٻڌي اٿوَ خبر. ٻڌي ٿوَ ڪا خبر؟
سڀئي: ڇو، ڇاهي، ڇاهي، ٻيو ته خير آهي، ٻيو ته
سـُـک آهي؟
مختيارڪار(انتظار ۾) سا به ٻڌائي نه، ڇو ٿو اسان
جو هيانوُ ڪڍين؟ کڻي چؤ.
قادر بخش: سائين، اوهان وٽان نڪتس، ويس ٽپال ۾.
اوهان وٽ جيڪو خط آيو هو، تنهن جي پوسٽ ماستر سان
ڳالهه ڪيم. هو به تڪڙو اوهان ڏي روانو ٿيو. آءٌ
وري گهمندو شهر جي ٻئي مٿي وڃي نڪتس. چڪلي جي
سامهون جيڪو بچل نانوائي ويٺو آهي، تنهن جي دڪان
تي لڙي ويس حقو ڇڪڻ، ته اتي ويٺي، هڪڙو جوان ماڻهو
اندر لنگهي آيو، جو هيڏي هوڏي نهاري، پاسي واريءَ
جاءِ ۾ گهڙي ويو.
مختيارڪار:اهو ڪير هو؟ ڪهڙيءَ طرح جو ماڻهو هو؟
قادر بخش:ڏاڍو سـُـوڌو جوان هو. هيٺ جو ٿي ڏٺو.
خبر نه آهي هندستاني هو، ڪڇي هو، گجراتي هو، پٺاڻ
هو، ڪي ٻيو پرديسي هو! ميان شرف الدين نالو ٿي
ورتائونس. هڪڙو نوڪر به پنهنجي ذات جو ساڻس هو.
مختيارڪار:(ڊپ ۾) يا الله خير ڪجئين. (قادر بخش
کي) تون ڀانئين ٿو ته ڪير هو؟
قادر بخش:سائين، هيڏي هوڏي پي نهاريائين. مون ۾ ته
اکيون پايو پي ڏٺائين. ٻاهران ئي آيو ٿي ته ٺڪر
ڀتر چتائيندو پي آيو. ڳالهايائين ٻولهايائين ته
ڪنهن سان ڪين، ماٺ ڪري لنگهي ويو. ڏٺو بيشڪ ڪو
ڪامورو، ڪو آفيسر ٿي.
مختيارڪار:(ڊپ ۾ ڏڪي) يا خدا پردو رکجائين!
يا رسول مدد ٿجئين! (قادر بخش کي) تو ڪيئن ڀانئيو
ته ڪهڙي طرح جو آفيسر هو؟
قادر بخش: سائين، اهو آفيسر، جنهن جي اوهان ٿي
ڳالهه ڪئي ته ڳجهيءَ طرح جاچ ڪرڻ لاءِ اچڻو آهي.
مختيارڪار:(ڊپ ۾) هاءِ هاءِ! بلا اچي سهڙي! آفت
اچي مٿان ڪڙڪي! پوءِ؟
قادر بخش: پوءِ مون بچل نانوائيءَ کان پڇيو ته ڪير
آهي، ڪٿي جو ماڻهو آهي، ڪڏهن آيو آهي؟ هن چيو ته
”ادا، الائجي ڪير آهي، اچي مسافر ٿي لٿو آهي.
ڏينهن جو وڃي گهمڻ، سهماڻين جو اچي هتي. اڃا ته
پيو کائي. پئسا چوي ٿو ته وڃڻ مهل ڏيندس. جاءِ جي
مسواڙ به رهيل اٿس. چوي ٿو ته ڪراچيءَ کان ٿو اچان
۽ سڄي سنڌ گهمندس. پوءِ اصل ته الائجي ڪٿان هليو
آهي!“
مختيارڪار: ڪا خبر لڌءِ ته ڪڏهن آيو آهي؟
قادر بخش: هائو، چيائين ته ڏهه - ٻارهن ڏينهن ٿيا
اٿس.
مختيارڪار: (ڊپ ۾ پنهنجي منهن) هاءِ گهوڙا! ڏاڍي
جٺ ٿي. انهن ڏينهن ۾ مون الائجي ڇا ڇا ڪيو آهي:
الهڏني ڪاسائي کي اڌ مـُـلهه گوشت نه ڏيڻ ڪري
موچڙا هڻايم. ڌنيءَ شيخڻ جي ڌيءَ کي رات جو اوطاق
۾ آڻايو هوم. چمڙن واري معاملي ۾ ٻنهي ڌرين کان
پنهنجي مـُـنهن پئسا ورتم، جو جوابدار پوءِ دانهون
ڪندو ويو ته مون کي ڪاردار ڦـُـريو به ۽ فيصلو به
فرياديءَ جي فائدي ۾ ڪيائين. تنهن کان سواءِ خبر
نه آهي ته شهر جي گهٽين ۾ ڪهڙو ڪچرو ٿيو پيو
هوندو! سرڪاري جاين جو ڪهڙو حال هوندو! الائجي ڇا
ڇا ڏٺو هوندائين! (وڌيڪ ڊپ ۾) يا خدا مدد ڪجانءِ،
اڳتي مون توبهه ڪئي، هيءَ گهڙي رڳو خير سان گذري!
انسپيڪٽر: سائين، هاڻ ڪهڙي صلاح؟ چئو ته سنڀري
ڊريسون ڪري، سڀ گڏجي چڪلي واري نانوائيءَ ڏي هلون؟
سيڪريٽري:بهتر آهي ته پهرين صوبيدار صاحب کي ڏياري
موڪلجي ته وڃي پڪيءَ طرح سماءُ لهي اچي.
مختيارڪار: نه نه، اوهين ڇڏيو آءٌ پاڻهي ٿو
بندوبست ڪريان. اهڙا گهڻائي ڏکيا وقت گذرايا اٿم.
عيبدار آهيان، تڏهن به آزمودگار آهيان. ڊڄندو
برابر آهيان، پر وقت چڱو گذاري ويندو آهيان. (قادر
بخش کي) تو چيو ته جوان ماڻهو آهي؟
قادر بخش: هائو. سائين، چوويهن - پنجويهن ورهين جو
ٿيندو. آهي به چـَـڪر ڏنڊو.
مختيارڪار: جوان ماڻهو چڱو، پوڙها بلائون ٿيندا
آهن، ريجهڻ جا ئي نه ٿيندا آهن ۽ انهن جو ترڀاءُ
لهڻ ڏکيو آهي، جوان کي جهٽ ۾ ماڻهو سهي ڪري، يا
ڦاسائي سگهندو. (سڀني کي) هاڻي اوهين ٻڌو ٿا، سڀئي
وڃو پنهنجي جاين تي، وڃي پنهنجن ڪمن کي سنواريو ۽
سڌاريو. آءٌ هيڪلو ٿو وڃان، نه ته به قادر بخش کي
ساڻ ڪريو اوڏي ٿو وڃان، وڃي لڪڇپ ۾ خبرچار ٿا
وٺون.
(سڀ اٿن ٿا. مختيارڪار هڪڙي پاسي اندر لنگهي ٿو
وڃي، ۽ ٻيا ٻئي پاسي کان ٻاهر نڪرن ٿا.) |