ميان صاحب: دلجاءِ ڪر. چڱو بندوبست ڪنداسين. (اتي
خط لکي بس ڪري ٿو ۽ لفافو بند ڪري مٿس لکي ٿو.
پوءِ خانوءَ کي) هان، هيءُ خط کڻي وڃي ٽپال ۾
وجهه. پوءِ مختيارڪار صاحب جي ماڻهن کي حڪم وڃي ڏج
ته اسان جي لاءِ ٻه مهري اُٺ تيار ڪن. اسين ذري
کان پوءِ هتان نڪرنداسين. اسٽيشن تي اسان کي ڇڏي
ايندا. منجهند واري گاڏيءَ ۾ ضرور وينداسين. (خانو
خط وٺي نڪري وڃي ٿو. اتي ٻاهران ماڻهن جو ڳالهاءُ
ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. خانو سگهو ئي وري اندر اچي ٿو.)
خانو:سائين، شهر جي پئنچائت آئي آهي. وڏو ٿالهه
مٿي تي اٿن.
ميان صاحب: تڏهن وري اهي اچي مٿو کائيندا. انهن
مان ڪي ڪجهه ملندو يا نه؟ سڏين ته بيٺي پير روانو
ڪريانِ. (پاڻ اٿي ميز وٽ در جي سامهون ويهي رهي
ٿو. خانو ٻاهر وڃي ٿو. پنج - اَٺ واڻيا اچن ٿا.
هڪڙي کي ٿالهه مصريءَ جو آهي، جو ڪپڙي سان ڍڪي
زمين تي رکي ٿو. انهن سان گڏ ٻه - چار راڄ جا
مسلمان به آهن. سڀئي سلام ڪن ٿا.)
ميان صاحب: ڪيئن ڀائي، ڇا خبر آهي؟ هيترو گوڙ ڪري
هليا آيو!
هڪ واڻيو:حجور، اسان سان جـُـلم آهي. حجور ماءُ -
پيءُ آهي. اسان جو انصاف ٿئي. جي مرجي هجيوَ ته
ويهاريو، نه ته لڏي وڃون.
ٻيو واڻيو: حجور، اسان سان جٺ آهي. سڀ جي اسان تي
ٿـُـڪ نالت پئي پوي. ”ٻـڏي ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳؤرو.“
چوڌاري ڦرمار پئـِـي پوي.
ٽيون واڻيو:حضور، پيءُ - ماءُ آهي. دانهن نيٺ
سرڪار کي ڏينداسين، ٻيو ڪنهن کي ڏينداسين! ”ڇـِـڪ
مـُـنجهندي آهي ته سج ڏي ڏسبو آهي.“
ميان صاحب: ڇو ڀائي، ٻيو ته خير آهي؟
هڪڙو واڻيو:سائين، کير ڪونهي، اسان کي ڪاردار
ڦـُـري چٽ ڪري ڇڏيو آهي.
ٻيو واڻيو:رڳو ڪاردار ٿو چوين؟ ڇا انسپيڪٽر، ڇا
صوبيدر، ڇا ٽپال ماستر، ڇا داختر ڇا ٻيا. سڀني
جـُـلم مچائي ڏنو آهي. اسان جو کانو کراب ڪري ڇڏيو
اٿن. سنجهه صبح موچڙن جي منهن ۾ آهيون. اڄ هي ڏيو،
اڄ هـُـو ڏيو. مـُـلڪن ۾ هڪڙي ٽئڪس ٻـُـڌجي، اسان
تي ڏهاڙي نيون نيون ٽئڪسون پيون پون. ڏهاڙي چندا
پيا کڙا ٿين.
ٽيون واڻيو:سائين، شڪر جو هتي جج ڪونهي، نه ته اهو
به هنن جي سنگت ۾ اهڙو هجي ها ۽ اسان جون دعوائون
ئي ٻوڙي ڏئي ها. جيئن پاسي واري ڀاڱي ۾ ٻڌجي ٿو ته
پيو ٿئي!
چوٿون واڻيو: سائين، هتي جي ڪامورن جي ڪهڙي ڳالهه
ڪريون: گاهه ٻاهران اچي، ڪاٺيون به ٻاهران اچن،
گيهه ٻاهران اچي، چانور ٻاهران اچن، ڇيلا ٻاهران
اچن، سڀڪي ٻاهران اچي! هڪڙن جا اُٺ، ٻين جا گهوڙا،
ٽين جون ڳئون. مرڳو سندن گهرن ۾ تيل به
ميونسپالٽيءَ جو ٻري1 تنهن کان سواءِ، شل ڪو
معاملو نه اچي، نه ته فريادي به ڦـُـرجي، جوابدار
به ڦـُـرجي ۽ شاهد ويچارا به ڦـُـرجن، نه ته ماءُ،
ڀيڻ تي ته گاريون جهليو وڃن.
پهريون واڻيو: وري سائين، آئي ڪا مقدمي ۾ سهڻي جال
ته مقدمو ويندو اِنگهندو، نيٺ، جڏهن مطلب ٿئينِ،
تڏهن جند ڇٽي، ڪر ڪو وڪيل ته مقدمي هلائڻ لاءِ
حاجري رکن تعلقي جي ٻيءَ ڪـُـنڊ تي ته ڀلي رلي
مرن. جي اچي پهچن، ته به حاجري ٻئي هنڌ تي. (مٿو
پـِـٽي ٿو) اسان سان جلم آهي. اسين واڻيا آهيون،
اَجهو، هو ته مسلمان ويٺا آهن.
ٻيو واڻيو: ٻيو سائين، ڏاڙهيءَ پـَـٽ پئي پوي: چيو
نه مڃ ته موچڙو پيو ڦهڪو ڪري. انهن ڪامورن کي ڏسي،
سندن منشي، سندن پٽيوالا، سندن نفر رڻ ٻاريو ڏين.
ٽيون واڻيو:انهيءَ کان ميرن جي صاحبي وري به چڱي.
هڪڙو مسلمان: سائين، ورهيه ٿي ويا آهن ته بدلي به
ڪا نه ٿي ٿئينِ، جهان جون پييون بدليون ٿين، هنن
کي اسان جو تعلقو الاجي ٺيڪي ۾ مليو آهي، ڪي ڏاج
۾!
ٻيو مسلمان: بدلي ڇو ڪرائينِ، مهيني - ٻي سڀ گشت
جو مـِـنهن ڪري، ڀڳا بيٺا آهن، ڪير ٿو ڏسي، ڪير ٿو
وائسي.
ٽيون مسلمان: سائين، انهيءَ ڏينهن، ڪاردار منهنجي
زال کي صوبيدار کان مار ڏياري اٿس، چوٽيءَ کان وٺي
ماڻهن جي اڳيان گـِـهلايو اٿس.
ميان صاحب: اوهين منهنجو مغز کائي ويؤ. ڇو ٿا
مختيارڪار جي گلا ڪريو، هـُـو حاجي، نمازي، چڱو
مڙس. ڇو ٿا هن جي گلا ڪريو؟
پهريون مسلمان: چڱو حاجي آهي، چڱو نمازي آهي.
(کلي) سائين، آءٌ ايمان جي ٿو ڳالهه ڪريان، انهيءَ
ڏينهن زمين جي معاملي ۾ ڏٺم ته منهنجو حق ٿو ٻوڙي،
تڏهن سندس نوڪر جي صلاح تي، صبح جو سوير وٽس لنگهي
ويس. نماز ويٺي پڙهيائين. مون به سؤ رپئي جو نوٽ
وٺي رکيو هو، جو سندس نوڪر چيو ته وٺندو ئي نوٽَ
آهي ۽ سؤ رپئي کان گهٽ به نه وٺندو آهي. کيس مصلي
تي ويٺل ڏسي، آءٌ موٽيو ٿي ويس. نوٽ هٿ ۾ هئم، سو
ڏسي، هٿ سان جهليائين. وظيفو ٿي پڙهيائين، تنهنڪري
ڳالهايائين ڪين. مصلي جي ڪـُـنڊ کڻي ”هـُـون
هـُـون“ ڪري، اشارو ڏنائين ته هتي رکي وڃ.
ڀانيائين ته متان آيل شڪار نه موٽي وڃي. آءٌ مصلي
هيٺ نوٽ رکي هليو ويس. تڏهن مس منهنجي زمين بچي،
نه ته ملي ها ٻئي کي. چڱو نمازي آهي!
ميان صاحب: هاڻ بس ڪريو، گهڻو ڳالهايوَ، مون
سمجهيو. مختياڪار ڪو نالائق ٿو ڏسجي. ماڻهن ويچارن
کي ڏاڍو آزاريو اٿس. دلجاءِ ڪريو، هن جي جلد بدلي
ٿيندي، يا ڏنڊ پوندس، يا موقوف ٿيندو يا قيد ۾
پوندو.
ٻه - ٽي واڻيا گڏ: شل ائين ٿيندو، شل نڪري ويندو.
ٻه - ٽي مسلمان گڏ: خدا ڪري ته جلد وڃي، متان وڃڻ
کان اڳ اسان کي قيد ۾ موڪلي؟
ميان صاحب: هاڻي لاهيو گوڙ، وڃو، وڃو.
هڪ واڻيو:سائين، هيءُ مصري پئنچن جي...
ميان صاحب: مون کي ڪانه گهرجي، آءٌ رشوت ڪين وٺندو
آهيان، کڻو، کڻو.
ٻيو واڻيو:سائين، اسان جي رشم آهي، اسان جو دستور
آهي. اها رکشت ناهي، حاڪم کي مانُ ڏيڻو آهي.
ميان صاحب: مون کي مصري ڪانه گهرجي، ڪو روڪ پئسو
هجيو ته کڻي اُنهيءَ جي بدران ڏيو. آءٌ اڄ وڃڻو
آهيان، مصريءَ جي ڳنڍ ٻڌي ته ڪين کڻندس؟
ٽيون واڻيو:صاحب سچ ٿو چوي. ڀائي، ڪڍو جيڪي اٿوَ؟
(رپيا گڏ ڪري ٿو. ڪو ٻه، ڪو چار ڏئي ٿو. سڀ چاليهه
رپيا گڏ ٿين ٿا). سائين، هتي ته چاليهه رپيا گڏ
ٿيا. حاجر آهن.
ميان صاحب:چڱو، جيڪو ٿيو (وٺي ٿو) هاڻي اوهان کي
موڪل. جي مصري موٽائي نيندي بار لڳيوَ ته ٻاهر
منهنجي نوڪر کي کڻي ڏجو. (اتي نوڪر خانو اندر اچي
ٿو.)
خانو:سائين، ٻاهر پنج - ڏهه ماڻهو ڪاغذ هٿن ۾ کنيو
بيٺا آهن. چون ٿا ته عريضيون آهن، فرياد فرياد پيا
ڪن.
ميان صاحب: ڪڍين، خدا جي واسطي. نه ته وڃي عريضيون
گڏ ڪري، مون کي آڻي ڏي ۽ کين چؤ ته پاڻهي جاچ
ٿيندي، پوءِ ڌڪي ڪڍين،مون کي کپائين نه. (نوڪر
ٻاهر وڃي، عريضيون گڏ ڪري آڻي ڏئي ٿو. پوءِ واڻين
کي چوي ٿو).
خانو: هيڏي ڀائي، هيڏي اچو ته ٿالهه لاهي ڏيانوَ.
(هنن کان ٿالهه وٺي وڃي ٿو. سڀ ٻاهر نڪري وڃن ٿا.)
ميان صاحب:(اڪيلو) توبهه، مٿو ئي کائي ويا. وري ٻي
جماعت ٿي آئي. ڪيتري نه دانهن آهي هتي جي ڪامورن
تي! مون ڀانيو ٿي ته چڱا مڙس آهن، پر وڃي کڏ ۾
پون، منهنجو ڇا، ”ڪتن جا ڏند، گڏهه جو ماس، پاڻهي
پيا پٽيندا ۽ کائيندا.“(عريضيون ڦاڙي اڇلائي ٿو.)
ويچارا ڀانئين ٿا ته ڪو گورنر يا ڪمشنر اچي لٿو
آهي. مون کي حيرت آهي ته انهن جا بالا آفيسر هن
پاسي ڪين ايندا آهن ڪيئن؟ جو ههڙي واويلا هتي
ورهين کان هلندي پي آئي آهي! (ٿورو ماٺ ڪري ٿو ته
مختيارڪار تڪڙو تڪڙو سهڪندو اندر اچي ٿو. گيٽر به
چڙهيا پيا اٿس.)
مختيارڪار: سائين، متان انهن ڪوڙن جي ڳالهه تي لڳا
آهيو. مون کي پنهنجي خدا جو قسم آهي، ڪلمو شاهد
آهي ته مون هنن کي ڪي به ڪين ڪيو آهي. ناحق مون تي
دانهون ٿا ڪن. اهي فسادي آهن. (هيڏي هوڏي ڏسي،
پـَـٽڪو لاهي، ميان صاحب جي پيرن تي ڪـِـري پوي
ٿو) سائين منهنجي آبروءَ ڏي ڏسي، منهنجو پردو رکي.
ميان صاحب: (ٻانهن کان وٺي اٿاريس ٿو) هي ڇا، هي
ڇا؟ اُٿو، پـَـٽڪو ڍڪيو. هـُـتي ويهو. (مختيارڪار
پٽڪو ڍڪي، وڃي ڪـُـرسيءَ تي ويهي ٿو).
مختيارڪار:هنن ڪافرن ۽ لچن جي چئي تي مون کي نقصان
نه پهچائجو. منهنجي پينشن ويجهي آهي. پڇاڙيءَ ۾
منهنجي آبروءَ کي ٽـِـڪو نه لڳي. سائين چڱي طرح
تعلقي ۾ پڇا ڪري. رنون زالون به چونديون، ته آءٌ
خدا ترس آهيان. هڪڙو وقت به نماز جو نه گـُـسايان،
هميشه تسبيح منهنجي هٿ ۾. متان رنن جون ڳالهيون
اوهان کي ٻڌايون هجننِ، سو سائين خيال ڪري، مون کي
ٽي - گهر آهن، جن مان چار پٽ، ٽي نياڻيون اٿم. ٻيو
ڇا گهرجيم؟ هتي ساڻ ناهن ته حرڪت ڪانهي، اوير سوير
موڪل وٺي ڳوٺان ٿي ايندو آهيان. پوءِ ڀلا اهڙو
ڪارو منهن ڪيئن ڪندس؟ رشوت جو به ڪوڙ اٿوَ. ڪوڏي
به حرام آهي. ”هندو گان“، مسلمان سوئر“. هتي جي
ماڻهن جي سائينءَ کي خبر ناهي: جيڪو نئون حاڪم
ڏسن، تنهن وٽ دانهين ٿيندا آهن. جي ماڻهن جي چئي
اسان ڪامورن جي بيعزتي ٿيندي يا بدلي ٿيندي ته
سرڪاري ڪم ڪيئن هلندو؟ جيڪو ڪامورو ايندو، تنهن تي
پـُـڪاري ٿيا بيٺا هوندا. سائين پوري طرح پڇا ڪري،
پوءِ جيڪي وڻيوَ، سو ڪريو.
ميان صاحب: اوهين سچا هوندؤ ۽ هو ڪوڙا هوندا، پر
هو به کڻي ٿوري کي گهڻو ڪندا هوندا، ”تيليءَ مان
بنائي ٿنڀ ڪندا هوندا“؟ ڌيان ڪريو ايترو رنج کڻڻ
به چڱو ناهي. سرڪاري عملدار هڪڙا، ٻين جي مٿان
آهن، متان اهڙيون دانهون ٻڌي ڪو نقصان نه
پهچائينوَ.
مختيارڪار:سائين، اهو بيشڪ آهي، اوهين پردو رکندؤ.
اوهين سا چڱي رپورٽ لکو، باقي ٻين جي اسان کي
پرواهه به ڪانهي. (اتي خانو اندر اچي ٿو.)
خانو::سائين، مختيارڪار صاحب جي ماڻهن اُٺ تيار
ڪري بيهاريا آهن. هاڻ خانصاحب پاڻ به آيو آهي.
ميان صاحب: چڱو، تڏهن سامان کڻي ٻڌ ۽ تيار ٿيءُ.
مختيارڪار: تڏهن سائين، سچي پچي اوهين سنبرو ٿا؟
ميان صاحب: هائو، آءٌ رڳو اوهان جي اچڻ تائين
سيڙيل هوس. مون کي منجهند واريءَ گاڏيءَ ۾ ضرور
وڃڻو آهي. اسٽيشن به قهر جو پنڌ آهي، جڏهن ڪ
پهچجي! سويرو وڃون ته چڱو آهي، انشاءَ الله، ٻئي -
ٽئي ڏينهن وري ايندس. وري اچي ٻه - چار ڏينهن
رهندس.
مختيارڪار:سائين، ٻه - ٽي ڏينهن هاڻ به ٽـِـڪو ها
ته اسان کي خدمت ڪرڻ جو وجهه ملي ها. اسان سائينءَ
جي لاءِ ڪي به ڪين ڪيو آهي. پر جي تياري آهي ته
اسين به سڀ سائينءَ جي همرڪاب آهيون؟
ميان صاحب: نه سائين، نه. ائين نه ٺهندو. آءُ اهڙي
ڊنبلي سان نه هلندو آهيان. آءٌ اڪيلو هلان، اڪيلو
رهان. هتي به اوهان جي خاطر ٽـِـڪيو آهيان.
مختيارڪار: اُها مون کي خبر آهي، اوهان جي ڀلائي.
جيڪا سائينءَ جي مرضي، اسين سڀ هر طرح حاضر آهيون.
ميان صاحب: (اُٿي سنبري ٿو) خانصاحب! اوهان ڪالهه
مهرباني ڪري، ٻه سؤ رپيا اُڌارا ڏنا آهن. انشاءَ
الله، آءٌ موٽي ايندس، پوءِ اوهان کي اچي ڏيندس،
انهيءَ وچ ۾، جي منهنجا پئسا اچن ته رکائجو. پوسٽ
ماستر کي به سمجهائي ڇڏيو اٿم.
مختيارڪار:دلجاءِ ڪريو. متان انهيءَ وچ ۾ سائينءَ
کي وڌيڪ گهرج ٿئي، ته به رڳو حڪم ڪرڻ جي دير آهي.
ميان صاحب: تڏهن ڀلائي اوهان جي. پنج - آٺ سؤ رپيا
به اُڌارا ڏئي سگهو ته ڏيو، پوءِ گڏي ڏيندس.
مختيارڪار: بيشڪ. (وڃي ٿو. هلندي پنهنجي منهن چوي
ٿو) پئسا ڀلي وٺي، پر اها ملامت مٿي تان ٽري. پئسا
اهي به ٻاهران آيا آهن. اهي ويا ته وري ٻيا ٿيندا.
”داتا ديني والا“. (نڪري وڃي ٿو، وري جهٽ ۾ موٽي
اچي ٿو، هٿ ۾ نوٽ اٿس) اجهي سائين. (ڏئي ٿو).
ميان صاحب: خانصاحب، توهان جو گهڻو احسان، (نوٽ
وٺي، بغل ٿيلهيءَ ۾ وجهي ٿو.) هاڻ خدا حافظ، وري
ملنداسين. ٽئين ڏينهن اسٽيشن تي اُٺ وري بيهارجو.
مختيارڪار: حاضر سائين. (ٻئي هلن ٿا) پر سائين
مهرباني ڪري رپورٽ چڱي لکجو. جيڪا ڀلائي پڄي
سگهيوَ سان ڪجو.
ميان صاحب: خانصاحب، دلجاءِ ڪريو. (ٻئي وڃن ٿا.) |