مختيارڪار:(ڊپ ۾) سائين، پڪ ڄاڻجو، انهيءَ ۾
منهنجو ڏوهه ڪونهي. هتي سڀ شي سـُـٺي ٿي وڪامي.
بيشڪ، تڪليف ٿي هوندي! پر اوهين مون سان جي هلو ته
ٻئي هنڌ اوهان جي رهڻ جو بندوبست ڪريان؟
ميان صاحب:(ڊپ ۾) نه سائين، نه. ٻئي هنڌ آءُ به نه
هلندس. (پنهنجي منهن) انهيءَ ٻئي هنڌ جي معنيٰ آهي
جيل! (هن کي زور سان) اوهان کي ڪهڙو اختيار آهي جو
هينئن واٽ ويندن کي جهليو. آءٌ الاجي ڪير آهيان،
پر آبروءَ وارو ماڻهو آهيان. سرڪاري عملدارن کان
گهٽ ناهيان. پوني ۽ بمبئي تائين مون کي سڃاڻن ٿا.
مختيارڪار:(پاسي ڏي نهاري پنهنجي منهن) يا الله،
ڪهڙو نه ڪاوڙجي ويو آهي! ڀائنجي ٿو ته سڀ خبر پئجي
ويئي اٿس. شايد ڪن حرامزادن منهنجي وٽس دانهن ڪئي
آهي!
ميان صاحب: (ڪاوڙ ۾) آءٌ ڪين هلندس توسان. آءٌ پاڻ
سرڪار ۾ دانهن ڪندس. تون ڪير آهين، ڪهڙي باغ جي
موري آهين؟
مختيارڪار:(ڊپ کان ڏڪي ٿو) غريب نواز، چـِـڙو نه.
(هٿ ٻڌي) معاف ڪريو، مون تي رحم ڪريو. مون کي
ننڍڙا ٻار ٻچا آهن، نقصان نه پهچائجو. منهنجي
نوڪري نه وڃائجو.
ميان صاحب:نه نه، آءٌ توسان ڪين هلندس. توکي ننڍڙا
ٻار ٻچا آهن، تنهن ڪري، آءٌ جيل ۾ ويندس ڇا؟
مختيارڪار:(ڊپ ۾ ڏڪي) سائين، خدا جو قسم، جيڪي
اوهان منهنجي بابت ٻڌو هوندو، سو سڀ سچ به نه
هوندو. جيڪي ڪيو هوندم ته اهو لاچاريءَ کان.
منهنجو پگهار پورو پـُـنو آهي، ڪٽنب وڏو آهي.
هـِـتان هـُـتان پئي پورائي ڪئي اٿم. پر، جي اوهين
انهيءَ کي رشوت سڏيندؤ ته اها به ٿوري ٿوري پئي
ورتي اٿم، خدا جو خوف ڪري پئي ورتي اٿم. قياس
ڪريو: آءٌ حاجي به آهيان، نماز روزو به نه ڇڏيندو
آهيان، پوءِ ايترو گهڻو ظلم ڪيئن ڪندس. باقي رنڊي
بازيءَ جي بابت ماڻهن اوهان سان ڪوڙ ڳالهايو آهي،
۽ ماڻهن کي مار ڏيارڻ ۽ ڏاڙهيون پٽائڻ، سو ته
سرڪاري ڪم جي پـُـورائيءَ لاءِ سڀني مختيارڪارن جو
ڪم آهي. هن ملڪ جا ماڻهو وڏا فسادي ۽ ڪوڙا آهن.
اڳتي اوهين پاڻ مالڪ آهيو.
ميان صاحب: سو چڱو، پر انهن ڳالهين سان منهنجو ڇا؟
(منهن پاسي ڪري) هي ڪو چرين جي اسپتال مان نڪري
آيو آهي، مختياڪار ته ڪين ٿو ڏسجي. بڪ بڪ ڪري مغز
ئي کائي ويو آهي. ڪي الاجي نشي ۾ آهي، رشوت ڏيڻ،
رنڊي بازي، ڏاڙهيون پـَـٽائڻ، ڪٿان جو ڪٿان پيو
اچي! (مختيارڪار کي) سائين، هاڻ معاف ڪريو، پئسا
آهن، سي آءُ پاڻهي نانوائيءَ کي پهچائي ڏيندس،
هينئر سو مون کي هڙ ۾ ڪينهي، باقي اميد آهي ته جلد
اهو قرض ادا ڪري ڇڏيندس، اوهان وٽ وري دانهن ڪا نه
ايندي.
مختيارڪار:(پاسي تي ڦـِـري، پنهنجي منهن) ڪهڙو نه
پـَـڪو ماڻهو آهي، ڪهڙو نه کڻي ڍونگ کڻي پکيڙيو
اٿس! پاڻ کي هيئن لڪائجي! ڀائني ته اسين ڀلجي وڃون
۽ کيس نه سڃاڻو، پر اسان عمر تڏهن ڪٿي گذري آهي.
پر ڪوشش ڪري مٿس ڪو احسان ڪريان. شايد مون بابت
چڱي راءِ ٿئيس. ڪهڙو شڪ، پاڻ به مون وانگي اهڙن
ڪمن ۾ ڄرڪو هجي. (هن ڏي ڦـِـري، وڏي آواز سان)
سائين، جي سچي پچي اوهان کي پئسن جي گهرجي آهي ته
آءٌ ڪيترا به پئسا اوهان کي ڏيئي سگهندس. اسان جو
ڪم آهي مسافرن جي مدد ڪرڻ ۽ سـُـکي رکڻ.
ميان صاحب: تڏهن مهرباني ڪري، مون کي ٻه سؤ رپيا
اُڌارا ڏيو ته هن پليت نانوائيءَ جو حساب به
لاهيان ۽ ٻيو جيڪي شهر ۾ ڏيڻو - وٺڻو اٿم سو به
لاهيان. منهنجا پئسا به اڄ سڀان ٽپال ۾ اچڻا آهن،
پوءِ سون جهڙا، اوهان کي موٽائي ڏيندس.
مختيارڪار: بيشڪ. (کيسي ۾ هٿ وجهي، ٻه نوٽ ڪڍي ٿو)
پورن ٻن سون جا نوٽ مون وٽ موجود آهن. خدا جي
قدرت، اڄ پگهار مليم سو کڻي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو
هوم، جو وري ڪڍيم به ڪو نه. اوهان کي به ڪي عين
جون اکيون آهن، جو گهريوَ به اوترا!
ميان صاحب: (خوش ٿي) گهڻي مهرباني، وڏو احسان.
بيشڪ اوهين ڀلامانس آهيو. مسافرن تي احسان ڪندڙ
آهيو. ماڻهو حق تي اوهان جي ساراهه ڪندا آهن.
مختيارڪار:(پنهنجي منهن) چڱي ساراهه ڪندا هوندا.
ڏئي اشارا ٿو، پر خدا ڪيو، ٺريو ته سهي!
ميان صاحب: (نوڪر کي) اي خانو، وڃي هن نانوائيءَ
يا سندس ماڻهوءَ کي سڏي آءُ. (هو وڃي ٿو. مختياڪار
۽ زميندار کي، جي اڃا بيٺا آهن) پر سائين، اوهين
ڇو بيٺا آهيو؟ هيڏي ٿي ويهو. (هنن کي ڪرسين تي
ويهڻ لاءِ چيو ٿو.)
مختيارڪار:سلامت هجو. سلامت هجو. اسين بيٺي ٿا
ٺهون. اسان جو ڪم آهي پيرن ڀر بيهڻ. سرڪاري ڪمن ۾
ويهڻ ڪٿي ٿو اچي.
ميان صاحب:نه نه، سائين، ويهو، ويهو. (زور ڪرين
ٿو، هو ويهن ٿا). اوهين بيشڪ چڱا ماڻهو آهيو، ٻين
اشرافن تي گهڻي مهرباني ڪندڙ آهيو. معاف ڪجو،
پهرين مون ڀانيو ته مون کي گهلي نئي... ڪٿي هڻندؤ.
مختيارڪار:(پنهنجي منهن). هاڻ مون کي ٿورو همت
جهلڻ گهرجي. هو پاڻ لڪائڻ ٿو گهري. اسين به هيڏي
هوڏي جي بڪ شڪ ڪريون، ڀلي سمجهي ته اسان اڃا نه
سڃاتو اٿس. (وڏي سڏ) هيءُ زميندار ماڻهو آهي (قادر
بخش ڏي اشارو ڪري)، تنهن کي ساڻ وٺي، آءٌ واءُ
سواءُ، رعيت جي اهنج سهنج معلوم ڪرڻ لاءِ گهمڻ
نڪتو هوس. اسان جو اهو ڪم آهي. هتي اچي نڪتاسين،
جو خبر هئيسون ته هتي مسافر ايندا آهن، تنهن جي
جاچ ڪرڻ لاءِ آيس ته انهن جي خدمت برابر ٿئي ٿي يا
نه، يا هنن کي پرديسي يا مسافر ڄاڻي ڪو ٺڳي يا
ستائي ته نٿو. اوهان کي معلوم هجي ته آءُ ٻين
مختياڪارن وانگي نه آهيا، جو سڄو ڏينهن گهر ۾ ڊٺو
پيو هجان، ۽ ويٺو چلمون ڇڪيان ۽ مقدما به اتي
کٽولي تي هلايان. اسان جا پورهيا ته آهن: کنڊن
بندن جي مهل، جو ڪپڙا کنجي پاڻ پاڻيءَ ۾ گهڙي
پوندا آهيون. اوهين جي هتي رهڻ وارا هجو ته پاڻهي
معلوم ٿئيوَ.
ميان صاحب: بيشڪ، اوهين چڱا ماڻهو آهيو. آءُ گهڻو
خوش ٿيو آهيان، جو اوهان سان منهنجي هيئن اوچتي
ملاقات ٿي ويئي! يقين آهي ته جي اوهين ايترو احسان
نه ڪريو ها ته مون کي زياده رهڻو پوي ها. هن
نانوائيءَ جا پئسا الاجي ڪيئن ڏيئي سگهان ها!
مختيارڪار:(پنهنجي منهن) وڏو ڏمتر ٿو ڏسجي، گسائي
ڪيئن نه ٿو! (وڏي سڏ) سائين، معاف ڪريو ته هڪڙو
عرض ڪريان، پر خير... اوهين قبول ڪيئن ڪندؤ؟...
آءٌ انهيءَ عزت جي لائق ناهيان.
ميان صاحب: چئو سائين، بيشڪ چئو، حجاب نه ڪريو.
مختيارڪار:هن غلام جي اوطاق پوشيدي جاءِ آهي، يعني
هن جاءِ کان وري به بهتر آهي. اوهين اتي زياده
سکيا رهندؤ. بي ادبي معاف ڪجو. آءُ انهيءَ
مهربانيءَ جي لائق ناهيان، پر تڏهين به هم مذهبيءَ
جي حجت تي عرض ٿو ڪريان. دعوت سـُـنت آهي، نبين به
نه موٽائي آهي. معاف ڪجو، چڙو متان؟
ميان صاحب:(کلي) چڙ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، آءٌ ته پاڻ
گهڻو خوش ٿيندس، اوهان جهڙي سکر ماڻهوءَ وٽ مهمان
ٿيڻ ۾. هتي آءٌ پاڻ ڏکيو ٿيو آهيان: هڪڙو ماني
موافق نه ملي، ٻيو رات جو روشنائي برابر ڪانهي،
ٽيون رڌڻ پچائڻ جي بانس پاسي کان پيئي اچي، چوٿون
ڪـُـت مڇر سمهڻ نه ڏئي، پنجون...
مختيارڪار:تڏهن سائين، اُٿو. (ٽپ ڏيئي اٿي ٿو.)
هلي غريبخاني ۾ سکيا ٿيو. جيڪا خدمت پڄي سگهندي سا
ڪندس. اوهين وڏا ماڻهو آهيو. آءٌ غريب آهيان.
(آهستو آهستو هن کي چوي ٿو) اصل سائين، اسين
کـَـٽي ماڻهو آهيون، سومرا، پر اسان جي وڏن پاڻ کي
قريشي سڏايو، هاڻ اسين به قريشي ٿا سڏجون. (وڏي
آواز) آءٌ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو ماڻهو نه آهيان. شريعت
جو ماڻهو آهيان، حج به ڪيو اٿم. الحمدلــلله، ڪوڙن
کي لعنت وجهندو آهيا. سچي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙي حرڪت
آهي؟
ميان صاحب: انهيءَ ۾ ڇا آهي. حسب نسب تي ناهي،
اعمالن تي آهي. آءٌ پاڻ دُورُو ئي پسند نه ڪندو
آهيان. صفا دل وارو ماڻهو چڱو، جنهن جي دل ۽ زبان
هڪجهڙي هجي. جيڪي اندر ۾ اچي سو هڪدم چئي ڏجي.
(اتي خانو نانوائيءَ جي نوڪر کي وٺي اچي ٿو)
نانوائيءَ جو نوڪر:سائين، حاضر، ڪهڙو حڪم؟
ميان صاحب:وڃي پنهنجي اُستي کي چئو ته پئسن جو بل
ڏياري موڪل.
نوڪر:سائين، ٻه ڀيرا ته اڳي به ڊگها ڊگها بل لکائي
آڻي ڏنا هئم.
ميان صاحب:(چڙ ۾) مون کي ٻيو ڪم ڪو نه هو ڇا، جو
ويٺو اوهان جو حساب ياد رکان!
مختيارڪار:سائين، انهيءَ جي ڳڻتي نه ڪريو، آءٌ
پاڻهي پوءِ سانهه ستيءَ سان هن جو حساب صفا ڪندس ۽
اگهه ڀڃي پئسا پهچائي ڏيندس. (نوڪر کي) اي، بچل کي
چئج ته اءٌ پاڻهي پوءِ ساڻس ميان صاحب جو حساب صفا
ڪري پئسا ڏيندس. (ميان صاحب کي) هاڻ سائين، اوهين
خير جا اُٿو. گاڏي تيار آهي: هلو ته شهر گهمائي
ڏيکاريانوَ ۽ سرڪاري جايون به ڏسو ته هميشه هن شهر
۾ ڪهڙي صفائي ٿي رهي ۽ سرڪاري ڪم ڪار ڪهڙو نه چڱو
ٿو هلي.
ميان صاحب:بهتر. (اُٿي ڪوٽ ڍڪي ٿو ۽ سنڀري ٿو)
(خانوءَ کي) اي، تون سامان کڻائي مختيارڪار جي
جاءِ تي هل.
مختيارڪار:(نانوائيءَ جي نوڪر کي)، اي، تون به
ميان صاحب جي ماڻهوءَ سان گڏجي سامان مزور کان
کڻائي اسان جي جاءِ تي هل. (هو پيتي ۽ ٿيلهو ۽ هنڌ
کڻي وڃن ٿا). سائين، هاڻ پهرين شهر منجهان
لنگهندا، بازار ڏسندا، پوءِ اسپتال، اسڪول،
ٽپالخانو، مسافرخانو ڏسندا، جيل تي هلنداسين، اتان
وري جاءِ تي موٽنداسين.
ميان صاحب:(البت ڊپ ۾) جيل تي هلڻ جو ڪهڙو ضرور
آهي؟ قيدين جو هلي منهن ڏسنداسين، تنهن مان ڇا
حاصل!
مختيارڪار: خير، جيڪا اوهان جي مرضي. (زميندار
قادر بخش کي پاسي تي سڏي) اسين گاڏيءَ ۾ چڙهي،
آهستو گهمندا اينداسين، تون ڊوڙي اوطاق تي وڃ، وڃي
مانيءَ ٽڪيءَ جو بندوبست ڪراءِ. چوٿون ڏينهن گشت
تان ڇيلا ۽ ڪڪڙ گهڻائي آندا هئاسين، ڪي ڪاسائيءَ
وٽ آهن ۽ ڪي ماڻهن جي گهرن ۾. گيهه جو دٻو به تازو
وڏيري احمد خان موڪليو آهي، سو به رکيو آهي. چانور
به عمدا سڳداسي وڏيري الاهي بخش جي ديهه جا رکيل
آهن. نائڪ ۽ بورچيءَ کي خبر آهي، تون رڳو وڃي
اڳواٽ تاڪيد ڪرين ته جهٽ ۾ ماني ٺاهي وٺن.
قادر بخش:سائين، دلجاءِ ڪريو. (نڪري وڃي ٿو.
تيستائين ميان صاحب تيار ٿئي ٿو.)
مختيارڪار:سائين، هاڻي هلجي؟
ميان صاحب: بسم الله، ٿيو اڳ ۾.
مختيارڪار: واه سائين، اها ڪهڙي ڳالهه آهي! سائين
اڳي ٿئي.
ميان صاحب:انهيءَ ۾ ڇا آهي، هلو هلو.
مختيارڪار:نه سائين، اهڙي بي ادبي مون کان ڪا نه
ٿيندي.(هٽي بيهي ٿو)
ميان صاحب:چڱو سائين، جيڪا اوهان جي مرضي.
(ميان صاحب در مان اڳي لنگهي ٿو، پٺيانس مختيارڪار
به نڪري وڃي ٿو.) |