پردو چوٿون
مختيارڪار صاحب جي جاءِ جو ورانڊو
(پوليس انسپيڪٽر، چيف ڪنسٽيبل، ڊاڪٽر، سيڪريٽري،
ماستر، زميندار قادر بخش ٺاهه ٺوهه سان عمدن ڪپڙن
۾ گڏ بيٺا آهن. پوليس وارن کي ڊريس آهي. آهستو پيا
ڳالهائين ته اندر ڳالهائڻ نه ٻڌجي. فجر جو وقت آهي.)
پوليس انسپيڪٽر: (سڀني کي) گروءَ جي واسطي هـُـل
نه ڪريو، الاجي اڃا ستو پيو آهي ڪ اٿيو آهي. خبر
ناهي ڪڏهن سلام لاءِ سڏ ٿئي!
چيف ڪنسٽيبل: چون ٿا ڏاڍو چيڙاڪ آهي (قادر بخش کي)
ڪيئن، ميان قادر بخش؟
قادر بخش: سائين ماٺ ڪيو ويٺا هجو. نانوائيءَ واري
جاءِ ۾ ڪالهه ذري گهٽ مختيارڪار صاحب سان وڙهي ٿي
پيو.
اسڪول ماستر: خانصاحب ٿي ڳالهه ڪئي ته ڏاڍو هلنديءَ
وارو آهي، گورنر ۽ ڪائونسلرن توڻي واقفيت اٿس.
چيائين ٿي ته هن پاڻ کي گهڻو ئي لڪايو ٿي، پر بعضي
بعضي سچيون سچيون ڳالهيون واتان نڪري ٿي ويس، جنهن
ڪري صاف پي سمجهڻ ۾ آيو ته ڪير آهي.
انسپيڪٽر:(چيف ڪنسٽيبل کي) بوٽ ته ٺاهي ڇڏ. ڪـَـرچ
به ڏِنگي بيٺي اٿيئي، پوري بيهار. (چيف ڪنسٽيبل
اهي ٺاهي ٿو. سيڪريٽري ٽوپي پوري بيهاري ٿو. ڊاڪٽر
رومال سان بوٽ ڇنڊي ٿو. زميندار ڏاڙهي ٺاهي ٿو ۽
مڇون وٽي ٿو.)
قادر بخش:الاجي هڪڙي هڪڙي کي ڌار سڏيندو يا سڀني
کي گڏ سڏيندو؟
انسپيڪٽر:پاڻهي خبر پوندي.
چيف ڪنسٽيبل: الاجي ڪهڙا ڪهڙا سوال پڇندو؟ اڃا به
مختيارڪار صاحب اچي پهچي ها ته چڱو هو.
سيڪريٽري:اجهو، مختيارڪار صاحب به اچي ويو. (سڀئي
کيس سلام ڪن ٿا.)
مختيارڪار:(انسپيڪٽر کي) هشيار ۽ خبردار رهجو،
سڀئي قطار ۾ ٺهي ٺڪي بيهو. پهريائين انسپيڪٽر،
پوءِ چيف ڪنسٽيبل، تنهن کان پوءِ سيڪريٽري، ڊاڪٽر،
اسڪول ماستر، پوسٽ ماستر ۽ سڀ کان پوءِ زميندار
قادربخش. آءٌ توهان کي ڏسڻ لاءِ ۽ ٻڌائڻ لاءِ آيو
هوس. هاڻ آءٌ وڃان ٿو، الاجي هڪڙي هڪڙي کي گهرائي
يا سڀني کي گڏ! جي سڀني کي گڏي گهرائي ته اوهين
سڀئي گڏجي، سلاميءَ تي وڃي بيهجو. متان سڏي يا
گهمڻ نڪري. اهو به تاڪيد ڪيو هئائين ته سڀڪو پاڻ
سان ڪي پئسا موجود رکي. متان اوچتو ڪٿي گهرجي به
وڃن يا ڏيڻا پون، حساب پوءِ پيو صفا ڪبو. مون
انهيءَ مهل اوهان ڏي چوائي موڪليو هو. (اتي جاءِ
جو در کڙڪي ٿو. سڀ ڇرڪ ڀري کڙا ٿي بيهن ٿا. خانو
نڪري اچي ٿو، تنهن کي ڏسندي ئي سڀ نئڙي سلام ڪن
ٿا.)
خانو: سائين، اوهان سڀ هيڏي هن پاسي تي اچي ويهو،
اوهان مان هڪڙو هڪڙو ٿي اندر اچي، صاحب ملاقات
ڪندو.(سڀ هن جي پٺيان وڇي، هڪ پاسي تي ٿي بيهن
ٿا.)
ميان صاحب: (نوڪر کي وڏي سڏ) خانو، او خانو.
خانو: (ٻاهران) حاضر سائين، آيو سائين.
(ٻاهر سڀئي چون ٿا. آواز ته وڏي کڙڪي وارو اٿس،
اندر هلي ڏسجي ته ڇا هي!)
ميان صاحب: ڪيئن، ماڻهو سڀئي اچي ويا آهن؟
خانو: هائو سائين، حڪم ٿئي ته هڪ - هڪ کي سڏي
وٺان؟
ميان صاحب:هائو ائين ڪر. (پنهنجي منهن چوي ٿو،
راتوڪي مئيل ڪرڻ ۽ پـَـٽن مٿان پـَـٽ پيئڻ ڪري مٿو
پيو سور ڪري، ڀانئجي ته وري سمهي رهجي. ٻيا وري
راتوڪا خمار. هتي جا ماڻهو چڱا ٿا ڏسجن، مختيارڪار
سميت. ڀورڙا آهن تنهن ۾ به شڪ ڪونهي. هاڻي هڪڙي
هڪڙ سان ملاقات ڪريان. ڏسان ڪهڙي پاڻيءَ ۾ آهن!
(هٿ مـَـلي ٿو) هٿن ۾ خارش ٿي پيئي آهي، چوندا آهن
ته ”هٿ خارش ڪن ته ڌن ملي.“ ڏسان! بخت آزمايان!
مختيارڪار ٻهڻي ته اڳيئي ڪرائي آهي!
(اتي انسپيڪٽر اندر اچي ٿو. ڊپ کان ٽنگون ٿڙڪنس
ٿيون. دستور موجب سلام ڪري بيهي رهي ٿو.)
انسپيڪٽر:سائين، پوليس انسپيڪٽر جو سلام ٿئي.
ميان صاحب: (اٿي هٿ ڏئيس ٿو) ويهو سائين، (ڪرسيءَ
ڏي اشارو ڪري) خوش آهيو؟
انسپيڪٽر:(ويهي ٿو) سلامت هجو.
ميان صاحب: اوهين پوليس جا انسپيڪٽر صاحب آهيو؟
انسپيڪٽر:ائين سائين، ٽي ورهيه ٿيندا جو هتي
انهيءَ عهدي تي آهيان.
ميان صاحب: گهڻا ڏينهن هڪ هنڌ رهيا آهيو. جڳهه مان
فائدو هوندوَ، نه ته جيڪر البت بدليءَ سدليءَ جي
ڪوشش ڪريو ها؟
انسپيڪٽر:(پنهنجي منهن، پاسي تي) ضرور خبر پئي
اٿس. گـُـرو ڪري ته سک سان وقت ٽري. (وڏي سڏ)
سائين، بدلي سرڪار جي وس آهي، اوهان حاڪمن جي وس
آهي. چڱيءَ طرح نوڪري پئي ڏني اٿم، مختيارڪار صاحب
کي به سـُـڌ آهي. (انسپيڪٽر جي ڪوٽ جي مٿئين کيسي
مان نوٽ جي ڪـُـنڊ پيئي ڏسجي.)
ميان صاحب: اهو کيسي ۾ ڇا اٿوَ؟ نوٽ ٿو ڏسجي؟
(کلي) ڀانئجي ٿو ته ڪٿان تازو شڪار لڳو اٿوَ؟
انسپيڪٽر:(ڊپ ۾، نوٽ کي اندر ڌڪي) نه سائين، ڌڻي
رکي وٺي. برابر اهي نوٽ آهن. اڳ ڳڻتي ڪري ساڻ کنيا
هئم ته متان سائين گهمڻ نڪري ۽ گهرجي به وڃن. اسان
جي مختيارڪار صاحب سڀني کي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، رڳو
اڳ ڳڻتيءَ ڪري.
ميان صاحب: (کلي ۽ هٿ ملي) مختيارڪار صاحب اڳ
خبردار ۽ پيش بين آهي. هتي جا عملدار خبردار ٿا
ڏسجن، ڏاڍا چالاڪ آهن! ڪڍونِ ڪڍونِ ته ڏسون ته سهي
ته هتي جا نوٽ ڪهڙا ٿيندا آهن!
انسپيڪٽر:(هٿ ڏڪنس ٿا، ٻه نوٽ ڪڍي ڏئي ٿو.) اچي
سائين.
ميان صاحب: (نوٽ ڏسي) ٻن سون رپين جا نوٽ آهن!
واهه واهه، اُڌارا ڏيئي سگهندؤ ٿورن ڏينهن تائين؟
جي نه ڏيئي سگهو ته وري وٺو.
انسپيڪٽر:بيشڪ بيشڪ رکو، حرڪت ناهي، ڇو نه ڏيئي
سگهندس.
ميان صاحب: مون پنهنجا پئسا هڪڙيءَ نه ٻيءَ شي تي
پي خرچيا آهن، سڀ کپائي ويهي رهيو آهيان.
مختيارڪار صاحب کي خبر آهي. تڏهن ته شايد اوهان کي
پئسن کڻڻ لاءِ چيو اٿس.
انسپيڪٽر:تنهن جو ڇاهي، تنهن جو ڇاهي. اهي به
اوهان جا احسان، مون مون جهڙي عملدار کان اُڌارو
ٿا وٺو. وري ملي پوندا، حرڪت ڪانهي. ٿورو ماٺ ڪري،
(پنهنجي منهن) هاڻ ڀڄجي ته چڱو، وري الاجي ڇا ڇا
پڇي؟ (اٿي ٿو) سائين، معاف ڪجو، هاڻ رخصت ٿو وٺان.
ميان صاحب: ائين ڪئين؟ چڱو، ڀلي آيؤ. (اٿي هٿ ڏئيس
ٿو.)
انسپيڪٽر:(سلام ڪري وڃي ٿو. ويندي مهل پنهنجي منهن
چوي ٿو) هاڻ ملڪ سڄو پنهنجو آهي، ڪـَـن به سندس.
ميان صاحب: (هيکلو) انسپيڪٽر چڱو ماڻهو آهي. (نوٽَ
کيسي ۾ وجهي ٿو) مزو ٿئي جي ٻين سان اهڙا ڪاغذ
هجن! (اتي چيف ڪنسٽيبل اندر اچي ٿو ۽ سلام ڪري
بيهي ٿو.)
چيف ڪنسٽيبل: سائين، چيف ڪنسٽيبل جو سلام ٿئي.
ميان صاحب: (اٿي هٿ ڏئيس ٿو) سلام، سائين. خوش چڱا
ڀلا آهيو؟ ويهو. (هـُـو ويهي ٿو) مون اوهان کي
ڪالهه ٿاڻي ۾ ڏٺوهو. تمام چڱو بندوبست هو.
چيف ڪنسٽيبل:حضور جي نوازش آهي. غلام محنت ڪندڙ
آهي، پنهنجي ماني حلال ڪري کائيندو آهي. سرڪار جي
اقبال سان هتي ڏوهه ٿئي ڪونه، جي ڪو ٿئي ته به
ڏوهاري ضرور جهلجي.
ميان صاحب: (کلي) چور نه، ته چاڪي ئي سهي؟
چيف ڪنسٽيبل: (ڊپ ۾) نه سائين، هتي ائين نه ٿيندو
آهي، مختيارڪار صاحب کي روشن آهي. اسان جون
ڊائريون گهڻو ڪري خالي پيون آهن، جو ڏوهه گهٽ آهي،
ڪي ٻه - ٽي ورق ڀريل آهن، ٻيو سڀ خير.
ميان صاحب: اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، اها اوهان جي
تعريف آهي، گهرجي به ائين.
چيف ڪنسٽيبل:(ٿوري ماٺ کان پوءِ) سائين، هاڻ رخصت
ملي. (اُٿي ٿو)
ميان صاحب(اٿي) چڱو، ڀلي آيؤ. (هن کي هٿ ڏئي ٿو،
هـُـو هلي ٿو. وري پٺيانس سڏ ڪري ٿو) مون کي اوهان
جو نالو وسري ويو؟
چيف ڪنسٽيبل: سائين، نورنگ خان.
ميان صاحب: هائو هائو، نورنگ خان. ميان نورنگ خان!
مون کي هڪڙي ڳالهه چوڻي آهي؟
چيف ڪنسٽيبل: (پنهنجي منهن ڊپ ۾) يا الله، خير
ڪجئين. (وڏي سڏ) سائين فرمائيو.
ميان صاحب: مون وٽ جيڪي پنهنجا پئسا هئا، سي خرچجي
ويا آهن. اوهين ڪو سوَ - ٻن جو بندوبست ڪري
سگهندؤ؟ اُڌاري طور.
چيف ڪنسٽيبل: ڇو نه سائين، ٿي سگهندو. سؤ رپيو ته
مون ساڻ آهي. (کيسي مان نوٽ ڪڍي ٿو) سائين قبول
فرمائي. (ڏئي ٿو، ميان صاحب وٺي ٿو.)
ميان صاحب: گهڻي مهرباني، گهڻي مهرباني. آءٌ وڃڻ
کان اڳ اوهان کي پهچائي ڏيندس.
چيف ڪنسٽيبل:حرڪت ڪانهي.(وڃي ٿو.)
ميان صاحب: (هيکلو، کلي) شاباس، شاباس! ڀانئجي ٿو
هت نوٽَ سستا آهن. يا الاجي هٿ ڇاپ ٿيندا آهن،
جيڪو ٿو اچي، تنهن جي کيسي ۾ نوٽ! (اتي ميونسپل
سيڪريٽري گهڙي اچي ٿو ۽ سلام ڪري ٿو.)
سيڪريٽري:نياز ٿئي.
ميان صاحب: سلام سائين. اوهين ڊاڪٽر صاحب آهيو؟
سيڪريٽري:نه سائين، آءٌ ميونسپل سيڪريٽري آهيان.
ڊاڪٽر صاحب مون کان پوءِ ايندو.
ميان صاحب: او، سيڪريٽري صاحب، خوش چڱا ڀلا آهيو؟
ويهو. (هو ويهي ٿو) اوهان جو شهر گهمي ڏاڍو خوش
ٿيس. پڪ آهي ته اهڙي صفائي ٻئي شهر ۾ ٿوري هوندي.
بيشڪ، هتي جا سڀ عملدار جانفشانيءَ سان ڪم ڪن ٿا.
اوهان کي آفرين آهي.
سيڪريٽري:سائينجن جي مهرباني آهي. جيڪا محنت پڄي
سگهي ٿي، سا ڪجي ٿي. تنهن هوندي به پگهار ٿورو،
ڪٽنب وڏو. گهڻن ڏينهن کان اضافو ڪو نه مليو آهي،
سائينجن مختيارڪار صاحب کي پارت ڪندا ته اضافو ملي
پوندو، جو ميونسپل ڪمشنر سڀ هن جي هٿ ۾ آهن.
ميان صاحب: او، بيشڪ اوهان کي اضافو ملڻ گهرجي.
آءٌ خانصاحب کي گهڻو تاڪيد ڪندس.
سيڪريٽري:مهرباني سائينجن جي.
ميان صاحب: ديوانصاحب! هتي پئسا وياج تي ڪيئن
ملندا آهن؟ ملندا آهن يا نه ملندا آهن؟
سيڪريٽري:ڇو نه، سائين ملندا آهن. گهرجن ڇا؟
ميان صاحب: هائو. مون کي پئسي جي گهرج آهي، جيڪي
پئسا هئا، سي کپي ويا آهن، جيسين ٻيا اچن، تيسين
البت گهرجن. |