پردو ٽيون
مختيارڪار صاحب جي اوطاق
(خانو ۽ مختيارڪار جو نوڪر احمد ويٺا آهن.)
خانو: توبهه! رڳو ٿيلهو در کان هيستائين آندو اٿم،
ته به قهر جو بار پئي لڳو آهي. ڀلا، خالي پيٽ سان
سير به مڻ جي ڏيکاري پيو ڏئي! هاڻ ته ويهي ڪا ساهي
کڻون.
احمد: ڪيئن ادا، دفتردار صاحب جلد ايندو؟
خانو:دفتردار صاحب! ڪير؟
احمد:دفتردار صاحب ڪي ڊپٽي صاحب؟
خانو: آءٌ ته يـَـر، تنهنجي دفتر ۽ ڍيٻڪيءَ کي ڪو
نه سڃاڻان، الاجي ڪنهن جو ٿو پڇين؟
احمد: ڇو، تنهنجي رئيس جو ٿو پڇان، تنهنجي ميان
صاحب جو؟
خانو: ميان صاحب جو؟ (کلي) دفتردار ۽ ڊپٽي صاحب!
احمد: ڇو، هـُـو اهو ناهي ڇا؟
خانو:آهي بيشڪ، پر ٻيءَ طرح سان.
احمد:ڪيئن، ڊپٽين کان درجي ۾ مٿي آهي ڪو گهٽ؟
خانو: مٿي مٿي! وٺ سائين، ڊپٽين سان ٿو مـَـٽ
ڪرينس. تنهنجا ڊپٽي هن کان مـُـٽ پيا مـُـٽن.
احمد: سچي؟ هوندو! تڏهن ته ههڙي شهر ۾ ڦڙڦوٽ اچي
پيئي آهي. سڀني کي ساهه مـُـٺ ۾ آهي!
خانو: پر ٻڌ ادا، مون کي لڳي اٿئي بک. تنهنجو ٻوڙ
پلاءُ الاجي ڪڏهن تيار ٿئي؟ ڪي رکيل هجيئي ته کڻي
آءُ ته ٻه - ٽي لقما ته وات ۾ وجهان، من سامت اچي.
هن نانوائيءَ جي پاڙ سائي ٿئي، اسان کي پئي بک
ماريو اٿس. ڪاسائي ٻڪري ڪـُـهندو آهي ته کارائي
پياري پوءِ ڪهندو آهي، هن مردود اوتري به مهرباني
نٿي ڪئي.
احمد:حاضر ادا، سڀڪي آهي. هل ته بورچيخاني ۾ هلون
(اٿي وڃن ٿا. ستت ئي ميان شرف الدين، مختيارڪار،
انسپيڪٽر، چيف ڪنسٽيبل ۽ ٻيا سرڪاري نوڪر ڊنبلو
ڪري گهڙي اچن ٿا. سوڙهه ۾ هڪ - ٻه ڪـِـري پوي ٿو.
ڪن جي پيرن تي لتون اچن ٿيون. ڪن جي ٽوپي ڪـِـري
ٿي. مختيارڪار پٺيان هٿ سان ٻين کي ٻاهر وڃڻ جو
اشارو ڏئي ٿو. ٻيا سڀ نڪري وڃن ٿا. ميان صاحب کٽ
تي ويهي ٿو. مختياڪار ۽ پوليس انسپيڪٽر ڪرسين تي
ويهن ٿا.)
ميان صاحب: واهه جو شهر آهي، واهه جي صفائي هئي،
رستا آرسيءَ وانگي پي چمڪيا، جايون چڱيون، بندوبست
چڱو. واهه جو تماشو ڏٺوسين! ٻين هنڌن تي مون کي ڪي
به ڪين ڏيکاريائون. رڳو پنهنجي منهن پي بازاريون
گهمياسين.
مختيارڪار:ٻين تعلقن ۾ سائين، ڇا مختيارڪار، ڇا
عملدار، سڀ پنهنجيءَ خوشيءَ ۾ لڳا پيا آهن. پر هن
تعلقي ۾ خدا جي مهربانيءَ سان سڀڪو عملدار سرڪاري
ڪم ۾ چست ۽ چالاڪ ۽ خلق جي خير واهيءَ لاءِ ڪوشش
ڪندڙ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هميشه اهڙو بندوبست
چڱو رهندو آيو آهي.
ميان صاحب: تمام چڱو بندوبست:اسپتال ۾ ڏٺوَ ته
بيمارن جا هنڌ ڪهڙا نه چڱا وڇايا پيا هئا. گلم
غاليچا ڪهڙا نه پيا هئا. دل پي چيو ته مٿن کڻي
ليٽجي! بيمار به ٻه - ٽي ٿي ڏٺا.
مختيارڪار:ڏهه - پندرهن هئا، پر سڀ اسان جي ڊاڪٽر
ڇـُـٽائي ڇڏيا. (پنهنجي منهن) ڪي پاڻهي مئا، ڪي هٿ
سان ماريائين. (وڏي سڏ) صفائي جي ڪري بيماري به هن
شهر ۾ گهٽ آهي. ٻيو وري ڊاڪٽر هشيار آهي. نئون
امتحان پاس ڪري آيو آهي. بيمار اڃا اسپتال ۾ آيو
ئي ناهي ته ٻئي ڏينهن چڱو ڀلو ٿيو، خوشيءَ سان
موڪلايو هليو وڃي. اهو سڀ، ڪي هشياريءَ جو نتيجو ۽
ڪي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جو.
پوليس انسپيڪٽر:(منهن پاسي ڪري) واهه جو ايماندار
آهي! غريبن ۽ رنن زالن کي به پئسن وٺڻ کان سواءِ
سرڪاري دوا نه ڏئي، نه ته بيهي بيهي ڀلي پاڙ
وڃينِ. رڳو پاڻيءَ جون ٻاٽليون ڀريو منجهس ڪو اٽو
وجهيو پيو هلائي. تپ کي به اهو، پيٽ جي سور کي به
اهو، چڱيون چڱيون دوائون ڪڍيو ڳوٺ پيو پهچائي.
ميان صاحب: هتي شراب جا گـُـتا نه هوندا؟ مون ڏٺو
ئي ڪو نه. خانصاحب! اوهين برانڊي ٻرانڊي ڪو نه
رکو؟
مختيارڪار:توبهه، توبهه! استغفرالله. سائين، مون
کي عادت ناهي. آءٌ حاجي آهيان. انهيءَ حرام شي سان
واهپو نه رکندو آهيان. خير، دوا درمل ۾ خدا
بخشيندو. ڪو اوهان جهڙو معزز مهمان مئيل فرمائيندو
۽ زور ڪندو، يا ڪو گهـَـرو يار صحبت ڪندو، تڏهن سو
لاچار سرڪي - ٻه کڻي وٺبي آهي، سا به لڪي ڇپي.
انهيءَ جي ڪفارت لاءِ به پوءِ هڪ - ٻه روزو رکڻو
پوندو آهي، ۽ اَٺ - ڏهه نفل پڙهڻا ٿيندا آهن. (ٿڪ
اڇلائي ٿو) خدا بخشيندو.
ميان صاحب:(کلي) خانصاحب! اهو رستو چڱو آهي. پر
آءٌ اهڙو شريعت جو ٻانڌاڻي نه آهيان. آءٌ مولائي
آهيان. دل مـُـنجهندي آهي ته ٻه - ٽي پـَـٽ پـِـي
وٺندو آهيان. اسان کي به خدا بخشيندو.
مختيارڪار:بيشڪ، خدا غفار آهي، جي مئيل هجي ته
ٻاٽلي گهرائي وٺجي؟
ميان صاحب:خير، جي ملي سگهي ته بهتر، نه ته بس.
(مختيارڪار انسپيڪٽر کي اٿاري ڪـَـن ۾ ڪي چويس ٿو
۽ انسپيڪٽر نڪري وڃي ٿو.)
مختيارڪار: ڪيئن سائين، اوهين ملڪ گهميا هوندؤ،
اسان جو شهر ته نظر ۾ ئي ڪين هوندوَ؟
ميان صاحب: خانصاحب! وڏا شهر چڱا به آهن بڇڙا به
آهن. بمبئي، ڪلڪتو، لاهور، دهلي هندستان ۾ چڱا چڱا
شهر آهن. سڀئي ڏٺل آهن. بعضي ڳوٺ ۾ قلم وهائي
وهائي ٿڪبو آهيان ته هڪڙي نه ٻي پاسي هواخوريءَ تي
نڪري پوندو آهيان، جيئن هاڻ نڪري پيو آهيان. مون
کي گهڻنئي هنڌين سرڪاري نوڪري آڇيائون، پر مون نه
ورتي. ڪير ٿو چار پئسا وٺي پاڻ کي ڦاسائي؟ وري
هينئر خودمختار ته آهيان.
مختيارڪار:(منهن پاسي ڪري) ڏاڍو پڪو آهي، ڏاڍو پڪو
آهي!
ميان صاحب: انهيءَ هوندي به وڏن وڏن آفيسرن سان
واقفيت آهي. او گورنر ۽ سندس ڪائونسلرن سميت. هتي
جو ڪمشنر صاحب ته خاص مهربان آهي. جيتوڻيڪ ڪم
محرريءَ جو ڪندو آهيان، مگر ايتري هلندي ڏسي، ڪي
ڪي ”خانصاحب“ ۽ ”خانبهادر“ به سڏيندا اٿم. (اوٻاسي
ڏئي ٿو) منهنجا ڪيترا خط اخبارن ۾ ڇپيا آهن. ڇو،
پڙهندا نه هوندؤ؟ منهنجي قلم کان اوهان جا وڏا وڏا
عملدار پيا ڊڄندا ڪنبندا آهن. جيترو ڪم منهنجي
ڪـِـلڪ ڪندي آهي، اوتري ڪنهن ڪماني يا جنرل جي
تلوار به نه ڪندي هوندي. (وري اوٻاسي ڏئي ٿو.) وڏا
وڏا ماڻهو پاڻهي سڏيو انعام اڪرام ڪن ۽ مهمانيون
ڏين ۽ سفارشون گهرن. اڄ خيرپور حڪومت جي تعريف، اڄ
حيدرآباد دکن جي گلا، هي ڪير ٿو لکي؟ آءٌ ٿو لکان.
(وري اوٻاسي ڏئي ٿو.)
مختيارڪار:سائين اوهان کي ننڊ ٿي اچي، حڪم هجي ته
ماني رکن ته کائي، پوءِ رات جي لاءِ آرام ڪريو؟
ميان صاحب: آءٌ به چوڻ ۾ هوس. بک به آهي، ننڊ به
آهي، اُڃ به آهي، سمجهو ٿا نه؟
مختيارڪار:سمجهيم سائين. (نوڪر کي سڏي ٿو. )اي
احمد، او احمد. (نوڪر ڊوڙي اچي ٿو، تنهن کي) جلد
ماني وڌايو.
احمد: سائين، آءٌ پاڻ خبر ڏيڻ ٿي آيس. ماني وڌائي
رکي اٿئون. هلو.
مختيارڪار:(ميان صاحب کي) بسم الله، سائين اُٿو،.
ميان صاحب: بسم الله. (ٻئي اُٿي نڪري وڃن ٿا.) |