سلامن بعد لکجي ٿو ته هن سفر جون جيڪي ڳالهيون آهن،
سي آءٌ مختصر لفظن ۾ اوهان ڏي لکان ٿو: هن کان اڳي
جو احوال، اڳئي اوهان ڏي لکيو اٿم. هڪڙي پٺاڻ سان
راند ۾ اٽڪي ويس، سو نامراد منهنجو سمورو ناڻو
کـَـٽي ويو، پائي به نالي ڪاڻ نه ڇڏيائين. وري
ٽـِـنڊ ٽوپيءَ سان هلڻ به ضرور هو. عيش عشرت، شراب،
ڪباب تنهن ۾ اڳيئي پئسو خرچ ٿي ويو. جنهن جاءِ ۾
رهيو پيو هوس ۽ جتي ماني پي کاڌيم، تنهن جي مالڪ
ذري گهٽ جيل ۾ ٿي وجهايم، پر خدا کڻي سبب ڪيو. هتي
جي ڪامورن ۽ ٻين ماڻهن مون کي ڪو وڏو بالا آفيسر
کڻي بنايو. ڀانئيائون ته آءٌ سندن سماءَ لهڻ لاءِ
گشت تي نڪتو آهيان. سو هاڻي ڏاڍي سـُـک سان پيئي
گذري. سڀڪي موجود آهي. بخت جو تارو لهڻ تي هو، سو
وري اڀرڻ لڳو آهي. جيترا پئسا اُڌارا پي گهريا اٿم،
اوترا پي مليا اٿم. هتي جا ماڻهو به عجب جهڙا
جانور آهن، عجائبخاني ۾ رکڻ جهڙا آهن. انهن جو
بيان جي ٻڌندؤ ته کلي کلي پيٽ ۾ سور پوندوَ. پهرين
هتي جو، جو مختيارڪار آهي سو...
مختيارڪار: هي سڀ ڪوڙ آهي، ائين ڪڏهن نه هوندو!
پوسٽ ماستر: (خط ڏيکاري) ڏسو سائين، اوهين پاڻ کڻي
پڙهو، مون پاڻ ته نه لکيو هوندو؟
انسپيڪٽر:چڱو، اڳتي ته پڙهه.
پوسٽ ماستر:(پڙهي ٿو).
”مختيارڪار، خراساني گڏهه آهي...)
مختيارڪار: صبر ڪر، بيوقوف. ائين ڪڏهن نه لکيو
هوندو!
پوسٽ ماستر:سائين، تڏهن اوهين پاڻ پڙهو، يا ٻئي
ڪنهن کي ڏيو ته پڙهي.
چيف ڪنسٽيبل:سائين، تنهن ۾ ڇا آهي. ڪو هن جي چئي
ماڻهو..... ٿي پوندو ڇا؟ ڀلي خبر پوي ته ڇا لکيل
آهي. متان هيٺ ڪا ٻي ڳالهه هجي!
پوسٽ ماستر:(پڙهي ٿو)
”هتي جو، جو مختيارڪار آهي، سو خراساني گڏهه
آهي...“
مختيارڪار:(چڙ مان) شيطان! ذري ذري انهيءَ پڙهڻ جو
ڪهڙو ضرور آهي؟
پوسٽ ماستر: (کنگهي پڙهي ٿو)
”خراساني گڏهه آهي. اڃا ڀولڙي کي وڌيڪ عقل هوندو.
هتي جو پوسٽ ماستر به چرچي جهڙو ماڻهو آهي.
اتي منهنجي بابت به اجايو سجايو لکيو اٿس.“
مختيارڪار: نه نه، ٻڌاءِ ته ڇا لکيو اٿس؟ ٻڌاءِ
اهو اجايو سجايو.
پوسٽ ماستر: تنهن کي سائين ڇا ڪبو. هيٺ وڌيڪ ضروري
ڳالهيون لکيون اٿس.
انسپيڪٽر:نه ڀائي، نه. اسان کي سڄو خط ٻڌاءِ.
پوسٽ ماستر: (پڙهي ٿو).
”هتي جو پوسٽ ماستر آهي هندو، مگر شڪل يهوديءَ
جهڙي اٿس. انهيءَ هوندي به جهڙو نه ڀوڪ ۽ احمق
چئجي، اهڙو آهي. ۽ هتي جو چيف ڪنسٽيبل ته جيئرو
جاڳندو بيل آهي، گهاڻي جو اُٺ چئجيس ته بجا آهي...
(سڀ کلن ٿا.)
اسڪول ماستر:انسپيڪٽر کان به اڳي چيف ڪنسٽيبل ۽
پوسٽ ماستر آيا آهن؟
انسپيڪٽر:گرو ڪندو ته اسين وسري ويا هونداسينس.
پوسٽ ماستر: اجهي سائين، اوهين به آيا آهيو، ٻڌو.
”هتي جي پوليس انسپيڪٽر جي شڪل توڙي هلت اهڙي آهي،
جهڙي هندستان جي ڪڃرن جي، جيڪي جيسلميرياڻين ڪڃرين
سان ڌڪڙ وڄائيندا آهن. (سڀ کلن ٿا) ۽ هتي جو اسڪول
ماستر ٻگهه جو ٻگهه آهي. ٻگهه پکيءَ وانگي جتي
ويهي اتي ڇپ هنيو ويهي ۽ جيڪا سنهڙي مڇي وٽانئس
لنگهي، سا جهٽ هنيو کايو وڃي. تنهن کان سواءِ،
سندس وات مان بصرن جي بانس پئي اچي (سڀ کلن ٿا).
هتي جو ميونسپل سيڪريٽري ته پنهنجي ڇنڊ ڦوڪ ۾ پورو
آهي. کڙ جي ناري مٿي تي رکيو، پوپٽ وانگي رنگ رنگ
جا ڪپڙا ڪيو گهمندو وتي. مطلب ڳالهه جو ته هي
ماڻهو اٻوجهه، ڀورڙا ۽ غريب آهن. مهمانداري ۽
مهمان نوازيءَ جي لياقت منجهن گهڻي آهي. مون کي
گهڻو سـُـکيو رکيو اٿن، تنهن ڪري آءٌ سندن گهڻو
شڪر گذار آهيان. باقي آئيندي - زياده سلام.“
مختيارڪار:مس مس خط پورو ٿيو آهي. پر خط ڪهڙي شهر
ڏي وڃڻو آهي؟
پوسٽ ماستر:اُها خبر ئي نٿي پوي.(لفافو ڏسي)
”ٽپالخاني جي سامهون“ ايترو سو صاف لکيل آهي، باقي
شهر جو نالو صفا ناهي. الاجي ڪراچي، ڪلات، ڪانپور
آهي يا ڪڇ ڀڄ آهي!
(مختيارڪار، انسپيڪٽر ۽ اسڪول ماستر ويجهو ٿي ڏسن
ٿا.)
مختيارڪار:ڪاف ته منڍ ۾ اٿس، ٻيو الاجي ڇا آهي؟
تڪڙو لکيل آهي.
ماستر: ٿورو ڊٺل به آهي.
مختيارڪار: وڃي جهنم ۾ پوي، پر منهنجا اَٺ ڏهه سؤ
رپيا اُڌارا وٺي ويو، سي ڪيئن ملندا؟
انسپيڪٽر:مون کان به ٻه سؤ وٺي ويو!
چيف ڪنسٽيبل:سائين، مون کان به سؤ ورتائين!
سيڪريٽري:مون کان به سٺ رپيا ڇڏايائين!
مختيارڪار:مار، سڀني کي ڦـُـريو اٿس!
ڊاڪٽر:مون کان به پنجاهه ورتائين!
ماستر:سائين، مون کي به نه ڇڏيائين، مون کان به
ڏهه رپيا ورتائين!
پوسٽ ماستر: گهوڙا پونس، ڦريو ته مون کي اٿس. سڄو
هڪ سؤ ٻهاري ويو! چيائين ته منهنجا پئسا ايندا، تن
مان لاهي رکج.
مختيارڪار:هيءُ ڪو دليءَ جو ٺڳ ٿي ڏٺو. هاڻي ڪهڙي
صلاح؟ هٿ ڪجيس ته جيڪر جيل ۾ ڏجيس.
زميندار:سائين، منهنجي سوني منڊي لهرائي ورتائين!
انسپيڪٽر:(مختيارڪار کي) سائين، سچ چئجي ته سڀني
کي ڦـُـرايو اوهان آهي. اسان سڀني کي تاڪيد ڪيوَ
ته ڪي پئسا ساڻ رکو، متان گشت ڪندي گهرجي وڃن.
ڪنهن کي نه هجن ها ته نه ڏي ها، بچي وڃي ها.
مختيارڪار:مون اوهان کي چيو هو ڇا ته سـَـوَ رپين
جا ساڻ کڻو؟ هاڻ ڪا صلاح ڪرڻ گهرجي.
انسپيڪٽر:صلاح ڪهڙي آهي. هو هيستائين گاڏيءَ ۾
چڙهي، روانو به ٿيو هوندو. سندس رهڻ جي جاءِ جي به
خبر ڪا نه ٿي پوي.
چيف ڪانسٽيبل:ٻيو، جنهن کي سـُـجهندو هوندو ته
هيترن کي پي ڦـُـريو اٿم، تنهن وري ٽڪيٽ وٺڻ يا
نالي ۽ ويس بدلائڻ يا بي بندوبست ڪرڻ ۾ دير ڪئي
هوندي؟
سيڪريٽري:ڀائي، پئسا سڀني جا ويا!
پوسٽ ماستر:پر اوهين سڀ ته وري خلق ڦـُـري، ايترا
پئسا ڪڍي وٺندؤ، مـُـٺس ته آءٌ، جو پراوا پئسا مني
آرڊر ڪرڻ لاءِ مليم، سي ڏيئي ويٺس1 مون کان
بيوقوفي ٿي جو رکي، پوءِ نه آيس. منهنجي لاءِ، خط
۾ لکيو سچ اٿس ته مون جهڙو احمق ٻيو ڪو نه هوندو.
انسپيڪٽر:ڪنهن جي لاءِ سچ نه چيو اٿس؟ سڀني کي چڱا
چڱا سرٽيفڪيٽ ڏئي ويو آهي.
چيف ڪنسٽيبل:ير، جي اهو ٺڳ هٿ اچي وڃي ته اڄ ئي
هٿڪڙيون ڏئي، بدمعاشيءَ ۾ رجوع ڪري ڏيانس.
ماستر:انهيءَ مهل ته وات ئي سـُـڪي ويو هووَ،
ڳالهائڻ ئي نٿي نڪتو. هاڻ ته ڏاڍيون اُڇلون پيا
ڏيو؟
مختيارڪار:(قادر بخش زميندار کي) چئجي نـِـي قادر
بخش تنهنجي، جو پريندي اچي اسان ۾ ڦڙڦوٽ وڌئي ته
نانوائيءَ جي دڪان ۾ آفيسر اچي لٿو آهي. جي نه
ٻڌائين ها ته ههڙو واقعو نه ٿئي ها.
زميندار: سائين، مون کي ڪهڙي خبر. اوهان ڳالهه ڪئي
هئي ۽ اوهان کي گهڻو انتظار هو، مون کي شڪ پيو،
تنهن تي مون خير خواهي ڪري ڊوڙي اچي خبر ڏني.
مختيارڪار: چڱي خبر ڏنيئي، سڀني جو مٿو ڪوڙي هليو
ويو. ڪڏهن ته اسان ٻين کي ٿي ڦريو، ڪڏهن ته ٻيو
اچي، اسان سڀني کي ڦـُـري ويو!
پوسٽ ماستر: ”چورن تي مور پيا آهن.“
اسڪول ماستر:اصلي خدائي دستور آهي ته ننڍين مڇين
کي وڏيون کائين، ڪـُـرڙين کي ڄرڪا ۽ ننڍن ڄرڪن کي
وڏا ڄرڪا. اڃا ته مانگر مڇ پيا هوندا، جي ٻيڙائي
غرق ڪيو ڇڏين!
مختيارڪار:(انسپيڪٽر ۽ چيف ڪنسٽيبل کي) هاڻ اهي
ڳالهيون ڇڏيو. اميد ته ڪانهي، پر وري گهوڙا ته
ڊوڙايو، سماءُ ته وٺو، من ڪو پتو پوي به.
(اتي هڪڙو اردلي سوار، ڊريس ۾ اوچتو لنگهي اچي
ٿو.)
اردلي سوار: جناب ڪمشنر صاحب بهادر جيڪو انڪوائري
آفيسر نئون مقرر ڪيو آهي، سو اچي منزلگاهه واري
بنگلي ۾ لٿو آهي. مختيارڪار صاحب کي گهرايو اٿس.
(هيءَ خبر ٻڌي، سڀئي حيران ٿين ٿا ۽ ڊپ ۾ هيڏي
هوڏي ڊوڙن ٿا. ڪو چوي ٿو ته ”جٺ ٿي،“ ڪو چوي ٿو ته
”خدا خير ڪري،“ ڪو چوي ٿو ته ”سچي پچي بلا آئي.“
انهيءَ گڙٻڙ ۾ پردو ڪري ٿو.)
پورو ٿيو |