نيلام
جيون گرسهاڻي
پاتر:
موهن: سيٺ جهمٽمل جو نوجوان پٽ.
ڦندڻ مل: خاندان جو پراڻو منشي.
جهمٽمل: موهن جو پيءُ.
واڌومل: پنهنجي ڀائٽيءَ جي مائٽي هلائيندڙ.
مڪان: دهليءَ جي هڪ ماڊرن ڪالونيءَ ۾ سينگاريل ڊرائنگ
روم.
وقت: صبح جا نوَ بجا.
نيلام
(موهن، ديوان جهمٽمل جو پٽ؛ دهليءَ ۾ خاندان جي پراڻي
منشيءَ، منشي ڦندڻ مل جي نظرداريءَ هيٺ اِنٽر
سائنس پڙهندو آهي. پڙدي کڄڻ وقت هو ڪوچ تي آهلي هڪ
ڪتاب پڙهي رهيو آهي)
(ڦندڻ مل اُٻهرائيءَ سان اندر داخل ٿئي ٿو)
ڦندڻ مل: منشي ڦندڻيل ڪوُڙ ٻوليهه نرڪ ۾ وڃي.......
ها....... او ننڍا ديوان، وڏو ديوان جهمٽمل پيو
اچي.
موهن: (عجب ۾) ڇا چيئه ڦندڻ مل، ڪير پيو اچي؟ بابو سائين؟
ڦندڻ مل: بلڪل سوا سورهن آنا، تنهنجو بابو سائين ۽ مئيءَ
زال جي هن يتيم ڀتار جو مائي باپ ديوان جهمٽمل پاڻ
پنڊ.
موهن: پر....... پر ڪالهه ئي ته سندن خط آيو هئو. ان ۾ ته اهڙي
ڳالهه ڪانه لکي اٿن. ڦندڻ مل، ڪٿي سڃاڻڻ ۾ ڀل ته
ڪانه ڪئي اٿيئي؟
ڦندڻ مل: ننڍا ديوان، تون به غضب ٿو ڪرين. منشي ڦندڻمل ڪوڙ
ٻولي نرڪ ۾ وڃي....... ها....... سالن کان ديوان
جهمٽمل جو نمڪ کائيندي هي وار اَڇا ڪيا اٿم. کيس
سڃاڻندس به ڪين؟ اِجهو هينئر ئي ته ٽانگي مان لهي
رهيا هئا.
موهن: (کلندي) ڇا چيئه؟ ٽانگي مان لهي رهيا هئا؟ تڏهن ته پڪ ئي
پڪ تو غلطي ڪئي آهي. ڦندڻ مل. بابوسائين ۽ ٽانگو!
کوڙو ئي نه ٿو لڳي. هو ته ٽانگن ۽ ٽئڪسين تي پئسا
خرچڻ اجايا سمجهندو آهي.
ڦندڻ مل: (ڪجهه ڪاوڙجي) منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي، نرڪ ۾
وڃي....... ها....... ننڍا ديوان، تون به حد ٿو
ڪرين. ڀلا جي اَکين سڃاڻڻ ۾ غطلي ڪئي هوندي ته ڪنن
ٻڌڻ ۾ ته مون سان ريب ڪونه ڪيو هوندو. (ڪنن کي هٿن
سان ڇڪيندي) هنن ڪنن سان مون کيس ٽانگي واري سان
جهڳڙو ڪندو ٻڌو.
موهن: ٽانگي واري سان جهڳڙو؟ ڇو؟
ڦندڻ مل: ديوان صاحب اِسٽيشن کان گهر تائين ٽي روپيه
ٻولائي، صرف ڏيڍ رپيو ڏيئي رهيو هئو.
موهن: (سندس ئي اَکر دهرائي) ٽي روپيه ٻولائي صرف ڏيڍ روپيه
ڏيئي رهيو هئو! (اوچتو ئي) اَڙي ڦندڻمل اِها ڳالهه
دل سان پيئي لڳي. پڪ ئي پڪ اُهو بابو سائين هوندو.
ٽي روپيه ٻولائي ڏيڍ روپيو ڏيڻ بابي سائينءَ جو ئي
ڪم ٿي سگهي ٿو.
ڦندڻ مل: مون ته منڍ ۾ ئي چيو، منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ
۾ وڃي...... ها......
(ديوان جهمٽمل جنهن جي هٿ ۾ ننڍي بئگ، ڪڇ ۾ ننڍڙو بسترو
۽ هٿ ۾ ڇٽي آهي، اَندر داخل ٿئي ٿو. موهن وڌي کيس
پيري پوي ٿو).
موهن: (نمرتا سان) بابا اوچتو ئي اوچتو اَچي ويا. اِطلاع به نه
ڏنو.
جهمٽمل: اِطلاع؟ اِطلاع ڇو ڏيان؟ ڪو رائي گهر ۾ پي آيس
ڪيئن؟
موهن: (سهمي) نه بابا، اِها ڳالهه ڪونه هئي. منهنجو مطلب هئو
ته اِطلاع ڏيو ها ته مان اِسٽيشن تي اَچي حاضر
ٿيان ها.
جهمٽمل: اَجايو گاڏين موٽرن تي ڀاڙا خرچين هان. مان ڪو
ليڊر آهيان؟ ڪو مهاتما آهيان؟ ڇا آهيان؟
هان؟......... جنهن کي وٺڻ لاءِ اِسٽيشن تي اَچين
هان؟
ڦندڻ مل: ديوان صاحٻ ڀلا گهر ۾ ته سڀ راضي پرسن هئا؟
جهمٽمل: بس، مڙيئي مالڪ جي مهر آهي. اَلبت موهن ماءُ جي
طبيعت ذرا نازڪ ٿي رهي. اِجهو تنهن ڏينهن به
موريءَ جي پن تي پير اَچي ويس، بس زڪام ٿي پيس.
زڪام جي ڪري ٿورو بخار چڙهيس ته لڳي وڦلڻ، چي:
”موهن پيءُ پڇاڙيءَ جي مراد پڄايوم. موهن جي وَني
آني ڏيوم“ حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو. موهن کي پرڻائي،
اِهو ٻوجو به لاهي ڇڏيان. اِن ڪري هيڏي هليو آيس.
(کيسي مان پوسٽ ڪارڊ ڪڍي) اِجهو تنهن ڏينهن ديوان
واڌومل پنهنجي ڀائٽيءَ جي مائٽيءَ لاءِ لکيو.
سوچيم ته اَڳو پوءِ دهليءَ هلي، سڄو ڪم لاهي
اَچان. (ڪارڊ موهن کي ڏيندي) موهن پٽ، هيءُ پڙهج
ته سهين. واڌومل دهليءَ جي ڪهڙي اَئڊريس لکي آهي؟
(موهن ڪارڊ وٺي هيٺ مٿي جاچي منجهي بيهي ٿو رهي)
جهمٽمل: ڇو پٽ ڇا پيو جاچينس؟ اَئڊريس لڳل ڪونهي ڇا؟
موهن: ها، لڳا آهي..... منهنجو مطلب آهي لڳل هوندي..... سمجهان
ٿو هئڻ ته گهرجي...... پر.....
جهمٽمل: لڳل آهي، لڳل هوندي، هئڻ ته گهرجي...... هيءُ تون
وڦلين ته ڪونه ٿو.
(موهن منجهي بيهي رهي ٿو.)
ڦندڻ مل: (پاسيرو) منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي......
ها اِجهو ٿو ڌڪڙ تي اَٽو لڳي.
جهمٽمل: (موهن کي) آخر ماجرا ڪهڙي آهي؟ ڇا ڪارڊ تي اَکر
سڪي ويا آهن جو پڙهي نٿو سگهين؟
موهن: بابا اِها ڳالهه ڪونهي، پر ڪارڊ تي جيڪي اَکر لکيل آهن،
سي مان پڙهي ڪونه ٿو سگهان.
جهمٽمل: (ڪاوڙجي) اَکر پڙهي ڪونه ٿو سگهين؟ ڇو؟ سنڌيءَ ۾
لکيل آهن نه؟ سنڌي ڪانه ڄاڻين؟
موهن: سنڌي ته ڄاڻان بابا، پر هيءُ خط سنڌي لپيءَ ۾ لکيل آهي ۽
مونکي ديوناگري لپي ايندي آهي.
جهمٽمل: (وڌيڪ جوش ۾) ديوناگري نه ڌوڙ لپي ايندي آهي. اَڙي
تو ته منهنجي ڪئي ڪئي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هيترو
پاڙهيانءِ ڳاڙهيانءِ ويٺو سو اِن لاءِ ته تون ڪارد
ٻه اَکر به نه پڙيو سگهين........
موهن: بابا....... پر به توهان سمجهو ڇو نه ٿا؟
جهمٽمل: سمجهان وري ڌوڙ. منهنجو ته اَندر ٿو پڄري. سڀ پئسا
ئي برباد ڪري ڇڏيئه. ڦندڻ...... (ڦندڻ مل اَڳيان
وڌي ٿو) ..... ڦندڻ تون موهن جي خرچ جو سمورو حساب
رکندو آهين نه؟
ڦندڻ مل: هائو سائين بلڪل پائي پائيءَ تي چاڙهي ويهي حساب
رکيو اَٿم. اصل سندس جنم کان وٺي اَچ ڏينهن
تائين..... منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي......
ها.....
جهمٽمل: ته ٻڌاءِ هن ناخلف کي ته مون سندس پالڻ تي، پڙهڻ
تي، اَڄ تائين ڪيترو ڌن هاريو آهي! (ڦندڻمل بندي
کڻڻ وڃي ٿو) ۽ هيءُ آهي جو ڪارڊ ٽڪر نٿو پڙهي
سگهي.
موهن: بابا منهنجي به ته ڪجهه ٻڌو. هن ۾ منهنجو نه، لپيءَ جو
قصور آهي. هيءُ ڪارڊ رکيل آهي سنڌي لپيءَ ۾ ۽ اسان
کي سڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهين ديوناگري لپي.......
جهمٽمل: (کيس وچ ۾ ڪٽيندي) ديوناگري نه ڀوتناگري..... مان
اِنهن لپرين ٻپرين مان ڪين ڄاڻان. مونکي ته اِها
خبرآهي ته مان توتي ٻڪ ناڻي جا ويٺو خرچيان.
(ڦندڻ مل وڏا ٻه چونپڙا کڻي اَچي ٿو)
ڦندڻ مل: (پنا ورائيندي ۽ ڪجهه ڀڻڪندي) سائين ٻڌجو: منشي
ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي..... ها..... اَصل
سمورو حساب ٻڌجو..... موهن اَڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ئي
هئو ته موهن ماءُ لاءِ اَڌ سير روزانو کير....
موهن جي ڄمڻ تائين ڪل حساب 9-9-45، موهن جي ڄمڻ
وقت بچان دائيءَ کي پنج روپيا واڌائيءَ جا، شنڪر
لعل مشر کي ڪل رقم 9-3-7، موهن پنجن سالن جي عمر
تائين 17 پليٽون ۽ 8 گلاس ڀڳا..... خرچ 3-3-15
...... موهن.......
جهمٽمل: (رڙ ڪري) ڦندڻ!
ڦندڻ مل: (ڇرڪي) جيءُ سائين!
جهمٽمل: تون بيوقوف آهين.
ڦندڻ مل: ها سائين.
جهمٽمل: ڪهڙي گڏهه توکي منهنجو منشي مقرر ڪيو هئو؟
ڦندڻ مل: سائين توهان.
جهمٽمل: پر ڪمبخت، مون توکي ڪڏهن چيو ته سمورو خرچ
تفصيلوار ويهي ٻڌاءِ؟
ڦندڻ مل: (روئڻهارڪو ٿي) سائين منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ
۾ وڃي..... ها.....
(اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿو)
جهمٽمل: (سندس پٺيءَ تي هٿ گهمائي) ڦندڻ.... ڦندڻ.....
(ڦندڻ وڌيڪ اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿو)
جهمٽمل: پر به ڦندڻ مل مون توکي چيو ڇا؟ ڪا گار ڏنم، ڪو ڳالهؤ
ڏنم جو هيئن حشر کڻي مچايو اَٿيئي.
ڦندڻ مل: (روئندي) سائين مون زندگي ڀر ڪڏهن ڪوڙ ڪونه
ڳالهايوآهي، هميشـﮧ نمڪ حلال پئي رهيو آهيان......
پر..... (وڌيڪ روئي ٿو)
جهمٽمل: پر ڇا؟..... ڦندڻ مون ته توکي.......
ڦندڻ مل: بس سائين بس_ ڏٺي پيئي آهي دنيا. شروع کان وٺي
زماني مون سان مذاقون پئي ڪيون آهن. مونکي ياد
آهي، جڏهن منهنجو پيءُ سرڳواس ٿي ويو تڏهن اوڙي
پاڙي جا ٻڍڙا مڙي آيا. چون: ڦندڻ متان دل لاٿي
اَٿيئي. اَسين تنهنجا اَبا آهيون. وري جڏهن منهنجي
ماءٌ پرماتما کي پياري ٿي ويئي ته پاڙي جون
پوڙهيون دلجوئي ڪرڻ لڳيون. هرڪا پيئي چوي مان
تنهنجي اَمڙ، مان تنهنجي جيجل، متان دل لاٿي
اَٿيئي؟ پر..... (اوڇگار ڏيئي) پر جڏهن منهنجي
ماکيءَ کان مٺڙي، ڪپهه کان ڪونئري، ساهه جي سينگار
۽ پرانن جي آڌار منهنجيءَ متيريءَ جو مرتيو ٿيو ته
اوڙي پاڙي مان ڪا اَهڙي نينگر نه نڪتي جا اَچي هن
ڦٽيل دل کي دلاسو ڏئي (روئي ٿو) بس سائين بس ڏٺي
پيئي آهي دنيا........
جهمٽمل: (نرمائيءَ سان) بس ڪر ڦندڻ، بس ڪر. دل نه لاهه. تو
جهڙي ملوڪ لاءِ زالون ڪي کٽيون؟ چڱو هاڻي ٻڌاءِ ته
ڪل رقم ڪيتري ٿي؟
(ڦندڻ مل ڳوڙها اُگهي ٿو ۽ پوءِ حساب لڳائي ٿو)
ڦندڻ مل: سائين منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.......
ها...... موهن تي اَڄ ڏينهن تائين ڪل خرچ 19999.99
ٿيو آهي.
جهمٽمل: ته باقي هڪ پئسي جو حساب ڇو رهايو اَٿيئي؟ چئبو ته
ويهه هزار خرچ ٿيو. (موهن کي) ٻڌءِ؟ ويهن هزارن ۾
تون پنجن نون پئسن وارو ڪارڊ به نٿو پڙهي سگهين.
چڱو هل، هلي منهنجي لاءِ گرم پاڻيءَ جو بندوبست ڪر
ته سنان پاڻي ڪري وٺان (موهن وڃڻ ٿو لڳي).... ۽ ها
ٻڌ (موهن بيهي ٿو رهي) ديوان واڌومل تنهنجي مٽي
مائٽيءَ جي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڄاڻ آيو ڪي آيو. تون
ذرا ٺهي ٺڪي گهر ۾ ويٺو رهج. شايد تنهنجي ضرورت
پوي (موهن وڃي ٿو) (ڦندڻمل کي) ويهه هزار مان
پنهنجي هڙان ته ڪونه ڀريندس. تيل ترن مان ئي
نڪرندو. موهن جو سمورو خرچ موهن جي ساهرن مان ئي
وصول ڪبو. وياج وٽي جي جهنجهٽ ۾ نه پئجي، ته به
ويهه هزار ڏيتي ليتي ته ملڻ گهرجي! ڪيئن تو ڀائين
ڦندڻ مل؟
ڦندڻ مل: سائين جن مائي باپ آهن، پر منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي
نرڪ ۾ وڃي..... ها..... ويهه هزار وڏي رقم آهي
ڪين؟
جهمٽمل: (ڪاوڙجي) ويهه هزار وڏي رقم آهي ته منهنجو موهن به
ڪو گهٽ ڪونه آهي. ڪاليج ويٺو پڙهي. ڪو لؤلو ڪونهي،
لنگڙو ڪونهي، ڪارو ڪونهي، بندرو ڪونهي، ائرو
ڪونهي، غيرو ڪونهي، نٿوُ ڪونهي، خيرو ڪونهي.
منهنجو موهن وري به موهن آهي. اَڄ ڪلهه گڙا گنجا،
ٽيئون ٽوپڻ، ٽڪي واري مئٽڪر پاس ڪري ڪن جهڙي
ڪلارڪي ڪن ته به اَٺن ڏهن هزارن جي ڌم مچايو ڏين.
سو مون جي پنهنجي موهنڙي لاءِ ويهه هزار ورتا ته
ڪهڙي اُڀ کي ٿڪ لڳي ويندي.
(در تي کڙڪو ٿئي ٿو)
جهمٽمل: ڏس ته سهين، ٻاهر ڪيرآهي؟
(ڦندڻ مل وڃي ٿو ۽ جلدي موٽي ٿو اَچي)
ڦندڻ مل: سائين هو ته َچي ويو.
جهمٽمل: ڪير؟
ڦندڻ مل: سائين هو...... ديوان واڌومل جهنجٽملاڻي.
جهمٽمل: ديوان واڌومل اَچي ويو؟ سويل آيو آهي!
ڦندڻ مل: منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي ها..... سائين
هيءُ واڌومل جهنجهٽملاڻي ڏسجي ئي جهنجهٽ کاڌو ٿو_
ذرا سنڀالي.....
جهمٽمل: تون منهنجو فڪر نه ڪر ڦندڻ، رڳو پنهنجيءَ انهيءَ
ڪئنچيءَ جيان هلندڙ زبان کي جهلج..... ها.....
(ديوان واڌومل جنهن کي کاڌيءَ جي پتلون، ڪڙتو، صدري ۽
گانڌي ٽوپي پيئي آهي، اَندر اَچي ٿو)
جهمٽمل: (اَڳيان وڌي) اَچو سائين اَچو....... خوش چاڪ
پرسن.....
واڌومل: ديا آهي_ توهان ٻڌايو، راضي پرسن..... (هنڌ ۽ پيتيءَ تي
نظر پوندي) اَصل هنيئر گاڏيءَ مان لٿا آهيو ڇا؟)
جهمٽمل: ها، بس پنڌرهن ويهه منٽ اَڳ اَچي گهر ڀيڙو ٿيو
آهيان. گاڏي ٻه ڪلاڪ ليٽ هئي..... هيڏانهن.....
هيڏانهن هن ڪوچ تي سولا ٿي وهو نه_ (ڦندڻ کي) ڦندڻ
مل ڪجهه چانهه پاڻيءَ جو بندوبست ڪري وٺ (ڦندڻ مل
وڃي ٿو.)
واڌومل: سائين کاڌي پيتي جو خفو نه ڪجو. مان نيرڻ ڪري گهران
نڪتو آهيان.
جهمٽمل: نيرڻ ته سويل ڪئي هوندوَ، مون ته اَڃا ناشتو به نه
ڪيو آهي. مون سان گڏئي ڪجهه چپو چورو ڪري وٺجو....
ها ڀلاٻڌايو ڪهڙا احوال آهن؟
واڌومل: بس سائين مڙيئي مهر آهي (هٻڪندي).... هو.... مون توهان
کي پنهنجي ڀائٽيءَ لاءِ عرض ڪيو هو......
جهمٽمل: ها.... ها.... توهان جو خط پهتو هو.... ڀلا ديوان
گلابراءِ کي ٻيا ڪهڙا ٻار آهن؟
واڌومل: سائين بس، اهائي هڪ نياڻي اٿس.
جهمٽمل: ٺهيو، چئبو سڪيلڌي ڌيءُ اٿس.......
واڌومل: (نه سمجهي) سائين جن جو مطلب؟
جهمٽمل: ڪجهه به نه.... مون رڳو چيو پئي ته جيئن منهنجو
موهن مون کي هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ آهي ۽ منهنجي سموري
ملڪيت سندس نالي آهي، تيئن توهان جي ڀاءُ گلابراءِ
کي به هڪ ئي سڪيلڌي نياڻي آهي.
واڌومل: پر سائين، منهنجي ڀاءُ جي مالي حالت اَهڙي مضبوط ڪانه
آهي، تڏهن به ڦلن مٺ جا نياڻيءَ کي ڏيئي سگهيو سا
ضرور ڏيندو.
جهمٽمل: پرماتما جي ڪرپا سان مون کي پئسي جي ڪمي ڪونهي.
ڀڳوان جو ڏنو سڀ ڪي اَٿم. ڏيتي ليتي وٺڻ مون لاءِ
حرام، اَصل گئوءَ جي رت مثل سمجهجو ديوان واڌومل!
واڌومل: (شڪرگذاريءَ وچان) دنيا ۾ اوهان جهڙا نيڪ اِنسان ورلي
هوندا سائين.
جهمٽمل: مون کي ڇاهي؟ اَڄ نه مئس ته سڀاڻي.
موهن جي ماءُ جي طبيعت به آهي ڍلي. مون کي پسئن جي ڪا
بک ڪونه آهي. اَلبت موهن جو سڀاءُ ذرا ضدي آهي.
چي: موٽر وٺندس ته ساهرن جي پئسن مان. ڪيرو ئي
چوانس: اَڙي ڀائي مالڪ جو ڏنو سڀڪي آهي. هڪ ڇو، ٻه
موٽرون وٺ. پر هو به هڪ تي آهي. چوي ٿو موٽر کپي
ساهري سا به ويهن هزارن واري.
واڌومل: ويهه هزار!
جهمٽمل: ها.... ها.... ويهه هزار. ٻيو نه ته اَوهان کان
گهڻو ٿوروئي وٺبو. اهو پنهنجي ڌيءُ ناٺيءَ کي
ڏيندا. باقي مون چيو نه، ڏيتي ليتي وٺڻ مون لاءِ
حرام. اَصل گئوءَ جي رت مثل: سمجهجو ديوان واڌومل!
واڌومل: اها ته ڳري ڳالهه ٻڌايو..... (منجهي ٿو پوي)..... مون
پئي چيو ته منهنجي ڀائٽيءَ جي سونهن سشيلتا ۽ گهرو
ڪم ۾ ڀڙ هئڻ ڪري، هن قسم جون مشڪلاتون درپيش نه
ايندوين..... پر.....
جهمٽمل: (پنهنجائيءَ جي نموني) ديوان واڌومل پاڻ ۾ ويٺا
آهيون، ڇوڪريءَ جي سونهن کي ڪو ڌوئي ته ڪونه
پيئبو. اَڄڪلهه جي ڇوڪرن کي ڇوڪريءَ جي سشيلتا جي
بلڪل گهرج ڪونه آهي. هو ته چاهين ٿا ته ڇوڪري کڙي
تڙي هجي. ڳالهه ڳالهه ۾ بحث ڪري. ٿوري ۾ ته هو ڇا
چوندا آهن.... ها، اَٽپٽي ڊوٽ هجي.
واڌومل: (ڪنڌ ڌوڻي، ڪجهه آهستي) اَپ _ ٽوڊيٽ هجي.
جهمٽمل: ها ها اِهائي جيڪا چيؤ..... ڀلا اَسان کي
اَنگريزيءَ جي ڪهڙي ڄاڻ..... ها ته رهي ڳالهه گهرو
ڪم جي، سو پرماتما جي ڪرپا سان اَسان وٽ نوڪرن
چاڪرن جي ڪهڙي ڪمي؟ اِئين ته ڪيتريون مائٽيون
پنجابين ۽ مدراسين جون به آيون آهن، پر مون چيو ته
سنڌي ڇوڪري گهر ۾ اَچي ته سٺو. پر جي سنڌين مان
ڪنهن به موهن جي هن خسيس ضد جي پورائي نه ڪئي ته
پوءِ لاچار.....
واڌومل: ته ڇا توهان غير_ سنڌي ڇوڪري گهر ۾ آڻيندا؟
جهمٽمل: اُن ۾ هرج ئي ڪهڙو آهي واڌومل! سنڌي ڇوڪريون ڪونه
ٿيون وڃي مدراسي ۽ مرهٽا مڙ ڪن.
(ڦندڻ مل چانهه جي ٽري کڻي جهمٽمل جو پويون جملو ٻڌندو
اَندر داخل ٿئي ٿو.)
ڦندڻ مل: منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها.....
اِهي اَسان جون سنڌي ڇوڪريون جو مدراسي ۽ مرهٽا
مڙس ٿيون ڪن، ان لاءِ جوابدار به اَسين پاڻ آهيون.
نه تڏهين؟ ڀلا اَسان جون سنڌي ڇوڪرين ڏسن ٿيون ته
سندن مائٽن ۾ ڏيتي ليتي ڏيڻ جو دم آهي ڪونه، سو
وڃي ٿيون اهي ڪم ڪن. منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾
وڃي.... ها.... ڇوڪرين ويچارين جو به ڪهڙو ڏوهه؟
هو به ته رت پونئن جون ٺهيل آهن ڪي رٻڙ جون گڏيون
ته ڪونه آهن، جو ٽيهن پنجٽيهن سالن جي عمر تائين
شاديءَ کان سواءِ ويهي رهن. سمورو ڏوهه ڳاٽي ڀڳيءَ
ڏيتيءَ ليتيءَ جو آهي، ڇوڪرن جي مائٽن جو آهي،
ڇوڪرن جو آهي.....
جهمٽمل: (اَٿي رڙ ڪري) ڦندڻ..... (کيس پاسيرو وٺي) توکي
چيو هوم نه ته اِها ٽڙ ٽڙ نه ڪج.
ڦندڻ مل: سائين منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي....
ها....
جهمٽمل: اَڙي او يڌشٽر جا پٽ، زبان کي لغام ڏي. چپن کي سبي
ڇڏ. وري تنهنجي وات مان ٻڙڪ به نه نڪري. (اَچي وهي
ٿو). (واڌومل کي) ها سائين ته وٺو ڳالهه جي ڳاٽي
کي. موهن جو ضد آهي ويهن هزارن واريءَ موٽر تي،
منهنجي طرفان ڪنهن به ڳالهه جي چنتا نه ڪجو. ڏيتي
ليتي وٺڻ مون لاءِ حرام! اَصل گئوءَ جي رت مثل
سمجهجو، ديوان واڌومل.
واڌومل: (اُٿي اهيئي اَکر دهرائي، پاڳلن وانگر) ڏيتي ليتي وٺڻ
مون لاءِ حرام اَصل گئوءَ جي رت مثل سمجهجو (سندس
ڪنن ۾ اَکر گونججڻ ٿا لڳن.... ويهه هزار.... ويهه
هزار. هو پنهنجا ڪن ٻنهي هٿن سان بند ٿو ڪري )
اُف.... (وري اَکر گونججڻ ٿا لڳن.....) هيءُ ڇا ٿي
رهيو آهي؟ شاديءَ جو پوتر ٻنڌن، پئسي جي شڪنجي ۾
گرفتار ڇو آهي؟ ڇوڪريءَ جي سونهن پئسن سان توڙي
پيئي وڃي، سندس سشيلتا سون سان ماپي پيئي وڃي،
سندس هرهڪ گڻ کي چانديءَ جي ٽڪرن جي ڪسوٽيءَ تي
پرکيو پيو وڃي. ويهه هزار.... اُف ايتري رقم اَسين
هن جنم ۾ ته ميڙي ڪونه سگهنداسون. ته ڇا سندري
ڪنواري ئي رهجي ويندي؟ سندس اَرمان، سندس آشائون
ڇا اِئين ئي گهٽجي ختم ٿي وينديون؟ سندس اَحساس ڇا
اِئين ئي دٻجي ويندا؟ اِنسان جي ويس ۾ هيءُ شيطان
جهمٽمل، ڇا اَسان جي سندريءَ جي آهوتي وٺندو؟ پر
هن ديوان جهمٽمل جو به ڪهڙو ڏوهه؟ ڏوهه ته سندس
لاڏلي جو آهي، جنهن کي ويهن هزارن واري مٽر کپي ۽
سا به سهارن پئسن مان.... اَسان جي سندريءَ جي
مائٽي ته هونئن به هتي ڪونه ٿيندي ته پوءِ ڇونه هن
سيٺ جي لاڏلي کي سبق سيکاري وڃان؟ سندس اَندر ۾
ستل اِنسان کي بيدار ڪريان؟ سندس دل ۽ دماغ ۾ هڪ
اَهڙي چنگاري ڀڙڪايان جا کيس سوچڻ لاءِ مجبور
ڪري.... ها، مان اِئين ئي ڪندس.....
واڌومل: (جهمٽمل کي) خير جي ڇوڪري جو ضد اهوئي آهي، ته سندس اهو
لاڏ به پورو ڪبو، پر منهنجي هڪ وينتي آهي.
جهمٽمل: (خوشيءَ سان) چئو چئو. حڪم ڪريو.
واڌومل: مان ڇوڪري کي هڪوار ڏسڻ ٿو چاهيان.
جهمٽمل: سو اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي بيشڪ کيس ڏسو. منهنجو
موهن لکن ۾ هڪ آهي (ڦندڻ مل کي) ڦندڻ مل! موهن کي
ته ڪوٺي آءُ.
(ڦندڻ مل وڃي ٿو ۽ ٻيءَ پلڪ ۾ موهن کي ٽوال سان ڇنڊيندو
اَچي ٿو)
جهمٽمل: موهن پٽ، هيءُ آهي، ديوان واڌومل جهنجهٽملاڻي. بس
اِئين سمجهه ته هيءُ اَسان جو پنهنجو ئي آهي، توکي
ڏسڻ آيو آهي.
موهن: (آهستي) ڏسڻ آيو آهي؟ ڇو؟ (ڦندڻ مل ٽوال سان ڇنڊيندو ٿو
رهيس.)
واڌومل: (کيس پيرن کان مٿي تائين جاچيندي) پٽ ٿورو هلي ڏيکار.
موهن: (عجب ۾) هان!..... هلي ڏيکاريان؟ ڇا؟
ڦندڻ مل: منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها.... ننڍا
ديوان، هلي ڏيکار نه! ٺڪر به ٺڪي ٺوڪي وٺبو آهي.
هيءُ ته ويهن هزارن جو سؤدو آهي!
جهمٽمل: (وڏي واڪي) ڦندڻ!..... (موهن کي) پٽ هلي ڏيکار.
شرمائڻ جي ڪائي ڳالهه ڪونهي.
(موهن ذري پيءُ ڏانهن ۽ ذري واڌمل ڏانهن نهاري آخر هلڻ
شروع ٿو ڪري).
ڦندڻ مل: واهه واهه. ڇا ته چال آ. ڀائي ڪمال آ. اَصل ڊيل
جي چال کي به مات ڪيو ڇڏي. (جهمٽمل پرسنتا سان ڪڌ
ڌوڻي ٿو).
(واڌومل موهن جي پٺيءَ ۽ ڪلهن وغيره تي ٺپڪيون هڻي ٿو،
اَهڙي نموني جيئن ڪو جانور خريد ڪرڻ وقت جاچبو
آهي)
موهن: (ناراضگيءَ سان) بابا!
ڦندڻ مل: ننڍا ديوان ذرا سيٽجي بيهه. (سندس ڏونئرن تي هٿ
گهمائي) قسم اُڏيري لعل جو، ڏونئرا آهن ڪين رڪ جا
گولا. اَصل داراسنگهه جي به جاءِ ناهي. منشي
ڦندڻمل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾ وڃي.... ها.....
جهمٽمل: اَڙي ڦندڻ، آخر به سنڌي ٻچو آهي. گير مکڻ تي پليو
آهي.
(واڌومل ٿورو پرڀرو وڃي، هٿ جون آڱريون ڏيکاري ٿو)
واڌومل: پٽ هيءُ گهڻيون آهن؟
موهن: (رکائي سان) چار.
واڌومل: هيءُ؟
موهن: ٽي.
ڦندڻ مل: اِهي نظرون! هاءِ هاءِ مان ته ڪسجي ڪباب ٿي ويس.
اَڙي مونکي ته متيري ٿي ياد اَچي....... بلڪل اُهي
ئي تڙڇي نگاهون. منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي نرڪ ۾
وڃي..... ها.....
(موهن ڪاوڙجندو پيو وڃي)
واڌومل: پٽ هاڻي ٻه چار ٽپا ته ڏيئي ڏيکار.... (ٽپا ڏيئي ٿو
ڏيکاريس) او هيئن......
موهن: (غصي ۾) هيءُ سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ مونکي هيئن بي عزتو ڇو
پيو ڪيو وڃي؟
واڌومل: (کيس ڇڪي پاسيرو وڃي) موهن پٽ مان توکي خريد ڪرڻ آيو
آهيان. تنهنجي پيءُ تنهنجو ملهه ويهه هزار روپي
رکيو آهي، توکي چڱيءَ طرح پرکڻ جو حق مونکي تنهنجي
پيءُ ڏيئي ڇڏيو آهي ويهه هزار ٿو ڏيان، موهن، ويهه
هزار.....
موهن: (پاڻ ڇڏائي) ڪونه کپن مونکي ويهه هزار.
جهمٽمل: ڇا چيئه؟ توکي ويهه هزار ڪونه کپن؟ (غصي ۾) تون
ڪير ٿيندو آهين اِنڪار ڪرڻ وارو؟ مان تنهنجو پيءُ
آهيان. مونکي توتي اَڌڪار آهي.
موهن: مونکي هن دنيا ۾ آڻي، پاڙهي ڳاڙهي وڏو ڪيؤ، اِن لاءِ
مهرباني. اَوهان جي پيار ۽ مهربانين جو بدلو چڪائڻ
جي سمرٿي مون ۾ ڪونه آهي. پر مونکي هيئن ويهن
هزارن ۾ وڪڻڻ جو اَوهان کي ڪوبه اَڌڪار ڪونه آهي.
جهمٽمل: مان توکي وڪڻي ڪونه رهيو آهيان موهن. مان توکي
شادي ڪرائڻ ٿو چاهيان ۽ ويهه هزار ته ڏيتي ليتيءَ
۾ گهري رهيو آهيان.
موهن: بابا، جي شادي ڪرڻ جي معنيٰ هن ريت پئسن تي وڪامڻ آهي ته
مان شادي ڪونه ڪندس. مان ڪو موري گجر ڪونه آهيان،
جنهن کي وچ بزار ۾ بيهي وڪڻندا! مون تي دام
لڳائيندا! سؤدي بازي ڪندا! مونکي ويهن هزارن جي
لالچ تي هن ريت ذليل ڪندا! جي شادي اِئين ٿيندي
آهي ته مونکي شادي ڪرڻي ئي ڪونهي.
واڌومل: (خوشيءَ وچان) شاباس پٽ شاباس.
جهمٽمل: ڇا ٿوچوين؟ شادي ڪونه ڪندين؟
موهن: شادي ڪندس مگر هيئن وڪبس ڪونه. منهنجو آخرين فيصلو ٻڌي
ڇڏيو بابا. مان هر طرح اوهان جو فرمانبردار پٽ ٿي
اوهان جي آگيا مڃڻ لاءِ تيار آهيان. مان شادي ڪندس
پر پائي به ڏيتي ليتي ڪونه وٺندس. منهنجو هيءُ چوڻ
پٿر تي ليڪو ڪري سمجهجو. (غصي مان هليو وڃي)
(واڌومل خوشيءَ وچان ڏانهس نهاريندو ٿو رهي. جهمٽمل عجب
۽ غصي ۾ هٿ ٿو مهٽي)
ڦندڻ مل: اَڄ مونکي خبر پيئي آهي ته اَسان جي سنڌي نوجوانن
۾غـيرت اَڃا باقي آهي.... منشي ڦندڻ مل ڪوڙ ٻولي
نرڪ ۾ وڃي.... ها....
(پڙدوڪري ٿو) |