سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو :1

سنڌي ايڪانڪي

سمپادڪ: جيوگرسهاڻي، هيمراج ناگواڻي ۽ پريم پرڪاش

مهاڳ

سنڌي سڀينا ۽ ٻولي گهڻو آڳاٽي هوندي به، سنڌي ناٽڪ جو اِتهاس گهڻو پراڻو ڪونه آهي. انگريزي تعليم ۽ اولهه جي سڀيتا جي اَثر هيٺ، اڻويهين صديءَ دوران، ڀارتي ٻولين ۾ جديد ناٽڪ جو جنم ٿيو ته ان وقت سنڌي ٻولي، ٻين ڀينرن کان پٺتي ڪونه پيئي ۽ سال 1880ع ۾، نامڪٺئي ساهتڪار مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ،  ليليٰ مجنون نالي وارو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ناٽڪ لکيو. اُن وقت سنڌ ۾ اَڃا تائين ڪا به ناٽڪ منڊلي وجود ۾ ڪونه آئي هئي ۽ هي ناٽڪ اِسٽيج تي ڪونه اَچي سگهيو. پهرين ناٽڪ منڊلي_ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايمچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي، سال 1894ع ۾ ڪراچيءَ ۾ برپا ٿي. اَن جيڪو پهريون ناٽڪ پيش ڪيو سو هئو ماستر ڄيٺانند کلڻداس جو جوڙيل ڌرمي ناٽڪ نل دمينتي.

جديد سنڌي ناٽڪ جي عمر هڪ سؤ ورهيه آهي، مگر اُڻ کان اَڳ به عام لوڪن لاءِ ڪي وندر ورونهن جا وسيلا موجود هئا، جهڙوڪ ڳالهير، منگتا مڱڻهار، ڀٽ ۽ چارڻ. ڳالهير، ڳالهه کڻندو هئو ۽ منگتا مــڱڻهار ڳالهه ڳائي ٻڌائيندا هئا. اُن کان پوءِ ميدان ۾ آيا ناچو ۽ ڀڳت جن ڳالهه کڻڻ ۽ ڳائڻ واريون طرزون گڏوگڏ ڪم آنديون ۽ پنهنجي ڪارروائيءَ ۾ ناچ به جوڙي ڇڏيائون. هنن سڀني جي ڪارروائيءَ ۾ ناٽڪ جو ڪجهه نه ڪجهه جزو هئو؛ اَلبت، هنن جو زور ڳالهه ’ٻڌائڻ‘ تي هئو، انکي ناٽڪي روپ ۾ پيش ڪرڻ تي نه.

وڏي ناٽڪ جو جنم ٿيو ته ان جي لازمي حصي طور ننڍي ناٽڪ جو جنم به ٿيو. ٻين هنڌ، عام طور، وڏو ناٽڪ شروع ڪرڻ کان اڳ ڪو ننڍو کلائيندڙ چهچٽو ڪري ڏيکاريو ويندو هئو، پر سنڌي ناٽڪ جي حالت ۾ اِئين ٿيو جو وڏو ناٽڪ پورو ڪرڻ کانپوءِ اهڙي چهچٽي يا نقل سان ڀوڳ پائيندا هئا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ ان جو اهو ڪارڻ ڄاڻايو آهي ته اَوائلي وڏا ناٽڪ گهڻو ڪري دکدائڪ هوندا هئا، جي ڏسندي اُن زماني جا روماني طبيعت وارا ناظرين اَڪثر ڳوڙها ڳاڙڻ کان به ڪين رهي سگهندا هئا، تنهنڪري مٿان ٿيندو هئو مذاقي نقل، ته آنسون اُگهي کل ۾ کيرا ٿيندا گهر موٽن. اهڙن چهچٽن ۽ نقلن اَڳتي هلي ننڍي، هڪ فصلي يا ايڪانڪي ناٽڪ جو روپ ورتو. اهڙا مذاقي نقل به اَوائل ۾ مرزا قليچ بيگ لکيا، جن مان پهريون هئو لوڀي ۽ ٺوڳي جيڪو 1894ع ۾ لکيو ويو. مرزا صاحب جا ٻيا ننڍا ناٽڪ جيڪي مشهور ٿيا سي هئا انڪوائري آفيسر (گوگول جي روسي ناٽڪ جو سنڌي اُلٿو) رسائيءَ جو رنگ يا گشت ڪين ڪشٽ، نيم طبيب خطره جان نيم ملان خطره ايمان، شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو، حرڪت مان برڪت ۽ پرهيز جي ٽولي. ديوان ڪوڙيمل سنگ جو پرسنگ نالي ننڍو ناٽڪ لکيو. ديوان ليلارام سنگ شاه عادل خان ۽ لوڀي لاکيڻا نالي سان ننڍا ناٽڪ لکيا، جن مان پوئين ۾ وڪالت جي ڌنڌي ۽ لوڀين ۽ ٺوڳين تي ٺٺولي ڪيل هئي. لالچند امرڏنيمل به چڱا ئي ننڍا ناٽڪ لکيا، جهڙوڪ سيڻ ڪين ويڻ، نقد ڌرم، ڀارت ڄاوا جاڳ، سوديشي، عملدار ڪين رعيت آزار وغيره. ڀيرومل مهرچند بزازين جو ناٽڪ ۽ پنگتي مقدمو لکيا. اَڳتي هلي ڪوي ڪشنچند ’بيوس‘، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڄيٺانند ناگراڻي ۽ ٻين هن ميدان ۾ واهه جو وارو وڄايو.

توڙي جو اَوائلي ننڍا ناٽڪ ڏسندڙن کي کلائڻ جي مراد سان لکيا ويا ته به اُهي سماجڪ مقصد کان وانجهيل ڪونه هئا. دراصل اِنهن ناٽڪن ذريعي ڪيترين پنگتي اوڻاين جهڙوڪ ڏيتي ليتي، شرابخوري، عملداري آزار، زمينداري ظلم وغيره جي اوگهڙ ڪئي ويئي. اِئين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي ننڍو ناٽڪ شروعات کان ئي سنڌي جيوت سان جڙيل رهيو آهي. جيئن ئي ملڪ ۾ آزاديءَ جي هلچل زور ورتو تيئن ناٽڪ به اُن جي اثر هيٺ آيو ۽ اَهڙيءَ ريت ننڍا ناٽڪ پنگتي ۽ سياسي سجاڳيءَ جو واهڻ بڻيا ۽ انهن جو پنهنجو اَلڳ وجود بڻيو. هونئن جو ننڍا ناٽڪ، وڏن ناٽڪن سان گڏ روُنگ طور ڏيکاريا ويندا هئا، سي هاڻي پنهنجي ليکي اَلڳ کيڏجڻ لڳا. اڳ ۾ ڄاڻايل صاحبن کانسواءِ ڪي ٻيا ذڪر جوڳا ليکڪ هئا_ موٽومل گدواني، نانڪرام ڌرمداس، ڄيٺمل پرسرام، خانچند درياڻي ۽ عثمان ڏيپلائي.

ٻين ڀارتي ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ جي وڏن توڙي ننڍن ناٽڪن ۾ شعر ۽ گانا جهجهي تعداد ۾ هوندا هئا ۽ سچ پچ ته سموري گفتگو ۾ شاعراڻي لهر ۽ تڪبندي هوندي هئي. سندر ساهتيه طرفان 1931ع ۾ ڇپايل (سرڳواسي) ڪشنچند ’بيوس‘ جي ننڍن ناٽڪن جي مجموعي انڊلٺ جي مهاڳ ۾ (سرڳواسي) ميلارام واسواڻي لکيو آهي، ”ناٽڪ نويس شاعر هئڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ شاعراڻه طبيعت جو هجي.“ ناٽڪ ۾ شعر ۽ راڳ ڪهڙي سبب ضروري آهي، اُنَ سلسلي ۾ لکيو اٿس، ”ناٽڪ جي زباني ۾ شعر جو حقيقتاً واسطو ڪونهي، پر رٿا ۾ ڪي اَهڙا واقعا اچن ٿا، خاص طرح درد ۽ سوز جا؛ جن جي پوري اِظهار لاءِ نثر قاصر آهي. اُتي شعر کان ڪم وٺڻ گهرجي. شعر جي ضرورت اِن ڪري به آهي جو ويس ڌارين ۾ واقع جا اصلي جذبات اچڻ ناممڪن نه، ته به بلڪل ڪٺن آهي...... ساڳيءَ ريت ڪن موقعن تي راڳ جي آلاپ جي ضرورت ٿئي ٿي، پر شعر ۽ راڳ ٿورا هجن ۽ نهايت مناسب موقعن تي.“ اڄ ناٽڪ ۾ راڳ جو هجڻ جيتوڻيڪ عيب ڪونه ٿو ڳڻيو وڃي ته به گهڻو تڻو، راڳ کان ڪنارو ڪيو وڃي ٿو. اتي اهو ڄاڻائڻ مناسب ٿيندو ته ديس جي آزاديءَ کان اڳ ۾ ئي ڪي اهڙا سڄاڻ ناٽڪ نويس ميدان ۾ اچي چڪا هئا، جن جا ناٽڪ راڳن ۽ تڪبنديءَ کان آجا هئا.

ديس جي آزاديءَ پڄاڻا، سنڌي هندو پنهنجي ڀونءَ کان ڇڄي، ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. هو اڃا ورهاڱي جو ڌڪ سهسائي ئي ڪونه سگهيا هئا، جو کين پنهنجي ادبي ۽ تهذيبي ورثي کي بچائڻ ۽ پنهنجي مٺڙي ٻولي دائم قائم رکڻ جي چورا کورا ورائي ويئي، جنهن جي هڪ عملي روپ طور ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل جو جنم ٿيو. شروعات ڪوي ڪشنچند ’بيوس‘ جي پوڙهي جو پرڻو ۽ ڄيٺانند ناگراڻيءَ جي گامٽو ڊاڪٽر سان ٿي. سندن انهيءَ تاريخي اهميت کي نظر ۾رکندي ۽ آزاديءَ کان اڳ وارن مشهور ۽ مقبول ننڍن ناٽڪن جي عيوضي مثالن طور، انهن ٻنهي ناٽڪن کي هن مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن کان سواءِ جيڪو ٽيون ناٽڪ، انهن ڏينهن ۾ گهڻو مقبول ٿيو سو هئو پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جو ٽي پارٽي.

ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات، جيون گرسهاڻيءَ ڪئي. سندس پهريون ناٽڪ ڏيتي ليتي 1950ع ۾ لکيو ۽ منچ تي آندو ويو. انهيءَ وشيه کان سواءِ جن ٻين وشين تي هن ناٽڪ لکيا آهن، سي آهن_ سنڌ جي ساروڻي، مٽي مائٽي سانگي ڇوڪري/ ڇوڪريءَ جي ڳولها ۽، ڪوڙو اَڊمبر. سچ ته اهي چارئي موضوع اسان جي مڙني ناٽڪ نويسن ۾ ڪافي پيارا رهيا آهن جن تي داس طالب، گوبند مالهي، سندري اُتمچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، واسديو نرمل، سندر اَگناڻي ۽ ڪيترن ٻين قلم آزمائي ڪئي آهي. منجهانئن گوبند مالهيءَ گهڻي ۾ گهڻا ننڍا ناٽڪ لکيا آهن ۽ سنڌي ناٽڪ هلچل کي وڏي هٿي ڏني آهي.

سال 1951ع ۾، آزاد ڀارت جي پهرين عام چونڊ جي هل هلاچي کانپوءِ، اي.بي.سڳئمل، سياسي طنز ڀريو پهريون ننڍو ناٽڪ لکيو. اُهو هوند هن مجموعي ۾ شامل ڪجي ها، پر ڪن ڳالهين کي مدِنظر رکي اُن جو نالو به نٿو ڏنو وڃي. ان ساڳئي ڍنگ تي ويجهڙائيءَ ۾ ايم. ڪمل هڪڙو ناٽڪ جوڙيو آهي، جنهن جو نالو آهي منسپل ڪائونسلر. انهن ٻن جي وچ ۾ آيو موهن ڪلپنا جو ناٽڪ آڏي روشني.

پنهنجي وطن جي لوڪ ڪهاڻين کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ پروفيسر رام پنجواڻي اُنهن کي ناٽڪي رنگ ۾ پيش ڪيو. اُهي ناٽڪ سال 1952ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا ۽ تازو وري ڇپايا ويا آهن. هو صاحب لوڪ ڪهاڻيون ڪتب آڻڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي ڪاليج ۾ ئي شروعات ڪري چڪو هو.

سال 1962ع ۾ چين اَسان جي ملڪ تي حملو ڪيو، تڏهين هريڪانت پنهنجو پهريون ۽ ديش ڀڳتيءَ جي ڀاونا سان ڀريل پهريون سنڌي ناٽڪ لکيو_ آخر جيت اَسانجي! اُن ساڳيءَ واردات کان متاثر ٿي گوبند مالهيءَ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون تمثيلي ناٽڪ لکيو_ تنهنجو سو منهنجو ديش ڀڳتيءَ جي ڀاونا سان ڀرپور، ويجهي اِتهاس جي هڪ ورق کي کڻي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ لکيو آهي_ سوريءَ سڏ ڪيو جنهن ۾ اَمر شهيد هيمون ڪالاڻي جي مختصر جيوت جو آخرين باب چٽيل آهي.

شاديءَ کان اَڳ جنسي تعلقات، گرهت جيون ۾ جنسياتي اڻبڻت ۽ اهڙن ٻين جنسي مسئلن تي فقط پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ئي ناٽڪ لکيا آهن جن کي هو صاحب پاڻ ’اُگرا ناٽڪ‘ سڏيندو هئو. ڪن سڄڻن اُنهن تي فحش هئڻ جو اِلزام پڻ لڳايو هو. سچ پچ ته اُهي ناٽڪ نه اَگرا آهن ۽ نه فحش. ملڪاڻي صاحب انهن مسئلن جي نهايت همدردي ۽ نفاست سان ڇنڊڇاڻ ڪندي، پنهنجي ڪردارن جي اندر ۾ جهاتي پائڻ ۽ سندن من جو منجهيل سٽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ننڍي ناٽڪ جي سرمور شخصيت آهي. هن گوگاگون وشين تي ناٽڪ رچيا ۽ اڄ ڏينهن تائين جيترا به سندن لکيل ۽ ڇپيل ناٽڪ آهن اوترا ٻئي ڪنهن ليکڪ جا ڪونه آهن. آزاديءَ کان اڳ سندن ناٽڪن جا ٻه مجموعا ڇپجي چڪا هئا_ پنج ننڍا ناٽڪ ۽ پنگتي پردا. هتي ڀارت ۾ به سندن ناٽڪن جا مجموعا هڪ ٻئي پٺيان ظاهر ٿيندا رهيا، جيئن ته_ جيون چهچٽا، پاپ ڪين پڃ، کڙکٻيتا پيا ٽمڪن، آخرين ڀيٽ ۽ سمنڊ جي گجڪار. اهو به سچ آهي ته پنهنجي زماني ۾ هن صاحب سنڌي ننڍي توڙي وڏي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو.

گوبند مالهيءَ جو نمي خون جي واردات سان واسطو رکندڙ پهريون جاسوسي ناٽڪ آهي. اُنهيءَ ڏانءَ جو هڪڙوئي ٻيو ناٽڪ آهي رام گيانچنداڻي جو اُلجهن، جنهن ڪامورا شاهي جي اوگهڙ ڪندڙ ناٽڪ پڻ لکيو آهي. اَلبت ڪامورا شاهي سان گڏ ٻين پنگتي اوڻاين کي به وائکو ڪندڙ فائيل گم، ليٽر لڀيئي نٿو. رام. جي. هڱوراني جو لکيل آهي.

سس ننهن جي ڪوڙي_ مٺي رشتي کي موضوع بڻائي لکيل آهي، سندري اُتمچنداڻيءَ جو ساهيڙي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جو ٿڌي جنگ.

اِئين ته گهڻا تڻا ناٽڪ مذاقي ڍنگ جا آهن ته به خالص مذاقي ناٽڪ کيتر جو شهسوار آهي. ڄيٺانند ناگراڻي جنهن ڀارت ۾ به پنهنجي ’گامٽو‘ سلسلي کي جاري رکندي، گامٽو اسٽوڊنٽ ۽ گامٽو گهوٽ لکيا. اُنهن ئي ڏينهن ۾ راجن چاولا جو ڊاڪٽر ڏوڪلاڻي پڻ چڱو مشهور ٿيو هئو. اُنهيءَ کيتر ۾ واسديو نرمل به واهه جو وارو وڄايو آهي جنهن جون وڏي ناٽڪ کيتر ۾ ڪيل سيوائون گهڻي ساراهه لائق آهن.

اِسٽيج لاءِ لکيل ناٽڪ ٿوري ڦيرگهير سان يا جيئن جو تيئن، ريڊيو لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن، پر خاص ريڊيو ناٽڪ لکڻ ۾ گوورڌن ڀارتي ٻين کان اَڳرو آهي. هن نه رڳو مذاقي بلڪ پنگتي ۽ تاريخي ناٽڪ پڻ لکيا آهن ۽ ڪن لوڪ ڪهاڻين کي پڻ ناٽڪي روپ ڏنو اٿس.

هي سمورو اَحوال ڏيڻ جي مراد آهي اهو ڏيکارڻ ته آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ ننڍي ناٽڪ جي گهيري ۾ اَلڳ اَلڳ موضوعن کي کڻي ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ويون آهن. هي سڀ ناٽڪ هڪ ئي دور جا آهن ۽ لٿي پٿي هڪ ئي ڏانءَ جا، توڙي جو منجهانئن ڪيترن ۾ ڪيقدر نواڻ آڻڻ جو جتن به ٿيل آهي. هنن ناٽڪن جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته منجهن سنڌي جيوت ۽ اُن ۾ ايندڙ ڦيري جي تصوير ڏسجي ٿي. داس طالب جا ناٽڪ هجن، گوبند مالهيءَ، سندري اُتمچنداڻي يا ٻئي ڪنهن جا، اُنهن ۾ وچولي طبقي واري سفيدپوش سنڌي ڪٽنب جي دک سک، ڳڻتي ڳاراڻي ۽ جدوجهد جي تصوير جهلڪندي نظر اچي ٿي. گهڻو تڻو، ناٽڪ جو اَسٿان هوندو هڪ ڪمري وارو گهر_ ٻه کٽون، نوڙيءَ تي ڪپڙا، ڪنڊ ۾ رنڌڻو. اَڄ جڏهن ’ڊرائنگ روم‘ سيٽ جو رواج به پراڻو ٿي ويو آهي، تڏهن اِسٽيج تي ان نموني جو درشيه پيش ڪرڻ کي، شايد، ’نواڻ‘ ۽ ’تجربي‘ جو وڏو نالو به ڏيئي سگهجي پر، اُن وقت اِها حقيقي زندگي جي صحيح تصوير هئي. اُنهن ناٽڪن ۾ نظر اَچي ٿو ته ڪيئن سفيدپوش سنڌي، ڪلارڪي ۽ ٿڌي ڇانوَ واري نوڪري جي تنوار ڇڏي، ڪنهن به قسم جي ڌنڌي ۽ هٿ جي پورهئي ڏانهن مائل ٿيو ۽ مڙس ٿي زندگيءَ ۾ آيل آرٿڪ گهوٽالي کي منهن ڏنائين.

ڏيتي ليتي جي مسئلي کي کڻي جيڪي ناٽڪ هتي ڀارت ۾ لکيا ويا آهن تن ۾”هاءِ هاءِ ڏيتي ليتي، تنهنجي ٿئي شل ستيا ناس“ وارو هائيدوس ڪونه آهي، پر اُن کي، اَلڳ اَلڳ ڪنڊن کان ڏٺو ۽ پيش ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن جيون گرسهاڻي ڇوڪري جي غيرت کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته داس طالب، ڇوڪريءَکي گهر کان ٻاهر نڪري، پنهنجي پير تي بيهڻ ۽ بردبار بڻجڻ جي صلاح ٿو ڏئي ۽ گوبند مالهي، ڇوڪريءَ کي ايترو خوددار ٿو بڻائي جو ڪنواريتا ڏيتي ليتي ڏيڻ بجاءِ، گهرڻ جي حد کي ٿا پهچن.

ڪو وقت هئو جو ڪليم (Claim) اَسانجي زندگيءَ جو اَهم حصو بڻجي ويا هئا. انهن بابت ڪهاڻيون به لکيون ويون ته ڪوتائون به. اُن وشيه تي لکيل ناٽڪ ڏينهن جا سپنا ۾ هريڪانت، سنساري جهنجهٽن کان ڀڄي ويل شخص جي ڪوڙي سنياس جي قلعي کولي آهي ۽ اِئين ڪندي موجوده زندگيءَ جي ذلالت تي ڀرپور طنز ڪئي آهي. هوڏانهن پروفيسر رام پنجواڻيءَ فريبي، پاکندي رت چوسيندڙ ڄؤر جهڙي سماج شيوڪ جي هڪ خوددار ڇوڪريءَ هٿان نهايت نزاڪتدار بيرحميءَ سان کل لهرائي آهي.

اِنهن ئي ناٽڪن مان اِها حقيقت به ظاهر ٿئي ٿي ته ناري هاڻي اَٻلا ڪانه رهي آهي ۽ اُها ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌي سماج جي اها گونگي گانءِ هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي.

”ناٽڪ زندگيءَ جي درسني آهي“ اُصول مطابق، هي ناٽڪ بلڪل کرا آهن. جيڪڏهين انهن ناٽڪن، ڏسندڙن لاءِ وندر ورونهن ميسر ڪرڻ کي اڳرائي ڏني ته ان جو سڌو سنواٽو ڪارڻ آهي ڏسندڙن سان ويجهو ۽ گهاٽو سنٻنڌ قائم رکڻ جي خواهش. اهي مڙيئي ناٽڪ لکڻ، پيش ڪرڻ ۽ خود سموري ناٽڪ هلچل پٺيان هڪڙو ئي وسيع ۽ همه گير مقصد ڪارفرما رهيو آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت قائم دائم رکڻ. اهو مقصد برثواب آڻڻ لاءِ لازمي هئو، آهي ۽ رهندو ته سنڌي ناٽڪ ڏسندڙن جي ويجهو هجي. اتي اهو ارمان ظاهر ڪرڻ لاءِ نه رهي سگهبو ته پنهنجي اصلي ڀونءِ کان ڇڳل ۽ نئين ڀونءِ کي پنهنجو نه بڻائي سگهڻ واري سنڌي ڪردار جي پيڙا ۽ ويدنا، هن جي دماغي اُلجهن ۽ ڪشمڪش کي کڻي ڪوبه ناٽڪ ڪونه لکيو ويو آهي. اهو هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن کي کڻي هوند ڪو شاهڪار ناٽڪ رچي سگهجي.

سنڌي ۽ سنڌيت کي قائم دائم رکڻ جي نعرن، اٺسٺن، ارمانن ۽ اٻلاکائن باوجود، وقت جي وير سنڌي سماج جي صورت بدلائي ڇڏي آهي. اسان مان ڪي آهن جي سنڌي ڳالهائڻ کان ونءُ پيا وڃن ۽ ٻارن جو اهو حال آهي جو سنڌي لکڻ پڙهڻ ته پري رهيو، ڪيترا سنڌي ڳالهائي به ڪونه ٿا سگهن. ڪيترن ناٽڪن ۾ انهيءَ صورتحال ڏانهن اِشارو ڪيو ويو آهي پر، انهيءَ کي موضوع بڻائي هڪڙو ئي ننڍو ناٽڪ لکيو ويو آهي_ ڪيرت ٻاٻاڻي جو حيف تنين کي هوءِ! عجب جو اهو ناٽڪ اڃا تائين منچ تي نه اچي سگهيو آهي.

جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي، ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ هلچل جي شروعات ننڍن ناٽڪن سان ٿي. اٽڪل 15 ورهيه ننڍي ناٽڪ جو بول بالا رهيو. اُن کان پوءِ جيئن وڏو ناٽڪ وک کڻندو ويو، تيئن ننڍو ناٽڪ پٺتي پوندو ويو. هتي ان دلچسپ حقيقت جو ذڪر ڪجي ته وڏو ناٽڪ، گهڻو تڻو، ترجمي تي ڀاڙيندو رهيو آهي مگر، ننڍو ناٽڪ وڏيءَ حد تائين اصلوڪو رهيو آهي. ننڍا ناٽڪ ترجمو ڪرڻ جو رواج ويجهڙائي ۾ شروع ٿيو آهي.

لڳ ڀڳ چوهٺ پنجهٺ کان شروع ٿيل ايڪانڪي ناٽڪ جي ’شانت‘ دور ۾ ڦيرو آندو اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا طرفان سال 1973ع کان شروع ڪيل ايڪانڪي چٽاڀيٽين. اُن وقت وڏو ناٽڪ اَڃا دهلي ۽ بمبئي تائين محدود هئو، مگر هنن چٽاڀيٽين ۾ ٻين شهرن جي ٽولين به ڀاڳ ورتو آهي. هيستائين ٿيل پنجن چٽاڀيٽين ۾ چاليهن کان به وڌيڪ ناٽڪ پيش ٿيا آهن. اُهي هر وڙ جا هئا ۽ اهو سچ آهي ته انهن مان ڏهاڪو کن کي ڇڏي، باقي چٽاڀيٽيءَ جو عدد پورو ڪري سگهڻ ۾ ڪتب آيا. تمام ٿورن ناٽڪن ۾، لکڻ کان پيشڪش تائين، نئين يا گنڀير ناٽڪ طرف لاڙو، اِشارو يا ڪوشش ورتل هئي،. ان هوندي به، هنن چٽاڀيٽين اَهڙن ناٽڪن جي لکجڻ ۽ منچ تي اچڻ لاءِ گهربل بنيادي ماحول ضرور پيدا ڪيو. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ساهت ۾ نيون ڌارائون پرويش ڪنديون رهيون هيون، ساهت جومزاج، موضوع ۽ طور طريقو لڳاتار بدلجندو رهيو هئو. هنن چٽاڀيٽين سنڌيءَ ۾ باقاعدي رنگ منچ جي ضرورت به شدت سان محسوس ڪرائي. چٽاڀيٽيءَ لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو، اَلڳ اَلڳ شهرن ۾ هڪ يا ٻه ايڪانڪي تيار ڪرڻ کي ناڪافي ڄاتو ويو. تڏهن چند دوستن سان گڏجي پريم پرڪاش، نومبر 1974ع ۾، احمدآباد ۾ سنڌي ڊراما ورڪشاپ کوليو. مقصد هئو ’نوان‘ ۽ اصلوڪا ناٽڪ لکڻ ۽ منچ تي آڻڻ.

ڪجهه نئون خلقڻ جي تمنا رکندڙ ساٿين جڏهن پنهنجي چوطرف نظر ورائي ته هنن اِئين محسوس ڪيو ته سنڌي رنگ منچ سنسار قريب قريب نه آهي ۽ جيڪو آهي اُن جو زور منورنجن ۽ هلڪي قسم جي مذاق تي آهي؛ ۽، جڏهن پنهنجو پاڻ ڏانهن نهاريائون ته ڏٺائون ته هنن سڀني جا هٿ خالي هئا_ نه اصلوڪا نوان ناٽڪ، نه سکيا ورتل يا آزمودگار اَداڪار، نه درشڪ ۽ نه ئي ماحول. تڏهن سنڌي ڊراما ورڪشاپ، اَحمدآباد جي هر آرتوار تي ٿيندڙ بئٺڪن ۾ ايڪانڪي لکڻ، اِمپرووائيزيشن ڪندي اَداڪاري به سکڻ ته وشيه کي به جوڙڻ ۽ صحيح نموني جا درشڪ بڻجي لطف وٺڻ وارو عمل جاري رکيو ويو، تانجو، 2 اَپريل 1975ع جي شام هڪڙي اِسڪول جي ڪلاس روم ۾، ورڪشاپ ۾ جنمايل پنج ايڪانڪي/ اِمپرووائيزيشن پيش ڪيا ويا. منچ لاءِ هڪ ٽڪر ڇڏي ڏنل_ نه ڪو سامان نه سجاوٽ، نه لائوڊ اِسپيڪر، سادي روشني، اَداڪار درشڪن ۾ جذب؛ اُتان اُٿي سامهون اَچن، ناٽڪ ڪري وري درشڪن ۾ هليا وڃن. بنا ميڪ_ اَپ. سامان ۽ شين لاءِ وٽن فقط جسماني اِشارا. اها هڪ ماحول جي شروعات هئي، جنهن ۾ سڀني پاڻ کي تازه تازه محسوس ڪيو. اَهڙين هر ٻئين مهيني ٿيندڙ ڪوششن جي نتيجي طور، ٻن ٽن ورهين ۾ اَٽڪل ٽيهه کن اَصلوڪا خواهه ترجمو ڪيل  ايڪانڪي جوڙيا ويا، جن ۾ اصلوڪن جو تعداد وڌيڪ هئو. ڪيترا نوان ناٽڪڪار اُڀريا ۽ ڪي ٻين شاخن جا ليکڪ ناٽڪ طرف ڇڪجي آيا. بمبئي ۾ برجموهن ’رائيٽرس ٿيئيٽر‘ ۽ اُلهاسنگر ۾ ايم ڪمل ’ڊراما ورڪشاپ‘ شروع ڪيو، جتي پڻ اِن ڏس ۾ ڪوششون ٿينديون رهيون. هيستائين نون ناٽڪن جا اَڌ ڊزن کن مجموعا شايع ٿي چڪا آهن.

بدلجندڙ ماحول ۽ ذهنيت مان پيدا ٿيل تازن ۽ نون ملهن کي نون ناٽڪڪارن پنهنجي سوجهه بوجهه، گنڀير اَڀياسء  تکي تز اَنڀوءَ سان، نئين ايڪانڪي ۾ لکڻ جي سطح تي، تازه ۽ تز ٻولي، لهجي، رٿا ۽ اوسر، درشٽي؟ ڪرڻ، نظريي وغيره جزن ذريعي چٽيو آهي. نئين چيتنا سان گڏ ناٽيه_ سجاڳي به موجود آهي، جنهن ڪلاتمڪ ملهن ۽ نظريي کي پوري شدت سان اِظهار ڏنو آهي. اَهڙن ايڪانڪي ناٽڪن کي نئون، صحيح يا گنڀير ايڪانڪي ۽ سنڌي رنگ منچ ۾ آيل سمانتر ڌارا سڏيو وڃي ٿو. جيڪي هٿ ان ماحول کي پوريءَ طرح سرگرم رکڻ لاءِ پرزور جنبش ۾ آهن تن ۾، اَڳ ذڪر ڪيل ساٿين کانسواءِ ڪي آهن: شيام جئسنگهاڻي، وشنو ڀاٽيه، سندر آگناڻي، واسديو موهي، لڇمڻ ڪومل، هريڪانت، ڪرشن کٽواڻي ۽ ٻيا، جيئن ته منجهانئن ڪيترا اَڳميئي ٻين وڌائن ۾ سرگرم رهيا آهن، ان ڪري سندن ناٽڪن تي ساهتيڪتا جو رنگ ڪجهه گهرو آهي. ناٽڪ جو ساهتيڪ هجڻ، اُن کي پڙهڻ جي خيال کان ڀلي سهڻو بڻائي، پر اَهڙي ناٽڪ جو منچي ڪرڻ ڏکيو ۽ اَوهنواري ٿئي ٿو. ڪيترا نوان ناٽڪ اِجهو انهيءَ ڪري منچ تي آڻڻ لاءِ ڏکيا ثابت ٿيا آهن. اَلبت اهي ڌيري ڌيري ساهتيڪتا ڇڏي، منچ جا ٿي رهيا آهن. سڳائي وقت اهو به محسوس ڪيو ويو آهي ته جاتيءَ جو ڀرپور منچ، جاتيءَ جي پرمپرا ۽ لوڪ عناصرن تي ئي جڙي سگهندو. ان ڪري سنڌي رنگ منچ اَهڙن ڄاتل سڃاتل عناصرن جهڙوڪ لوڪ سنگيت، ڏندڪٿا، لوڪ ڪهاڻي ۽ تاريخي چاهي ڌارمڪ ۽ پؤراڻڪ گهٽنائن ۽ ڪردارن کي نون سندرڀن ۾ کڻي رهيو آهي.

شڪ ناهي ته نوان ايڪانڪي عام درشڪن ۾ اَڃا لوڪ پريه نه ٿي سگهيا آهن، پر سوجهه ٻوجهه وارن درشڪن انهن جو اُتساهه سان سواگت ڪيو آهي. درشڪن جي وڏي تعداد تائين پهچڻ ۾ اوس وقت لڳندو. جتي منچ سان  واسطو رکندڙ ڪنهن به شخص لاءِ ٽڪنيڪي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سکيا ڪيندڙ ڪونه آهن؛ سنسٿا وٽ پنهنجا منچ ڪونه آهن؛ ناٽڪڪارن کي ناٽڪ لکي، منچ تي آڻي، سڌاري وري پيش ڪرڻ ۽ سنواري سڌاري مڪمل ڪرڻ جا وسيلا ڪونه آهن؛ درشڪن کي لڳاتار نوان يا خود روايتي ناٽڪ ڏيکاري سگهڻ لاءِ هال ڪونه آهن ۽ سڀ کان مکيه_ مالي امداد ڪونه آهي، اُتي چند سالن جي ننڍي عرصي ۾ نئين ايڪانڪي وشيه جي نواڻ، تڪنيڪ جي ٿلهي ليکي ڄاڻ، لکڻ جي پختگي، سلجهيل هدايتڪاري، اداڪاريءَ جي ٻوجهه، پڪڙ ۽ انڀؤ؛ نون ۽ تازن ڪوڻن جي تلاش، پيشڪش جي تازگي، سهج ناٽڪي آنند وغيره نقطن سان هڪ مخصوص ماحول وچ ۾، ڪنهن حد تائين، پاڻ لاءِ زمين ڳولي ۽ ٺاهي ورتي آهي. نئون سنڌي ايڪانڪي بالغ بڻجي اُن ۾، شايد، اڃا دير آهي، پر هينئر ئي ان جي چهري تي معصوميت گهٽ ۽ گنڀيرتا وڌيڪ آهي.

اها سچ پچ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته گذريل ڪجهه ورهين کان ننڍي ناٽڪ جي کيتر ۾ نئون خون ڇڪجي آيو آهي ۽ نئين توڙي تجرباتي ناٽڪ جو دور شروع ٿيو آهي. البت، نئين ناٽڪ جون پنهنجون محدودگيون آهن_ مثال طور اهو هڪ مخصوص ٿورائيءَ تائين ئي پهچي سگهي ٿو، ڪنهن ڀرپور ناٽڪ روايت جي ارڏي شاخ طور تجرباتي ناٽڪ جي زندهه رهڻ، ڦلڻ ڦولڻ ۽ خود اُن روايت تي اثرانداز ٿيڻ جا گهڻا اِمڪان ٿين ٿا. اسان وٽ ته هڪ مختصر روايت آهي ۽ خود ان جوآئيندو اڻچٽو آهي. ممڪن آهي ته سنڌي نئون ناٽڪ اُن آئيندي کي وڌيڪ روشن بڻائي. شايد اِئين ڪري سگهڻ جي عمل دوران، ڏسندڙن جي وڌيڪ ويجهو اچڻ جي لازمي ڪوشش ۾ نئين ۽ خود سنڌي ناٽڪ جو ڪو ويتر نئون روپ اُڀري اچي. اهڙي تبديلي سنڌي ناٽڪ جي صحت ۽ سگهه جي نشاني ٿيندي. آمين!

 

                                جيون گسهاڻي

                                هيمراج ناگواڻي

                                 پريم پرڪاش

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com