سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو :10

 

چهچٽو ٻيون

        (ساڳي ڪمري ۾ ساڳيو سامان پيو آهي. ڪاڪو ڪرپالداس صندل تي ويٺو آهي ۽ ڀرسان رميش ويٺو اَٿس، جنهن جي هٿ ۾ ٻالٻوڌ، سليٽ ۽ پينسل آهي. ڪاڪو ڪرپالداس زور سان رميش کي الف_ ب پڙهائي رهيو آهي جو پردو کڄي ٿو)

ڪرپالداس:    پٽ، هاڻي سڄو سبق پڙهي ٻڌاءِ.

رميش: الف_ انب، ب_ بلا، ب_ بڪري.......

ڪرپالداس:    اوهو! وري ساڳيو، ب_ بڪري.

        ب _ بڪري نه، ٻ _ ٻڪري، بابا، پٽ، ٻ_ ٻڪري.

رميش: گرانڊپا، مان ب _ بڪري ته چئي رهيو آهيان. ٻيو ڇا چوان؟

ڪرپالداس:    پٽ، تون جيڪي چئي رهيو آهين، سومان ڄاڻان ٿو. سنڌي سٻاجهيءَ جو گلو ڪپي رهيو آهين. پر اُن ۾ تنهنجو ڪهڙو ڏوه! ٻيڙي سائي ٿئين جو ڪوڙي گهمنڊ ڪري، هڪڙا آهن جو انگريزيءَ مٿان گهوريا پيا وڃن ۽ ٻيا وري سائينءَ جا پيارا، ديوناگريءَ جا دهل ڳچيءَ ۾ وجهي پيا نچن. ۽ وچ ۾ آهي، جو سنڌي ٻولي پيئي پيسجي. هاڻي تون مونکي، بابا يا نانا ڪري سڏ ۽ نه گرانڊپا.

رميش: چڱو، نانا! پ_ پلو، ڀ_ ڀولڙو. پر بابا پهريائين ايهو ته ٻڌايو ته پلو ڇا ٿيندو آهي.

ڪرپالداس:    پٽ، ڇا ٻڌايانءِ. ڪوٽڙيءَ جو پلو واريءَ تي سيڪيل کائين ها ته سنڌي ٻولي کي وسارڻ جو خيال ئي نه اَچيئي ها. پوءِ نه ٻڪريءَ کي بڪري چئين ها ۽ نه ڏاڏا کي ڊاڊا.

رميش: بابا، توهين ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هئا ڇا؟

ڪرپالداس:    نه پٽ، مان سونهاري سکر جو آهيان. سکر جو ساڌٻيلو ٻڌو اٿيئي؟ تو ڪٿي ساڌٻيلي جو نالو ٻڌو هوندو! تون ڄائين نپني بمبئي ۾..... ساڌٻيلو، درياءَ جي وچ ۾ هڪڙو ننڍو ٻيٽ، جتي مور ۽ مورڻيون پيئون نچنديون هيون.

رميش: بابا، مونکي هلي اُهي ڏيکاري اچو نه! اوهان جون ڳالهيون ته فيئري ٽيلس (Fairy Tales) کان به وڌيڪ ونڊرفل (Wonderful) آهن.

ڪرپالداس:    تون سنڌي سکندين ته پوءِ سڀني آستانن جون ڪهاڻيون پڙهي سگهندين

رميش: ته پوءِ مونکي جلدي سنڌي سيکاريو نه! ڀ_ ڀولڙو، ت_ تارو، ٺ_ ٺونٺ.......

        (ٽيڪم پنهنجي دوست سيتل سان اَندر اَچي ٿو)

ٽيڪم:        بابا، هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ملان جو مڪتب کوليو اَٿو ڇا؟

ڪرپالداس:    رميش، پنهنجن وڏن جي اَمانت مون کان صحيح سلامت واپس وٺي رهيو آهي. اُهو ورثو جنهن کان اوهين دست بردار ٿي رهيا آهيو.

سيتل: ڪاڪا، جڏهن ٻين سڀني چيزن تان دست بردار ٿي آياسون ته باقي ٻولي........

ڪرپالداس:    اَگر مال متاع ڇڏي آياسون ته قعل ۽ هنر سان وري به جهجهو ٺاهي سگهنداسون. پر جنهن چيز سان صدين کان آتما جو ڳنڍ آهي، تنهن کي ڇڏيندي به ڇڏي ڪونه سگهنداسون. تون خود مون سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهين.

سيتل: مان اَوهان سان ئي هنديءَ ۾ ڪونه ٿو ڳالهايان. هونءَ ته ڪنهن سان به سنڌيءَ ۾ ڪونه ڳالهائيندو آهيان.

ڪرپالداس:    چڱو ڪيئه، جومون سان هنديءَ ۾ نه ڳالهايئه. سنڌي ٿي، اگر نقل ڪرين ها ته مان توسان ڳالهائڻ ئي پسند ڪونه ڪريان ها.

سيتل: پر هندي ته اَسان جي راشٽرڀاشا آهي. اَسان کي وجهه مليو آهي ته تنگ نظر کي ٽوڙي وشال ڀارت ۾ سمائجي وڃون.

ڪرپالداس:    ته ڇا سنڌي اَسان جي ماتر ڀاشا نه آهي؟ راشٽر ڀاشا جي وڪاس لاءِ ڇا ماتر ڀاشا کي ٻليدان ڪرڻ ضروري آهي؟ ڪنهن اهڙي سمجهه ڏني آهي اَوهان کي؟ تون ته کاڌي پائيندڙ گانڌي ڀڳت آهين. گانڌي ته ضرورت کي ڇڏي، باقي خط به پنهنجي ماتر ڀاشا گجراتيءَ ۾ لکندو هو. هن ته اَسان کي سڀني ٻولين کي پيار ڪرڻ سيکاريو. هوُ ته هڪ ٻئي پٺيان نيون ڀاشائون سکندو هو. هن ته ڪنهن وقت سنڌي ڀاشا به سکڻ جو چاهه ڏيکاريو هو.

سيتل: پر به ڪاڪا، ڀاشائن جون ننڍيون ننڍيون ندين ساگر ۾ ملي، هڪ مهاساگر بڻجي پون ته هيڪاري سٺو نه؟

ڪرپالداس:    ساگر کي مهاساگر بڻائڻ لاءِ تون سڀني آباد ندين کي سڪائڻ ٿو چاهين ۽ جيڪي ميدان اُهي آباد ڪن ٿيون، تن کي تون ويران ڪرڻ ٿو گهرين؟

ٽيڪم:        ڪاڪا، اَسان جو هروڀرو اهو ويچار ٿورو ئي آهي. ٻارن کي سنڌي سيکارڻ جي ضرورت ئي......

رميش: ڊئڊي، بابا ته مونکي ڏاڍيون مزيدار اسٽوريز (Stories) ٿو ٻڌائي. اوهان ته مونکي ڪڏهن به ڪونه ٻڌايون آهن.

شريمتي ڪ:   (پاپڙن جي پليٽ کڻي ٿي اَچي) نانهن وٽ رهي پئه ته ڏينهن رات مزيدار آکاڻيون ٻڌائيندءِ. ڀائي، اسان کي جيڪو ساءُ سنڌيءَ مان ملندو آهي، سو ٻئي ڪٿان به نه.

ڪرپالداس:    ڀاڳن ڀري، هي ڇا ڄاڻن ساءُ_ سواد مان! هت ته هر ڳالهه آهي لاڀ لاءِ يا ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ.

شريمتي ڪ:   پر به سنڌي ڳالهائينداسون ته اَسان کي هتان ڪڍي ڇڏيندا ڇا؟ پوءِ کڻي اسان کي پنهنجي سنڌي موٽائي وٺي ڏين يا هتي سنڌڙي اڏي ڏين.

ڪرپالداس:    اهڙيون ڳالهيون نه ڪر ڀاڳوان، ته هلي ڪاٺ ۾ نه پئون.

شريمتي ڪ:   ڪاٺ ۾ به مان ته سنڌي ڳالهائينديس، پوءِ ڀل مئا سمجهن يا نه سمجهن.

        (سڀ کلن ٿا)

ٽيڪم:        ڪاڪا، پر هڪ ٽنگي جي ملڪ واري ڪهاوت ٻڌي اٿوَ؟

ڪرپالداس:    بس ڪر! اسين ٻن ٽنگن تي هلنداسون، پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي ۽ انهن ٽنگن تي هوندو اسان جو اوچو ڳاٽ. جن کي ٽنگ ڪپائڻي هجي، سي ڀل وڃي ٻئي ڪپائي ڇڏين.

سيتل: مجبوري به ته ڪا ڳالهه ٿيندي آهي، سائين!

ڪرپالداس:    ڪير آهي جو اوهان کي مجبور ٿو ڪري؟ ٻڌاءِ پٽ ٽيڪم، ڇا توتي زوريءَ حڪم ڪڍيو ويو آهي؟

ٽيڪم:        نه ڪاڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي.

ڪرپالداس:    ته پوءِ چئو نه، ته اوهان جي ٻڌي ملين ٿي آهي. پنهنجو پاڻ لاءِ سوچڻ بجاءِ اوهين ٻين جي اُڌاري ورتل سوچ پٺيان هلي رهيا آهيو.

لڇمي: (اَندر ايندي) پاپڙ ته کائو، ٺري ويا آهن. (پاڻيءَ جا گلاس رکي ٿي)

ڪرپالداس:    ها وٺو، سنڌي پاپڙ جو سواد وٺو. ڪين سنڌي پاپڙ به کائڻ ڇڏي ڏنا اَٿوَ!

        (کلي ٿو)

سيتل: واه! اها به ڪا ڳالهه آهي. مان ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي سگهان ٿو پر ٻيلي پاپڙ پاڻ کان نه ڇڏيو ٿيندو. پاپڙ لاءِ پاڻ کي ويڪنيس آهي.

ڪرپالداس:    ته پوءِ تون ڪڇ به نه ڇڏي سگهندين. هيءُ سڀ تنهنجو ٻاهريون نقاب آهي.

سيتل: ڪاڪا، ڳالهه سچي ٻڌايانوَ. مان سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ ڪري ڇڏڻ چاهيندو آهيان، جو خواه مخواه سنڌ جون يادگيريون اينديون آهن. جا ڳالهه ملڻي نه آهي، تنهن کي ياد ڪري اجايو دک ڇو پرائجي؟

ڪرپالداس:    نه ڀائي نه اها ڳالهه دل سان نٿي لڳي. ڀل اسان کي جنم ڀومي واپس نه به ملي. پر ان کي هيئن هٿراڌو نموني وسارڻ جي ڪوشش ڇو ڪريون؟ تنهنجي ماتا جنهن توکي جنم ڏنو، اَگر ڀڳوان توکان کسي وٺي ۽ توکي ڄاڻ آهي ته وري توکي واپس نه ملندي ته ڇا تون ان کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندين؟ سندس يادگيري مٽائڻ لاءِ هن جون ڏنل سڀ چيزون ڦٽيون ڪندين؟ (نهايت دکي لهجي ۾) نه ڀائي نه!

لڇمي: اوهان کي ڪيڏو نه سنڌيءَ سان موه آهي! ڪٿان جو ڪٿي پهچي ٿا وڃو. مان ته جيئن سانڀر ۾ آئي آهيان، تيئن اوهانکي ائين ئي ڏٺو اٿم. (پلئه سان پلڪون اُگهي ٿي)

ڪرپالداس:    توکي پنهنجي ماتا سان موه ڪونهي؟ نه ته جيڪر ماءُ جي موت جو ٻڌي نيڻ آلا ڇو ٿي وڃني ها!

ٽيڪم:        پر سائين، جا چيز ويئي تنهن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳارڻ ۾ ڪهڙي سياڻپ!

ڪرپالداس:    پٽ، هر ڳالهه ۾ سياڻو ٿيڻ جي ڪوششش نه ڪر. شاه صاحب جو قؤل آهي: ”ڏاهيون ڏک ڏسن.“ ڪٿي ڪٿي سياڻپ پهچ کان پري ٿي ويندي آهي. اهڙي نموني من کي مردود بڻائڻ کان بهتر آهي، ته سڄي عمر ڳوڙها ڳاري زندگي گذارجي. ان مان جو آنند ملندو سو تنهنجي سياڻپ مان ڪداچت ڪين ملندو. ”حيف تهين کي هوءِ وطن جن وساريو.......“

ٽيڪم:        بابا، ڀلا آگيا ڏيو، ته اسين بمبئيءَ روانا ٿيون.

ڪرپالداس:    ٽڪ ۾ ٽي ڏينهن به نه ترسيو آهين ته وڃڻ جي پيو ڪرين. ڪجهه ڏينهن ترس ته سهين. بمبئي ڀڄي ڪانه ٿي وڃي. اسان جي ته هيءُ ڏوهٽو ڏسي سڪ ئي پوري ڪانه ٿي آهي.

رميش: ڊئڊي، مان بمبئيءَ ڪونه هلندس. سنڌي سکندس ۽ بابا کان آکاڻيون ٻڌندس. هي ٽيلس ونڊرفل سٽوريز. (He tells wonderful stories).

ٽيڪم:        (عجب ۾) بمبئيءَ ڪونه هلندين! چريو ٿي پيو آهين ڇا؟ اُٿ هلون. مان توکي اَهڙيون اسٽوريز اُتي ٻڌائيندس.

رميش: ڊئڊي، اَوهان کي اَهڙين اِسٽوريز اينديون ڪٿي آهن ٻڌائڻ! ڪڏهن ٻڌايون به اَٿو ڇا؟

ٽيڪم:        چپ ڪر. گندو ڪٿان جو! اَڄ ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪرين. لڇمي جلدي ڪر، گاڏي اَچڻ ۾ ٿورو وقت آهي.

لڇمي: رميش بمبئي هلڻ کان نابري واري ويٺو آهي. مونکي اَڳيئي چئي ويٺو آهي ته سڄي وئڪيشن هت گذاريندس.

ٽيڪم:        تون به ڪا چري آهين! ٻار آٽو ڪيو آهي ته اَسين سمجهايونس. ڏسان ڪيئن نٿو هلي.

رميش: مان..... (روئي ٿو)

ڪرپالداس:    پٽ ٽيڪم، ڌيرج کان ڪم وٺ. ٻار جي دل وٺ. ڇڏينس ته هت رهي پوي. مان به هن کي سنڌي پاڙهي پنهنجو فرض پورو ڪندس. پنهنجي نئين نسل کي سنڌيءَ جو اَمرت ته پيئاريان.

ٽيڪم:        ڪاڪا، توهين هيءُ چئو ڇا ٿا! اجايو سندس سڪول جي پڙهائي ويندي ۽ لاڀ به ڪجهه ڪونه ٿيندس.

سيتل: تون غلط آهين ٽڪيم. نڪو پڙهائي خراب ٿيندس؛ نڪو سندس وقت اَجايو ويندو. ڪاڪا کيس جيڪي ڏيندو، سو تون،  مان ۽ سندس ڪتاب سالن ۾ به کيس نه ڏيندا.

ٽيڪم:        سيتل، تون! ڪاڪي جو جادو توتي به اَثر ڪري ويو ڇا؟

سيتل: اَهڙو جادوهر سنڌيءَ تي اَثر ڪندو. در اصل اَسين رڳو مٿيون نقاب ڪري پيا هلون. اسين پنهنجن ٻارن جي مادري ڀاشا ڇڏائي، جيڪو خزانو کسي رهيا آهيون، سوکين عمر ڀر ڪونه ملندو.

ٽيڪم:        پر تون ئي ته مونکي دليل ڏيندو هئين، سنڌيءَ خلاف.

سيتل: دراصل مان دل ئي دل ۾ پاڻ کي غلط سمجهندو هوس، پر پاڻ کي صحيح هئڻ جو ڪوڙو آٿت ڏيندو رهندو هوس. اڄ ڪاڪي جي وشواس ۽ هن پتڪڙي جي سنڌيءَ لاءِ سڪ، منهنجي دل تان غبار هٽائي ڇڏيو آهي. مان چاهيان ٿوته منهنجن ٻارن کي به ڪير سنڌي سيکاري.......

ڪرپالداس:    فڪر نه ڪر، مان ويٺو آهيان. جتي رميش، اُتي تنهنجا به ٻار.

ٽيڪم:        (ٽهڪ ڏيئي) هن کي ٻار آهن ئي ڪٿي!

        هيءُ ته ٻال_ برهمچاري آهي ۽ سڄي عمر شيوا ۾ ڏني اَٿائين.

شريمتي ڪ:   ٻڙي حق تي ٿي جد (ضد) ڪيائين، نه ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها.

ٽيڪم:        چڱو ڪاڪا، جيڪا اَوهان جي مرضي. لڇمي هل ته پاڻ هلون. رميش کي بابا وٽ ڇڏي ٿا هلون.

لڇمي: اَڪيلو ٻار هتي ڪيئن رهندو؟ ڪجهه ڏينهن مان به ڇو نه ترسي پوان.

سيتل: (کِلي) پٽ ۽ زال ٻئي باغي! ٿيم ويچاري سان ڪاڪا وڏو وئل......

ڪرپالداس:    پٽ گهٻراءِ نه، تنهنجي ڪنوار ۽ تنهنجو پٽ صحيح سلامت پهچائينداسون. ڀل ته ڪجهه ڏينهن رهي سڪ پوري ڪن.

ٽيڪم:        ڀائي سيتل هل، اَڪيلائي هلون. مون نٿي سمجهيو ته هتي چرخو ئي بدلجي ويندو. لڇمي اَچڻ ۾ دير نه ڪج، اونو ٿي پوندو.

شريمتي ڪ:   اونو ڇاجو! پراون وٽ آئي آهي ڇا؟

سيتل: ڪاڪي، تون به سمجهين ڪانه ٿي ته ويچارو اَڪيلو ٿيندو (سڀ کلن ٿا)

ڪرپالداس:    ها، پٽ ها، جئن رميش پڙهڻ شروع ڪيو، تيئن کين روانو ڪنداسون. باقي فرض تون پورو ڪج.

ٽيڪم:        هائو ڪاڪا، فرض ضرور پورو ڪنداسين. چڱو، آسيس ڪجو (سيتل ۽ ٽيڪم وڃن ٿا).

رميش: بابا، هاڻي ويهو جلدي ڪريو. الف _ اَنب، ب _ بلا، ٻ _ ٻڪري.

                        _ پردو _

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com