گامٽو ڊاڪٽر
ڄيٺانند ناگراڻي
پاتر:
ميٺارام: گامٽو ڊاڪٽر
ڊيٽارام:
=
ڪشور: فلم سٽار
هيمي ٻائي: ٻڍي مائي
نهالچند: وڪيل
مسٽر ڊسواز: گواني ڪلارڪ
مسز ڊسوزا: مسٽر ڊسوزا جي زال
ٻلديو سنگهه: ٽئڪسي ڊرائيور
ٽهلسنگهه: سٽوڊنٽ
چوڌري: پوليس انسپيڪٽر
ڇهه ننڍا ٻار ................
گامٽو ڊاڪٽر
(فوٽ پاٿ تي شامياني ۾ دواخانو)
شامياني جي آس پاس ڪاغذ جون جهنڊيون ۽ ڳاڙها ڪپڙا پيا جهولين.
ڪپڙن تي هيٺيان اَکر اَنگريزيءَ ۽ هنديءَ ۾ لکيل
آهن.
Naya Chand Dawakhana
Naya Chand Family Planning Clinic
Naya Chand Dentists
ديوار تي ماڻهن جي هڏن، ڏندن وغيره جا فوٽا ٽنگيل آهن. وچ ۾
ڀائي ڪنور رام جو فوٽو ڦول مالها سميت ٽنگيل آهي.
پراڻڻ شيلفن تي، دوائن جون شيشيون، شيشي جون
برنيون، ٽين جا دٻا، اخبارن جا ڍير، ڪتاب ۽ جهوني
مارڪيٽ مان خريد ڪيل لالٽين رکيل آهن. کوکي تي
ڦُوهاري مان ٺاهيل ڊوش رکيل آهي، جنهنجي رٻڙ جي
نلي، اَٽڪل ڏيڍ وال ٿيندي. پَٽَ تي کوکي جي پراڻي،
ميز، ٻه ڪرسيون، ٻه موڙا، مَنجي، حجام جي ڪرسي جا
ڏند ڪڍڻ جو ڪم ڏئي ٿي، هٿوڙو، ڇيڻي، جنبوري،
سائيڪل جو پمپ، مٽڪو، بالٽي وغيره رکيل آهن. ٻه
شاندار بورڊ شامياني جي ٻاهران زمين ۾ کُتل آهن،
جن تي هيٺيان اکر لکيل آهن:
Dr. Metharam Khatwane
M.D.
Dr. Detaram Motwane
F.R.C.S
”نيا چاند“ گورين جي مشهوريءَ لاءِ، ٻار شرناين ۽
دهلن جي ڌماڌم تي، ڀنگڙا ڊانس بيٺا ڪن. ڀئين جي
ڳچين ۾ پوسٽر ۽ هٿن ۾ جهنڊا آهن، روئنشي تي خلق
ڪٺي ٿئي ٿي_ خلق کي مشغول رکڻ لاءِ، جادوگر جادوءَ
جا هڪ ٻه کيل ڏيکاري ٿو. پڙدي پٺيان ڊاڪٽر ميٺارام
۽ ڊاڪٽر ڊيٽارام ظاهر ٿي، تقرير ڪن ٿا جا طوطي
وانگر ياد ڪئي اَٿن.
ميٺارام:
دوستو، هيءَ وٺو نيا چاند سويٽ
(Sweet).
ڊيٽارام:
گولي اَندر مرض ٻاهر. سسٽم ڪمپليٽ
(System Compete).
ميٺارام:
صاحبان، اَسان جون نيا چاند گوريون ڪپپ آف گُڊ هوپ
کان وٺي، سُئيز ڪئنال تائين مشهور آهن. نيا چاند
گوريون، هاضمو ٺيڪ ڪنديون آهن، بدن ۾ رت
وڌائينديون آهن، ۽ پوڙهن کي جوان بڻائينديون آهن.
لڪڙ هضم، لوها هضم، پٿر هضم، مرغي هضم، ٻڪڙو هضم ۽
شير هضم.
ڊيٽارام:
آزاد هند جا جوانو، ذرا ڌيان ڏيئي ٻڌو. جيڪڏهن
ڪنهن ڪلارڪ، ماستر، ايڊيٽر يا سٽوڊنٽ کي ڊل ميمري
(Dull Memory)
يا نروسنيس
(Nervousness)
جي شڪايت هجي، ته فوراً نيا چاند گوريون اِستعمال
ڪري. جيڪڏهن اِمتحان ۾ فيل ٿي پوي، يا اَخبار بند
ٿي وڃي، اَسين پنج سؤ روپيا ڏنڊ ڀري ڏينداسين.
ميٺارام:
Ladies and Gentleman,
My Friend Dr. Detaram Motwane of Azad Hind Pharmacy and the
under signed
Dr.
Metharam Khatwane of Hind Chemical Laboratory,
have made a research for 20 years. We climbed
the peak of Mount Everest, along with the
well-known Tensing and Edmund Lorry and produced
Naya Chand Pills from Himalayan herbs.
Come one, Come all,
Thick and Thin, big and small.
ڊيٽارام:
قيمت هڪ شيسيءَ جي، صرف سوا اَٺ آنه، سوا اَٺ آنه،
وٺو، منهنجا دوستو، سوا اَٺ آنه. (ٽي چار شيشيون
وڪامن ٿيون ۽ گراهڪ ٽڙي پکڙي وڃن ٿا_ ميٺارام
ريزگاري ڳڻي ٿو)
ميٺارام:
ٿئنڪ يو، اڄ چانهه پاڻيءَ جا پئسا نڪري آيا.
ڊيٽارام:
او، ڊيئر رام جي! موڪل ڪو گراهڪ.
ڪشور جونير، گامٽو فلم سٽار اَچي ٿو)
ڪشور: گڊ آفٽرنون، ڊاڪٽر.
ميٺارام:
هلو مسٽر، ....... ڊيٽا هوشيار
ڊيٽارام:
هردم تيار (ڊوش کڻي ٿو)
ميٺارام:
هيل وٿ دي ڊوش! حڪم ڪريو!
ڪشور:
ڊاڪٽر، آءِ آئم ڪشور جونير، فلم اِسٽار.........
ڏينهن ٿيا ٻه چار جو بمبئيءَ مان دهلي آيس.....
۽......
ميٺارام:
(وچـ۾ روڪي) بس بس، مان سمجهي ويس. توهان کي کنگهه
۽ زڪام آهي.
ڪشور: دئٽز رائيٽ.
ميٺارام:
وهو.
(ڪشور ڀُل ۾ ٽه_ ٽنگيءَ ڪرسي تي وهي ٿو.)
ميٺارام:
آءِ آئم ساري. هيڏانهن هن ڪرسيءَ تي ٿي وهو. ڄڀ
ڏيکاريو. آ آ آواز ڪڍو. (وات ۾ ٿرماميٽر وجهي، نبض
ڏسي ڊيٽارام سان پاسيرو صلاح ڪري ٿو.
ميٺارام:
ڊيٽارام.
ڊيٽارام:
جيءُ سائين.
ميٺارام:
مان سمجهان ٿو هِنَ بيمار ٻليءَ جو جوٺو کير پيتو
آهي.
ڊيٽارام:
برابر، وات مان ڪوئن جي بانس پيئي اچي.
ميٺارام:
يا ته کڏ تي سمهيو آهي.
ڊيٽارام:
کڏ تي؟ ڊسمبر جي مهيني ۾؟
ميٺارام:
اَڙي ڀائي فلم سٽار اَڪثر سودائي ٿيندا آهن.
بمبئيءَ ۾ جهو جي ڪناري تي، ۽ دهليءَ ۾ قطب منار
تي عيش ڪندا آهن...... مسٽر ڪشور، پان گهڻا
کائيندا آهيو؟
ڪشور: هڪ به نه.
ڊيٽارام:
سگريٽ؟
ڪشور: بلڪل نه.
ميٺارام:
وسڪي؟
ڪشور:
نه ڀائي نه، نشابنديءَ جو زمانو آهي.
ميٺارام:
هيءُ به نه، هو به نه.... ناممڪن، اَڄڪلهه ڪوبه
فلمسٽار پان، سگريٽ ۽ وسڪيءَ کان سواءِ جيئرو رهي
ئي ڪونه ٿو سگهي. توکي وري قبول ڪرڻو پوندو، نه ته
علاج ڪونه ٿيندو.
ڪشور:
هيءَ ته زبردستي ٿي. منهنجي اَبن ڏاڏن به ڪڏهين
سگريٽ ڪونه ڇڪيو، وسڪي ڪونه پيتي.
ڊيٽارام:
توهان راڳ ڳائي سگهندا آهيو؟
ڪشور: ها.
ميٺارام:
ته پوءِ ڳايو. ذرا گلي جو.......
(ڪشور بيسُري آواز ۾ ڳائي ٿو)
ميري لئي جهان ۾ کانسي هيءِ، اَور بخار هيءِ.
ميٺارام:
بس...... بس ڊيٽارام. منهنجو نسخن وارو ڪتاب کڻي
وٺ. پرسڪرپشن
(Prescription)
لِکُ.
ڊيٽارام:
(ڪتاب ڏيندي) وٺو سائين.
ميٺارام:
لک:
نيا چاند
108 گوريون
پائوڊر پيپسي ڪولا
اَڍائي آئونس
ٽنڪچر عمر مارئي
اَڍائي آئونس
راءِ ڏياچ سسئي پنهون
ٽنڪچر مهاپنجاب
2 آئونس
ٽنڪچر يونيسڪو
4 آئونس
(unesco)
ٽنڪچر ڀائي ڀائي
8 آئونس
ڦودني جي رس
اَڍائي ڦڙا
ڊيٽارام: ايني آپريشن، ڊاڪٽر؟
ميٺارام:
مارينديس ڇا؟ (ڪشور کي) ها ته جناب، اَڄڪلهه
ڪهڙيءَ پڪچر ۾ پارٽ پيا ڪريو؟
ڪشور: شيرين فرهاد ۾، فرهاد جو پارٽ.
ميٺارام:
فلم جا ڊائلاگ ڪنهن لکيا آهن؟
ڪشور: نثار نظامي صاحب. فرهاد جڏهن شيرين جي فراق ۾ ڪوهه
ڪاف تي ٺوڪرون ٿو کائي، ته هيءُ شعر ٿو چوي:
بوک لگتي هي نهين، مجهڪو خيال يار ۾،
مست رهتا هون مين هردم، اپني حال و زار ۾،
دن تصور ۾ گذر جاتي هين، شب تڪرار ۾،
هيءِ غذا مجڪو مير، حسن ڪي بازار ۾،
کاتا هون هر روز قسمين، اُسڪي، سؤ سؤ بار مين
(ڊيٽارام دوا کڻي اَچي ٿو)
ڊيٽارام: وٺو دوا.
ميٺارام:
هاڻي ڏسجو، نيا چاند گورين جي ڪرامت.
(ڪشور دوا پيئي ٿو)
ڊيٽارام: هاڻي پنج دفعا اُٿ ويهه ڪريو..... هڪ، ٻه، ٽي،
چار...... پنج
ميٺارام: هاڻي وري راڳ ڳايو.
(ڪشور ڳائيٿو، مگر آواز مرداني بدران، زنانو ٿي وڃيس
ٿو)
ڪشور: (زناني آواز ۾) ميري لئي جهان ۾، کانسي هيءِ اور
بخار هيءِ.
ميٺارام: (عجب مان) ڊيٽا هيءُ ڇا؟ منهن مردانو، آواز زنانو.
ڊيٽارام: (دک مان) اُف! مسٽيڪ ٿي ويئي. مرداني بوتل بدران،
زنانيءَ بوتل مان دوا ٺاهيم.
ميٺارام: (چيڙائي) مرداني زناني دوا! بيوقوف! هزار دفعا چيو ٿي
مانءِ ته بوتلن تي، ريل گاڏن وانگر مردانا ۽ زنانا
فوٽا هڻي ڇڏ.
ڊيٽارام: آئينده اِئين ڪبو.
ميٺارام: هاڻي ڇا ٿيندو؟
ڊيٽارام: سڀاڻي مردانو ڊوز ڏيس ته شيرين مان فرهاد ٿي پوندو.
ميٺارام: نانسينس...... ڪشور صاحب! غلطي ٿي ويئي، معافي ٿا
گهرون.
ڪشور: (زناني آواز ۾) معافيءَ جا پٽ. هاڻي فرهاد جو پارٽ ڪير
ڪندو؟
ڊيٽارام: جناب. گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ڪونهي. اَڄوڪو ڏينهن آرام
ڪريو. سڀاڻي توهان کي فرهاد ٺاهي ڇڏينداسين.
ڪشور: (زناني آواز ۾) پاجي، ڪتا، نالائق، توهان ٻئي
ڊاڪٽر آهيو يا حجام؟
ميٺارام: ديوان، شانتيءَ کان ڪم وٺو. نه ته دوا جو اَثر لهي
ويندو.
ڪشور: (زناني آواز ۾، جوش سان) يُو اڊيٽس، يُو گڌا، يُو باٽلي
ڪا بوچ_ هينئر ئي پوليس ۾ ٿو وڃان. پارليامينٽ ۾
سوال پڇارائيندس، ڏنڊ وجهارائيندوسانو. يُو گامٽو
ڊاڪٽرس.
(وڃي ٿو)
ميٺارام: (نوِڙي هٿ جوڙي پرماتما کي وينتي ڪري ٿو) هي ڀڳونت! هي
پرٿوي ماتا! اَسان ٻنهي دکي جيئن کي جاءِ ڏي ته
سيتان ماتا وانگر اَندر پيهي وڃون. هندستان ۾ دک
ڏاڍو، درد ڏاڍو، ڪشٽ ڏاڍو ڪشالو ڏاڍو. سنڌڙي،
سونهاري سنڌڙي، لک لهين. گهر گروي رکي اِسپتال
کوليسين. ڊاڪتر نارومل وارو نسخن جو ڪتاب ڊيٽي گم
ڪيو. حق تي بيمارن جا آواز مرداني مان ڦري زنانا
پيا ٿين_ اِهو حال آهي ته سڀ مرد ڦري زالون ٿي
پوندا. هنومان ديوتا، هاڻي ڇا ٿيندو؟
(پوڙهي هيمي ٻائي، هؤڙ ڪڍائڻ لاءِ ڪُرڪندي، ڪنجهندي
اَچي ٿي)
هيمي ٻائي: ڏاڪدر صاحب! هؤڙ جي سور ماري وڌو.
ميٺارام: ڊيٽا، هوشيار.
ڊيٽارام: هردم تيار (ڊوش کڻي ٿو)
ميٺارام: هيل وٿ دي ڊوش..... مائي توکي ڇا کپي؟
هيمي: هؤڙ ڪڍ. نڀاڳيءَ ڏاڍو ستايو. او شل ٻچڙا جيئندءِ.
ميٺارام: ويهه. آ.... آ.... آ.... آواز ڪر.
(هيمي آ... آ... آ.... جو اواز ڪري ٿي)
ميٺارام: وات کول..... مار! هؤڙ ته هاٿيءَ جيڏي آ.... چڱو ماٺ
ڪري ويهجانءِ. لڏجانءِ پڏجانءِ نه..... ڊيٽا
هوشيار!
ڊيٽارام: هردم تيار.
(مترڪو، ڇيڻي، دوا، ڪپهه وغيره کڻي اَچي ٿو. ميٺارام
مترڪي ۽ ڇيڻيءَ سان هؤڙ ڪڍي ٿو)
(هيمي رڙيون ۽ واڪا ڪري ٿي)
ميٺارام: (هؤڙ آڱر ۾ جهلي) مَسَ ڪري نڪتي. (فخر سان) مون جهڙو
دندان ساز هندستان ۾ نه لڀندو.
ڊيٽارام: (چيڙائي) ڏاڍو دندان ساز آيو آهي. هوڏي تَڪِ، پوڙهي
بيهوش ٿي ويئي.
ميٺارام: (گهٻرائجي) بيهوش! اَبو! گئس پمپ! گئس پمپ! (ڊيٽارام
سائيڪل جي پمپ سان هوا ڪڍي ٿو_ ۽ ميٺارام رٻڙ ٽيوب
هيميءَ جي نڪ تي رکي ٿو. پوءِ اخبار سان هوا ڏئيس
ٿو)
ڊيٽارام: مس مس هوش ۾ آئي!
هيمي: (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) ٻڙي هيءَ اک ڇو بند ٿي ويئي؟
ميٺارام: دادي، اَک جو فڪر نه ڪر. سور لٿو؟
هيمي: سور جا سڪا! هؤڙ بدرون ٻيو ڏند ڪڍي ڇڏيئه.
ميٺارام: اَئمين، ٻيو ڏند به لڏيو پئي. اَڄ نه ته سڀان ڪڍائين
هان.
هيمي: ڳنڌ ڳريئي، ماريا اَڳ ۾ ٻڌائين ته هان. موتين جهڙو ڏند
ڪڍي ڇڏيئه. ٻڙي نانگ ڀي نه ڏنگيو جو مئي چرئي کرئي
ڊاڪٽر وٽ آيس. مئا هڪ اَک سان گهر ڪيئن وينديس؟
ڊيٽارام: ٽانگي ۾ چاڙهي ٿا ڇڏيونءِ_ ڀاڙو اَسان ڏينداسين.
هيمي: بک ٿي مران، پنان ٿي. مئا سنڌي بک مرندو، پر پنندو ڪين.
منهنجو پٽ پوليس ۾ جمعدار ٿي. ڄاڻ ٿي ڪاٺ ۾
وجهايانوَ.
ميٺارام: ڏاڏي، معاف ڪر. دوا پي وڃ.
هيمي: دوا پي وڃان! رن پٽ! رهي کُهي اَک ڪڍندين. وڃان ٿي ٿاڻي.
هٿڪڙيون نه وجهايون مانوَ ته منهنجو نالو هيمي
ٻائيءَ بدرون ڌوڙٻائي رکجو. (جوش سان ويندي، گوڏو
ٽپائيءَ کي لڳيس ٿو) ٻڙي گوڏي جي ڍڪڻي ڀڳي. شل ڪو
ڪارو منهن ٿئيوَ. نانگ کائيوَ. لک جي لعنت اَٿو.
(وڃي ٿو)
(ميٺارام ۽ ڊيٽارام پاڻ ۾ وڙهن ٿا)
ميٺارام: موٽي نه ڊاڪٽر ٺارومل وارو نسخن جو ڪتاب گم ڪيئه.
ڊيٽارام: مون گم ڪيو؟ باهه ٻاري ڏنئه ته جلد اِسپتال کول. نيا
چاند گوريون ڪمال ڪنديون.
ميٺارام: وري ڪوڙ! ست سال پنجاب مئٽرڪ ۾ فيل ٿي، ڪمپائوندر مون
ڊاڪٽر بڻئين. هاڻي ڏي پوليس کي منهن!
ڊيٽارام: تو وري ڏاڍي امي. ڊي
(M.D)
پاس ڪئي آهي. ويهه سال ڊاڪٽر ٺارومل وٽ ڪمپائوڊري
ڪيئه. تڏهن به ڪوري جو ڪورو. ڪوُئي لڌي هئڊ ڳڙي،
چي، مان ڀي پساري.
(شري نهالچند ائڊووڪيٽ، لٺ تي لڏندو اَچي ٿو. نروسنيس
(Nervousness)
جو علاج ڪرائي ويو، ته ٻتو ٿي پيو آهي.)
نهالچند: (هٻڪندي) ش.... ش..... شل ڪا ٻيڙي ٻڏندوَ!
ميٺارام: شري نهالچند اَئڊووڪيٽ! ٻِتو ڪيئن ٿي پيو؟ ديوان صاحب
اَڄ ڪورٽ بند آهي ڇا؟
نهالچند: ڪ...... ڪ...... ڪورٽ جا سڪا، منهنجي ڪ...... ڪ.....
ڪورٽ هيمشه لاءِ بند ٿي ويئي.
ڊيٽارام: ڪاڪا ڇا ٿيو؟
نهالچند: ٿ..... ٿ...... ٿيو تنهنجو ڪارو منهن..... نڀاڳا،
اَهڙي د..... د...... دوا ڏنوَ جو ٻ..... ٻ.....
ٻتو ٿي پيس.
ميٺارام: ڊيٽا! ديوان کي معجون جي گورين بدران جمال گهوٽي جون
گوريون ڏنئه ڇا؟
ڊيٽارام: بيهه ته ديوان وارو ڪيس کڻي اَچان. (ڪيس کڻي ميٺارام
کي ڏئي ٿو)
ميٺارام: (نسخو پڙهي ٿو)
معجون جون گوريون 27 تولا
هرير جو مربو ڏهه ڇٽاڪيون
بصر جي رس يارهن بوندون
عرق صونف، گازبان ڦودنو مني شيشي
ڏاڙهونءَ جي کل نرڙ کي گهي لائي.
معجون جون گوريون ڪهڙيءَ بوتل مان ڏنئه؟
ڊيٽارام: بوتل کڻي، اجهو ڏس.
ميٺارام: (ڪاوڙ مان) بيوقوف، هيءُ ته جمال گهوٽي جون گوريون
آهن. بوتل جو ليبل ڪيڏانهن ويو؟
ڊيٽارام: ليبل شايد ڪوئا کائي ويا.
ميٺارام: ڪوئا کائي ويا! ڪوئن کي ٻيو ڪم ئي ڪونهي؟
ڊيٽارام: توکي خبر ئي ڪونهي، ڪوئا اَهڙا ته بدمعاش آهن جو رات
جو پير ۾ چڪ پائيندا آهن.
نهالچند: م.... م.... مُٺيءَ پٽ! هاڻي ڏوهه وري ڪوئن تي!
ڊيٽارام: روز ٿو واڪا ڪريان ته پوسٽ آفيس مون کونئر چورائڻ بند
ڪر. پر تنهنجي ڏاٺ هِري ويئي آهي، مفت جي مال تي.
کونئر ۾ اَهڙو ڪهڙو مٺاڻ آهي، جو ڪوئا ليبل ئي
کائي ٿا وڃن.
ميٺارام: اَڙي معجون ۽ جمال گهوٽي جو رنگ ڪارو آهي، گوريون چکي
ڏسين هان.
نهالچند: ب.... ب.... برابر. پڇيومانس دوا ٺيڪ آهي؟ چ....
چ..... چيائين واهگروءَ جو نالو ڳنهي پ.... پ....
پي وڃ.
ڊيٽارام: گوريون چکيان ڪين بيمارن سان بڪ بڪ ڪريان؟
ميٺارام: ابو! هاڻي ڇا ٿيندو؟
ڊيٽارام: ڇا وري ڇا ٿيندو؟ ديوان کون معافي ٿا وٺون. ڏينس ڊوش
ته جمال گهوٽو ئي ٻاهر. (هٿ جوڙي) ديوان صاحب
اَسان توهان جا ٻچا آهيون. منهنجي هٿن کي ڏسو.
نهالچند: (ڪاوڙ مان) هه.... هه.... هٿن پٽ! ٻتو بڻائي س....
س.... سند کسائي ڇڏيوَ. وري ب.... ب.... بڪواس.
I shall sue you for d…. d…. damages you Gamtoo Doctor.
(وڃي ٿو).
ميٺارام: هاءِ ڙي قسمت! موٽي نه سنڌ ڇڏينسين. اَئسپرو جي گوري
ڪا رکي آهي؟
ڊيٽارام: سڄو ڏينهن پيو اَئسپرو کائيندين، پوءِ اِسپتال ڪيئن
هلندي؟
ميٺارام: واهگرو! ڄاڻ ٿي اِسپتال بند ٿئي.
(مسٽر ڊسوزا، گواني ڪلارڪ، مسز ڊسوزا ۽ ٻارن سميت اَچي
ٿو. ٻار پرئم ۾ ويٺل آهن)
ڊسوزا: ڪيڏنهن ويو ڊاڪٽر جو پٽ؟
ميٺارام: مسٽر ڊوسزا ڳالهه ڇا آهي؟
ڊسوزا: (مسزا ڊسوزا کي) ٻڌائينس ڊارلنگ.
مسز ڊسوزا: مون تنهنجو فئملي پلاننگ ڪلنڪ جائن ڪيو. پنجاهه
روپيه في ڏنم. تو گارنٽي ڏني ته ٻار بلڪل ڪونه
ٿيندو. ته پوءِ ٻن سالن ۾ ڇهه ٻار ٿيئن ٿيا؟
ميٺارام: اُهو ته پنهنجي مڙس کان پپ.
ڊسوزا: مڙس کان پڇي! اسين ڇا ڪوڙ ٿا ڳالهايون؟ هيڏانهن
ڏسو..... (ٻار ڪڇ ۾ کڻي ڏيکاري ٿو).
هڪ، ٻه، ٽي، چار پنج ۽ هيءُ ڇهه.
ميٺارام: (عجب مان) ڊيٽا، نون مهينن ۾ هڪ ٻار ته ٻن سالن ۾
گهڻا؟
ڊيٽارام: سادي ٽرقمي آهي. ٻن سالن ۾ 2.66 يعني اَڍائي، يعني ٻه،
يعني ڪڇ به نه.
ميٺارام: ڪڇ به نه! مطلب؟
ڊيٽارام: مطلب ته آمريڪا جي ڪولڊ ڪلائيميٽ ۾ چار چار جاڙا ٻار
ڄمن ته دهليءَ جي هاٽ ڪلائيميٽ ۾ ڇهه ٻار ڄاوا ته
ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي؟
مسز ڊسوزا: ڊئم اِٽ، هيءُ سڀ ٻار ڊسمبر ۾ پيدا ٿيا آهن_ دهليءَ
۾ ڊسمبر ۾ سخت ٿڌ هوندي آهي. ڪيئن ڊارلنگ؟
مسٽر ڊسوزا: ييس، ييس. اَسين ايترن ٻارن کي کارائينداسين ڪٿان؟
ميٺارام: اِهو ته فوڊ منسٽر کان پڇو_
مسز ڊسوزا: ڇو پڇون؟ اَسين ته توهان کان ٿا پڇون_ ٻن سالن ۾ ڇهه
ٻار ڪيئن ٿيا؟
ميٺارام: سوال واهه جو ڪيو اَٿس. ڏي منڊم کي منهن!
ڊيٽارام: بيهه ته بوتل کڻي اَچان، جنهن مان مون گوريون ڏنيون
مانس. (بوتل آڻي) وٺ بوتل.
ميٺارام: (عجب مان) پڙهه ليبل_ ڇا لکيو پيو آهه؟
ڊيٽارام: (پڙهي ٿو) ٻار نه ٿيڻ جي دوا.
ميٺارام: معني؟
ڊيٽارام: معنيٰ ٻار نه ٿين جي دوا، يعني برٿ ڪنٽرول.
ميٺارام: بيوقوف هيءُ گوريون اُنهن زالن کي ڏبيون آهن، جن کي
ٻار بنهه نه ٿيندو هجي، يعني سنڍ زالون.
ڊيٽارام: مون سمجهيو
Mrs. D’souza wants Children.
مسز ڊسوزا: (غصي ۾) ٻار ڪونه کپن. گورنمينٽ چوي ٻار نه پئدا
ڪريو ۽ توهان چئو ٻار پئدا ڪريو.
ميٺارام:
God save our Stars!
ڊسوزا:
Why do you trouble poor God?
وڌيڪ بڪواس نه ڪريو. جلدي پنج سؤ روپيا ڪڍو.
ميٺارام: ڊسوزا صاحب، پهرين جنوريءَ تي اَچجو، ڌيرج سان ويهي
ڊِسِڪس ڪنداسين.
ڊسوزا: هينئر ئي پيسا ڏيو، نه ته پوليس ۾ ٿو وڃان.
ڊيٽارام: اڙي وري وڃي ٿو، ته وڃڻ ڏينس. ڏٺو ويندو.
ڊسوزا: چڱو وڃان ٿو، پر ياد رکجو، ڊسپينسريءَ کي تالو نه
لڳارايو مانو ته منهنجو نالو جيڪب ڊسوزا سن آف
سالومن ڊسوزا ڪونهي..... هل ڊارلنگ.
ڊيٽارام: تالو وڏو گاڊريج جو وٺي اَچج.
(مسٽر ۽ مسز ڊسوزا ٻارن سميت وڃن ٿا)
ميٺارام: (خفي ٿي) چيومانءِ ته اِهي اِسپتال جا قاها نه ڦڪ.
دادي سترامداس سچ چيو ته هندي سکي وڃي ماستر ٿيو.
دادي جي صلاح تي هلون ها ته هِنَ مصيبت کون بچون
ها.
ڊيٽارام: هندي سکون ڪين ٻار پاليون؟ صبوح سانجهيءَ زال جا پادر
مٿي تي. چي پئسا آڻ نه ته وڃانءِ ٿي پيڪي.
ميٺارام: هاڻي ڇا ٿيندو؟
(سٽوڊنٽ ٽهل سنگهه پنهنجي پيءُ ٻلديو سنگهه، ٽئڪسي
ڊرائيور سان گڏ اچي ٿو. ميمريءَ جو علاج ڪرايائين
ته رهي کُهي ياداشت به چَٽُ.)
ٻلديو سنگهه: ڪيڏانهن ويا او نيم حڪيم جا پٽ!
ڊيٽارام: وٺ سائين! هڪ ٻي مصيبت.
ميٺارام: واهِگرو! پَتِ رکجانءِ.
ٻلديو سنگهه: هِن ڇوڪري کي سڃاڻو ٿا؟
ميٺارام: نه.
ٻلديو سنگهه: ڪوڙ ٿو ڳالهائين. پٽ، هوءَ گارنٽي ته ڪَڍُ.
(ٽهلسنگهه پيءُ کي گارنٽيءَ وارو پنو ڏئي ٿو) هيءَ
گارنٽي ڪنهن لکي آهي؟
ميٺارام: ڊيٽا! هيءَ صحي ته تنهنجي آهي.
ڊيٽارام: منهنجي آهي يا تنهنجي. اِسپتال ته ٻنهي جي آهي. ففٽي،
ففٽي.
ٻلديو سنگهه: خانو خراب ٿئي نيا چاند گورين جو. اَسان جي ڇوڪري
جي ميمري ختم ڪري ڇڏيائون. سڄو ڏينهن پيو ٿو
هڏڪيون ڏئي. مئٽرڪ جي اِمتحان ۾ فيل ٿي پيو. هاڻي
پنج سؤ روپيا ڏنڊ ڪڍو.
ڊيٽارام: (پاسيرو) وٺ لَٺَ! هتي زهر کائڻ لاءِ پائي ڪونهي.
سردار کي رڳا پنج سؤ کپن.
ميٺارام: ڊيٽا!، ٽهلسنگهه جو ڪيس کڻي اَچي ٿو)
ڊيٽارام: وٺ سائين.
ميٺارام: (ڪيس پڙهندي) سردارجي، اَسان کي يقين ڪيئن ٿئي ته
ڇوڪري جي ميمري فيل ٿي آهي؟ ان ڪري ڇوڪري کان ڪڇ
سوال پڇنداسين.
ٻلديو سگنهه: ڀلي ڀلي. پڇوس سوال.
ميٺارام: (ٽهلسنگهه کي.) پٽ! توکي ٽماٽا، سلاد، سچو گيهه، ۽
باداميون کائڻ لاءِ چيو هئم؛ اُهي کاڌءِ؟
ٽهلسنگهه: (هڏڪيون ڏيندي) چٽپٽي ڏهي بڙا ۽ چٽڻي کاڌم. ڏاڍو مزو
آيو.
ميٺارام: ته پوءِ ميمري فيل نه ٿيندي ته ڇا ٿيندي؟
ڊيٽارام: (پاسيرو) ميٺارام! هيءُ سڀ پئسن ڦرڻ لاءِ ڍونگ آهي،
هيڏانهن ٿيءُ ته مان ٿو سوال پڇانس.
ميٺارام: برابر پڇيس.
ڊيٽارام: (ٽهلسنگهه کان سوال پڇي ٿو) اَدا ٽهلسنگهه_ سوچي سمجهي
جواب ڏج. هندوستان جو پرائيم منسٽر ڪير آهي؟
ٽهلسنگهه: ڊلائي لاما.
ميٺارام: (پاسيرو) ٻيڙو غرق.
ٻلديو سنگهه: پڇو سائين، وڌيڪ سوال پڇوس.
ميٺارام: (ٽهلسنگهه کي) نروس ٿيڻ جي ڪائي ڳالهه ڪونهي.
My Son, Which are the famous rivers of India?
ٽهلسنگهه: (هڏڪيون ڏيندي) ڦوهارو.... اوکلا.....
چوپاتي، ....... مرين ڊرائيو.
ڊيٽارام: (پاسيرو چيڙائي) ڦليلي، ..... ڍورو نارو..... گدو
بندر.... سچا پاتشاهه! ڪهڙا جڏا جيءَ اِسپتال ۾
موڪليا اَٿئي؟
ٻلديو سنگهه: چئو سائين، هاڻي يقين آيو؟ وڌيڪ پڇوس.
ميٺارام: (ٽهلسنگهه کي) هندستان جي ڪمانڊر_ اِن_ چيف جو نالو
ڇاهي؟
ٽهلسنگهه: امرت ڪؤر.
ميٺارام: نو هوپ.
ڊيٽارام: ڪيپ آف گڊ هوپ.
ٻلديو سنگهه: (غصي ۾) ڊاڪٽر جا پٽ. اَنگريزيءَ ۾ گاريون ٿا ڏيو_
ڏنڊ جا پئسا ڏيو، نه ته ڪچو کائي ويندوسانوَ.
(ميٺارام ۽ ڊيٽارام کي ڪالر کان جهلي، ٻنهي جا مٿا
ٽڪرائي ٿو)
ميٺارام: (رڙ ڪري) ائلي ڙي! گهوڙا ڙي!!
ڊيٽارام: (واڪا ڪري) بچايو! بچايو!!
(مستر چوڌري، ٿاڻيدار، ڪشور، هيمي ٻائي، نهالچند ۽
ڊسوزا ڌوڪيندا اَچن ٿا)
چوڌري: (روب سان) ترسو. بند ڪريو ماراماري.
(ميٺارام کي) تنهنجو نالو؟
ميٺارام: شرنارٿي.
چوڌري: پيءُ جو نالو؟
ميٺارام: پرشارٿي.
چوڌري: ذات؟
ميٺارام: ريفيوجي.
چوڌري: ڇو ٿو ريفيوجيز کي بدنام ڪرين! ٺيڪ ٺيڪ نالو ٻڌاءِ.
ميٺارام: ڊاڪٽر ميٺارام کٽواڻي.
چوڌري: ڇا پاس ڪيو اَٿيئي؟
ميٺارام: ايم.ڊي.
چوڌري: ايم. ڊي.، لنڊن؟
ميٺارام: نه جناب ايم.ڊي. يعني مئٽرڪ ڊائون يعني مئٽرڪ ۾ فيل
ٿيو هوس.
چوڌري: بورڊ تي لکيل آهي.
M.D.
پبلڪ کي دوکو.
(ڊيٽارام کي) تون آهين ڊاڪٽر ڊيٽارام موٽواڻي.
ڊيٽارام: جي ها. بندي ايف.آر.سي.ايس پاس ڪئي آهي.
چوڌري: ايف.آر.سي.ايس ايڊنبرا؟
ڊيٽارام: نه نه، ايف.آر.سي.ايس يعني فرسٽ ريٽ ڪمپائونڊرس سروس
يعني ڪمپائونڊرن جي امتحان ۾ سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾
آيو هوس.
چوڌري: ٻيو 420_ ڪٿي آهن نيا چاند گوريون؟
ميٺارام: (شيشي ڏيندي) وٺو حضور.
چوڌري گوريون چکڻ جي ڪري ٿو ته ڪشور روڪيس ٿو)
ڪشور: متان کاڌيون اَٿو! ڪٿي انسپيڪٽر مان انسپيڪٽريس نه
ٿي وڃو.
هيمي ٻائي: ٿاڻيدار صاحب! هڻ مئن جي منهن ۾ شيشي. رن پٽ ڏاڪدار
بڻيا آهن. وڏا بورڊ ٽنگيا اَٿائون. لک جي لعنت
اَٿوَ (منهن ۾ بُجا ڏئين ٿي.)
چوڌري: هلو پوليس سٽيشن.
ميٺارام: (هٿ جوڙي) ٿاڻيدار صاحب، اسين بي قصور آهيون. نسخن جو
ڪتاب گم ٿي ويو. ان ڪري غلطي ٿي ويئي. هاڻي معاف
ڪريو.
ڊيٽارام: (سلام ڪندي) توهان اسان جا مائي باپ آهيو. اَسين
اَوهان جا ٻار آهيون.
چوڌري: (کلندي) اَهڙا چار سؤ ويهه ٻار. توهان ٻنهي ٽي ڏوهه ڪيا
آهن. نمبر وَن.... ڊاڪٽر ٺارومل جو ڪتاب چورائڻ.
نمبر ٽوُ.... بنان اِجازت ڪميٽيءَ جي زمين تي
اِسپتال ٺاهڻ ۽ نمبر ٿري.... پبلڪ کي جعلي ڊگرين
سان دوکو ڏيڻ.
ڪشور: (زناني آواز ۾) مرد مان عروت بڻائڻ.
هيمي: هؤڙ بدران اَک چٽ ڪرڻ.
نهالچند: (ٻتو) و....و.... وڪيل جي سند کسائڻ.
ڊسوزا: ٻن سالن ۾ ڇهه ٻار پئدا ڪرڻ.
ٻلديو سنگهه: ڇوڪري جو خانو خراب ڪرڻ.
چوڌري: ان ڪري ٻئي گرفتار.
ميٺارام: ڊيٽا! هوشيار.
ڊيٽارام: جهل پوليس جي مار. سياڻن سچ چيو آهي نيم طبيب خطره
جان.
سڀ: (گڏجي) نيم ملان خطره ايمان.
(چوڌري سيٽي وڄائي ٿو. سڀ قطار ۾ هلن ٿا.)
پردو ڪري ٿو. |