سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو :2

 

 

پوڙهي جو پرڻو

 

ڪشنچند ’بيوس‘

 

کيل ڌاري:

 

ڪنور سنگهه _ پوڙهو

گرداس _ ٻائو

نهال_ پاڙيسري نينگر

ڪرپال ۽ ايسر_ پوڙهي جا پٽ

انو_ پوڙهي جو پوٽو

ڏاسو_ نوڪر

صابل مل_ ڪنوار پيءُ

 

 

پوڙهي جو پرڻو

 

پردو پهريون

 ڪنورسنگهه:  ڀائي! تو خواهه مخواهه دل لاهي کڻي هٿ ۾ ڪئي آهي؛ اَڃا به ڪا ويل ويئي ڪانهي. ڪو واهڻي تاڙ واهڻي؛ هزار ٻن ۾ اکيون پوري ڪم ڪندو. اُنهن ۾ ڌيئر وڪڻڻ جو رواج گهڻو پوندو ٿو وڃي. اَڃا ڪالهه مون ماتر ڀومي اَخبار ۾ پڙهيو آهي ته گنبٽ پاسي هڪ واپاري چار هزار رپيا ۽ هڪ گاڏي چانورن جي ڏيئي چوٿين شاديءَ لاءِ مڱيو آهي. مونکي ته خيرن سان هيءَ ٻي آهي.

ڀائي گرداس:   پر سيٺ ڪنور سنگهه! اَوهانجي بلڪل پيري اَچي ٿي آهي.

ڪنور: ته پوءِ ڇا؟ جوانن لاءِ زالون عشرت آهن، ڪرڙوڍن لاءِ مدد، پوڙهن لاءِ پورهيت؛ تنهنڪري ماڻهوءَ کي ڪنهن وقت به پرڻجڻ لاءِ سبب آهي. ڇا، مونکي پيريءَ ۾ پورهيت ڪانه کپي؟

گرداس: اوهين آسودا آهيو، پنج نفرياڻيون رکي سگهو ٿا.

ڪنور: تون بيوقوف ٻائو آهين. دگر ۽ جگر ۾ به ڪو فرق آهي يا نه؟ ڇا پر پنهنجو ڪري سگهندس؟ تنهن کانسواءِ گلا جوگهانگهو ڌار ڳچيءَ ۾ وجهڻو آهي. لوڪ ٻوڪ آهي. ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن.

گرداس: اَوهانکي پٽ پوٽا سائينءَ سڀ ڪجهه ڏنو آهي.

ڪنور: کڏ ۾ هڻ اِنهيءَ سڀ ڪجهه کي. هو مال جا طالبو، جوين سوڌو رات ڏينهن پيا منهنجو موت تڪين. منهنجي مايا مان موجون اڏائين. نهر سڻڀو ستابو مڙسن کي کارائي، جهڙو تهڙو ٿيون بي دليو مونکي ڏين. زال کانسواءِ مونکي هيتري دولت مان ڪهڙو مزو؟ شرم ماريو وڏو سڏو گهر ۾ چار گهڙيون ويهي چين وٺي نٿو سگهان. ڀائي گرداس! مون سان ڪا گهٽ تعدي نه آهي. ٻن جا چار باسي به منهنجو ڪم ڪيئن نه ڪيئن ضرور اُڪلاءِ.

گرداس: سائين! توهين مون تي تپو ٿا؛ پر سچ پڇو ته تازو هڪ واهڻيءَ کي چار هزار رپيا به چيا اَٿم.

ڪنور: پوءِ ڇا چيائين؟

گرداس: سائين! پهريائين ته ايترا پئسا ٻڌي وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس؛ پر پوءِ وري ڦيري کائي چوڻ لڳو ته: ڪير ڪراڙي ڪاسائيءَ اڳيان ڪچڙو حلواڻ ڪسڻ لاءِ ڪڍي ڏيندو؟

ڪنور: بيوقوف هو. تو ڇو نه چيس ته هيڪاري جوان بيوفا ۽ مچلا ٿيندا آهن. نئين ڪنوار کي نوائي جي نون ڏينهن کانپوءِ ليکي به ڪونه، وتندا در در دوستي لائيندا. ٻڍا چيڙهالا ٿيندا آهن. مرندي مري ويندا، پر جوءِ جي جند نه ڇڏيندا. چلهه ۾ اُماڙي ته به ٻڍي کي جوءِ پياري. جي سڪي سڪي وٺندا، سي قدر به اوڏو ڪندا. ڪيئن ٿو ڀانئين؟

گرداس: بيشڪ سائين! پر ڪهڙي ڪنوار خوشيءَ سان هنن اَڇن ۽ خشڪ چانورن (اَڇي ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي) جا ڦڪ ڀرڻ قبول ڪندي؟

ڪنور: ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڳڙ وجهي ڳاڙهي تانهري ڪرڻ ڪونه ڏيندو. ڇا ٿو سمجهين؟

گرداس: سمجهان ٿو سمجهان، ميندي لائي ڳاڙهي ڪندا نه؟ تنهن کان اصلي هن ڪپهه جي پوک ۾ ڏاٽو ڇو نه ٿا وجهايو؟

ڪنور: ڪريان ته جيڪس هن (ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي) ڇڄهريءَ سان اِهائي ڪار، پر ڇا ڪريان، سنگهه ٿي پيو آهيان.

گرداس: يا سنگهه ٿيو يا گهوٽ ٿيو. باقي هن هيبتناڪ جهٻ (ڏاڙهي) سان ڪنهن به ڌيءُ پيءُ کي قبول ڪين پئي ڪين پوندا.

ڪنور: خضاب ملڪ مان کٽا آهن؟

گرداس: اهو ڪوبرا پالش مٿي کي لايو؛ باقي هيءَ (ڏاڙهيءَ تي هٿ) هيڏي بدزيبائي ڪا منهن ۾ ٺهي؟

ڪنور: ڇٽين ڀائي! ڇٽين. تون ڀلي وڃي مونکي جواڻ جماڻ ڪري هلاءِ. مان چڱو ئي نٽ ڪندس، ڏاڙهيءَ کي صفا چٽ ڪندس، وار ڪارا نپٽ ڪندس.

گرداس: مڇون ۽ ڀرون؟

ڪنور: ڳوليون نه لڀنديون ڪٽ ڪندس، گهٽ ڪندس، ٻيو ڇا؟

گرداس: سچلو آنهه، رڳ رڳ به سچي ٿئي؛ پر هڪ رڳ ۾ اَڃا رولو اَٿيئي؛ ڏند پٽيءَ ڪونهيئي، جو ڀڏو آهين!

ڪنور: داندن ساز کان مون سڄي ٻٽيهي نئين ٺهرائي رکي آهي، تون خيال نه ڪر، هاڻي جلد اَچي وڌائيءَ مان وارا ڪڍ.

گرداس: اَهڙو ڪو ڏجوم ڪڙاڪيدار ڏڍ. (وڃڻ)

ڪنور: بس، اڳتي پنهنجي نالي جي پڇڙيءَ مان سنگهه ڪڍي ڇڏيندس، ڪنور سنگهه ڇاجو؟ ڪنورچند چوائيندس. پيريءَ ۾ پرڻي کي ڌڪاريندڙ اڪثر پاڻ آهن جوان، کين ڪهڙو قدر؟ ٻڍن کان پڇي ڏسو. ڪيترا اَهڙا به لڀندا جي پٽن پوٽن کي گهوڙيءَ تي چڙهندو ڏسي، دل ۾ پيا چوندا هوندا ته اڙي هڻي ڇوڙن کي ڪيرائي هوند پاڻ چڙهي وهون. ”مڙس پيريءَ ۾ اچي، حرص جوانيءَ ۾ اَچي؛ رات پوئين ٿي بچي، ننڊ جي ٻيگهي ٿي مچي.“ پٽ پوٽا، ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا، پئسا منهنجا، پرڻجن پاڻ! (ڳائي ٿو)

راڳ

ڇا ٺاٺ ذؤق شؤق سان شادي تيار ٿئي

گهوڙي اَچي ته گهوت مزي سان سوار ٿئي.

(1) شرناءِ دهل ڇيڄ جي نوبت لڳي وڃي

گوئيي جو ناچ ڌار ٿئي ته بئنڊ ڌار ٿئي.

(2) پوشاڪ ٺاٺ باٺ سان ڄاڃي هلن گڏيا

گهوڙيءَ جي پوئتان ته بگين جي قطار ٿئي

(3) بم گولا هوايون ڪپا ڦرڻيون ۽ ڦٽاڪا

سڙندا هلن ته ساهري گهر ۾ پچار ئي.

(4) ٿيلهيون ڪڍي ٻاهر ڪيو گهورڻ لاءِ گهوٽ جي

هرهڪ لنگهي جو گهور سان کيسو ئي تار ٿئي.

(5) آڻيو ڪو مڪٽ موڙ جهرمر سان مزيدار

چمڪاٽ آب تاب ۾ جو جلويدار ٿئي.

 

پردو ٻيون

 

نهال:  (اَچڻ) آڇين (ڇڪ)، آڇين (ڇڪ)، آڇين (ڇڪ)! مالڪ خير؛ هي ڇڪون آهن يا بندوقي فير؟ (کلڻ) آها ها ها.... آها ها ها.... آها ها ها (سڏڻ) او سيٺ ڪرپالداس! هلي آءُ سائين ڪرپالداس!! ڪاڪا ڪرپالداس!!!

ڪرپالداس:    (اَچڻ ۽ ڌڪ هڻڻ) ڇاهي، ڇاهي ڇورا! ڇا تي ٿو گهوڙ مچائين؟

نهال:  واهه سائين! وڏو سيٺ ونواهه ۾ وهي، نماڻو نهال شاديءَ جي شرناءِ به نه وڄائي!

ڪرپال:        ڪير بابو، ڇا شادي ٿو ڪري؟

نهال:  باقي ڪهڙي دير آهي؟ حجم اَچي ويو آهي؛ ڏاڙهي مڇون ڀرون سوڌيون ڪوڙائي تري ڪيون اَٿس. ڀائي گرداس گهوڙي وٺڻ ويو آهي. اَوهانکي ڪل ئي ڪانهي؟

ڪرپال:        سچي؟

نهال:  ڄاڻ مڃ اَچي لٿي.

        هو بيٺو ٿي هڻي کڳي _  وارن کي ويا رنگ لڳي

ٿي  مڇ ڏاڙهيءَ سان ٺڳي_ ڊنگ ڊنگ نوبت ڄاڻ وڳي.

ڪرپال:        مونکي ته اَڳيئي سندس اهي ٽپڙ ساريا پيا آهن. دادي ايسرداس کي ته سڏي وٺ.

نهال:  حاضر. اڳو پوءِ چوانس ته ٽڪن جي ڳوٿري به گهور گهورڻ لاءِ کنيو اَچي.

ڪرپال:        ڇڏ مخول. هرتالي، وڃ. (ڌڪ اولارڻ)

نهال:  اَررر سائين ويو. (وڃڻ)

ڪرپال:        پيريءَ ۾ پرڻو! خيراتي کوهه کڻڻو آهي. وري اَلائي ڪهڙي هچا آڻي سر تي هڻندو. ججڪي ڏيئي ٿو جوڀن جاڳيس، ننڊن سان پرڻجڻ ويلي ٿو ڪنوار ڳولي! (ايسرداس جو اَچڻ) دادا! نهال ڇا ٿو چوي؟

ايسرداس: تنهن ۾ ڪهڙو مين ميک، اَسان کي پيءُ جا پار سجهن نٿا؟

ڪرپال:        هاڻي ڪيئن ڪريون؟ اَسين ڪنڌ کڻي ٻاهر ڪيئن گهمنداسين؟

ايسر:   سوڙيون پائي وڃي سمهنداسين.

نهال:  جي مون سان ملي وڃي ته سوڙين ۾ ئي سچلو سيٺ کي سمهاري ڏيکاريانو.

ڪرپال:        وارو ڪر، ٻيلي نهال وارو ڪر، تو پارو حرفتي سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.

ايسر:   ۽ پاڻ کي انعامن سان ڀري سگهي ٿو.

نهال:  اِنعامن سان ڪين سکڻن انجامن سان؟

ڪرپال:        ڏس وري.............

نهال:  اِها وڙي ڏٺي ڇا کاڌي به اَٿم. اَڃا پيٽ ۾ تازو گڙڪو آهي.

ايسر:   ڀلا ڪڏهن؟

نهال:  وسري ويو؟ سيٺ جي اڳين مائٽي ڀڃڻ مهل.

        مورندمل وٽ وڃڻ مهل.

ڪرپال:        ٻيلي! هاڻي اڳواٽ چئين ته اڳواٽ ڏيون.

نهال:  اَهڙي بي پتيائي، من کان نه ڀني آهي نه پڄندي. هلو ته هلي سارو مانڊاڻ منڊيون.

ايسر:   واهه واهه!

نهال:  اَچو. (ٽنهي جو وڃڻ)

ڪنور: (اَچڻ. وار ڪارا، ڏاڙهي مڇون چٽ، ڀروون ڪٽ خوب ٺاٺ سان).

        جنهن ڪراڙپ ٿي ڪئي مون سان ٺڳي

        مون به اُن سان دوستي آهي ڀڳي

        رنگ ڪارو ويو اَڇي سر کي لڳي

        ناهه ڏاڙهي، جوت جوڀن جي جڳي

        زال ڏسندي خوب ماريندي کڳي.

        واهه ڙي ڪنورچند واهه! ٻڍاپي جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيئه. ڪنيءَ ڪراڙپ جي ڌپ کي گپ ۾ لوڙهي ڇڏيئه. (آئينو ڏسي)

        ڏند ٿيا موتيءَ جا ڌاڻا وار ڪارا ڀنور جان

        سينڌ وارا زلف ڪارا ڪيئن لڏن ٿا چنور جان

        نيڻ آبي ڳل گلابي ٿا ٽلن ڄڻ ٽنور جان

        حال شل هر ڪنهن جو پيريءَ ۾ ٿئي مون ڪنور جان

        ٿري چيئرس فارماءِ گڊ پڪچر؛ هپ هپ هري!

        هپ هپ هري! هپ هپ هري! (ڳائي ٿو)

 

راڳ

ڇا صورت بکي ٿي جناب جي

ڇا خوشبو کلي آ خضاب جي

لالي آهي ڳلن تي گلاب جي

خنڪي آهي اکين ۾ شراب جي

ايڪسيلنٽ وئل ڊن هيئر هيئر هيئر

مون ڏآڙهيءَ ۾ ڏاٽو وجهايو، ڪارو وارن کي پالش لڳايو

سهڻو ڏندن جو سيٽ چڙهايو، هاڻي شادي سندو آهه سعيو

نئون آيو جوانيءَ جو دؤرآهي_ ڇا_ اؤر آهي

منهنجو چهرو ڏسڻ کان زور آهي

هاڻي ڏاڏو ٿيو پوٽي سمان آهه

هرڪو چوندو هي ننڍڙو جوان آهه

اڙي فئشن ۾ ڪيڏو نه ٺاٺ آهه

هان ٺاٺ آهه، چڱو ڪنورچند، ٺاٺ آهه

(راڳ پوري ٿيڻ تي ڀائي گرداس اَچي ٿو)

گرداس: واڌائي، واڌائي. (ڪنور کي) سائين! وڏو سيٺ ڪٿي؟

ڪنور: ڪير وڏو سيٺ.

 

        جوڀن ۾ رنگ ڍنگ جوانيءَ ۾ وڏو سيٺ

        گل جي ٿو ڏسجي پاڪ پيشانيءَ ۾ وڌو سيٺ

        اسرار ۾ عجب ۾ حيرانيءَ ۾ وڏو سيٺ

        سستيءَ کان آهه دور ديوانيءَ ۾ وڏو سيٺ

        (مچ کي مروٽو ڏيئي ۽ سيٽجي) هيڏانهن ڏس وڏو سيٺ!!

 

گرداس: (کلي) ڪيا بات، ڪيا بات، خوب ڄمايو، ڪمال، ڪمال!

ڪنور: ٻڌاءِ واڌائيءَ جو حال، هاڻي ڪندو ڪو انڪار؟

گرداس: هڪڙو ڪم ته ڪري آيو آهيان بلڪل تيار.

ڪنور: جلد چئه؛ نئين جوڀن جي نبض ۾ چڙهيو آهي 108 ڊگرين وارو بخار (سيٽجن).

گرداس: بلڪل جوڀن واري ننڍي نيٽي ڪنوار.

ڪنور: واهه واهه ڀائي! هيءَ ته تو مفرح ۾ ياقوتي ملائي.

گرداس: پنج سؤ واڌائي؛ چار هزار ٻائي به ويندي کائي.

ڪنور: روبرو ڏسندا ته ڪجهه نه ڪجهه گهٽ ٿي پوندو جائي.

گرداس: مس مس مائٽي هٿ آئي؛ وري پڪائي.

ڪنور: منظور آهه، منظور آهه؛ ڪٿي آهي ڪنوار وارو؟

گرداس: رڳو ڏيڻو آهي اشارو. اَوهين ناڻو گهرايو.

ڪنور: سڏي اَچينس اَندر. (ٻائي جو وڃڻ) ڏاسو (نوڪري کي سڏڻ).

ڏاسو:   (اَچڻ) فرمايو.

ڪنور: مونکي بڻائڻ ۾ تو جيڪو پورهيو ڪيو سو ثاب پيو. ڪم ٺهي ويو، چار هزار پنج سؤ رپيا آڻي ڏي. هان ٽجوڙيءَ جي ڪنجي (ڏيڻ) پر ايندين ڪيئن؟

ڏاسو:   (چپٽي وڄائي) ابي!

ڪنور: شاباس، گاسليٽ جي دٻي. (ڏاسوءَ جو وڃڻ. صابل مل واڻئي جو منهن ڍڪيل ڇوڪريءَ سان گرداس سميت اَچڻ)

ڪنور: جيءُ آئين ۽ جيءُ آئينءَ. ڪيئن، ڪنوار هيءَ آهي؟ ڀائي تنهنجو نالو؟

صابل: سائين! صابل مل. (گرداس کي) ڀائي! سيٺ ته اَڃا ڪرڙوڍ ئي ڪين ٿيو آهي؛ تو ته مڙيل ٿي چيو.

ڪنور: ڪرڙوڍ ٿئي منهنجي ڀلا؛ کلا ٿي ٻاوا! تو وري وچ ۾ رولو ٿي وڌو.

گرداس: سائين! هي واهڻي ٿيندا آهن پڪا، تنهنڪري پاڻ وڏي ڳالهه ڪري ڏيکاريمانس. هي ڦرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا، ويڏيءَ تائين به مکياري آهن.

ڪنور: ڪيئن سيٺ صابل مل! ٽڪي جي دانگي به ٺڪي ٺوڪي وٺبي آهي، هيءَ ته ڳوڻ ناڻي جي آهي.

صابل: نه نه، بلاشڪ ڏسي وائسي سودو ڪريو. اِجها اِها اَٿو. سڄي ڏيکاري، اَنڌي ڪانه ڏبي.

گرداس: اَوهين ڏسي خاطري ڪريو نه.

ڪنور: ڏسان، ڏسان. (نخرو ڪري ٻيلي مونکي شرم ٿو اَچي.

صابل: شرع ۾ شرم ڇاجو؟ ڌرم ڪو اکيون ٻوٽڻ ڪونه ٿو سيکاري.

ڪنور: نه نه، پت آهي، توتي ڀائي ڀت آهي؛ ستيا تي ملڪ هلي ٿو.

گرداس: هائو، اَڃا اَهڙو ڪلجڳ به ڪونه آيو آهي!

ڪنور: چڱو، ڏسان ٿو. متان ڪلجڳ اَچڻ ۾ هجي. (ٿورو منهن کولي ڏسي ۽ خوشيءَ وچان رڙ ڪري ٿو) او ڏاسو! او ڏاسو! قبول، قبول.

ڏاسو:   (سهڪندو اَچڻ) سائين! آيو، آيو. هي چار هزارن جا چار نوٽ؛ هي سؤ سؤ وارا پنج نوٽ.

ڪنور: (نوٽ وٺي) هيڏانهن ڪر. هان سيٺ صابل مل! هي چار هزار ۽ ڀائي گرداس! هي پنج سؤ واڌائي.

گرداس: سکي رهو، وڌو ويجهو.

ڏاسو:   (پاسووٺي) ڀائي! اُڌ مونکي به ڏجو.

گرداس: هڙئي تنهنجي آهي.

ڏاسو:   تون ڪم ته لاهه. ٺهي پونداسين.

صابل: هاڻي پلئه پلي ملايو، ويڏي پڙهو ۽ ڪم لاهيو.

ڪنور: سڏيون ٻانڀڻ کي؟

صابل: نه سائين! ڀائي ئي ڪم لاهي؛ مان جلد هتان وگهرندس، متان شهرين جي ور چڙهي وڃان ۽ تماشو مچي وڃي.

ڪنور: ڀائي گرداس! ڇڏاءِ، تون ويڏي پڙهه.

گرداس: ويڏي ته مان ڪونه ڄاڻان.

ڪنور: هُڻ ڪي ڪريئي؟ سيٺ صابل مل!

صابل: اَنند صاحب ئي پڙهيئي.

گرداس: اهو به پورو ڪونه ڄاڻان. عمر ڪاٽيم مائٽين ڪرڻ ۾؛ پڙهڻ اَچي ڪيئن؟

ڪنور: جيڪي اَچيئي، ڪري ڪچا ڦڪا به اکر ڪڇ. مڙيو ئي ٿيو ڪم ٽپائڻو.

صابل: هائو ڪو اسٽانگ، پشٽانگ ڪر.

گرداس: (پلئه ڀلي ٻڌائي، ويڏي پڙهي ٿو) اَچي وچ ۾ اوچتو غريب گرداس اَڙيو، نه جنهن ڪڏهن انند يا ويڏي پاٺ پڙهيو، نه جو ڪڏهين گهوٽ ٿيو نه گهوڙيءَ تي چڙهيو، مون چوکو گهاٽ گهڙيو، پلئه پلي ڇوڙي ڇڏيو.

صابل: ڇٽين؛ ڇوڙيو سدائين پلئه پلي. شادي ٿي چڪي. (ڪنوار روئي ٿي) هاڻي اَسين موڪلايون ٿا. (پلئه پلي ڇوڙڻ) ڪنوار پرتي اَٿو.

ڪنور: اکين تي آهي.

صابل: چڱو، رام رام.

ڪنور: رام رام.

گرداس: هريهر.

ڪنور: هريهر.        (گرداس ۽ صابل وڃن ٿا)

ڏاسو:   سائين! ڪم ته ويو لهي. ڳالهه ڪا لڪندي به ڪين هاڻي ڇو نه گهر وارن کي سڏي وٺان ته گڏجي ڪو جشن ڪن.

ڪنور: جسن کان جلڻ لڳندا. ڀلي سڏي وٺين.

ڏاسو:   او سيٺ ايسرداس! سيٺ ڪرپالداس! ميولداس! وغيره وغيره اَچو گهور تي. (ايسر، ڪرپال، ميول، نهال ۽ هڪ ٻن ٻين جو اَچڻ.)

ڪنور: اَچو بابا ايسرداس! پٽ ڪرپالداس! ميولداس، نهال، وغيره وغيره، معاف ڪجو. وڏيءَ اَما کانسواءِ اَوهين به اُداس، منهنجي به ستياناس، گهر ۾ به ويو هو گهمي راڪاس؛ مطلب ته کنڌو ئي هو خلاص، هاڻي ڏسو ته هيءَ وڏگهراڻي ڇوڪري ڌرمائو ملي ويئي. پلئه پلي ٻڌجي چڪو. ڇا اَوهين اَرها ٿيندا؟

ايسر:   اَرها ڇو ٿيون. اَسان جي به جند ڇٽي پيئي.

ڪرپال:        چڱو ٿيو.

ڪنور: انو ڪٿي؟ (ڪنوار جو ڍڪيل منهن سان رئڻ)

ايسر:   اَنو ويٺو روئي. پاڻيهي اَچي ويندو.

ميول:  ڏاڏا! هاڻي جهمر وجهو ته اَسان گهور گهوريون.

ايسر:   ۽ جي سچ وڏي گهر واري هوندي ته ڪنوار به جهمر وجهندي.

ڪنور: لنگهو اَچي.

نهال:  سائين! اِها اگهرو به گهر ۾چڱي. مان ٿو دهل وڄايان.

ڪنور: هائو! کڏ گهر ۾ هجي ته ٻهر ٻاهر ڇو ڦٽو ڪجي؟ وڄاءِ!

 

جهمر جو راڳ

ڪنوار کڻي ٻڍو گهوٽ ڀلي گهر آيو ڀلي گهر

آيو ڀلي گهر آيو.

گهور گهوريندو، ناس ٻوڙيندو، ڏيندو لنگهن

   کي نوٽ، ڀلي گهر آيو

وني ماڻيندو، جوءِ آڻيندو، گهر ۾ وجهندو

        ڦوٽ، ڀلي گهر آيو.

        (نهال دهل وڄائي ٿو. ڪنور ۽ ڪنوار جهمر هڻن ۽ راڳ ڳائين ٿا. راڳ پوري ٿيڻ تي ڪنوار زنانا ڪپڙا ۽ جڙتو وار لاهي ڦٽا ڪري ٿي ۽ اَنو ٿي پوي ٿو.)

ڪنور: هان، هي ڪهڙو ڊوهه، منهنجو پوٽو اَنو ڪنوار بڻايو اَٿو؟ هاءِ هاءِ ڳوڻ ناڻي جي! اڙي صابل، ٻيڙي ٻڏيئي؛ ڦري وئين. اَڙي کٽ جا پاوا گرداس، هي ڪهڙو ڪارو منهن ڪيئه!

نهال:  بغداد! سيٺ سان اَنڌير!!!

ايسر:   بابا ڪم ته ڌرمائو هو.

ڪرپال:        ناڻي جي ڳوڻ ڇاجي؟

ڪنور: اَڙي سچي ته ڪر ڏاسو.

ڏاسو:   ايڪ وار، دو وار، تين وار، ساڍا چار هزار.

ايسر:   پيئي ڪراڙي کي مار.

ڪنور: اَنو يار.

اَنو:     ڪنوار ڀڄي ويئي. اُڀ ۾ کجي ويئي؟

ڪنور: اَبوهه، وڄي ويئي وڄي ويئي!

سڀ:   هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي!

ڪنور: ڳوڻ ناڻي جي سڄي ويئي!

سڀ:   هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي!

ڪنور: ڪنڌ ڪوٽ ڏي ڀڄي ويئي!

سڀ:   هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي!

ڪنور: آسمان ۾ کڄي ويئي!

سڀ:   هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي!

اَنو:     ڏاڏو ڪري لڄي ويئي!

سڀ:   هاءِ هاءِ جو وڄي ويئي!

ڪنور: وڄي ويئي وڄي ويئي!

        (ڪنور پٽيندو وڃي ٿو؛ ٻيا ٺٺوليون ڪندا، نچندا وڃن ٿا)

                                (پردو ڪري ٿو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com