سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو :5

 

 

سماجي شيوڪ

 

رام پنجواڻي

 

 

ياتر:

 

ديوان حشمتراءِ،

گومي ٻائي_ ديوان حشمتراءِ جي ڌرم پتني،

ساوتري_ ديوان حشمتراءِ جي ڌيءَ،

سلامتراءِ:_ ديوان حشمتراءِ جو دوست، ۽

نوڪر.

 

 

سماج شيوڪ

 

آستان:

        ديوان حشمتراءِ جي گهر جو هڪ ڪمرو جنهن ۾ هڪ ٽيبل، ٻه ڪرسيون رکيون آهن. هڪ پاسي کان پاٺ پوڄا ڪرڻ جو سامان رکيو آهي.

        (پردو کلي ٿو)

        (گومي ٻائي ڪٿا ويٺي واچي، هٻڪي هٻڪي پيئي پڙهي.)

گومي ٻائي: ستيه وان کي...... ستيه وان کي...... ستيه وان کي نانگ ڏنگيو. ڀاوي...... پر...... پر...... پرٻل آهي (سڏ ڪري) اڙي ڇوڪرا چانهه جو پاڻي رکيهءِ؟ (وري پڙهي ٿي) لکيو جو لاٽ ۾ سو پڙي، مور نه ٽري، ستيه وان دانهن...... دانهن ڪري ڪري پيو (پٽ کي سڏ ٿي ڪري) گوبند او گوبند!! (جواب نه ٻڌي) سمهيو ته سنجها کان اَڳ اُٿندو ئي ڪونه. سمهيو پيو هجي، مان ڇاڪريانس؟ وڃڻو کيس ۽ مغز کپايان مان! (پڙهي ٿي) يمراج...... يمراج...... ستيه وان کي وٺڻ آيو...... ساوتري دوت جي پيرن تي ڪري پيئي (ڳوڙها اُگهي ڀڻ ڀڻ ڪري ٿي چوي) ويچاري ساوتري! ايشور تون لڄ جي گذارجانءِ، پت جي نڀائجانءِ، گوبند جو پيءُ گهر کان ٻاهر نڪري ته ساهه وڃي گهر جي چانئنٺ ۾ اَٽڪي (ٿڌو ساهه کڻي) شل وار نه ونگو ٿيندس! شل منهنجي عمر به کيس ملندي. پتيءَ کان سواءِ پتني! نور کان سواءِ نيڻ!! ڏٺئه، وري ڀٽڪي ويو مئو من. (اَڳتي ٿي پڙهي) ساوتري سڏ...... سڏ...... سڏڪا ڀري چوڻ لڳي، ”منهنجو سهاڳ مونکي موٽائي ڏي.“ تنهن تي، تنهن تي...... يمراج چيو، ”ساوتري...... ساوتري...... ساوتري......“

        (ساوتري، گومي ٻائيءَ جي ڌيءَ اَندر اَچي ٿي)

ساوتري:  جي، ممي، جواب لاءِ به ڪونه ٿي ترسين، سڏ پٺيان سڏ پيو پوي.

گومي: (پستڪ مان منهن مٿي ڪري) ڇو توکي ڪنهن سڏيو؟ يمراج سڏيو ساوتريءَ کي، ڪين مون سڌيو توکي؟ اَڃا من لڳي ته وگهن پوي......

ساوتري:  پڙهه ممي پڙهه! مون سمجهيو ته مونکي سڏيهءِ، مان به ته ساوتري آهيان نه؟

گومي: پر ڪيڏانهن شاسترن واري ساوتري ۽ ڪيڏانهن اَڄ ڪلهه جي زماني جي ساوتري!

ساوتري:       هن زماني جي ساوتريءَ ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي؟ تنهن جي ڪٿا واري ساوتري مون کان ڇا ۾ سرس آهي؟

گومي: هن زماني کي ڏي باهه، ڪجلڳ جي هلي آهي ستجڳ سان ڀيٽ ڪرڻ. ڪٿي اَڳيون ديويون ڪٿي اَڄ جون نٽونئيون! ڀنڀورين وانگر پيون ڀلڪا ڏين ۽ پوپٽن وانگر پيون جهلڪا ڏين. هلي آهي برميچڻ سچي ساوتريءَ سان. هڪ ڳالهه ۾ به نه پڄي سگهينس.

ساوتري: (کلي) وٺي اَچ پنهنجي ساوتريءَ کي ممي، اَچي مون سان بئڊمنٽن جو سيٽ ته کيلي ۽ هڪ پائنٽ ته کٽي ڏيکاري. اَچي ڪري مون سان مقابلو ٽئسٽ ۽شيڪ ۾، ويهي ڪري مون سان برج يا رمي.

گومي: وس پڄيئي ته مونکي به ساڙهيءَ جي عيوض سلئڪس ۽ جين پهرائين نه؟ وس پڄيئي ته چمپل جي عيوض پيرن ۾ چيڪلا وجهي ماءُ کي به نٽراج ۾ نچائين.

ساوتري: ونڊرفل ممي، ونڊرفل! واهه جي ڳاهه ڪيئهءِ. روج ۽ لپسٽڪ لڳائين ته چمڪي اَٿين. جيڪر سڀڪو چوي ته تنهنجي ممي ڪيتري ماڊرن آهي!

گومي: مائي گهڻو ٿيو. تون وڃ ۽ وڃي ڪاليج ۾ مئچ ڪر.... اَڃا من لڳي ته وگهن پوي.

ساوتري: تنهنجي ساوتريءَ بجاءِ يمراج سان ماڊرن ڇوڪري ملي ها ته نيزاريون ڪرڻيون ئي ڪونه پونس ها!

گومي: ته ڇا ڪرينس ها؟

ساوتري: ناز ڀري نگاهه سان نهوڙي ڇڏيس ها، هڪ مٺي مرڪ سان موهي ڇڏيس ها؟

گومي: اَڄ ڪالهه جون ڇوڪريون پنج پير کڻو ته پيون ٽنگون ٽٽنوَ سو ماڊرن ڇوڪري پڄي ها يمراج سان پنڌ ۾؟

ساوتري: سپرسانڪ ۽ جيٽ جهاز ۾ آڳ وڃي وٺيس ها. يمراج آناڪاني ڪري ها ته هڪ ئي بم سان يمراج جي نگري ناس ڪري ها ۽ ور واپس وٺي اَچي ها. ممي ٽاٽا، باءِ باءِ!

گومي: ٺاٺا ۽ باهه باهه! مئن انگريزن اکر به ڳولهي ڪڍيا آهن، پر اَڄ ڪلهه جتي ڪٿي آهي به ٺاٺا ۽ باهه باهه، ٻيو آهي ڇا؟ (پڙهي ٿي) تنهن تي يمراج چيو ساوتري موٽي وڃ.

        (در جي گهنٽي ٿي وڄي).

گومي: ايتري ۾ موٽي به آيا؟ چڱو ٿيو، چڱو ٿيو. (اُٿي در ٿي کولي)

آواز:    ديوان حشمتراءِ آهي؟

گومي: ديوان ته ٻاهر نڪتوآهي، ڪاڪا!

        (ڪاڪو سلامتراءِ: اَندر ٿو اَچي)

سلامتراءِ: اَچي ويندو، اَچي ويندو، آيو آهيان گڏجي ويندوسانس. چانهن چڪو کڻي اتيئي پيئبو.

گومي: پاڻ دير سان ايندا. شام جو مس موٽندا.

سلامتراءِ:ڀلي رات جو موٽي. مان جتي ويندو آهيان، اُتي پنهنجو گهر سمجهي ويندو آهيان. توهان ڪو ڌاريا آهيو ڇا؟ پرسي وٽ ويس ته ڇڏي ئي نه. نيرن به اُتي ته منجهند به اُتي! موقعو هر هر ڪونه ٿو ملي. مونکي وقت ڪٿي آهي ماڻهن وٽ وڃڻ جو؟ ڪيترا ته ڪم آهن، ڪيتريون ته مشغوليون آهن! پينشن وٺڻ کانپوءِ ته ڪم ئي وڌي ويو آهي. اَخبار جو ڪم هڪ طرف ته سماج شيوا ٻئي طرف، وقت ڀڄندو ٿو وڃي. اَسان جهڙن ماڻهن لاءِ ته ڏينهن 96 ڪلاڪن جو هئڻ گهرجي، نه ته مائي، تون ئي ٻڌاءِ ته پنجاهه سٺ سالن ۾ ماڻهو ڪري ئي ڇا سگهندو؟ ڏس پرسي وٽ ته منو ڏينهن گذري ويو ۽ توهان وت اِجها ٿي رات، پرسو آهي سو ڇوڪرو پر ويچاري تي وڏي آپدا اَچي ڪڙڪي آهي.

گومي: پرسو ڪهڙو؟

سلامتراءِ: اِهو جيوترام جو پٽ، پرسو. ڀيڻ! ويچاري جي زال رسي وڃي پيڪي ويٺي آهي، خبر اَٿيئي ته ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

گومي: نه ڪاڪا، مونکي ڪهڙي خبر!

سلامتراءِ: مون جهڙو ماڻهو سماج ۾ نه هجي ته تو جهڙين اَٻوجهه اِسترين کي جيڪر خبر به نه پوي ته سماج ۾ ڇا پيو وهي واپري. ٻڌايانءِ ٿو، پر ٻئي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪج. ٻاٻا ڀلي، ڍڪي ڀلي. هتان جي ڳالهه هت ڪرڻ مونکي وڻي ئي ڪونه.........

گومي: ڪشٽ نه ڪريو ڪاڪا، زال مڙس پاڻ ۾ ڄاڻن، اَسانجو ڪهڙو پريوجن؟

سلامتراءِ: سماج جي ستياناس ٿئي ته ڀلي ٿئي؟ ڀلا اِهو به ڪو ڪارڻ آهي جو پتني پتيءَ کي ڇڏي وڃي پيڪن ۾ رهي؟ پرسو اَڌ رات جو اُٿيو ۽ باٿ روم ۾ وڃڻ وقت جتي نه پاتائين ته مائي مڇرجي ويئي! هٿ ڌوئي چولي سان اُگهي ڇڏيائين ته اَميرزادي ڏمرجي ويئي!! ڇورين کي ڀلا ملي ويئي آهي ڇڙواڳي ته اَهڙا ڪلور ڪيئن نه ٿيندا؟

گومي: ڇوڪرا چانهه کڻي اَچ، ڪاڪي کي ڪيترا نه ڪم آهن!

ڇوڪرو: (اَندران) آيو مائي آيو.....

سلامتراءِ: ڪٿي ويندو آهيان ته تڪڙ ڪندو ئي ڪونه آهيان. اَڳلو به ناراض ٿئي ۽ پاڻ کي به آنند نه اَچي. کڻي اَچ بابا ته پيون چانهه جي پيالي. (ڇوڪرو چانهه کڻي، اَچي ٽپائي تي رکي ٿو. گومي ٻائي چانهه ٺاهي ٿي.)

گومي: کنڊ ڪيتري ڪاڪا؟

سلامتراءِ: اِهي چار پنج چمچا، پر کير گهڻو. بمبئيءَ ۾ اَچي چانهه سکيا آهيون، بابا! سنڌ ۾ ته فقط سياري ۾ پيئندا هئاسين. واهه واهه سنڌ جو سيارو! ڇا کوهيا ۽ معجون کائبا هئا! ڇا سيرا ۽ حلوا واپرائبا هئا! ڇا کيرڻيون پيئبيون هيون! کيرڻيءَ ۾ ڇا ته پستا ۽ بادام وجهبا هئا! کاڌي جا مزا ته اُتي هئا. سڄو پلو ۽ سير گوشت جو مڪ ويلي تي کائي ويندو هوس. (پيٽ تي هٿ گهمائي ٿو) اَڄ به مالڪ جي مهر آهي. کاڌي ۾ جهڙو تهڙو جوان ڪو نه پڄي سگهندو. اَڄ طبيعت ٺيڪ نه آهي، ته به پرسي کان وڃي پڇو ته ڪيئن باسڻ کڙڪائي آيو آهيانس.

گومي: شڪر آهي جو ايترو هضم ڪري سگهو ٿا.

سلامتراءِ: بابا گهر ۾ گهٽ کائيندو آهيان جو زال ڪرڪر ڪندي آهي. ويلي تي ڇهن جي بجاءِ ست ڦلڪا ته کان! هل مچائي ڏيندي. هرهر پيئي چوندي ته بيمار ٿي پوندا. باقي مجلس مڙيءَ ۾ يار دوستار وٽ رڄ ڪري کائيندو آهيان. ڀلا دل ڪري جيڪي طعام تيار ڪندا تن کي ناراض ڪيئن ڪبو؟ سماج شيوڪ کي ٻين جي دل ته رکڻي پوي ٿي نه؟

گومي: (صوف کڻي) کل لاهيان يا کل سان کائيندا؟

سلامتراءِ: پرسي وٽ ايترو کائي آيو آهيان جو رات جو ويلو به گسائڻو پوندو، پر صوف جي ٻي ڳالهه آهي. ميوو ته وري به ڀائي آهي نه؟

        (گومي ٻائي ڪپ سان صوف وڍڻ تي آهي ته سلامتراءِ: روڪي، صوف کي ڪپ سان نه ڪپ. طاقت جا جزا مري ويندا. (صوف وٺي سڄي کي چڪ ٿو وجهي) صوف کائجي ته هيئن کائجي. (در تي گهنٽي ٿي وڄي، ڇوڪر اَچي ٿو در کولي، حشمتراءِ اَندر ٿو اَچي).

حشمتراءِ: اَڙي يار تون هت! گهڻن ڏينهن کان پوءِ پير ڀريا اٿيئي. (سلامتراءِ اُٿڻ جي ٿو ڪري) ويهه ويهه، سلامتراءِ:. (ڪوٽ ٽوپي لاهي ٿو. گومي ٻائي ڪوٽ ۽ ٽوپي کڻي اندر ٿي وڃي)

سلامتراءِ: يار، ڀاڀيءَ ته چيو ته دير سان موٽندو. مون ته نشچو ڪيو ته ملڻ کان سواءِ مور نه ويندس، پوءِ ڀل رات جي رسوئي هت ئي کائڻي پوي.

حشمتراءِ: اَڃا کائڻ جوشوق جيئن جو تيئن قائم اٿيئي؟

سلامتراءِ: ڀاڀيءَ کي ويٺي ٻڌايم حشمتراءِ  يار توکي منهنجي اُصول جي خبر آهي ته جيڪو کائي کائي مري سو به شهيد ٿيو. ايشور در اِهائي پرارٿنا آهي ته ائين شهيد ٿي مران. ڪراچيءَ جي رامجي هنسراج ويسيءَ واري جو واقعو ياد اٿيئي؟

حشمتراءِ: بلڪل چٽيءَ طرح ياد آهي، ٻٽيهه ڦلڪا ۽ ديگڙو دال جو! ڪمال ڪري ڏيکاريو هوءِ. مئنيجر جا ماشا ئي ڦري ويا هئا.

سلامتراءِ: سڀ گذر. ڪيتري وقت کان پوءِ پاڻ ۾ گڏيا آهيون. ڏاڍو رڌل ٿو رهان. سماج ۾ ڪيتريون اوڻايون آهن. حل به ته اسان کي ڳولهڻو آهي نه؟

حشمتراءِ: اخبار ته زور پيئي هلي نه؟

سلامتراءِ: جنتا جي اخبار جنتا پيئي هلائي. سماجڪ اوڻاين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ جفاڪشي جيڪا مون ڪئي آهي ۽ شيوا جيڪا ”ستيه گزيٽ“ ڪئي آهي سا سونهري اکرن ۾ لکي ويندي. ”ستيه گزيٽ“ جو ڇا ته مان آهي! تو ڪالهوڪي اخبار پڙهي آهي؟

حشمتراءِ: نه، نه. ڪا سنسني خيز خبر آهي ڇا؟

سلامتراءِ: مان سنسنيءَ مان ڇا ڄاڻان؟ مان سچ جو ڪانکي آهيان؛ سچ چوڻ کان ڪين گسندو آهيان. اهوئي ته ڪارڻ آهي جوشاهوڪار ۽ هلنديءَ وارا مون کان ڪؤ کائيندا آهن ۽ مونکي خوش ڪرڻ لاءِ منهنجي خوشامد ڪندا آهن.

حشمتراءِ: موٽ ۾ تون سدن فوٽا ڇپيندو آهين.

سلامتراءِ: جو وهندو سو لهندو. مون وٽ ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي. بلاڪ سندن، باقي پنج رپيا پاسپورٽ سائيز جا؛ ڏهه رپيا چئن اِنچن جي فوٽي لاءِ ۽ پنجويهه رپيا ڪارڊ سائيز جا. بابا جئن کنڊ گهڻي تيئن کير مٺو. ڪنهن جي اوڻائي ڏسبي ته پهرين اِشارو ڏبو. اِشارو سمجهي ويو ته اُپٽار بند، نه سمجهائين اِشارو ته پوءِ ٽٽونءَ کي ٽارو.

حشمتراءِ: گهڻائي دفعا ڏٺو اٿم ته تنهنجي اَخبار ۾ اَهڙيون خبرون هونديون آهن جن مان ائين سمجهبو آهي ته ٻيءَ اَخبار ۾ ڦاٽ ڦاٽندا.

سلامتراءِ: سماج جون اوڻايون ڏسي دل جلي ويندي آهي. سماج دروهين کي اطلاع ڏيندو آهيان. اَچي جو شرڻ پوندا آهن ته ٺري ويندو آهيان. رشوت کان ونءُ ويندو آهيان، باقي شرڌا سان آيل ڀيٽائون قبول ڪندو آهيان ۽ ڪنهن پريميءَ جي دل ٽوڙڻ نه چاهيندو آهيان.

حشتمراءِ: ها ڀلا ڪالهوڪي اَخبار ۾ ڇا هو؟

سلامتراءِ: (اَخبار ڪڍي پنا اُٿلائي) هي پنو پڙهي ڏس ته دوستيءَ جو ننگ نباهيو اَٿم يا نه؟ کليو کلايو لکي، پنهنجي پير مان لاهي پنهنجي منهن ۾ هڻڻ برابر آهي.

سلامتراءِ: (پڙهي) اهو ڪنهن ڏانهن اشارو آهي؟ (پڙهي ٿو) هڪ پينشنبردار ديوان جي ڌيءُ هڪ شرابي لفنگي جي پريم ۾!

سلامتراءِ: تون به اشارو نه سمجهي سگهئين نه؟ اها آهي منهنجي هوشياري! ٿورو ويچار ڪندين ته پرولي سمجهي ويندين، توکي ٻڌايم ته اهڙين ڳالهين ۾ پهرين اشارو ڏيندو آهيان تنهنجي ڌيءُ سان منهنجي ڌيءُ.

حشمتراءِ: ته هيءُ اشارو منهنجي ساوتريءَ ڏانهن آهي؟ هن ۾ جيڪي لکيل آهي سو ساوتريءَ سان ته لڳي ئي نٿو.

سلامتراءِ: ڏيئي کي پٺ ۾ اوندهه هوندي آهي، مون جيڪي لکيو آهي سو حقيقتن تي ٻڌل آهي، حيراني آهي ته توکي خبر نه آهي تنهنجي ڌيءَ سرڳواسي ديوان پريتمداس فاريسٽر جي لفنگي پٽ جشن سان اٽڪي ويئي آهي.

حشمتراءِ: مونکي ته ڪابه خبر نه آهي (زال کي سڏ ڪري) گوبند ماءُ! گوبند ماءُ!

گومي: اَچان ٿي.

سلامتراءِ: ڀاڀيءَ کي ڇو سڏيهءِ؟ هيءَ ويچاري سدادي، وشواسي مائي!

گومي: چئو سائين!

حشمتراءِ: توکي خبرآهي ته اسان جي ساوتريءَ جو ناتو سرڳواسي ديوان پريتمداس فاريسٽر جي پٽ جشن سان آهي؟

گومي: ڪير ٿو چوي؟

حشمتراءِ: اخبار ٿي چوي. ”ستيه گزيٽ“ جو ايڊيٽر ديوان سلامتراءِ ٿو چوي.

گومي: اِهو ڪوڙو اِلزام آهي. ساوتري مون کان ڪجهه به نه لڪائيندي آهي.

سلامتراءِ: تحقيقات ڪرڻ کان پوءِ خبر ڇاپي اَٿم سا به گپت نموني ۾. توهان کي خبر آهي ته سماج جي ڀلي لاءِ پنهنجي ”ستيه گزيٽ“ ۾ هيءَ حقيقت شايع ڪرڻ کان اڳ ڪيترو دک محسوس ڪيم؟ منهنجي دل جنسي رنو. هن پاسي دوست جي ڌيءُ ۽ هن پاسي فرض. من چوي دوست جي ڌيءُ آهي، ٽري وڃ ۽ وويڪ چوي ته پنهنجي اوچ اصول تان نه ڪر، پر هيءَ خبر ڇاپي مون توتي احسان ڪيو آهي.

حشمتراءِ: اَحسان!

سلامتراءِ: پيءُ کي آگاهه ڪرڻ ته سندس ڌيءُ غلط مارگ تي هلي رهي آهي، اَحسان نه آهي؟

حشمتراءِ: تون منهنجودوست آهين نه؟ خبر اَخبار ۾ ڇپڻ کان اَڳ مونکي روبرو نه ٿي ٻڌائي سگهئين؟

سلامتراءِ: اَخبار ۾ آيل خبر جو وڏو اَثر ٿيندو آهي.

حشمتراءِ: پوءِ ڀل ڇوڪري بدنام ٿي وڃي؟

سلامتراءِ: بدنامي ڇاجي؟ ايندڙ اَخبار ۾ اُپٽار ئي نه ٿيندي ته قصو ئي ليءِ مٽي ٿي ويندو.

حشمتراءِ: قصو ليءِ مٽي ڪرڻ جي قيمت ڪيتري؟

سلامتراءِ: قيمت اَکر مونکي ڪين وڻندو آهي. ڏنڊ چئه. مون وٽ دڪان ڪونهي جتان چيز خريدي قيمت اَدا ڪرڻ آيو آهين. توکي اَڳ ۾ ئي ٻڌايو اَٿم ته شرڌا ڀري ڀيٽا سويڪار ڪندو آهيان، پريم سان ڏنل پرساد ڪونه موٽائيندو آهيان. بيکاري نه آهيان جو بيک پنان، ڊاڪو نه آهيان جو ڇني وٺان، ڪاسائي ڪونه آهيان جو ڪاتي ڪڍي بيهان، گهري وٺڻ کان مرڻ ڀلو. سماج سڌارڪ آهيان. ڪئريڪٽر به ته ڪا شيءِ آهي! اَسان جهڙا ماڻهو ٻن باهين ۾ آهن. هن طرف مترتا جو موهه ۽ هن طرف سماج سڌارڪ جو سؤداءُ.

گومي: منهنجي ڌيءَ جي بجاءِ پنهنجي ڌيءُ لاءِ هل ٻڌو ها ته ڇا ڪريو ها؟

سلامتراءِ: مون وٽ تنهنجي منهنجي ٿئي ڪانه، سڀ هڪ سمان. مان سم درشٽيءَ وارو ماڻهو آهيان. گانڌي مهراج جو پوئلڳ آهيان. مهاتما خود ڪستورٻا مان به نه ٽرندو هو.

حشمتراءِ: مونکي ٻڌاءِ ته مونکي شرڌا ڀيٽا گهڻي ڏيڻي پوندي؟ مون ۾ ته سگهه ئي ڪانهي.

سلامتراءِ: پيءُ ٿي ڌيءُ جي ديکڀال ڪرڻ ۾ گٿو آهين، تنهنڪري هي ڏنڊ ڏيڻو ٿو پويئي. جيڪي وڻيئي سو کيسي ۾ وجهه. پنجاهه سؤ ۾ سڃو ڪونه ٿي ويندين. جيڪڏهن سڀڪو مٺ ڀيڙي وهي ته اَسان جهڙا سماج شيوڪ ڇا تي هلن؟

حشمتراءِ: مان پرهينءَ پنجاهه رپيا پهچائي ويندس.

سلامتراءِ: پنجاهه رپيا (ٿورو ويچاري) ٺيڪ آهي. آزادي پرچي ۾ ائڊورٽزمينٽ جي اَڌ صفحي لاءِ.

حشمتراءِ: ائڊورٽزمينٽ! مون وٽ ڪهڙو وکر آهي جنهن جي مشهوريءَ يا وڪري لاءِ ائڊورٽزمينٽ جي ضرورت آهي؟ مان هڪ پينشنبردار پوسٽ ماستر، مان اِشتهار ۾ ڇا لکندس؟

سلامتراءِ: ڪجهه به لک، نه ته پنجاهه رپيا ڇاجا ٿو وٺان؟ وويڪ به ته ڪا ڳالهه آهي.

حشمتراءِ: اَخبار جو چندو ڪري وٺ. تو ئي ته چيو ته جنتا جي اَخبار جنتا ئي ٿي هلائي. مان اِشتهار ڇا جو ڏيان؟

سلامتراءِ: اِشتهار ۾ فقط شڀ ڀاونائن جو اِظهار ڪر ۽ نالو به لڪل رک. آزادي ڏينهن جون شڀ اِڇائون_ هڪ سڄڻ. (حشمتراءِ ٿڌو ساهه کڻي ٿو) رهجي آئي؟ تنهنجي ڀاونا به پوري ٿي ۽ منهنجو اصول به قائم رهيو. سماج شيوڪ کي ڪئريڪٽر جو ڪيڏو نه اونو رکڻو ٿو پوي؟

گومي: ڀلا منهنجي ساوتريءَ لاءِ وري ته ڪجهه نه لکندا؟

سلامتراءِ: تنهنجي ڌيءَ سا منهنجي ڌيءَ، هن جي بدنامي ڪري ڇا پنهنجو آئيندو ڪارو ڪرڻو اٿم؟ حشمتراءِ ننڍي هوندي جو يار آهي. ڇا ياريءَ تي ٽڪو لڳائڻو اٿم؟ اصول ۾ اٽڪيل آهيان نه ته پنجاهه رپين جي مونکي پرواهه رکي آهي. اعتبار ڪندين ته انهن پنجاهه رپين مان پاڻ تي ڪوڏي به نه خرچيندس. ڌيءُ کي ڌيءَ ڄائي آهي، تنهن لاءِ چولا ۽ ٻيون ننڍڙيون وڏڙيون سوکڙيون نه کپنديون؟ اهي پنجاهه رپيا دان ۾ سجهه. دان به ڪهڙو؟ ڪنيا دان!

(در تي گهنٽي. گومي ٻائي اُٿي در کولي ٿي)

آواز:    مان جڏهن ويس ٿي تڏهن سلامتراءِ در تي هو. آهي ڪين ويو؟

گومي: آهي؛ پر گجندي ڇو آئي آهين؟

        (ساوتري اَندر ٿي اَچي. هڪ هٿ ۾ هاڪي اسٽڪ اٿس، ٻئي هٿ ۾ ”ستيه گزيٽ“ جو پرچو)

ساوتري:       گجڻ نه آئي آهيان، پر وسڻ آئي آهيان، ڏس ته ڪهڙي قسم جي برسات ٿي برسايان.

حشمتراءِ: هڪ چوري ٻي سينازوري؟ هي ته منهنجو يار سلامتراءِ آهي، جنهن گپت اِشاري ۾ آگاهه ڪيو نه ته عزت خاڪ ۾ ملي وڃي ها.

ساوتري:       گپت اِشاري ۾ آگاهه ڪري ها ته منهنجيون ساهيڙيون مونکي ڇو ورجائن ها؟ هن منهنجي عزت تي حملو ڪيو آهي.

گومي: پوءِ اَهڙا ڪم ڪرين ڇو جو تنهنجي به عزت وڃي ۽ ماءُ پيءُ جو به نڪ ڪپجي؟

ساوتري:       اهائي ته صفائي ڪرڻ آئي آهيان.

حشمتراءِ: صفائي ڇا ڪندينءَ. اشراف آهي جو قصي کي ليءِ مٽي ڪرڻ جوا َنجام ڪيو اَٿائين. ويچارو چوي ٿو هن کان پوءِ اُپٽار بند.

ساوتري:       اُپٽار کان اَڳ هن بلئڪ ميلر جي نبض بند ڪنديس. (ماءُ پيءُ کي) ماڊرن ساوتريءَ کي هن ماڊرن يمراج سان ڳالهائڻ ڏيو.

سلامتراءِ: ڇوڪري زبان تي ضابطو رک، نه ته نتيجو برو ٿيندو. چوانءِ ٿو عمر ڀر پڇتائيندينءَ.

ساوتري:       اهي ڊپ منهنجي ڊئڊيءَ ۽ مميءَ کي ڏي ٻڍا. مان ته اڄ هڪ هيڪائي ڪرڻ آئي آهيان. هن اخبار ۾ جيڪا خبر ڇپي اٿيئي سا ڪهڙي آڌار تي؟

سلامتراءِ: (ذرا رعب سان) خبر مڙيو ئي خبر آهي. ڪيئن ملي، ڪٿان ملي ۽ ڪنهن ڏني اُها ٻڌائڻ لاءِ اخبار جو ايڊيٽر ٻڌل نه آهي.

ساوتري:       هيءَ هاڪي اسٽڪ ڏسو ٿا؟ سڌو جواب نه ڏيندا ته هيءَ اسٽڪ تنهنجي مٿي تي ڀڃنديس.

گومي: ساوتري ساوتري.....

ساوتري:       تون ماٺ ڪر ممي. مونکي هن حريف سان حساب پورو ڪرڻ ڏي.

گومي: حساب پورو ڪرڻو آهي؟ ٻڏڻ ويو آهي وسري، لڏڻ آيو آهي ياد.

ساوتري:       پر ممي.......

حشمتراءِ: ڏاڍو ڳولهيو به راجڪمار اَٿيئي نه؟ ماڻهين مورک، پڻهين وشواسي.

گومي: وري مون تي ڇو اُلري آيا؟

حشمتراءِ: تنهنجو ڏوهه ناهي؟ ڌيءُ کي ريل ڇيل رلڻ کان روڪي نٿي سگهينءَ؟

ساوتري:       پر ڊئڊي....

حشمتراءِ: مري ويو تنهنجو ڊئڊي. اَسان غربين وٽ عزت کان مٿي ٻيو آهي ڇا؟ لڌءِ به وڃي جشن ڪنڊو.

ساوتري:       (رڙ ڪري) ڊئڊي، ڳالهه جو نبيرو ٿيڻ ڏيو. (سلامتراءِ: ڏي منهن ڪري) ٻڌاءِ ته اِها خبر توکي ڪٿان ملي؟

سلامتراءِ: ٻڌائڻ لاءِ ٻڌل نه آهيان (ساوتري اسٽڪ مٿي ٿي ڪري) پر ٻڌايانءِ ٿو. (ساوتري اسٽڪ هيٺ ٿي ڪري) پهرين اها خبر مونکي ديوان جميعتراءِ جي گهران پيئي، جنهن کي ڪلان ڀاونداس جي ڀيڻ ليلان جي نراڻ سندري ٻائيءَ ٻڌائي هئي، مان خبردار ماڻهو آهيان، تنهنڪري پڪ ڪرڻ لاءِ ليلان سان مليس. ليلان کي اِها خبر ستڀاوان شوداساڻيءَ جي ڏيراڻيءَ مومل مان پيئي، جنهن کي لڇمي بٺيجا ٻڌائي. جڏهن لڇمي بٺيجا سان مليس تڏهن هن سيتا رامچنداڻيءَ لاءِ چيو. سيتا رامچنداڻيءَ وٽ وڃڻ جو ضرور ڪونه سمجهيم. سمجهي ويس ته هيڏو ڀنڀٽ چڻنگ کان سواءِ ڪين ڀڙڪيو هوندو! تون ئي چئه ته جيڪي اَخبار ۾ لکيو اَٿم سو غلط آهي؟

حشمتراءِ: چئه چئه ڏي جواب.

ساوتري:       بلڪل غلط. اِشارو ظاهر ظهور مون ڏانهن آهي پر منهنجو پريم ڪنهن به شرابي لفنگي سان ڪونه آهي.

سلامتراءِ: (اُٿي) مان وري به تحقيقات ڪندس ۽ جيڪڏهن ڪوڙ هوندو ته......

ساوتري:       (ڌڪو ڏيئي) وهو. (ڪرسيءَ ۾ ڪري ٿو پوي) توهان جهڙن منحوسن اَسان اِسترين کي ڇا سمجهيو آهي؟ جئن وڻندوَ تيئن اَسان تي اَتياچار ڪندا رهندا؟ اهو زمانو ويو، ڪاڪا! منهنجي ساهيڙين جي سئنا کي ته اَچڻ ڏيو، سرگس ۾ وٺي هلندوَ ۽ سڄي شهر کي ڏيکارينديون ته سماج شيوا جي هام هڻندڙ هڪ اَڍنگي ايڊيٽر جا ڪارناما ڪهڙا آهن! (سڏ ڪري) ڇوڪرا! ڇوڪرا! (نوڪر اَچي ٿو) تون هڪ نوڙي کڻي آءُ.

سلامتراءِ: (اُٿي) پر ساوتري ڌيءُ!

ساوتري:       (ڌڪو ڏيئي) موڪل کان سواءِ اُٿندا ته برو ٿيندو.

سلامتراءِ: (ڪرسيءَ ۾ ڪري) هڪ سماج شيوڪ کي ڪيڏا نه ڪشٽ ٿا ڏسڻا پون!

ساوتري:       سماج شيوڪ يا سماج گهاتڪ، چور، ڊاڪو، رشوت خور، بي ايمان، بلئڪ ميلر... (اسٽڪ مٿي ٿي ڪري)

حشمتراءِ: ساوتري! مري ويندو.

ساوتري:       جيڪي ٻين جي چريترن تي حملا ڪن تن کي مرڻ ئي کپي. (در تي گهنٽي) ڇوڪرا! ڏس ڪير آهي؟ ڌاريو هجي ته موٽائي موڪلجانس. منهنجون ساهيڙيون هجن ته ترسائجان.

        (در کلڻ تي سلامتراءِ جو نوڪر تڪڙو تڪڙو اَندر ٿو اَچي)

نوڪر:  سائين اُٿو، سائين هلو_ ظلم ٿي ويو، بغداد ٿي ويو.

سلامتراءِ: ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟

نوڪر:  سائين حادثو! خوفناڪ حادثو. ساوتري بيبيءَ سان.

سلامتراءِ: ساوتري بيبي!

نوڪر:  هائو_ سڌو اسپتال ڏانهن کڻائي ويا اَٿس. پاڻ ۽ ڇوڪرو ٻئي بيهوش آهن. توهان کي ڳولهي ٿڪو آهيان، پڇائيندو، پڇائيندو.......

سلامتراءِ: ڇوڪرو ڪيرآهي؟

نوڪر:  سائين ٻڌايائون ته سرڳواسي ديوان پريتمداس فاريسٽر جو پٽ جشن آهي.

حشتمراءِ ۽ گومي: (گڏجي) فاريسٽر جو پٽ جشن!

سلامتراءِ: جشن منهنجي ڌيءُ سان؟ نه نه، ائين نه ٿيندو.

ساوتري:        نه ٿيندو ڇا؟ اخبار ۾ خبر سچي ڇاپي اَٿو پر پنهنجو پاپ ٻئي تي ڌريو اٿو. پنهنجي ساوتريءَ جا عيب لڪائي مون تي مڙهيا اَٿو. پنهنجي ساوتري نه ته پرائي.

سلامتراءِ: مونکي وڃڻ ڏيو، وڃڻ ڏيو.

ساوتري:       مان به ٿي هلانوَ، پر پهرين بيان لکو. ڇوڪرا! پنو ۽ پين کڻي آءُ.

سلامتراءِ: مون تي قياس ڪر پٽ_ مونکي وڃڻ ڏي.

ساوتري:       ٻين تي قياس ڪندا آهيو. چئن چانديءَ جي ٽڪرن لاءِ ٻين جي عزت کي مٽيءَ ۾ ملائڻ وقت رحم ڪندا آهيو؟

        (نوڪر اَچي ٿو. ساوتري قلم ۽ پئڊ سلامتراءِ کي ڏيئي) لکو.

سلامتراءِ: لکاءِ.

ساوتري:       مان سلامتراءِ نه ملامتراءِ آهيان.

سلامتراءِ: ڇا؟

ساوتري:       (هاڪي اسٽڪ مٿي ڪري) لکو.

سلامتراءِ: مان ملامتراءِ آهيان.

ساوتري:       منهنجي اَخبار جو نالو ”ستيه گزيٽ“ آهي.

سلامتراءِ: ”ستيه گزيٽ“ آهي.

ساوتري:       حقيقت ۾ ٿيڻ کپي ”گلا ۽ گار گزيٽ.“

سلامتراءِ: مان اِهو ڪيئن لکان؟

ساوتري:       (اسٽڪ اولاري) لکو.

سلامتراءِ: ”گلا ۽ گار گزيٽ“.

ساوتري:       مان ايڊيٽر نه پر بلئڪ ميلر آهيان.

سلامتراءِ: ستيا ناس ٿي ويندي.

ساوتري:       (دڙڪي سان) لکو.

سلامتراءِ: بلئڪ ميلر آهيان.

ساوتري:       مون ٻئي لاءِ کڏ کوٽي هئي پر ڪريس پاڻ.

سلامتراءِ: پر ڪريس پاڻ.

ساوتري:       بري ماڻهوءَ جي انت اها ٿيندي آهي.

سلامتراءِ: مان برو ماڻهو نه آهيان.

ساوتري:       لکو ٿا يا..... (اسٽڪ مٿي ڪري ٿي)

گومي: سماج شيوڪ آهين ڪين مئا گٽر ماسٽر آهين!

سلامتراءِ: انت اها ٿيندي آهي.

ساوتري:       14 نومبر وار پرچي ۾ جيڪي الزام لڳايل آهن سي ٻيءَ ڪنهن ڇوڪريءَ سان نه ٿا لڳن.

سلامتراءِ: نه ٿا لڳن.

ساوتري:       اهي منهنجي ڌيءُ ساوتريءَ سان ٿا لڳن.

سلامتراءِ: منهنجي ڌيءُ ساوتريءَ سان ٿا لڳن (روئي) مان ته برباد ٿي ويس.

ساوتري:       گهڻن جا گهر برباد ڪيا اَٿو. ڳنر ٿي لت آئي اَٿوَ تڏهن ٿا ڪيڪرايو. (دڙڪو ڏيئي) لکو.

سلامتراءِ: (ڇرڪ ماري) اَڃا ڇا لکان؟ حشمتراءِ، ڌيءُ کي نه ٿو سمجهائين.

حشمتراءِ: تنهنجي اصولن جي پيروي ٿي ڪري ته مان ڇا ڪريان؟ قيمت ڪانه ٿي گهري پر ڏنڊ ٿي وٺي.

ساوتري:       لکو لکو_ حادثي کان پوءِ نرنيءِ ٿي چڪو_

سلامتراءِ: ٿي چڪو.

ساوتري:       ته پنهنجو پاپ ٻئي تي لڳايو هئم.

سلامتراءِ: لاڳيو هئم.

ساوتري:       پنهنجي اُٻهرائي ۽ بد اِرادي لاءِ معافي ٿو وٺان.

سلامتراءِ: معافي ٿو وٺان.

ساوتري:  وجهه صحي.

سلامتراءِ: سلامتراءِ.

ساوتري:       يعني ملامتراءِ.

سلامتراءِ: ملامتراءِ.

ساوتري:       ايڊيٽر ”ستيه گزيٽ“ يعني ”گلا ۽ گار گزيٽ“.

سلامتراءِ: ”گلا ۽ گار گزنٽ.“

ساوتري:       هاڻي وڃو. منهنجون ساهيڙيون پهچن، تنهن کان اَڳ نڪري وڃو. هڪ ئي حوصلا خطا ڪري ڇڏيا اَٿوَ ته سورهن ڄڻيون ته سر به سنڌي ڇڏيندوَ. ٻئي پرچي ۾ اِشاري ۾ معافي وٺج. نه ته هيءُ خط ڇپيو ته گهٽيءَ ۾ گهمي نه سگهندين_ سماج شيوڪ مان ڦري سماج گهاٽڪ سڏبين!

        (سلامتراءِ ڊڄندو نڪري ٿو وڃي)

گومي: ڇوڪري آهي ڪين شينهن؟

ساوتري:       اَمي، ماڊرن ساوتري ڏنهءِ ته يمراج سان ڪيئن پڄي ويئي؟

گومي: (ياد ڪري) اَڙي هائو. مئي جي هاڄاري ۾ ڪٿا ئي اَڌ ۾ رهجي ويئي.

ساوتري:       ڪر شروع اَمي، ڪٿا. ڪٿي پهتي هئينءَ؟ (ماءُ جي عينڪ پائي اَهل ڪري ٿي پڙهي) ”تنهن تي يمراج چيو_ساوتري، ساوتري، ساوتري!“ ڇوڪرا، چانهه جو پاڻي رکيهءِ؟ اَڃا من لڳي ته وگهن پوي. (سڀ کلن ٿا.)

        (پردو ڪري ٿو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com