ساهيڙي
(شريمتي) سندري اُتمچنداڻي
پاتر:
هرگن ماءُ: سس
هرگن
هرگن جوتي: هرگن جي زالن، ننهن
ساهيڙي
نظارو پهريون
(هڪ ڪمري جي وچ ۾ پردو ٽنگي ٻه ڪمرا ڪيا ويا آهن، ساڄي
پاسي سس جو ڪمرو ۽ ڏائي پاسي ننهن جو. ٻاهر نڪرڻ ۽
رنڌڻي ڏي وڃڻ جا در ساڄي پاسي آهن. ٻئي ڪمرا
معمولي نموني سينگاريل آهن. ميز ۽ ڪرسي ننهن واري
ڪمري ۾ پيل آهي. پٽ يعني هرگن ڪرسيءَ تي ويٺو ڪجهه
لکي رهيو آهي).
سس: (گهڙيال ۾ نهاري، پردو سيري) نوَ ٿا ٿين، اَڃا آهي ننهن
ٻائيءَ جو پتو؟
هرگن: (ڪڪ ٿي) اَڙي ڀائي، چيم ته آفيس جو ماڻهو بيمار اَٿن.
اُن جي نگاهه ڪرڻ ويئي آهي.
سس: ٺريو ملڪ، هوندي ساهيڙين سان ٽهه ٽهه ۾ پوري، ٻيو بيمار کي
ڏاڍو ڪو پڇي ڄاڻي. سس پيئي هتي پورهيو ڪري، ننهن
پنهنجي گشن ٺشن ۾ ئي پوري.
هرگن: اَما تون فضول گرم ٿيندي آهين.
سس: مان چوان ٿي، تون اهو جوءِ جو پاسو نه، نه کڻين ته جيڪر ڇا
ٿئيئي. آهي ڇوريءَ ۾ ڪسو عقل؟ وهندي رهندي ۾ ته
سٿڻ جا پانچا ئي تيل ڪري اُٿندي. سبڻ ته ماڻس
سيکاريو ئي ڪين اَٿس؛ چي منهنجو ابوُبڪس، درجيءَ
جو سبيل پائيندي آهي.
هرگن: اَڙي ڇڏ به اما، اڃا ٻار آهي. حرص به گهڻو اٿس، سڀ سکي
پوندي.
سس: اصل جوءِ تي پوندو ئي ڪونه نه! ٻار ڌوڙ جي آهي. ويهن سالن
۾ به اڃا ٻار ٿي ته وڏي جڏهن پاپڙيون ڌڏنديس تڏهن
ٿيندي؟
(هرگن ڪڪ ٿي اچ وڃ پيو ڪري، ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، پر ماءُ
جوش ۾ آهي)
سس: بابا، مڙس ئي ته ملڪ مٺو آهي نه. تون ئي ويٺو منهنجي لاهين
ته هوءَ ڪين چوٽي پٽيندم؟
هرگن: (هٿ جوڙي) ٻيلي ڀڳوان جي واسطي هاڻي جند ڇڏ. سڀڻي آفيس
جو امتحان آهي، ذرا پڙهڻ ته ڏي.
سس: پٽ، جڏهن ٻورا ٿي ڀريا، تڏهن گڏهن ٿي هينگون ڏنيون. (ويندي
ويندي موٽي اچي ٿي) پٽ، مون ٿي پڇيومنانءِ ته روٽي
پايان؟
هرگن: (ڪنڌ مٿي کڻي) هان!؟
(جوتي پرس لوڏيندي اچي پيئي.)
سس: اوجها، اچئي پيئي منڊم! وڃي ٿي ٻنهي لاءِ روٽي پائي اچان
(ويندي ويندي، ڀڻ ڀڻ ۾) ڏي نوڪري، من!
(جوتي سس کي ڏسندي ٿي رهي. جڏهن هوءَ دروازي مان الوپ
ٿي ٿي وڃي، تڏهن سامت جو ساهه کڻي ٿي.)
جوتي: (پرس ڦٽو ڪري، گهوٽ کي پڙهڻ ۾ منجهائي) سچ ٻڌائجو منهنجو
قسم اٿوَ، هيءَ هتي منهنجون دانهون ڏيڻ آئي هئي
نه؟
هرگن: (کلي) ڀلا فرض ڪر دانهون ڏيڻ آئي به هجي، ته ڇاهي. هن
ڏٺا سنڌ وارا سکي جيوت جا خواب، جتي سس ويٺي چلم
ڇڪيندي هئي، ننهن پيئي اڳيان ڦر ڦر ڪندي هئي، سو
هتي پورهيو.....
جوتي: توهين ماءُ تي ڪڏهن پوندائي ڪونه. مان ٿي چوان، ائين ته
مون به شادي ڪري پينگهن ۾ لڏڻ جا خواب ڏٺا هئا،
اِن ڪري بس رڳو مان هي سس کي ڏوهه ڏيان؟
هرگن: ڀائي تون ته پڙهيل ڳڙهيل، سمجهو، سياڻي ڇوڪري آهين ۽ اڃا
جوان آهين؛ پنهنجا خيال زماني سارو بدلائي به
سگهين پيئي......
جوتي: بس بس، مونکي هن جا هي ڪن ڀرڻ نٿا وڻن. ڪمايان ويٺي ته به
سڄو ڏينهن منهنجن مائٽن وٽان ئي ڪجهه ملڻ جي لوري
لڳي پيئي اٿس.
هرگن: اڙي بابا، تنهنجن مائٽن لاءِ ڪجهه ڪونه ويٺي چيائين.
هاڻي مٽ ڪپڙا، هلي کاڌو به کاءُ.
جوتي: مونکي هاڻي وڌيڪ ٽڻ مڻ سهڻي ڪانهي. هاڻي جدا ٿيڻو ئي
پوندءِ.
هرگن: جدا ته ٿيڻو ئي آهي. ٻيو مونکي توهان جي هيءَ روز روز جي
ٽڪ ٽڪ ڄڻ وڻي ٿي.
سس: (اندران) جوتي آن جوتي!
جوتي: اجها آيس، (چوندي، هائوس ڪوٽ ساڙهيءَ مٿان ئي پائيندي
رنڌڻي ڏي وڃي ٿي.)
(هرگن ڪڪ ٿيندي پنا ڪتاب ٺاهي پاسيرا ڪري ٿو)
جوتي: (اندران اچي) هاڻي ڏسو ٿا، ڇا پيئي چوي؟
(سس سندس پٺيان ٻاهر اچي ٿي)
سس: (غصي ۾) بابا مون هٿ جوڙيا! مونکي خبر ڪانه هئي ته پڙهيل
ڇوڪريون ههڙيون ٽانڊيءَ ٽپڻيون ٿينديون آهن.
هرگن: وري ڇا ٿيو؟
سس: ٿيو وري ڇاهي. ٻڙڪي کاڌيءَ کي چيومانس_ رنڌڻي ۾ ويهي کائو،
گهر ننڍڙو آهي، مڇر ٿيندا.
جوتي: (هٿ کڻي) ننڍڙي گهر ۽ مڇرن واري ڳالهه توهان پهرين چئي؟
هرگن: پهرين نه ته پوءِ ٿي چوي. هل، هلي ٿا رنڌڻي ۾ ئي کائون.
ڳالهه به ايتري نه، ٻيو ڇا؟
سس: (هٿ کڻي) ٽنگ جيڏي ڇوڪري، بروڪشي ته ڪيتري ٿي ڪري!! (رنڌڻي
۾ هلي وڃي ٿي)
(هرگن، ماءُ جي پٺيان هلندي، پٺ ورائي، جوتيءَ کي پٺيان
اچڻ لاءِ اِشارو ٿو ڪري. جوتي نٿي مڃي. هرگن پهرين
جانا پيو ڀريس، پوءِ ڌڪ ٿو اولاريس. جوتي پٺيانئس
وڃي ٿي پر هٿ سان اِشارا ڪندي وڃي ٿي جنهن جو مطلب
آهي ته ڏسج مان ڪيئن ٿي جدا ٿي وڃي وهان. سڀئي
رنڌڻي ڏي وڃن ٿا. هڪ منٽ لاءِ اسٽيج خالي آهي.
اوچتو جوتي ڊڪندي، اچي پنهنجي پلنگ تي سڏڪا ڀريندي
ڪري ٿي. پٺيان هرگن به ڀڄندو اچي ٿو. ماٺ ڪرائڻ جي
ڪري ٿو ۽ پردوجيڪو ڪمري جي وچ ۾ آهي، اهو چڱيءَ
طرح ڏيئي ٿو ڇڏي. سس به ٻاهر، لڪي لڪي، ٻڌي ويٺي ۽
هٿن سان غصي جي اِظهار جا اِشارا پيئي ڪري.)
هرگن: هاڻي ڀلا بس ڪندينءَ، ڪين اهڙو جهنم ڪندينءَ جو مان
سڀاڻي امتحان اصل ڏيئي ئي نه سگهان.
جوتي: (زور سان اُٿي) پر مان چوان ٿي، مونکي هن گهر ۾ هڪڙو پل
به رهڻو ناهي. ذري ذري تي چوندي، ”ڪنن مائٽن جي
ڌيءَ، بئنو ٿي چاڙهين!“
هرگن: پر تنهنجي مائٽن کي گار ته ڪانه ڏنائين.
جوتي: (وڌيڪ روئي) اڃا گاريون ڏئي؛ اڃا گاروين ڏئي. بس مونکي
پيڪي گهر ڇڏي اچو. مون اصل چيو توهان کي مچائي
مچائي ويٺي آهي.
سس: (رڙ ڪري) ها، ها، ڇڏي اَچينس. هرگن، جي منهنجو پٽ هوندين
ته ضرور ڇڏي ايندينس. آڪڙ ته ڪيڏي ٿي ڏيکاري.
هرگن: (ٻاهر اَچي، ماءُ جو وات بند ڪري) ڀڳوان جي واسطي،
اَڄوڪو ڏينهن ته چپ رهو. هاڻي حد ڪري چڪيون آهيو.
مان جي بگڙيس ته ٻنهي کي پڇتائڻو پوندو.
سس: (وات ۾ رئو ٺوسڻ لاءِ کڻي) بس بابا، مان ئي ٿي پاڻ
گهٽيان). (رئو وات ۾ وجهي ٿي.)
(جوتي، جنهن هيترو وقت گهوٽ جي پٺيان پردي وٽ اَچي لڪي
ڏٺو آهي، سا ڀڄي وڃي پنهنجي ڪمري ۾ اونڌي ٿي سمهي
پوي ٿي. هرگن اَندر اَچي، ڪرسيءَ تي ويهي، چپ چاپ
سگريٽ دکائي، پڙهڻ لڳي ٿو.)
جوتي: (ٿوري دير کان پوءِ اُٿي) ڀلا روٽي هلي کائو.
هرگن: (پاڻ ڇڏائي) هاڻي چپ چاپ سمهي پئه. مونکي ته ائين پيو
لڳي ڄڻ دٻيل باهه جي مٿان ويٺو آهيان. تر جيترو به
چوندس ته بس ڀنڀٽ ٻري پوندو.
جوتي: اَڄ ته مان ماٺ ٿي ڪريان پر (هٿ جوڙي) مان هاڻي هتي هن
جهنم ۾ ڌيڪ نه رهنديس. ڀلي سنان جاءِ جيتري جڳهه
ملي ته به هلي رهنديس.
(سس به بتي وسائي ٿي ڇڏي. جوتي سمهي پوي ٿي ۽ هرگن ٽيبل
لئمپ ٻاري پڙهي ويٺو.)
نظارو ٻيون
(شام جو وقت، هڪ ڪمري ۾ جوتي ۽ هرگن جدا ٿي اَچي ويٺا
آهن. هڪ ڪنڊ ۾ رنڌڻي جو سامان ميز تي رکيل آهي.
جوتي کي ائپرن ٻڌل آهي ۽ رڌي ويٺي. گهڙيال ۾ ست
لڳا آهن، هرگن اَخبار ويٺو پڙهي)
جوتي: توبهه! هڪڙي شيءِ آڻ ته ٻي کٽي ئي پيئي آهي. (هرگن چپ
آهي)
جوتي: (مٿي تي ڌڪ هڻي) ڌار ٿياسين، سڄو ڪم سر تي کنيم ته به سک
جيڪو چئجي سو نصيب ۾ ڪونهي.
هرگن: (منجهي، ڪڪ ٿي) اها پنهنجي سڀاءَ جي ٻرٻر جيسين نه ڇڏي
اَٿيئي تيسين سک، يا عمر ڪين ملندءِ.
جوتي: سڀاءَ جي ٻر ٻر به ڇا تي ويندي. توهين ڪک ڀڃي ٻه به ڪونه
ڪريو، مان آهيان جا آفيس جي ڊيوٽي ڏيئي ڦٿ ڦٿ ڪري
اَچي رڌيان.
(هرگن تڪڙ ۾ اَخبار جو پنو رکي، وٺي ٿو اسٽؤ کي زور زور
سان پمپ هڻي.)
جوتي: (کٽ تي ويهي، مٿي تي هٿ رکي) رات جو به جهڙو تهڙو آرام
ڪري صبح جو اُٿ ته ٻه ڀيرا ته صاحب کي چانهه کپي.
جنهن وقت روٽيءَ جو دٻو ٺاهي بند ڪري، سنڀرڻ لڳندي
آهيان، تنهن وقت منهنجي ڪو اَچي حالت ڏسي. توهين
ته سويلئي نڪري وڃو......
هرگن: راڻي صاحبه! اِسٽؤ تي پاڻي ٽهڪي ٽهڪي ختم ٿيڻ وارو آهي،
هاڻي ٻڌاءِ توکي ٻيو ڇا کپي؟
جوتي: کپيم ڌوڙ! ماڻهو پيو هڪڙو ڳهندو رهي، ٻيو جي ڪڏهن کڻي دک
درد اوري ته اهو به ڪين ٻڌندا.
هرگن: اَڙي ڀائي، مون ته رڳو پاڻي ٽهڪندو ڏسي کڻي چيو. چڱو
هاڻي ڳالهه ڪر، سڀ ڪجهه ويٺو ٻڌان. (ڪرسيءَ تي
ٽنگون مٿي ڪري ويهي ٿو رهي.)
جوتي: هاڻي وري ڌوڙ جي ڳالهه ڪبي، پاڻي ٽهڪڻ جو خيال جهٽ ٿو
پويوَ، باقي هتي ماڻهوءَ جي دل ڀل ٽهڪي ٽهڪي ختم
ٿي وڃي. (روئي ٿي.)
هرگن: ۽ هتي منهنجي اخبار پڙهڻ منجهائي ڇڏيئه، اِهو ڪي
سمجهيئه.
جوتي: (روئندي) آخر مان ئي سڀني جو خيال رکڻ لاءِ ڄائي آهيان.
منهنجو خيال رکڻ وارو به ڪو پيدا ٿيندو ڪونه نه؟
هرگن: (ڪرسيءَ تان اُٿي، مسخريءَ ۾ هٿ جوڙي) توبهه. سمجهه ۾ ئي
نٿو اچي ته راڻي صاحبه جو اَڃا ڪهڙو خيال ڪيو وڃي
امان کان جدا ڪرن لاءِ چيئه، اهو به مڃيم. پگهار
سڄو ڏيڍ سؤ رپين ئي آڻي تنهنجي تريءَ تي رکان.
جوتي: ۽ مان ڄڻ پنهنجو پگهار کائي ٿي وڃان. پنهنجا واشنگ ۽
سگريٽن جا خرچ ته ڏسو. مهيني پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي
خرچ جي تغاري کڄيو وڃي.
هرگن: اڙي يورپ ۾ نه ڏسين، ماڻهو ڪپڙا به گهر ۾ ڌئن.....
جوتي: (کلي) سگريٽ به گهر ۾ ٻڌن.
هرگن: اَڙي سيٺياڻي! وڃي اخبارون پڙهه ته خبر پويئي. اتي باسڻ
ٻهاري به زالون پاڻ ڪن.
جوتي: يورپ ۾ زالون مرد گهر جو ڪم به گڏجي گڏجي ڪندا آهن، اها
ڳالهه شايد ڪٿي ڪانه پڙهي اٿوَ؟
هرگن: (پهرين اکيون ڦاڙي پوءِ خنڪيءَ سان) ته اُتي وگيان جي
ترقي ايتري ٿي ويئي آهي، جو اهو سڀ ڪم اب گهڙيءَ ۾
ٿيو وڃي.
جوتي: ته جيسين اسان جو ملڪ ايتري ترقي ڪري تيسين ٻاهرين اندرين
سڀ مان ئي ڪريان، توهين فقط اخبارون ۽ ڪتاب ويٺا
پڙهجو.
هرگن: مان ڀانيان ٿو پاڻي ٽهڪي ٽهڪي سڪي به ويو.
جوتي: ائي رام! چلهه جو ٽڪر به الاجي ڪٿي رکيم (بنا ٽڪر ئي
ٻاٽلي اسٽؤ تان لاهي ٿي ته رڙ ڪري ٿي) الاڙي....
الاڙي!
هرگن: (تڪڙ ۾ اڳيان وڌي) ڳالهه ڪر، ڇا ٿيو؟
جوتي: (هٿ ڏيکاري) هٿ تي جلي ويو، الا، مري ويس!
هرگن: (ڪريم لاءِ ڊڪندي) تون به ڪا چري آهين. هٿ سان ٿي ديگڙو
لاهين.....
جوتي: هري رام......توهين به ڪهڙا آهيو.
هرگن: (ڪريم مان آڱر ڀري) هيڏانهن ڪر هٿ. بس، ڄاڻ ته هٿ ئي ٺري
پيئه.
جوتي: توبهه چانهه پڙي نه پساريءَ وٽ وسريم ها، نه هيڏو مانڌاڻ
ئي مچي ها.
هرگن: اَڙي ته چئه نه، ته چانهه جي پڙي کپيئي. اجهو هڪ منٽ ۾
ٿو وٺي اَچان (وڃي ٿو)
جوتي: ڪهڙا مرد آهن، جڏهن هٿ سڙيو تڏهن ويو آهي چانهه وٺڻ.
هونءَ چئينس ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهائينم ته چوندو
اَڳوپوءِ ساڙهي ڏينم ته پائي ويهي رهان. (ڦوُ ڦوُ
ڪري پيئي) ان کان ته گڏ ۾ چڱا هئاسين. کيس ڪو چوڻ
چائڻ وارو ته هو. هينئر ته صبح جو اٺين بجي اٿندو
ننڊ مان. ٻه ٽي ڀيرا چانهه گهرندو، سگريٽ لاهيندو،
سگريٽ چاڙهيندو. ڪجهه چوانس ته ڏيندو ڇڙٻ. (جانا
پيئي ڀري) توبهه، توبهه، هاڻي الاجي چانهه پڙي
ڪيڏي مهل ايندي!
نظارو ٽيون
(ڇهن مهينن کان پوءِ)
(وڏو ڪمرو_ سس سمهي پيئي آهي. ننهن کيس چنبڙي ويٺي
آهي.)
هرگن: (کت وٽ بيٺي) اَڙي، اُٿ ڀلا هاڻي.
جوتي: اَمي، چوينس نه، مان گهر ڪانه وينديس. هنن بيماريءَ جي
اَٺن ڏينهن ۾ توهان جيڪا منهنجي پرگهور لڌي آهي،
انهيءَ ته منهنجون اَکيون ئي کولي ڇڏيون آهن....
اوهه، ڪيڏو نه آرام آهي هتي.
سس: (حجت سان ننهن کي چموٽو پائي، پيار مان) اَئي، اِهو ڏينهن
ته ياد ڪر، ڇوڪر! جنهن ڏينهن ماءُ کان پٽ ڇني ٿي
ويئينءَ. جنسي ڇاتي ٿي ڇني.
جوتي: اَمي، رنو ته اُن مهل مون به گهٽ ڪين هو، ۽ توهان جي پٽ
کي ائين به چيم ته، ”ٺهيو هاڻي، نه کڻي جدا ٿجي“،
پر هو هڪ تي هو.
سس: بابا، هو به هڪ تي ڪيئن نه بيهندو. ويچارو آفيس مان اچي ته
مان هڪ پاسي تنهنجا ڏک رئانس، تون ٻئي پاسي منهنجا
ڏک رئڻ شروع ڪرينس. ماريوآهي به تو پٺيان چريو،
هميشه تنهنجو پاسو کڻندو هو.
جوتي: (سس کي ڀاڪر پائي) اَلا، مون سان وري هميشـﮧ توهان جو
پاسو کڻندو هو.
سس: سچ، سچ ٿي چئين، ڪنوار! (اُٿي پٽ کي ڳراهٽڙي پائي ٿي.)
جوتي: (هٿ تي تاڙي هڻي، کلندي) ۽ تڏهن وري مان پاڻ وڌيڪ خار
کائيندي هئس. (اوچتو سس کي رئي سان ڳوڙها اُگهندي
ڏسي) اَلا، اَمي! توهين رئو ويٺا!
هرگن: اَڙي هاڻي اُٿي، هل به......
سس: روئنديس ڪيئن نه پٽ! ههڙي لاکيڻي پٽ کي ڪيئن نه وٺ ڪندي
هئس. ذري ذري چوندي هئيسانس اَصل جوءِ جو مڄُو
آهين. اصل انهيءَ جي چيچ ۾ ٻڌو پيو آهين.
هرگن: (ٻنهي سس ننهن کي گلي لڳندو ڏسي) اڙي اڙي، هيءُ ڪهڙو
سانگ رچائي ويٺيون آهيو؟ اڄ اتر ۽ ڏکڻ ڪيئن ملي
ويا آهن؟
جوتي: مان ته هن جهنم ۾ وري ڪڏهن ڪين هلنديسانوَ.
هرگن: مان وري هن جهنم ۾ ڪين رهندس.، اڪيلو ئي وڃي ٿو رهان.
پاڻيهي ڀڄندي ايندينءَ. (در تائين وڃي ٿو ته جوتي
پڪڙي وٺي اچيس ٿي.)
جوتي: امي، ڏسو ٿا، ڇا ٿو ڪري. چوانس ته ويٺي ته هاڻي امي ڀلي
منهنجي پيڪن کي ڇا به ويٺي چوندي ته به مان اکر
ڪانه ڪڇنديس.
هرگن: ها، اکر نه ڪڇجانءِ، پوءِ باسڻن برتڻن جي ٺڪا ٺوڪي لڳائي
ڏج. اکين ۾ شوخي ڦهلائي، سڀني مٿان چڻگون وسائيندي
وڃج.
سس: پٽ، مان مائٽن لاءِ حرف پٽيانس ئي ڇو. ننهن من ميلي هلندي،
جيءُ سان جيءُ چوندي ته سس ڪا چري ٿوريئي ٿي آهي
جو....
هرگن: چيم نه ته اِنهيءَ تري تيل لڳڻو ئي ناهي.
جوتي: توبهه! چيم ته اصل مان ڪجهه به دل ۾ نه ڪنديس. امي، هتي
اٺن ڏينهن ۾ ڀلا اها روش ڏٺي اٿوَ. منهنجي؟ سمجهي
ته ويئي آهيان ته شادي ڪيل ڇوڪريءَ کي ماءُ پيءُ
ڪهڙي تري ڏيندا. پوءِ اُنهن جو پاسو کڻي مان ڇو
پنهنجو گهر نرڳ ڪريان.
هرگن: واهه! ڏاڍي سياڻي ٿي ويئي آهين، پر، مان توهان کي چڱو
سڃاڻان. وري هڪ سؤ هڪ ٻيون ڳالهيون ٺاهينديون. اما
به اٺ ڏينهن مهمان سمجهي کڻي ايتري خاطرداري ڪئي
اٿيئي.....
سس: ماريا! وري مون تي ٿو ڀريو ڇلين؟ کٽ پٽ جو سبب هاڻي مونکي
ٿورو ٿورو سمجهه ۾ اچي ويو آهي. اڄ زمانو اهڙو آهي
جو جيڪو ٿو آني مان ڦٽي سو ٿو پاڻ کي سوا سير
سمجهي. هنن ڇهن مهينن ۾ چڱا ويهي اوڙي پاڙي جا رنگ
ڏٺا اٿم..........
هرگن: نه اما، نه.......
سس: اَبا، چوڻ ته ڏينم. گهٽينم ڇو ٿو..... هاڻي مون به سمجهي
ڇڏيو ته سس ننهن به آهن ساهيڙيءَ سڱ. مانُ ڏي،
مانُ وٺ.
جوتي: اميءَ اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جهڙي منڊيءَ تي ٽڪ.
هرگن: اَما، اِئين ته گهوٽ ڪنوار به اڄ ساهيڙيءَ سڱ ٿي پيا
آهن. (پيار مان زال جي چوٽي ڇڪي) پڇينس، مونکي ڇا
ڇوندي آهي؟
جوتي: امي، توهين اِنصاف ڪجو. آفيس مان ٿڪجي ٽٽجي اچي گهرجي ڪم
ڪار کي لڳان ته کيس مون کي ٿوري مدد به نه ڪرائڻ
کپي.
سس: ڇو نه، پٽ.......
جوتي: ڏسو نه، امي هاڻي ڪيئن نه منهنجو پاسو ٿي کڻي!
هرگن: ها، ها، ڇو نه پاسو کڻندءِ. ساهيڙي جا ٿيئه.
جوتي: ته بس، هاڻي مان هتي ئي رهنديس.
هرگن: هاڻي اجائي اينگهه ڇڏيو. جي هڪ ٻئي مان دل اڃا نه ڍاپي
اٿو ته اما، تون ئي هلي ٿورا ڏينهن اسان وٽ رهه.
جڏهن وري وڙهو، تڏهن اچي پنهنجي گهر رهج.
سس: وڙهون ڇو؟.......
جوتي: ائين ئي سهين. ها امي، ها (يڪدم چادر آڻي ٿي ڏئيس) هان
وٺو. وجهو جتي ۾ پير. (هرگن چمپل سيري ٿو ڏئيس)
هرگن: کڻ هاڻي ڪلف ڪنجي.
سس: (کلي پيئي) ماريا! ڪن ڇا ٿا؟ (ميز تان ڪلف ڪنجي کڻي ٿي.
سڀيئي وڃن پيا.)
|