سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو : 13

 

 

نار جو ڍڳو

 

سندر آگناڻي

 

 

 

پاتر:

 

زال ۽ مرد

 

 

نار جو ڍڳو

 

]       هڪ سرڪاري ڪلارڪ جي گهر جو هڪ ڪمرو. ڊرائنگ_ روم کان ڊريم_ روم تائين اهو ئي ڪمرو سڀ ڪجهه آهي. ٻاهران اچڻ لاءِ ۽ اندر رنڌڻي ۾ وڃڻ وارا دروازا ڪٿي به سيٽ ڪري سگهجن ٿا کاٻي پاسي ڊائون ۾ هڪ سيٽي آهي، سنگل_ بيڊ. ان جي پاسي ۾ تمام ننڍي گهيراو وارو اسٽول آهي. جنهن تي پاڻيءَ جو گلاس، گهڙيال، هڪ اڌ نيوزپيپر ۽ مخزن، تنهن تي ڪوپ پليٽ، وڪس جي شيشي، ٽانڪ جي شيشي، چمچو مطلب ته ٺونسي ڀريل آهي. ساڄي اپ هڪ ڪاٺ جي ٽيبل بغير پوش آهي، جنهن تي به ڪٻاڙي خانو آهي هڪ هٿيو ڀڳل ڪرسي، ٽيبل وچ ۾ گهسايل آهي. پاسي ۾ رئڪ به آهي. باقي ارينجمينٽ ”ڪوبه سامان هڪ ٻئي سان ميل نه کائي“ سوچي رکڻو آهي.[

 

سين _ 1

 

        اِسٽيج تي اوندهه

        بيڊ پاسي ٽيلي ٻري ٿي. روشنيءَ ۾ مرد سگريٽ دکائي ٿو ۽ زال جو سر ٻاهر نظر اچي ٿو. ٻنهي تي هڪ ئي سؤڙ پيئي آهي. سگريٽ ٻاري مرد تيلي هيٺ ئي ڦٽي ٿو ڪري. وري اوندهه. صرف دکيل سگريٽ نظر اچي ٿو.

مرد:    (ڦوڪ هڻي) ٽن ينهن کان توکي ته ننڊ ئي نه آئي آهي، هونءَ به ننڊ اچي وڃڻ بعد زيرو بلب ٻري ٿو يا نه......

زال:    پر زيرو بلب کان سواءِ ننڊ اچي ئي ڪونه ٿي. بس هير.

مرد:    مون جيان ڇو نه ٿي هرين.........

زال:    بس، بس. صلاح ڏيندا ته نار جي ڍڳي جيان وهه ته پوءِ فرحتي ننڊ......

مرد:    ڪلهه کان مونکي به ننڊ ڪٿي آئي آهي!_ سڀاڻ زيرو بلب اوڌر تي...... پر زيرو بلب اوڌر تي وٺڻ تي ذرا اِنسلٽ جهڙو فيل ٿو ٿئي (ڪش هڻي ٿو)

زال:    ٺيڪ آهي، ويهن ڏينهن کان پوءِ پگهار ملي تيستائين..... تيستائين ته مان پڻ اوندهه ۾ ننڊ ڪرڻ تي هري وينديس_ نه؟

مرد:    اِهو پاڻ ٻنهي جي صحت لاءِ ٺيڪ آهي. (ڪش هڻي) ڏس سرلا، تو به ڪهڙي نار جي ڍڳي سان شادي ڪئي آهي! (دک ۾) هن سال جو آخرين گريڊ_ انڪريمينٽ به ملي چڪو. هن ايندڙ کان مئڪسيمم تي پهچي ويس!

زال:    سال به سال وارو هڪ اِهو ننڍڙو آٿت ٽڪر به..... آخر..... بنڊ!

        (مرد جو سگريٽ وسامي وڃي ٿو)

مرد:    (نراس) ٺيڪ آهي هڪ طرح! اسان پنهنجا تمام ڀاري سپنن جا ٻوجهه اِن هڪ ضعيف انڪريمينٽ تي رکي ڇڏيندا هئاسين!

زال:    (حد نراس) ها ٺيڪ ٿا چئو!

مرد:    هاڻ ته لڳندوآهي پاڻ مڊل ڪلاس مان شفٽ ڪري لوئر ڪلاس ۾ اَچي ويا آهيون.

زال:    ڪڏهن ڪڏهن غصي ۾ ته.....

مرد:    ها سرلا، ڪڏهن ڪڏهن غصي ۾ ڏهين ڪلاس جو نيچ ٿي ويندو آهيان، نه؟

        ]سگريٽ دکائي ٿو_ اهو ئي اڌ وساميل. تيليءَ جي روشنيءَ ۾ مرد سڌو ليٽيل آهي ۽ زال جي ٻاهن مرد جي ڇاتيءَ تي ورايل آهي. ٽيلي وسائي مرد، زمين تي ڦٽي ٿو ڪري. اوندهه.[

مرد:    اڄ ڪلهه سگريٽ هر هر پيو وسامي! ڪلهه به ائين هڪ سگريٽ چار دفعا.......

زال:    (کلي) انهن جو به ڪلاس ڪرندو پيو وڃي!

مرد:    (مرد هلڪو کلي ٿو) حالتون اسان کي سياڻو ڪنديون پيون وڃن، ڪيئن؟

        ]سگريٽ وارو هٿ اسٽول طرف وڌي ٿو، پر هٿ لڳڻ سان پاڻيءَ جو گلاس هيٺ ڪري ٿو پوي.)

مرد:    اوهه! هت ڇا رکيو هيئه وري؟

زال:    خبر ته اٿوَ ته روز پاڻيءَ جو گلاس رکندي آهيان_ توهان لاءِ.

مرد:    ٻڌائين ته ها (جهڙي) بيوقوف آهين تون.

زال:    ائش ٽري نه ڳولهيو، اُها اُت ڪونهي.

مرد:    ڇو نه رکيئه؟

زال:    (رکو) اهي شيون پاڻ سنڀاليندا ڪيو.

مرد:    تون هاڻ مون طرف بنهه لاپرواهه ٿي ويئي آهي.

زال:    (ڳالهه ڦيري) اِسٽول تي گهڙيال رکيو آهي_ ذرا ڏسجو ته ٽائمي.... اڙي! اهو هلي ئي ڪٿي ٿو؟ خبر نه ڪڏهن ڪڏهن ان کي به ڇا ٿي ويندو آهي؟

مرد:    اُڻ کي ڦٽو ڪري ڇڏ هاڻ.

زال:    صرف آئل ڪرائڻ سان وري ڇڪي وٺندو پاڻ.

مرد:    (غصي ۾ ٽيبل تان گهڙيال کڻي هڪ ڪنڊ ۾ ڦٽو ٿو ڪري) ٿيو آئل هن دٻي جو! خوامخواهه موهه! بيوقوف!

زال:    ڪڏهن ڪڏهن ٺهي ويندو هو_ ٻارن کي صبح جو پڙهڻ لاءِ اُٿارڻ......

مرد:    اَسان پڙهي ڇا ڪيو هن ملڪ ۾؟

زال:    هڪ ته شيءِ ٺهي ڪونه ٻيو توهين..... هر سال ڪا ننڍي وڏي ۽ سستي ڪامچلائو شيءِ ان ويچار سان وٺئون ته ايندڙ سال ان جي جڳهه تي سٺي شيءِ......

مرد:    هاڻ بس ڪري سمهه، بڪ بڪ بند ڪر. (ترسي) ان ۾ منهنجوڪهڙو قصور؟

        ]مرد سگريٽ هيٺ ڦٽو ٿو ڪري. ٿوري دير بعد[

زال:    هاڻ توهان پنهنجي اها بند ڪريو نه.....

مرد:    (لالچي ۽ ڇتو) بيوقوف، ڍڳو وَهڻ کان پوءِ سان ٿي ويندو آهي، سان.

زال:    (تنگ ٿي) چڱو، اوُهون! ٻه منٽ ترسو ته، هتان پئڪيٽ..... اڙي پئڪيٽ ۾ هڪ به ڪونهي..... توهان کي چيو هوم وٺي اچجو پر.....

مرد:    بس بس (چڙي) بڪواس بند ڪر.... اَڄ....... (سمهائڻ واري نوع ۾) اَڄ ائين ئي..... ڏٺو ويندو جيڪو ٿيو.

زال:    نه نه، اَڃا مس مس ته هڪ تڪليف کان..... توهان کي ڪنهن ڪنهن هل ...... بيوقوفي ڇڏيو (زور سان) هٽو.

مرد:    (جئن جهٽڪو ڏيئي ڌڪ هڻندي) پري مر وڃين، مادر.......

        ]لنبي خاموشي، مرد هڪ سگريٽ دکائي ٿو. زال ٻئي پاسي منهن ڪيو جاڳيل آهي. مرد جو چهرو ڪڙو آهي. تيلي وسائي ٿو. سگريٽ زمين تي ٽو ٿو ڪري.[

 

سين _ 2

 

        ڌيري ڌيري روشني ٿئي ٿي.

        مرد نائيٽ ڊريس ۾ ڪرسيءَ تي ويهي سگريءَ تي پنهنجا هٿ سيڪي رهيو آهي. هوُ ذرا ڏڪي پڻ رهيو آهي. رڌڻي مان زال سادي گهنجيل ساڙهيءَ ۾ خميس کي بٽڻ ٽاڪيندي اَچي ٿي.

زال:    صبح جا نوَ وڳا آهن. اَڃا تائين سگريءَ تي هٿ........

مرد:    اُٿندس، اثٿندس؛ پر هينئر نه. سخت سيءُ آهي.

زال:    (طنزي) ڍڳن يا سانن کي سيءُ!

        ]پاڻ به سگريءَ ويجهو اَچي ٿي. مرد هن جي ڳالهه ڏانهن ڌيان نٿو ڏئي. هوءَ هٿ سيڪي ٿي[

        هيءُ سيءُ ته سڄو مهينو پيو هلندو.

مرد:    ته ان به سڄو مهينو پيو هٿ سيڪيندس.

زال:    ۽ نوڪريءَ تي ڪير ويندو؟

مرد:    اُتي درخواست موڪلي ڇڏيندس.

زال:    توهان ته موڪل وٺي ويهي رهندا..... ۽ ٻار؟

مرد:    ٻارن کي اسڪول موڪلي ڇڏ.

زال:    ڇو اسڪول ۾ سيءُ ڪونه پوندو ڪيئن؟

مرد:    نه، اسڪول سيءُ کان بچڻ لاءِ سبق پاڙهيا ويندا آهن. مان به پڙهيو هئس پنهنجي اسڪول ۾.

زال:    اِئين ڇو ڪونه ٿا چئو ته ٻار هيڏانهن هوڏانهن آيا آهن.

مرد:    نه، ٻار ڀڳوان جي مهربانيءَ سان آيا آهن.

زال:    توهان جو مطلب؟

مرد:    مطلب اهو ته جنهن ايشور ٻارن کي پئدا ڪيو آهي، سو ئي هن سيءَ ۾ سندن سنڀال ڪندو.

زال:    پوءِ توهان به ڇو ڪونه ٿا ڀڳوان جي آسري تي وهو.

مرد:    منهنجي عمر ڀڳوان جي مهر جي دائري کان وڏي ٿي چڪي آهي، پر ٻارن جي ڀڳوان ضرور سنڀال ڪندو.

زال:    سو ته ڪندو ئي، پر ٻارن کي ته سويٽر ئي ڪونهن جو اسڪول ۾ پائي وڃن. ڪٿي ٿڌ لڳي وين ته؟

مرد:    ته سندن علاج ڪنداسين. دوائن جا پئسا ته سرڪار ڏئي ٿي، سويٽر ۽ ڪوٽ جا پئسا......

زال:    هن وقت ته توهان وٽ به نه آهن، بلڪ سڄي سياري ۾ نه ٿيندا.

مرد:    ايندڙ سياري ۾ سڀني کي ضرور ڪوٽ سبائي ڏيندس.

زال:    توهان جا اِهي ڊائلاگ ٻڌي_ ٻڌي ته مان تنگ ٿي پيئي آهيان.

مرد:    تنگ ته مان به ٿي پيو آهيان، طوطي وانگر ساڳيا ساڳيا رٽيل ڊائلاگ روز روز چئي..... چئي.

زال:    پوءِ انهن کي بدلايو ڇو ڪونه ٿا؟

مرد:    بدلائي ڪيئن ٿو سگهان. زندگيءَ جو سفر نار جي ڍڳي وانگر اَيون بند ڪري ساڳئي دائري ۾ ڦيرا پائي جو طئه ڪرڻو آهي.

زال:    نار جي ڍڳي جي اَکين تي کوپا چرهيل هوندا آهن، نه ته جيڪر.......

مرد:    نه نه جيڪر به اکيون بند ڪري ئي هلندو. موجوده يگ ۾ اَنڌو، گونگو ۽ ٻوڙو ٿي هلڻ ئي بهتر آهي، پنهنجي بيوسيءَ جي گهيري اَندر.

زال:    بهتر اُهو آهي ته......

مرد:    ته ڍڳو پاڻ ڇڏائي ڀڄي وڃي. پر مان اِئين به نٿو ڪري سگهان. مونکي چار ٻار آهن، تون آهين، اُنهن سڀني جي چڪلر ويوهه مان اَڀمنيو ته ڇا اَرجن جو به نڪرڻ مشڪل آهي.

زال:    ڇو ڪونه ٿا ٻيو ڪجهه به ڪريو؟

مرد:    ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي سرڪاري نوڪر کي منع آهي. هر سرڪاري نوڪر چوويهه ئي ڪلاڪن لاءِ سرڪار سان ٻڌل آهي.

زال:    مهينو اَڳ توهان چيو هو ته توهان جو پروموشن ڊويزنل اَڪاونٽنٽ جي پوسٽ تي ٿيندو.

مرد:    ها، پروموشن ٿي ويو.

زال:    پوءِ توهان مون کي ڇو ڪونه ٻڌايو.

مرد:    پروموشن منهنجو نه مسٽر سڪسينا جو ٿيو.

زال:    سينيئر ته توهان هئا.

مرد:    پروموشن لاءِ سينيارٽي ڪم ميرٽ ڏٺي ويئي. ميرٽ ۾ سڪسينا جو نمبر اَچي ويو.

زال:    ڇو توهان ۾ ڪهڙي ڪمي هئي؟

مرد:    ڊويزنل اڪائونٽنٽ کي ٺيڪيدار وٽان ٻه سيڪڙو ملندا آهن. سڪسينا ٻن سيڪڙن جو حساب لڳائيندي ٽي هزار رپيا ڏيئي پنهنجي ميرٽ ثابت ڪئي.

زال:    ۽..... توهان؟

مرد:    مان ڏي وٺ جي معاملي ۾ نڪمو آهيان.

        (اِئين چندو اُٿي ساڄي پاسي رئڪ ڏانهن Upstage تي وڃي ٿو.)

        زال به اوثي خميس چٻي هئنگر ۾ وجهي ڪمري ۾ ئي ٽنگيل ڪراس نوڙيءَ تي لٽڪائي اَڌ مڙيل سويٽر کڻي واپس سگريءَ جي ڀرسان اَچي وهي ٿي ۽ اُکيلڻ لڳي ٿي ۽ گڏوگڏ ڏسي ٿي ته سگريءَ ۾ ڪوئلا اوجهامي رهيا آهن.

        مرد اَندران پاڻيءَ جو مگ، رئڪ تان آرسي، برش، شيونگ سوپ ۽ ريزر کڻي اَچي ٿو ۽ پاڻيءَ ۾ برش ٻوڙي سوپ سان گهي ڳلن تي لڳائي ٿو ۽ جيئن ئي ريزر ڳ تي لڳائي ٿو ته سرلا ڳالهائي ٿي)

زال:    ڀلا ڪوئلا وٺي ايندا؟

مرد:    ريزر مان بليڊ ڪنهن کنيو آهي؟

زال:    مون توهان کي هينئر ڇا چيو؟

مرد:    مون به توکان پڇيو ڪجهه؟

زال:    مونکي ڌيان ڪونه آهي.

مرد:    توکي ڌيان ڪجهه آهي به؟

زال:    ها.

مرد:    ها ڇا؟

زال:    اِهو ته ڪوئلا گهر ۾ ڪونه آهن. (Pause) وٺي ايندا؟

مرد:    نه. (Pause) منهنجو بليڊ ڪنهن کنيو آهي؟

زال:    نه کان سواءِ ٻيو به ڪو جواب توهان وٽ آهي؟

مرد:    ها.

زال:    ها ور يڇا؟

مرد:    منهنجيون ٽنگون ٻار.

زال:    توهان جون ڇو، پهريون پنهنجين ڇو نه ٻاريان.

مرد:    اَڳي پوءِ اُنهن جو به وارو ايندو، في اِلحال منهنجيون ٻار.

زال:    آخر ٻڌائيندا به ته ڪوئلا ڪڏهن وٺي ايندا؟

مرد:    سرڪار پنجون (5th) منهنگائي ڀتو واپس وٺي رهي آهي.

زال:    پر مون ته ٻڌو هئو ڇهون منهنگائي ڀتو ڏيئي رهي آهي.

مرد:    توکي ڪنهن ٻڌايو؟

زال:    نريش ماءُ.

مرد:    ٻيو ڇا ٻڌايائين؟

زال:    تيل جا اَگهه وڌي ويا آهن.

مرد:    ٻيو به ڪجهه ٻڌايائين؟

زال:    ها، چيائين ته کير واري چار آنا ليٽر تي وڌايا آهن.

مرد:    کيس خبر ڪونهي ته غلط اُفواهه ڦهلائڻ ڏوهه آهي.

زال:    هوءَ اوڏي مهل تيل وٺي آئي هئي.

مرد:    ته ڇا ٿي پيو. سرڪاري پرچار جي خلاف خبرون ڦهلائڻ ڏوهه آهي.

زال:    ته سرڪار ڇا ٿي چوي؟

مرد:    سرڪار چوي ٿي ته اَگهه گهٽجي رهيا آهن.

زال:    سرڪار سچ ٿي چوي ۽......

مرد:    نريش ماءُ ڪوُڙ ڳالهائي رهي آهي.

زال:    نريش ماءُ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي؟

مرد:    نريش ماءُ اُفواهه ڦهلائي رهي آهي.

زال:    نريش ماءُ اُفواهه ڦهلائي رهي آهي؟

مرد:    (Pause) بيو به ڪجهه وڌيو آهي

زال:    نريش ماءُ اُفواهه ڦهلائي رهي آهي.

مرد:    مان پڇان ٿو، ٻيو ڇا ڇا وڌيو آهي؟

زال:    ملڪ ۾ آدمشماري وڌي آهي.

مرد:    اِهو تکي ڪنهن ٻڌايو؟

زال:    نريش ماءُ ڪونه ٻڌايو، اِهو ريڊيو تي ٻڌو.

مرد:    ته اِهو سچ آهي. ٻيو ڇا ٻڌءِ ريڊيو تي؟

زال:    ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽......

مرد:    ۽ ڇا؟

زال:    شين جا اَگهه سستا ٿي رهيا آهن.

مرد:    اوهو، مان پڇان و ته ٻيو ڇا ٻڌءِ ريڊيو تي؟

زال:    ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽ شين جا اَگهه گهٽجي رهيا آهن.

مرد:    مان چوان ٿو ته اَڳتي به وڌندينءَ ڪين رڪارڊ وانگر تنهنجي سي اُتي ئي اَٽڪيل رهندي؟

زال:    مڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽ شين جا اَگهه گهٽجي رهيا آهن.

مرد:    اوهو گهڙيءَ_ گهڙيءَ ساڳئي ڳالهه ٻڌائي رهي آهين، هاڻي چپ به ڪندينءَ.

زال:    مان به ته گهڙيءَ_ گهڙيءَ ساڳئي ڳالهه ٻڌي تنگ ٿي پيئي آهيان.

مرد:    ڪهڙي ڳالهه؟

زال:    مڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي ۽ شين جا اَگهه گهٽجي رهيا آهن.

مرد:    اوهو، ڇو اَچي منهنجي جان جي پٺيان پيئي آهين؟ گهڙيءَ_ گهڙيءَ ساڳئي_ ساڳئي ڳالهه ٻڌائي ٻڌائي. هاڻي مهرباني ڪري چپ ڪر.

        (اِئين چوندو ريڊيو جي ويجهو وڃي و ۽ Switch on ڪري ٿو، جنهن تان اَهڙي ئي قسم جون خبرون اَچن ٿيون ته ملڪ جي آدمشماري وڌي ويئي آهي وغيره. شين جا اَگهه ڪري رهيا آهن وغيره. ريڊيو جي سئي ڦيرائي ٿو ته ٻئي قسم جو Spot اَچي ٿو پر آهي آدمشماري وڌڻ جي باري ۾ ۽ اَگهه گهٽجڻ جي باري م” وري تڪرو تڪڙو سئيءَ کي ڦيرائي ٿو ته هڪ اِسٽيشن تان ناٽڪ جا ڊائلاگ ٻڌڻ ۾ اَچن ٿا جيڪي پڻ قيمتون گهٽجڻ جي باري م آهن. مطب ته جيڪا اِسٽيشن کلي ٿو اُتي آدمشماري وڌڻ ۽ اگهه گهٽجڻ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه اچي رهيو آهي ۽ اُهو آواز آهستي آهستي وڌي وڃي ٿو.  اهڙيءَ طرح سان چوڌاري زنانا ۽ مڙدانا آواز اچڻ لڳن ٿا_ ”ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي“، ”شين جا اگهه سستا ٿي رهيا آهن“. منچ تي روشني ٿوري جهڪي ٿي وڃي ٿي ۽ زال ۽ مرد منچ جي پچ تي ٻڻ الڳ_ الڳ Spots جي هيٺان ٻانهون ڪلهن جي سڌائيءَ ۾ ڦهلائي گول پيرا پائڻ لڳن ٿا ۽ مرد چلائيندو رهي ٿو_ ”ملڪ ۾ آدمشماري وڌي رهي آهي“ ۽ زال چلائيندي رهي ٿي_ ”شين جا اگهه سستا ٿي رهيا آهن“ ۽ چلائيندا چلائيندا، ڦيرا پائيندا پائيندا پنهنجي جڳهه تي هيٺ ڪري پون ٿا ۽ اڌ منٽ جي خاموشيءَ بعد مرد ۽ زال ڌيري ڌيري زخميءَ جيان اُٿي پنهنجي جڳهه تي ويهي رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن جيب، اپريچت نگاهن سان نهارڻ لڳن ٿا.)

مرد:    (خاموشي ٽوڙيندي) ته ڀلا گهٽيو ڇا آهي؟

زال:    اِنسان جو ملهه.

مرد:    اها ته مونکي به خبر آهي. ڀلا کير واري کي پئسا ڏنئه؟

زال:    ڏيانس وري ڪٿان، ٻارن جي في جو ڏيئي آيا.

مرد:    ته هاڻي باقي ڪنهن جي اوڌر چڪائڻي آهي؟

زال:    چڪائي ئي ڪنهن جي اٿئون.

مرد:    چڱو هيءُ وٺ پنج روپيا.

زال:    هيءُ ته ٻه روپيا آهن.

مرد:    اکيون کولي ڏس، سرڪار نوٽ جي سائيز گهٽائي آهي.

زال:    سرڪار نوٽ جي سائيز ڪڏهن گهٽائي آهي؟

مرد:    ياد ڪونهي، پر اُن کي ڪافي سال ٿي ويا.

زال:    پر سرڪار نوٽ جي سائيز ڇو گهٽائي آهي؟

مرد:    ماڻهو ڪٽنب جي سائيز جو نٿا گهٽائين.

زال:    (اُٿندي) هنن پنجن روپين جو ڇا ٿيندو. وڃي گهر جو خرچ توهين هلايو. مان ته پيڪي ٿي هلي وڃان.

مرد:    پيڪي وري ڪيئن ويندينءَ، پڻهين ڪارڊ ٽڪر ته لکيئي.

زال:    لکندو وري ڪٿان، هنن جي پنهنجي پورت ئي نٿي پوي.

مرد:    ته پوءِ ڌؤنس ڇاجي ٿي ڏين.

زال:    مان ڀلا ڇا ڪريان، ڪٿان پُورت ڪريان؟

مرد:    ماڻهن جا ڪپڙا سب؟

زال:    ڇا تي سبان؟ مشين ڀڳي ڀانڊو لڳي پيئي آهي.

مرد:    ته وڪڻي کڻي ڇڏينس.

زال:    ڇا...... ڇا وڪڻان، گهڻو ڪجهه ته وڪڻي چڪي آهيان.

مرد:    اڃا ٻار ۽ اسين ٻئي ته باقي آهيون.

زال:    هاڻي باقي ٻار وڪڻان.

مرد:    پوءِ ڇاهي، هڪڙ اوڪامندا، ٻيا ڄمندا، ٻيا وڪامندا، ٽيان ڄمندا.

زال:    ته ٻار جانور آهن.

مرد:    جن کي اسان جانورن وانگر ڄڻيو آهي سي ڇا ٿا ٿي سگهن؟

زال:    توهين ته آڻاسا آهيو؟

مرد:    تڏهن ته چيم ته هن زندگيءَ جو سفر نار جي ڍڳي وانگر اکيون بند ڪري طئه ڪرڻو آهي.

        (اوندهه پڙدو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com