سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :8

  

گچيرو

(سيوهڻ سرڪار جو تاريخي شهر)

قريشي حامد علي”خانائي“

سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿي ته قديم زماني جا ڪيترائي مشهور، پــُـررونق ۽ وسندڙ شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ بستيون اڄ اها پنهنجي پراڻي عظمت ۽ شان شوڪت وڃائي چــُـڪا آهن. قديم دور ۾ سنڌ جا اهي اهم ۽ مرڪزي شهر، قلعا ۽ ڪوٽ، اڪثر ڪري موجن ڀرئي مهراڻ جي ڪناري سان ئي آباد ڪيل هوندا هئا. انهن جي آباديءَ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو هو، جو جنهن هنڌ اهو شهر يا بستي آباد ڪئي ويندي هئي، ته ان لاءِ پهريائين اهو ڏسندا هئا ته ان هنڌ جي آس پاس وارو علائقو زرخيز ۽ شاداب هجي ۽ جتي انساني ضرورتن جون سڀ گهرجون آسانيءَ سان حاصل ٿي سگهن ۽ ساڳئي وقت آمدرفت ۽ وڻج واپار جا ذريعا به آسان هجن. انهيءَ لحاظ کان درياهي وٽ وارا علائقا سڀ کان وڌيڪ موزون ۽ مناسب ڪري سمجهيا ويندا هئا. انهن مان ڪيترائي قديم شهر ۽ ڳوٺ زماني جي انقلاب ۽ حادثن جي لهر ۾ لڙهي ويا ۽ ڪي ته وري سنڌو درياهه جي اُٿل پـــُـٿل سبب ٽٽي تباهه ٿي ويا، ايتري قدر جو اڄ انهن جي احوال، نالن ۽ جاءِ وقوع جي باري ۾ يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. صرف تاريخ جي صفحن ۾ انهن جا نالا يادگار طور وڃي رهيا آهن. دراصل اهي شهر ۽ بستيون، سنڌڙيءَ جي سـُـونهن ۽ سوڀيا جا مرڪز هئا. اهي ئي گهٽ ۽ گهيڙ هئا، جتان حملو ڪندڙن، حملا ڪري اچي سنڌڙيءَ جي سـُـونهن ۽ سوڀيا کي بي رونق ڪيو. اِهي ئي اُهي مرڪز آهن، جن حملو ڪندڙن جي ڏاڍاين، سختين ۽ سـُـورن کي ڏٺو ۽ سٺو ۽ انهن داستانن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيو. هن وقت انهن مان ڪيترائي آهستي آهستي ٿي مٽجي رهيا آهن. باقي جي ٿورا ڪي گهڻا بچيا آهن، سي به شايد وقت گذرندي ماضيءَ جي اوندهه ۾ ڍڪجي ويندا.

قديم دور ۾ اسان جي سنڌ جي ”سيوهڻ سرڪار“ واري پرڳڻي کي علم، فن، تجارت، صنعت، تمدن ۽ ثقافت جو مکيه مرڪز سمجهيو ويندو هو. ”سيوهڻ سرڪار“ جي پـُـراڻن ۽ قديم شهرن مان ”گچيري“جو شهر پڻ اڳئين زماني ۾ علم، تجارت ۽ ثقافت جو اهم ۽ مکيه مرڪز هو. تاريخي اعتبار کان ان وقت ۾ ”گچيري“ کي ”سيوهڻ سرڪار“ جي پرڳڻي ۾ وڏي اهميت ۽ حيثيت حاصل هئي. ”گچيري“ جي قديم بستيءَ جا کنڊرات پنهنجي خاموش زبان سان اڄ به پنهنجي ماضيءَ جي شان ۽ شوڪت جو داستان ٻڌائي رهيا آهن.

”گچيري“ جو پراڻو شهر، سنڌ صوبي جي نواب شاهه ضلعي جي موجوده شهر ”موري“ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي، اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ تي، سنڌو درياهه جي”بچاءَ بند“ جي اندر، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي آباد آهي(1). موجوده گچير ٰي شهر جي اولهه ۾، انهيءَ قديم شهر جا کنڊرات ۽ واريءَ جا وڏا دڙا موجود آهن. هن وقت اها پراڻي زماني واري سونهن ۽ سوڀيا ڪانه رهي آهي. اهي گهٽيون، بازاريون، واپار جون مــَـنڊيــُـون، محلا ۽ پاڙا، مڪتب ۽ مدرسا ۽ خانقاهون سڀ ويران ۽ ســُـڃيــُـون پيون آهن. پر انهن جا قديم آثار ۽ اُهڃاڻ، اهو صاف ظاهر ڪن ٿا ته هن شهر جي تاريخ، سنڌ جي ٻين پراڻن شهرن ۽ بستين وانگر نهايت ئي شاندار هئي.

سنڌ جي اڳين مؤرخن ۽ تذڪره نگارن، هن شهر جو ڪوبه مفصل احوال بيان نه ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ جي قديم ماخذن مان صرف ”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفةالڪرام“ ۾ البت ڪن ڪن جاين تي ڪن خاص تاريخي واقعن ۽ حادثن جو ذڪر ڪندي، هن شهر جي تاريخي اهميت تي مختصر روشني وڌي ويئي آهي. انهن تاريخي احوالن جي روشنيءَ ۾ اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ”گچيري“ جي قديم بستي، سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي آباد هجڻ ڪري، واپاري آمد رفت ۽ فوجي نقل و حرڪت ڪري، ان دؤر ۾ وڏيءَ اهميت واري بستي هئي. مغلن جي دور حڪومت ۾ هيءُ شهر”سيوهڻ سرڪار“ جي ماتحت هو.

هن شهر تي ”گچيري“ جي نالي پوڻ جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ته هن شهر تي اهو نالو ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙيءَ طرح سان پيو ۽ هونءَ ته سنڌ جي هميشه کان وٺي اها روايت پئي رهي آهي ته هر ڳوٺ، واهڻ، بستيءَ ۽ شهر جي مٿان نالو، اتان جي رهندڙ ڪنهن نه ڪنهن قبيلي جي پريي مڙس، قومي سردار يا ڪنهن موقعي يا واقعي پٽاندڙ پوندو آهي. انهن مڙني ڳالهين جو احوال ”گچيري“ جي سلسلي ۾ اڃان تحقيق طلب آهي. ان باري ۾ اسان کي تحقيق ڪندي، جيڪي مختلف احوال ۽ روايتون ملي سگهيون آهن، تن کي هت بيان ڪجي ٿو:

هن شهر جو نالو ”گچيري“ پنهنجي سر هڪ علحدي نوعيت واري معنيٰ ۽ مفهوم رکي ٿو. شهر جي محل وقوع جو جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺبو، ته اهو چڱيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ شهر سنڌو درياهه جي ڪچي واري ايراضيءَ ۾ آهي، انهيءَ ڪري هن شهر جو اصل نالو”ڪچيرو“ پيو هوندو، جو پوءِ اڳتي هلي”ڪ“ جو اکر ”گ“ ۾ تبديل ٿي ”گچيرو“ سڏجڻ ۾ آيو ۽ اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏبو اچي. انگريزن جي دور حڪومت ۾ به هيءُ شهر ”ڪچيرو“ سڏبو هو. انهيءَ لاءِ اها ثابتي آهي ته انگريزن جي زماني جو، موچين جي پاڙي ۾، عام ڪچي رستي تي هڪ ڪتبو، مسجد جي ڀرسان لڳل آهي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ ”ڪچيرو“ (KACHERO) لکيل آهي. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ شهر ٻنهي نالن سان به پيو سڏبو هو، پر پوءِ ”گچيرو“ ئي باقي اصل لاءِ قائم رهجي ويو.

شهر جي چوڌاري اڳئين زماني ۾ ڪچو، قلعي نما ڪوٽ ڏنل هو، جو پوءِ وقت گذرندي سمورو ڊهي مٽيءَ جو ڍير ٿي ويو آهي، جنهن جا هن وقت صرف ٿورا ڪي گهڻا نشان ڪٿي ڪٿي پيا نظر اچن. هيءُ قديم شهر هندو دور ۾ به قائم هو. سنڌ جي قديم تاريخ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اڳئين وقت ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بچاءُ لاءِ، قلعا ڪوٽ يا عالم پناهون جوڙيندا هئا. قلعي کي ”دُرگا“ ڪري چوندا هئا. ديويءَ کي به ”دُرگا“ ڪري سڏيندا هئا، جو اها به پنهنجي پوڄيندڙ لاءِ هڪ پناهه يا قلعي وانگر هئي. انهيءَ لحاظ کان قديم دور ۾ ”گچير ٰي“ کي ضرور قلعو هوندو. ساڳئي وقت انهن قلعن يا ڪوٽن جي چوڌاري ديهيون يعني کاهيون کوٽيل هونديون هيون، ته جيئن دشمن جي حملي وقت بچاءُ لاءِ ڪم اچي سگهي(2). ساڳيءَ طرح ”گچير ٰي“ شهر جي چوڌاري دشمن جي حملي کان بچاءَ لاءِ هڪ وڏي کاهي کوٽيل هئي، جا هن وقت به درياهه جي آبڪلانيءَ وقت پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي.

هن موجوده وقت ۾ گچير ٰي جو شهر، پراڻي شهر جي کنڊرن ۽ مٽيءَ جي وڏن شاهي دڙن تي ٻڌل آهي. انهيءَ قديم شهر جا آثار ۽ نشان هن وقت به موجوده شهر جي الهندي ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن پراڻن کنڊرن جي مٿان هن وقت ”سيد عالم شاهه، جو مشهور قبرستان واقع آهي. اهي قديم آثار ۽ کنڊرات اٽڪل ستن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ آهن. تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڪافي اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا ته هيءُ شهر قديم هندو دور ۾ به آباد هو. سنڌ جا هندو لوهاڻا ۽ ٻگهيا قوم جا ماڻهو ڪثرت سان هن شهر ۾ آٻاد هئا. اڄ تائين ٻگهيا قوم جا ماڻهو هتي گهڻي قدر رهندڙ آهن.

هن شهر جي قدامت جون ٻيون به ڪيتريون ئي ثابتيون مليون آهن. روايت آهي ته هڪ دفعي ”سيد عالم شاهه“ جي قبرستان ۾ هڪ شخص جي قبر کوٽيندي هڪ ”پراڻو کوهه“ ظاهر ٿيو هو. انهيءَ کوهه جي اڏاوت ۽ جوڙجڪ هوبهو ”موهن جي دڙي“ مان نڪتل کوهه واري هئي. ليڪن افسوس، جو اهو کوهه ڳوٺاڻن جي بي توجهي ۽ بيپرواهيءَ ڪري پورجي ويو. هن وقت به گچيري ۾ گهر اڏڻ ۾ يا پاڻيءَ جي نلڪن لڳائن جي سلسلي ۾ جڏهن ڪا کوٽائي ڪئي وڃي ٿي، ته انهن دڙن جي هيٺان قديم دور جي جاين جانشان، مٽيءَ جي ٿانون جا ٽــُـڪر، پڪيون سرون وغيره برآمد ٿين ٿيون. هڪ ڀيري کوٽائيءَ جي دوران پٿر ۽ سپيءُ جون شيون، بولا، ڪاشيءَ جون سرون ۽ سڪا وغيره لڌا ويا هئا. اهي سڀ نادر شيون قاضي شاهه محمد خيرپور کڻائي ويو. انهن مڙني ڳالهين مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هتان جي تهذيب ۽ ثقافت پڻ ”موهن جي دڙي“ جي همعصر هئي. آثار قديمه وارا جيڪڏهن هتان جي کوٽائي ڪن، ته ٿي سگهي ٿو ته اڃان به وڌيڪ ڪنهن پراڻي تهذيب جا آثار ملن.

سنڌو درياهه جي ڪناري سان هجڻ ڪري، هن شهر جو واپار ڏيساورن سان ٻيڙين جي رستي هلندو هو. ساڳئي وقت خشڪيءَ جي رستي پڻ هن شهر جو واپار ڪاٺياواڙ ڏانهن، نصرپور جي رستي روانو ٿيندوهو. اناج،تيلي ٻج، ڪاٺ، کونئر، ماکي، بهه، مڇي ۽ پٻڻ وغيره جو گهڻو مال درياهي ۽ خشڪيءَ رستي ٻاهرين ملڪن ڏانهن روانو ٿيندو هو. ان قديم دور ۾ گچيري جو شهر فوجي نوعيت واري لحاظ کان به نهايت ئي اهم هو. شهر جي اولهه ۾ مشهور تاريخي ”ڍنڍ“ هئي، جا اڄ به موجود آهي. هتان جا مقامي ماڻهو ان ڍنڍ کي ”گــُـڙمپ“ ڪري سڏيندا آهن. شهر جي بچاءُ لاءِ هتي هندو لوهاڻو، راجا ڏاهر جي پاران هڪ مضبوط فوج سان رهندوهو. عربن جي سنڌ تي حملي وقت محمد بن قاسم ”الور“ طرف پيش قدمي ڪندي، ”گچيري“ جي بلڪل سامهون اچي سنڌو درياهه کي پار ڪيو هو ۽ عرب فوجن ”گچيري ڍنڍ“ جي ڪنڌيءَ تي اچي فوج جمع ڪئي هئي. گچيري ۾ عرب فوجن ۽ راجا ڏاهر جي درميان وڏي جنگ لڙي ويئي هئي. پر حيرت آهي ته انهيءَ جنگ جو”چچنامي“ واري صاحب ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تاريخي حقيقتن ۽ مقامي روايتن جي ذريعي اهو معلوم ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم سيوهڻ جي فتح کانپوءِ، سنڌو درياهه پار ڪري اورئينءَ ڀر اچي گچيري جي ڍنڍ تي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. ياد رهي ته سيوهڻ جو اهم تاريخي شهر، گچيري کان اٽڪل چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. گچيري جي انهيءَ مشهور معرڪي جو ذڪر ڪندي ”مير محمد معصوم بکري“ هن طرح سان لکي ٿو ته:

”محمد بن قاسم، سيوستان (سيوهڻ) جو علائقو  فتح ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي فوجي مشيرن سان صلاح ڪرڻ کانپوءِ ”الور“ تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ ”برهمڻ آباد“ ي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، ليڪن محمد بن قاسم جو پنهنجو ارادو هو ته سڀ کان پهريائين راجا ڏاهر جي تخت گاهه ”اروڙ“ کي فتح ڪرڻ گهرجي ۽ ان کانپوءِ باقي ملڪ جو حصو فتح ڪجي. آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ”ٽلٽي“ جي سامهون درگاهه پار ڪري،تخت گاهه ”اروڙ“ ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن راجا ڏاهر اهو معلوم ڪري وڏو لشڪر سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليو. راجا ڏاهر جو لشڪر ”گچيري جي ڍنڍ“ جي ڪناري تي اچي لٿو. محمد بن قاسم پنهنجي فوجي سپهه سالار ”عبدالله بن علي ثقفي“ کي ”رفيان“ (3) وٽ راجا جي فوجن جي مقابلي لاءِ گچيري جي ڍنڍ وٽ موڪليو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. راجا جي فوج جا ڪافي ماڻهو ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويا ۽ ڪافي جان بچائي ڀڄي ويا.“ (اختصار) (4).

مير معصوم جي انهيءَ مٿين بيان مان هن شهر جي قدامت ۽ فوجي اهميت جو ڪافي پتو پوي ٿو. ساڳئي وقت انهيءَ بيان مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته قديم دور ۾  به ”گچيري“ جو شهر انهيءَ ساڳئي نالي سان سڏبو هو ۽ هيءُ شهر سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪناري تي ”ٽلٽيءَ“ جي سامهون ساڳئي هنڌ آباد هو. ”گچيري واري ڍنڍ“، جنهن جو ذڪر ”مير معصوم بکريءَ“ ڪيو آهي، ان جو احوال اسان مٿي لکي آيا آهيون. مٿئين بيان مان اها تصديق ٿئي ٿي ته ”گچيرو“، قديم هندو دور ۾ ”اروڙ“ طرف ڪنهن به حملي ڪندڙ فوج جي پيش قدمي ڪرڻ لاءِ وڏيءَ اهميت ۽ حيثيت وارو هنڌ هو.

علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ”تاريخ معصومي“ جي ”تعليقات“ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:

”اسان جو گمان آهي ته جيڪڏهن محمد بن قاسم ٽلٽيءَ جي سامهون سنڌ جو درياهه ٽپيو هوندو ته پوءِ ضرور انهيءَ جاءِ جي ويجهو ڇانوڻي هنئين هوندائين، جا اڄڪلهه ”گچيري“ جي نالي سان مشهور آهي“(5).

علامه دائودپوٽو ان ساڳئي سلسلي ۾ وري ”چچنامي“ جي حوالي سان هڪ ٻي روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”محمد بن قاسم، ”جهم“ جي پتڻ وٽان درياهه پار ڪيو هو ۽ ٻنهي ڌرين جو مقابلو ”راوڙ“ ۽ ”جيپور“ جي وچ ۾ هڪ خليج (نار) وٽ ٿيو هو. تنهن مان نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته جنهن ”ڪولاب کنجري“ ڏانهن ميرمعصوم اشارو ڪيو آهي، سو”ڪينجهر“ ڍنڍ کانسواءِ ٻيو ڪونهي“ (6).

علامه دائودپوٽي جي انهيءَ بيان مان”ڪولاب کنجريءَ“ مان اسان جي مراد”گچيرو ڍنڍ“ آهي، جنهن جو اسان مٿي بيان”مير معصوم بکريءَ“ جي حوالي سان ڪري آيا آهيون. علامه مرحوم پڻ خود ان جي وضاحت ”گچيرو ڍنڍ“ جي نالي سان  ڪئي آهي. ”ڪينجهر ڍنڍ“ سنڌ جي هيٺئين حـصي لاڙ ۾ ٺٽي جي ويجهو آهي. اها ڍنڍ ٽلٽيءَ جي آمهون سامهون پڻ نه آهي، ان ڪري اسان جو گمان قوي آهي  ته”ڪولاب کنجريءَ“ مان مراد ”گچيري جي ڍنڍ“ ئي سمجهڻ گهرجي. هن وقت به ٽلٽيءَ جو شهر، موجودهه گچير ٰي جي بستيءَ جي بلڪل آمهون سامهون آهي. ٽلٽيءَ کان درياهه پار ڪري، گچيري جي ڍنڍ تي اچڻ وارو ذڪر خبر نه آهي ته مير معصوم بکريءَ ڪهڙي ماخذ تان ورتو آهي. دراصل مير معصوم بکريءَ جو اهو بيان تاريخي شهادتن جي بنياد تي بلڪل درست ڏسڻ ۾ اچي ٿو(8). مير صاحب جي انهيءَ بيان جي تصديق ”بلاذري“ جي بيان مان پڻ واضح ٿئي ٿي. ”بلاذريءَ“ جو قول آهي ته:

”سيوستان (سيوهڻ) جي فتح کان پوءِ نيرون ڪوٽ ڏانهن محمد بن قاسم پيش قدمي ڪئي هئي ۽ ان جي ويجهڙائيءَ ۾ اچي مهراڻ ٽپيو هو“(8).

ازانسواءِ ”تاريخ يعقوبي“ واري پڻ اهڙي ساڳئي قسم جي روايت بيان ڪئي آهي، جا مٿين ٻنهي بيانن جي هيڪاري وڌيڪ تصديق ڪري ٿي. ”مولائي شيدائي“ انهيءَ ساڳئي ڳالهه کي وري هنن لفظن ۾ ورجائيندي چوي ٿو ته:

”راسل بن بسايا جي مدد سان اسلامي لشڪر ”گچيري“ جي ڍنڍ عبور ڪئي، جنهن جي پرئين ڪپ تي ڏاهر لشڪر سان موجود هو. سندس وزير سيساگر، جو ان وقت وزير ٻڌيمان جي عهدي تي مامور هو، تنهن راجا ڏاهر کي پڪ ڏني ته”چتور“ (؟) وٽ جنگ لڳڻ سان فتح اسان جي آهي”گچيري“ وٽ دشمن کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ عرب سپهه سالار لاءِ ”الور“ جو رستو صاف ٿي ويو“(9).

مولائي شيدائي پنهنجي بيان ۾ ”گجري“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، جنهن مان پڻ سندس مراد”گچيرو“ ئي سمجهڻ گهرجي. ”هينري ڪزنس“  پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ هڪ هنڌ حاشيي ۾ ڄاڻائي ٿو ته:

”الور جي نزديڪ هڪ ڍنڍ هئي، جنهن کي عرب فوجن پار ڪيو هو، جا ”گوجري“ يا ”گوچري“ يا ”ڪنگري“ وغيره جي نالن سان سڏجڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ لفظ ڪافي مونجهارو پيدا ڪري وڌو آهي. ليڪن اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ اندر اڪثر ٻيا ڪيترائي اهڙا ڳوٺ ۽ جايون آهن، جي ساڳين نالن سان مختلف هنڌن تي سڏجڻ ۾ اچن ٿا“(10).

”هينري ڪزنس“ جو اهو بيان پڻ شڪ گاڏڙ آهي ۽ ان مان اها ڳالهه به صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿي ته ”گوجري“ ڍنڍ جا ”گوچري“ ، ڪنگريءَ جي ڳوٺ ڀرسان نه هئي، بلڪ اسان جي تحقيق ۽ تلاش مطابق اها ڍنڍ ”گچيري“ واري ئي هئي، جنهن جو مٿي تفصيلي بحث ڪافي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي.

عربن جي دور حڪومت جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، سنڌ ۾ سومرن ۽ سمن جي دور حڪومتن ۾ هن شهر جو وڌيڪ ڪوبه احوال ڪونه ٿو ملي. البت هن شهر جو وري تاريخ ۾ ذڪر ارغونن جي دور حڪومت کان وٺي ڪافي ملي ٿو. ارغونن جي دور ۾ هيءُ شهر ”بلاولي تحريڪ“ جي مکيه مرڪزن مان هو ٽلٽيءَ جو شهر  جيئن ته هن شهر جي بلڪل آمهون سامهون هو ۽ مخدوم بلاول جي تحريڪ جو صدر مقام هو، انهيءَ ڪري ان جو اثر، هن شهر تي سڀ کان پهريائين پيو. اهو ئي ڪارڻ هو، جو مغلن جي دور حڪومت ۾ هتان جي ٻگهين جاگيردارن، مغلن جي گورنرن ۽ اهلڪارن سان مجادلا ۽ لڙايون ڪيون هيون. نه صرف ايترو پر هنن سيوهڻ سرڪار جي مغل گورنر کي ڍلن کان به نابري واري، نڪ ۾ دم ڪري ڏنو هو.

مغلن جي دور ۾ ”گچيري“ کي سياسي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي. ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي منصف ميرڪ يوسف ان دور جي سياسي ۽ معاشي حالتن تي ڪافي روشني وڌي آهي، پر جيئن ته مصنف خود مغل سلطنت جي بقاءَ ۽ مضبوطيءَ جو حامي نظر اچي ٿو ۽ پاڻ خود ان دور جي حڪومت جي هڪ بازوءَ جو فرد هو، ان ڪري ڪٿي ڪٿي هتان جي مقامي قبيلن ۽ ماڻهن تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا اٿس (11).

مغلن جي دور ۾ ”گچيرو“، سيوهڻ سرڪار جي گورنر جي ماتحت  هو. ٻگهيا سنڌ جي سماٽ قوم ”سميجن“ جو هڪ پاڙو آهي، جي ان دور ۾ هن علائقي ۾ ڪثرت سان رهندا هئا ۽ اڄ تائين پڻ اها قوم هتي رهندي پئي اچي. ”گچيري“ جي رهواسين جي ان دور جي تمدني، سياسي، ۽ انقلابي حالتن جو جائزو ”ميرڪ يوسف“،”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ تفصيل سان ڏنو آهي.

”لاکاٽ“ وارو پرڳڻو ”گچيري“ جو دنگئي هو. لاکاٽ پرڳڻي جي لاکن ۽ سميجن - انڙن جو پاڻ ۾ ڪافي اختلاف هو. ٻگهيا، سميجن - انڙن جا طرفدار هئا. اسان جيتري قدر ان دور جي تاريخي حالتن جو جائزو ورتو آهي ته ان دور ۾ لاکا به سنڌ جي ٻين قبيلن وانگر امن پسند هئا ۽ هتان جي مقامي ماڻهن جي خلاف ڪونه هئا. پر مغل گورنرن جي پاليسي لاکن ۽ سميجن - انڙن جي وچ ۾ ڪافي شڪ شبها ۽ اختلاف پيدا ڪري وڌا هئا. انهن باهمي اختلافن مان هنن پنهنجا سياسي مقصد پئي حاصل ڪيا. انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ ”گچيري“ جي ٻگهين، سميجن - انڙن جي طرفداري ڪري، مغل اهلڪارن کي سالياني ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مير ابو البقا، جو مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جو وڏو پٽ هو، سن 1017هه ۾ پنهنجي پيءُ جي پاران ”سيوهڻ سرڪار“ جو نائب مقرر ٿي آيو. ”تذڪره اميرخاني“ ۾ ميرڪ يوسف جي حوالي سان اچي ٿو ته: ”مير ابوالبقا جي سميجن جي هڪ شاخ ٻگهين سان ويڙهه ٿي هئي. ٻگهين جي شورش کي بند ڪرڻ لاءِ سيوهڻ آيو. ان دؤر ۾ سيوهڻ صوبي ۾ درياهه جي اورئين ڀر ٽي پرڳڻا هئا: هڪ جوڻيجن جو، ٻيو خطو ۽ ٽيون لاکاٽ جو وغيره. جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ ڪوريجا، پنهور ۽ شيخ آباد هئا ۽ سميجن جي قوم مان ٻگهيا گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا.“ (12)

مير ابوالبقا ٻگهين جي شورشن کي بند ڪرڻ ۽ باقاعدي ڍل وصول ڪرڻ جا تمام سخت اپاءَ ۽ قدم کنيا. ميرڪ يوسف امن پسند ٻگهين کي تاريخ ۾ بدنام ڪرڻ لاءِ الزام هڻندي چوي ٿو ته:

”ٻگهين جو سمورو قبيلو ڏوهاري هو. خون، ڦر ۽ ڌاڙا هڻڻ سندن رات ڏينهن جي ڪرت هئي. منجهانئن نه صرف رعيت ڏکويل هئي، بلڪه خود سرڪاري ماڻهو به آزاريل هئا. ماڻهن جو مال ۽ ملڪيت ته کائي کپائي ڇڏيندا هئا، پر سرڪاري اُجارو به هضم ڪري ويندا هئا.“(13)

”ميرڪ يوسف“ جي انهيءَ مٿين بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”گچيري“ جا ٻگهيا، مغل حاڪم کي ڍل ۽ محصول نه ڏيڻ ڪري عتاب هيٺ آيا ۽ انهيءَ ڪري ئي ميرڪ يوسف مٿن خون ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وغيره جا الزام به مڙهي ڇڏيا. مير صاحب پنهنجي تاريخ ۾ وقت جي حڪومت کي مغل سلطنت جي پاڙن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪافي صلاحون ۽ رٿون به ڏيندو هليو آهي. ميرڪ يوسف ان دور جي سياسي ۽ معاشي حالتن جو نقشو چٽيندي هن طرح لکي ٿو ته:

”سن 1001هه - 1007 هه ڌاري مقصود بيگ ۽ بختيار بيگ هڪ ٻئي پٺيان سيوهڻ سرڪار جا حاڪم مقرر ٿي آيا. (14) بختيار بيگ وڏو سرجوش سپاهي هو. هي ست ورهيه سيوهڻ جو حاڪم ٿي رهيو. هن جو زمانو خوشحالي وارو دور هو. (15) پاڻ آخرين دور ۾ بيمار ٿي پيو. سندس حالت ڏاڍي نازڪ ٿي ويئي. هن جي پٽن عبدالرحمان ۽ بابا بيگ، پنهورن جي سردار کي سڏائي سيوهڻ جي قلعي ۾ بند ڪرايو، پر بهاءُالدين پنهور نالي هڪ سردار اڃان ٻاهر هو. انهيءَ وچ ۾ ربيع جي فصل ۾ لابارو پيو ۽ بختيار بيگ 8-1007 هه ۾ اکيون پوري ڇڏيون. (16) اهو لابارو پيل فصل ”ڪوريا“ نالي هڪ هندوءَ شاهي درٻار مان ٺيڪي تي کڻي، ”جيسر“ نالي پنهنجي هڪ گماشتي جي حوالي ڪيو. انهيءَ وچ ۾ سميجن موقعو وٺي، پنهورن ۽ ڪوريجن کي زمينن تان هڪالي، پاڻ مالڪ بنجي ويٺا، هنن پنهورن ۽ ڪوريجن سان وڙهڻ لاءِ درياهه جي اورئين ڀر ”بکر“ جي راڄڌانيءَ ۾ ”لاکيرن“ جي ڳوٺ ۽ ”ڳاهن“ جي پرڳڻي ۾ ”بهڻن“ جي ڳوٺ ۾ اچي باهيون ڏنيون ۽ اها ساڳي ڪار ڪندا وڃي ”ڪانهري“ (17) ۽ ”سامتاڻي“ (18) کان نڪتا، جتي بهاءُالدين پنهور ويٺل هو. پنهور ۽ ڪوريجا پاڻ ۾ متحد ٿي، چئن پنجن هزارن جي فوج سان درياهه پار ڪري اچي جوڻيجن جي ڳوٺ ”ٻٻري“ (19) ۾ گڏ ٿيا، جتي جيسر، هندو گماشتو به اچي ساڻن شامل ٿيو. ٻئي طرف سميجا - انڙ به اٽڪل پنجن ڇهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري اچي ”گچيري“ جي ڳوٺ ۾ ڪٺا ٿيا، جو پڻ ساڳئي پرڳڻي ۾ هو. آخر ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ”گچيري“ وٽ سخت ويڙهه ٿي، جنهن ۾ جيسر، پنهورن ۽ ڪوريجن جي سوڀ ٿي.“ (20)

سيوهڻ سرڪار جي انهن مٿين سياسي حالتن جي ابتريءَ کي آڏو رکندي، ميرڪ يوسف، مغل شاهي درٻار ۾ انهن حالتن کي بهتر بنائڻ ۽ سازشين ۽ وڳوڙين کي سخت سزائون ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيوهڻ سرڪار جي حاڪم جي فوجي قوت کي وڌائڻ ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ هيٺينءَ ريت مشورو ڏيندي لکي ٿو ته:

”ڪوريجن ۽ پنهورن جي پاسي به سميجن جون جيڪي زمينون آهن، اهي ”جوڻيجن“ جي پرڳڻي ۾ داخل ڪري، مٿين ٻنهي قومن ۾ ورهائي ڏجن، پر انهن تي واجبي ڍل وجهڻي پوندي. انهيءَ احسان عيوض ماڻهو دل لائي ٻنيون آباد ڪندا. ”گچيري“ ۾ هڪ قلعو قائم ڪري، ان ۾ هڪ سئو سوار ۽ پنجاهه توبچي رکيا وڃن، جتي سيوهڻ جي جاگيردار پاران ٿاڻو هئڻ گهرجي.“(21)

ميرڪ يوسف جي ان بيان مان اهو گمان ظاهر ٿئي ٿو ته ”گچيري“ ۾ شايد اڳ ۾ ڪو اهڙو مضبوط قلعو ڪونه هو. جي هو به ته اهو ايترو مضبوط نه هو، جو فوجي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. انڪري مير صاحب صلاح ڏيندي، مٿيون بيان ڪيل رٿون ڏنيون آهن. ساڳئي وقت انهيءَ بيان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مغلن جي دور ۾ ”گچيري“ شهر جي فوجي ۽ سياسي اهميت ڪيتري قدر اهم هئي.

مغلن جي صاحبيءَ جي سج غروب ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪلهوڙن (سن 1131هه- 1719ع کان 1197-83-1782ع) جي حڪومت جو سج اڀريو. انهيءَ دور ۾ به هن شهر کي هر لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي. ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات ۾ پورا ٻه ورهيه جلاوطنيءَ ۾ گذارڻ کانپوءِ سن 1113هه ۾ سنڌ ڏانهن وريو. سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي معتقد مريد ۽ بهادر سپاهي راڄي فقير ۽ ٻين فقيرن کان بيعيت وٺي، التماس خان بروهيءَ جي مدد سان اچي منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي ڇانوڻي هنيائين. جتان اڳتي وڌي ”سامتاڻي“ ۽ ”ڳاهان“ تي قبضو ڪيائين. ان کانپوءِ ميان صاحب پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد ڪلهوڙي کي لشڪر ساڻ ڏيئي ”مرکپور“ (22) روانو ڪيو، جنهن آسانيءَ سان ان تي قبضو ڪري ”جمشيد گاهي“ (23) تي پڻ قبضو حاصل ڪيو. اهڙيءَ طرح سان ميان مير محمد اڳتي وڌي ”فتح پور“ جو قلعو پڻ فتح ڪيو. هوڏانهن ميان يار محمد ڪلهوڙي خود باقي ڇڙوڇڙ ٿيل سرائين جي لشڪر کي ڪٺو ڪري، ”گچيري“ کي پڻ قبضي ۾ آندو ۽ پنهورن جي گاديءَ واري هنڌ ”شڪارپور“ کي فتح ڪري، ان جو نالو ”خدا آباد“ رکي، پنهنجو تخت گاهه بنائي خود رهڻ لڳو (24).

”تاريخ ڪلهوڙا“ جو مصنف مولانا غلام رسول مهر ان واقعي کي وري هنن لفظن ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”سنڌ مان ميان صاحب کي نڪري وڃڻ ۾ گهٽ وڌ، ٻه سالن جو عرصو گذري ويو. انهيءَ عرصي ۾ سرائي درويش، ميان صاحب وٽ اچڻ لڳا، انهن مان راڄو ليکي قابل ذڪر آهي. ميان صاحب انهن سڀني کان فرمانبرداريءَ جو ڀروسي جهڙو انجام ورتو، ۽ پوءِ قلات مان نڪري سنڌ جو رخ ڪيائين. التماس خان بروهي پنهنجي گروهه سان گڏ ساڻس همراهه هو. زيديءَ (بلوچستان) مان لنگهي، ميان صاحب منزلون ڪندو، منڇر ڍنڍ جي ڪناري سانوهه ۽ نئنگ پهتو، جي هٽڙي تعلقي ۾ آهن. قيصر خان پنهور کان سامتاڻي ڳوٺ ڦريائين ۽ ڳاها ۾ لڏو لاهي، پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد خان کي مختلف سرائين سان گڏ اڳتي موڪلي ڏنائين. جتي جتي سرائي رهندا هئا، سي ميان صاحب جي اچڻ جو احوال ٻڌي پنهنجي مهم ۾ مشغول ٿي ويا. اهڙيءَ طرح مرکپور ۽ گاهي جمشيد قبضي ۾ اچي ويا، ۽ فتح پور کي دشمنن جي قبضي مان آزاد ڪرايو ويو. پوءِ خود ميان صاحب به پنهنجي ساٿين سان اچي مليو. ..... ان کانپوءِ ميان گچيرو، شڪارپور (خدا آباد) کاري ۽ ڪنڊياري جا شهر آزاد ڪرايا“ (25).

ڪلهوڙن پنهنجي دور حڪومت ۾ هن شهر جي فوجي اهميت ۽ ضرورتن کي محسوس ڪندي ”داد واهه“ جي ڪنڌيءَ تي ”گچيري“ شهر جي اوڀر ۾ هڪ پڪ - سرائون قلعو تعمير ڪرايو هو. هن ورت اهو قلعو ڊهي تباهه ٿي ويو آهي. ان جا ٿورا ڪي گهڻا نشان هن وقت ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. ممڪن آهي ته ميرڪ يوسف، ”گچيري“ جي جنهن قلعي ٺهرائڻ جي پنهنجي مغل حڪومت کي رٿ ڏني هئي، هي قلعو اهوئي هجي، جنهن کي ڪلهوڙا حڪمرانن پنهنجي دور ۾ ٻيهر نئين سر مرمت ڪرائي مضبوط ڪيو هجي.

ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپورن جي دور حڪومت (1197هه/ 1783ع - 1259هه -1843ع) ۾ هن شهر جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي سگهي. پر ايترو سو معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپورن جي دور ۾ هيءُ علائقو مير ٺاري خان جي جاگير ۾ هو. سنڌ جي ٽالپورن، سکن ۽ افغانن جي اوچتن حملن جي بچاءَ لاءِ گچيري شهر جي اتر ۾ ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ ڪچو قلعي نما ٺهرايو هو، جو هن وقت به سنڌو درياهه جي بچاءَ بند جي اندر اولهه ۾ صحيح ۽ سالم حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

سن 1843ع ۾ سنڌ کي انگريزن فتح ڪيو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ هيءُ شهر وڏي اوج تي هو. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سچائي، صفائي ۽ صداقت جو روح پئي نظر آيو. ماڻهو سکيا ستابا هئا. ان پاڻي جام هو. نواب شاهه ضلعي ۾ هيءُ شهر زرعي لحاظ کان اهم ۽ مکيه هو. هتان جا هندو واپاري سنڌ ۽ ڏيسارون سان واپار ڪندا هئا. انگريزن جي دور ۾ هندن جي آبادي مسلمانن کان گهٽ هئي. فتح خان ٻگهيو ۽ محمد صالح ٻگهيو هن شهر جا وڏا زميندار ۽ اثر رسوخ وارا ماڻهو هئا. هندن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي هئي. منجهن ميٺ ۽ محبت جام هئي. شادي ۽ غميءَ ۾ هڪ ٻئي وٽ شريڪ ٿيندا هئا. شهر وڏيءَ رونق وارو هو. شهر جون گهٽيون وڏيون ۽ ڪشاديون هيون. سڄو ڏينهن واپار جي گهما گهمي لڳي پيئي هوندي هئي. هتان جا هندو خواهه مسلمان پڪا مذهبي هئا. گچير ي ۾ هڪ هندن جو مندر به هو، جتي هو آزاديءَ سان پنهنجا ڪريا ڪرم ڪندا هئا. هندن ۾ ”ڀڳت“ جو رواج تمام گهڻو هو. هر سال سياري جي آخر ۾ هتي شوَ جو ميلو لڳندو هو. موجودهه پرائمري سنڌي اسڪول جي ڏکڻ ۾ قديم زماني کان وڏو پپر جو هڪ وڻ آهي، جنهن جي هيٺان شوَ جي ميلي جو انتظام ڪيو ويندو هو. ان مندر جي هڪ ديوار اڃان صحيح ۽ سالم حالت ۾ بيٺي آهي. هاڻي انهيءَ پراڻي مندر وٽ ميان محمد صديق ٻگهيي جي اوطاق آهي. انهيءَ مندر جي اوڀر ۾ هندو ياترين لاءِ هڪ ڌرم شالا يا مسافر خانو ٺهيل هو، جو هن شهر جي هندو سيٺين ۽ ديوان ڪيولرام گڏجي ٺهرايو هو. ڌرم شالا جي ڀر ۾ کوهه پڻ کوٽايل آهي. هن وقت انهيءَ هنڌ ”يونين ڪائونسل“ جي عاليشان عمارت تعمير ڪيل آهي.

مسلمانن جي محلن ۽ پاڙن ۾ مسجدون ٺهيل هيون، جن مان اڄ به ڪيتريون ئي اڃان تائين قائم بيٺيون آهن، هن شهر ۾ وڏا وڏا جيد عالم، بزرگ ۽ صاحب فن ماڻهو رهندا هئا. مسجدن جي ڀرسان مڪتب ۽ مدرسا هئا، جن ۾ ديني خواه دنيوي علمن ۽ فنن جو درس ڏنو ويندو هو. انگريزن جي صاحبيءَ کان اڳ ۾ هن شهر جي مسلمانن جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ هندو پڻ مسلمانن سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس وٺندا هئا. پوئين زماني ۾ منشي ريوا چند ۽ نارائڻ سنگهه عربي ۽ فارسيءَ جا وڏا ڄاڻو ٿي گذريا آهن.

گچيري ۾ پراڻي زماني کان وٺي ٻگهيا قوم ڪثرت سان آباد آهي، جنهن جو اسان مٿي تاريخي لحاظ کان ذڪر ڪري آيا آهيون. ان کان سواءِ هن شهر ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي قومون آباد آهن، جهڙوڪ: سهتا، سومرا، ميمڻ، ميربحر، ڪنڀر وغيره. هن وقت ميمڻ قوم جا ڪافي گهر لڏي پلاڻي موري شهر ۽ ان جي آسپاس وڃي ويٺا آهن.

هتي ڪپڙي جي رنڱاوت جو ڪم ڏاڍو سٺو ٿيندو هو. رنڱاوت جي ڪم سان گڏوگڏ ڪپڙي جي اُڻت جو ڪم به گهڻو ٿيندو هو. اِيسٽ انڊيا ڪمپني پڻ رنڱيل ڪپڙي جي خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ گماشتو گچيري ۾ رهايو هو. هن وقت اهي سڀ هنر ماٺا ٿي ويا آهن.

هن موجوده دور ۾ شهر جي آدم شماري اٽڪل ٻه هزار کن ٿيندي. شهر ۾ هڪ پرائمري سنڌي اسڪول، انگريزي هاءِ اسڪول ۽ نياڻين جي تعليم واسطي به اسڪول قائم آهي.

شهر ۾ هڪ وڏي جامع مسجد، هڪ وڏي دڙي تي اڏيل آهي. شهر جي آباديءَ جي لحاظ کان نمازين لاءِ ڪافي آهي. مسجد شريف جي اڏاوت مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها پوئين دور جي فن تعمير جو نمونو آهي. هيءَ جامع مسجد ڏاڍي ڪشادي ۽ هوادار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com