سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :10

  

”شڪارپوري“

جمال ابڙو

سنڌو ماٿريءَ جي قديم شهر شڪارپور جون ڊٺل ۽ ويران جايون اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ جو ثبوت ڏيئي رهيون آهن. بيگاريءَ جي ڀر ۾ هي ڳوڙهو ۽ ڳــُــتيل شهر پنهنجي ڀيٽ ۾ سوا لک جي آباديءَ کي سانڍيندو آيو آهي. ايامن کان سنڌ - واه واسينگ نانگ جيان ور وڪڙ کائيندو هن  گنجان شهر جي ارد گرد صدين جي اُڃايل زمين جي اڻ ڇهيل ڇاتيءَ کي ٿڌو ڪندو سندس پيٽ مان حيات بخش اَن ۽ مٺا ميوا پيدا ڪندو آيو آهي. هن شهر جون جايون ۽ دڙا، ونگون ۽ دروازا، ڪوٽ ۽ حويليون اڄ به پنهنجي نرالي حيثيت قائم رکيون پنهنجي پراڻي حشمت ۽ وقار کي ڪلهو ڏيئي قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ پريشان آهن. هن شهر جي باشندن مان اڄ به پنهنجي پراڻي رهڻي ڪهڻيءَ جا ڪجهه نه ڪجهه آثار پيا بکن. ”شڪارپور“ ۽ ”شڪارپوري“ ڄڻ ته پنهنجي پراڻي تهذيب جي باقي بچيل ڪڻن کي حاسدن کان سانڍن جي ڪمزور ڪوشش ڪري رهيا آهن. هڪ ٻئي مٿان جدا جدا قومن جي ڪڙڪڻ ۽ پاڻ سان نين نين ريتن رسمن کي آڻڻ، مڙسن کي مــُـنجهائي وڌو آهي.

شهر جون مکيه ذاتيون پٺاڻ، ميمڻ، شيخ ۽ سرهيا آهن. پٺاڻ، ٻروچ ۽ سيد هونئن ته ڪو هنر ڪونه ڄاڻن، تنهنڪري اُهي پنهنجي زمينداريءَ ۾ مگن آهن. البت هاڻي منجهائن غريب طبقي وارا ٽانگا وهائن، مزدوري ڪن ۽ اوتارا وسائن. باقي ٻيون قومون هنرمند ۽ واپاري آهن، تنهنڪري سکيا ۽ ستابا ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهن.

شڪارپوري کڻي ڪهڙي به طبقي ۽ قوم جو هجي، مگر منجهس ”شڪارپوريت“ جو هئڻ لازمي آهي. هو پري کان پڌرو آهي. ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ جتي دنيا جي هر قوم جا باشندا رهن ٿا، اُتي به”شڪارپوري“ جوانن جو ٽولو پاڻ پيو ڳالهائيندو. سندن هلڻ جو ڍنگ، سندن ڳالهائڻ جو ڍؤنگ، سندن پهرڻ جو نمونو، سندن ياري باشي، سندن گفتار ۽ لهجو، هر ڳالهه نرالي نظر ايندي. انهن جي مڙني خصلتن لاءِ بس هڪ ئي موزون صفت ملي سگهي ٿي... ”شڪارپوري“ .

شڪل شبيــہ جا ٺاهوڪا، صحتمند، بت جا ڀريل ۽ قد جا چڱا، منهن ۾ ضرورت کان وڌيڪ گنڀيرتا، حقيقت ۾ رنگين مزاج، جنهن ڪري پهراڻ به رنگين پسند ڪن،ڳچي پٽ تي ڀريل يا زريدار، بوٽ ٿلهي تري وارو يا ماڳهين سپاٽي پاتل، قدم ماپيل، لوڏ سان کڻندو ۽ مٿيون حصو جسم جو اڻ لکو اڳتي ڪندو. سنڌي پوشاڪ سان خاص اُنس اٿس. ڀلي کڻي ڪامورو هجي يا ڪاليجي هجي.

پهراڻ ڊگهو ڪنڊن سان، سلوار جا پاچا سوڙها، مٿي اگهاڙو، وارن جو فصل ڀلو ۽ موڙ نڪتل. پهراڻ جا بٽن هڪ يا ٻه يا سڀئي کليل، ڪالرن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيندو جيئن ڪنڌ جو ڪافي حصو پٺيان نظر پيو اچي. رومال هٿ ۾ يا پٺيان ڪنڌ ۾ ڪالرن وٽ، صاف ۽ آڇو اجرو، لکي در تان رابيلن جي ڪنڍي وٺندو ۽ پوءِ شاهي باغ گهمي ايندو.

 ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان مٿيون احوال ۽ هر طبقي جي ننڍي نيٽي جوان سان لڳي. چار ڄڻا گڏ پيا ويندا ته سنجيدا ۽ سياڻا لڳندا. اوچتو هٿ چراند ڪندا ته گهرائيءَ جون حدون ٽپي ويندا. وري گهڙيءَ ۾ اهڙي جو اهڙا، چڱو ڏکو رکي ويندا.

ڳالهائڻ جا مٺا، لهجو سندن وڻندڙ، ”دل“ ۽ ”من“ پئي پوندن. ”من هيڏي ته اچ ني“، ”مانتو ٻڌين نٿو ڇا“ (ٻڌين ۾ ڌال کي زير نه ڏيندا) ”کٽان“، ”ڄنگهان“، ”سران“ چوندا وتندا، جي پارسيءَ ۾ جمع ائين ٺهندا آهن. اهو ته صحيح پر هي يار فعل کي به ائين مٽائيندا. چوندا ته فلاڻيون اسان وٽ ٽڪلان آهن، يعني ٽڪيل آهن. ڪڏهن جمع جو به جمع ڪن. ڪتل کي ڪتلان چون. پارسيءَ وانگر ايندم، ويندم، کائيندم چون. گهمندو ڦرندو کي چون گهمدو ڦردو. پنهنجي ٻوليءَ کي صحيح سمجهڻ ۽ ان سان پيار اٿن.

ننڍا وڏا ڪچهريءَ جا ڪوڏيا، ڳالهين جا ڳهير، هڪ ٻئي جي پــِتي جا واقف، رلڻا، ملڻا، ننڍي هوندي کان گهرو ڪچائن ڦڪائن جا ڄاڻو، نه ته به کوٽي ڪنهن جي ڪمزوري لهندا، جي لهي نه سگهيا ته چپٽين ۾ ٺاهي وٺندا. شايد سندن خودي ۽ خانداني ٻئي جي بڙائي برداشت نٿي ڪري سگهي. ساراه ڪندا ته به ڪنهن پنهنجي ئي فرد جي.

انصارين جو صندل، صديقين جون کٽون ۽ شيخن جون بئنچون، پنهنجي پٺيان اهڙي هڪ تاريخ رکن ٿيون. هي ڪچهريون ڊاڙ ٻٽاڪ سان گڏو گڏ پاڙي وارن جي سماجي زندگيءَ جو محور آهن. اتي هر قسم جا مسئلا زير بحث اچن ٿا. اوڙي پاڙي جا اهنج ايذاءَ حاڪم جون ڏاڍايون، شاديءَ غميءَ جا معاملا ۽ ڀائپي جا جهيڙا جهٽا انهن ڪچهرين جي اوٽ ۾ سلجهائجي وڃن ٿا. منجهائن وڏو فائدو اهو آهي ته ٻين وڏن شهر وانگر هت انفراديت ۽ بي رخي نٿي وڌي. البت پاڙي پاڙي ۽ قوم قوم جا ننڍا ننڍا پڳدار پيدا ٿي ٿا پون. اهو آهي سڄي شهر جي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جو بنياد.

ميمڻن جو وري رنگ ئي نرالو آهي. مذهبي اثر منجهن زياده آهي، جنهن ڪري طبيعتاً قدامت پسند آهن. سندن اثرائيتون ڪچهريون مسجدن ۾ ٿين، جتي وڏڙا البت ننڍن جي شڪايت ڪن. لٽي ڪپري سادا، شيخن وانگر سڀ هڪ ٻئي جا مائٽ. ڪا نه ڪا لڇ ڳولي وڃي لهندا. نهايت امن پسند قوم آهي. واپار ۾ واڻين کان به پڪا. شابس هجين، پاڻ کي پاڻ ”ڪوري“ سڏين ڇو نه سڏين؟ هنر جو وڏو شان آهي.

”شڪارپوري“ گهڻو تڻو ڪچهرين جا ڪوڏيا آهن، پر اوطاقي اهڙا نه. هندو سيٺين ته جايون ئي اهڙيون ٺهرايون، هيٺان دوڪان ته مٿان گهر. واپاري لحاظ کان فائدو ته ٿيو پر مهمان خاني لاءِ البت مونجهارو. هندو ماڻهو ته مهمانن کي گهر ۾ ئي رهائيندا هئا. ست ڌارئي کي هندو کڻي پئنچات گهر يا ڌرم شالا ۾ ئي رهائيندو. شاهوڪارن سيٺين کي ته جدا بنگلا هئا. تنهن هوندي به ائين نه چئبو ته شڪارپوري هندو توڙي مسلمان، اڳ توڙي هاڻي مهمان نواز نه آهن. اها تهمت جلد بازي واري ٿيندي. پاڻ نسبتاً هو گهڻن شهرين کان گهڻا چڱا آهن. نيٺ ته شهر آهي. هر آئي وئي کي رستي تان وٺي اچي ڪونه کارائبو. شڪارپوري هر سنڌي وانگر مهمان نواز آهن. ڳالهائڻ جا مٺا ۽ قربدار، ڏِک اهڙي ڏيندا جو ڄڻ ته الائي ڇا ڪري ڇڏيندا. البت شهري لحاظ کان مٽجندڙ حالتن مطابق اوپري مهمان لاءِ ڪو خاص اونو يا اڻ تڻ نظر ڪانه ايندي. اوطاقن جي گهٽ هجڻ ڪري هوٽلن تي مارو گهڻو آهي.

هوٽلن ۾ به هر قسم جون ڪچهريون ٿينديون. صبح جو ئي بيڪار ٽولا هوٽل ۾ اچي ويهندا. شام جو ته ڌُم لڳي ويندي. شڪارپور جون هوٽلون به نراليون آهن. مشين جي پٽي تي ڦرندڙ جهلين جهڙا پکا ڦرڙاٽ لايو بيٺا هوندا. ڪلفين تي مارو هوندو، آهن به اهڙيون. شڪارپور ماڻهو اچي ۽ ڪلفي نه کائي، ڄڻ شڪارپور نه آيو. ديوان جو پاڻي، ڦوٽو، ڪريم سوڍا واقعي چڱا آهن. هندو سيٺين جي وقت ۾ ته اوج هو. هي سڀ ڳالهيون شڪارپورين جي چڱي پسند جو ثبوت آهن.  کاڌي پيتي جا شوقين ٿين. ڪباب، چاپ ۽ ڪلفين سان خاص چاهه اٿن. سندن پسند جو ستارو ڪن ڳالهئين ته حد کان وڃي پهتو هو. چون ٿا ته سيٺ ماڻهو ڳئن کي رڳو گلاب ۽ نارنگيون کارائيندا هئا، جيئن کير ۾ خاص خوشبوءِ ۽ ذائقو ٿئي.

شڪارپور جو آچار ۽ مٺائي سڄي هندوستان ۾ سوکڙي ٿي ويندي  هئي. اهڙي به مٺائي ٺهندي هئي، جا اَسي رپئي سير وڪامندي هئي. بازاريون ڀرپور هيون.

شڪار پوري ماڻهو طبيعتاً شوقين آهن، کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ ۽ گهمڻ گهتڻ جا. يار لوڪ به شام جو سلفين جا ٻه سوٽا هڻي، اک ڪڪڙي ڪري، مڇ کي تاءُ ڏئي، ڪن ۾ گل وجهي، ڏاڍي ٺاٺ سان وکون پيا کڻندا. زميندار ۽ خوشحال ماڻهو ٽانگا رکندا. ٽانگن کي ڏاڍو سينگاريندا. گهوڙا ڀلا وٺندا. شام جي وقت ٽانگن تي چڙهي گهوڙا ڀڄائيندا. گهوڙا به ڦونڊ ۾ ڀرجي، گهمنڊ هڻي، ٽاپ ٽاپ ڪندا ايندا.

هندو سيٺيون شام جو اڇي ڦول ڌوتي پائي پلئه هٿ ۾ وٺندا. پمپ شو پيرن ۾ ۽ مٿي تي پڳڙي. شام جو شاهي رستن تي ٻن گهوڙين بگين م بس ڳاڙهيون سايون پڳڙيون نظر اينديون. شهر جي چوڌاري باغن ۾ گهمندا، ســُـکو پيئندا ۽ سنهڙا چولا پائي جــَـهلين هيٺان ويهندا. سيٺيون اهي سمورا نظارا پاڻ سان کڻي ويا. سندن عورتون به سٻاجهيون ۽ صاف، رنگين پائجاما پائي، منهن پلئه سان لڪائي، باغن ۾ گهمنديون، ٽڪاڻن ۾ وينديون ۽ اوڙي پاڙي سان پير ڀرينديون هيون.

هندو ماڻهو ڪــَـٿا ڪيرتن ڪرائيندا هئا. ڏينهن جا ڏينهن راڳ جون محفلون ڪرائيندا هئا. ڏينهن جا ڏينهن چهچٽا هلندا هئا. پري پري جا ماڻهو، ڳائڻا ۽ ساڌوسنت ايندا هئا. پيسي وارا ۽ سخي مڙس هئا. دور ديسن مان ڪمائي شڪارپور ۾ خرچيندا هئا. ويا کيس سڌاريندا. سهڻا باغ ۽ وڻندڙ بنگلا ٺهرايائون. شاندار اسڪول ۽ ڪاليج اڏايائون، شاهي اسپتال ٺهرايائون، لئبرريون ۽ هال قائم ڪيائون، جتي ليڪچر ۽ ڊراما ٿيندا هئا. شل اڄوڪا شڪار پوري به اهڙا دريا دل ۽ هٿ جا ڇوٽ ٿين ۽ ورثي کي سنڀالي سگهن.

سنڌ واهه شڪارپور جي جان هو. سندس ٻئي ڪنارا باغن ۽ بنگلڙن سان جهنجهيل هئا. موڪلن ۾ منڊل لڳي ويندا هئا. هندو مسلمان، زالون توڙي مرد، شهر جي گهٽيندڙ گرميءَ کان ڀڄي سنڌ واهه جي ٿڌڪار ۾ وڻڪار هيٺان پيا تڙڳندا هئا. انبن جا ٽوڪرا، کجورين جون ڇليون، گوشت، ڪباب، ديڳيون چڙهي وينديون، ترندا، کيڏندا، لاٽ پوندا ۽ ڳائيندا هئا. عجيب لطف هوندو هو. اڄ به ان کي شڪار پوري ياد ڪري شوڪارا پيا ڀرين. شڪر جو پاڻ ٿڌا نه ٿيا آهن. اڃا به ان موج کي قائم رکندا اچن. عجب نه آهي ته سنڌ کي اڳئين اوج تي آڻن.

”شڪارپوري“ عام طور تي مزاج جا رنگين آهن. گهرائي منجهن گهٽ، ڪجهه بي لغام، ڪچهريءَ جي ٽونڪن به منجهن مقابلي جي قوت گهٽ ڪري ڇڏي آهي. انهن سببن ڪري آزاديءَ کان پوءِ مال غنيمت تي انهن به چڱا هٿ صاف ڪيا نه ته کين گهربو هئو ته جماعتون ٺاهي، جاين، بنگلن، باغن ۽ جماعت خانن جو بچاءُ ڪن ها. ڪاش، هو ٿورڙو سنجيده ٿي اک ڏيکارين ها ۽ پاڻ لــُـٽ کان پاسو ڪن ها ته سندن هي سهڻو شهر اڄ اڃا به جرڪي ها، ۽ هيئن تباهه نه ٿئي ها. ڏسجي ٿو ته جنهن ڳالهه کي ظاهري به چون ٿا، سا پاڻ کل  ئي کل ۾ ڪيو ڇڏين.

هن شهر ۾ عالم ۽ فاضل ۽ چوٽيءَ جا شاعر ڪافي انداز ۾ ٿي گذريا آهن. ”سامي“ به هتي جو ئي هو. ڏسو شڪار پورين جي بي رخي، جو ساميءَ جي جاءِ رهائش جي به پوري خبر ڪانه اٿن، جيتوڻيڪ اها اڃا سلامت آهي. ”مسرور“ ۽ ”مسڪين“ به هتي جا هئا، پر يقين ڄاڻو ته ڪن ٿورن کي سندن زندگيءَ جا حالات معلوم آهن. ”اياز“ کي ته هو ليکي ۾ ئي ڪين آڻين. شڪارپور اصل ۾ ضلع جو مرڪز هو، تنهن ڪري هتي ڪامورو ڪلاس گهڻو پيدا ٿيو. تعليم وڌي ۽ ملڪي سياست ۾ چاهه پيدا ٿيو. سر غلام حسين ۽ مرحوم الله بخش سومرو سنڌ جا وڏا وزير ٿيا، انهيءَ ڪري سياسي شعور سان گڏ پارٽيءَ بازي جو مرض وڌيو ۽ ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي ويا. آڄ اُن کان شايد ئي ڪو شڪار پوري بچيل هجي.

شڪارپور جي عورت به هڪ خاص مزاج جي مالڪه آهي. کيس پنهنجي انفراديت آهي، سندس پنهنجا شخصي تعلقات ۽ دوستيون آهن. سندس ساهيڙين جو دائرو ڪافي وسيع آهي، جتي چڱن چوکن مسئلن تي خاصي ٽيڪا ٽپڻي ٿي ٿئي. سندس مجلس ۾ کائڻ پيئڻ جا پروگرام ٿا ٿين ۽ ڪڏهن پــَــتوبه ٿو ڪــُـٽجي ته ڪٿي رَمي به ٿي هلي. کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي شوقين آهن. ڪپڙن تي زري ۽ ڪاون جي ڪم سان دلچسپي اٿن.

شڪارپور جي عورت نسبتاً آزاد طبع ۽ گفتگو جي پختي ٿي ٿئي. ان جا مکيه سبب ٻه آهن(1) پڙهيل ڳڙهيل (2)عموماً محنتي ۽ پنهنجي پيسي واريون آهن. پنهنجي هنر سان ميڙي چونڊي ڪري چار پيسا ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳايو ڇڏين. ڀرت ڀرين، آچار وجهن يا گهرو پيسي مان بچت ڪري لڪايو ڇڏين. ڏاڍيون سمجهه ڀريون آهن. پنهنجي پيسي هئڻ ڪري منجهن اطمينان ۽ خود اعتمادي آهي، ان ڪري مائٽ سندن راءِ جو چڱو خيال رکن. مڙس ته سندن گهڻو ڪري چيچ سان ٻڌل اٿن. مڙس کي به زال جي مائٽن کي پنهنجي مائٽن تي ترجيح ڏيڻي ٿي پوي.

سنڌ ۾ مشهور آهي ته ”شڪار پوري، نيت بري، ڪڇ ۾ قرآن، هــَـٿ ۾ ڇــُـري.“ نٿو ڀانئجي ته اهو هرو ڀرو صحيح آهي. ڪم از ڪم منجهس وڌاءُ وڏو آهي. ممڪن آهي ته پراڻي زماني کان جدا جدا قومن جي ڪاهن شڪار پورين کي جلد جلد وفادارين مٽائڻ تي مجبور ڪيو هجي ۽ کين مصلحتاً ٻهروپي ٿيڻو پيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته موجوده تنگ نظر ۽ پيٽ پوڄاري ڪامورڪي ذهنيت ۽ ڦرندڙ گهرندڙ سياست بازيءَ انهيءَ ڏس ۾ مٿن ڪجهه اثر ڇڏيا هجن، ورنه عام شڪار پوري بلڪل کلڻو، ڳالهائڻو ۽ ٺهڪڻو ڦهڪڻو آهي.

ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ٺيٺ سنڌيت هن تر ۾ ئي ملندي.  شڪار پوري ان جو علم بردار آهي. حيدرآباد پنهنجي اصليت وڃائي ويٺي، سکر جو به ذري گهٽ ساڳيو حال آهي. شڪارپور پنهنجي ڪلچر کي ڪجهه نه ڪجهه سانڍيندي ٿي اچي. ”شڪار پوري“ جي زنده دلي ۽ سندس خوبصورتي سان چاهه اميد ته رنگ لائيندو.

منجهن جيڪڏهن ٿورڙي سنجيدگي ۽ منزل سان دلي لڳاءُ هجي ته يقيناً صبح جو پهريون ڪرڻو شڪارپور مان ئي ڦٽندو.

[موڪليندڙ: خليل مورياڻي، شڪارپور. رسالي ”ڳوٺ سڌار“ نومبر 1957ع تان کنيل .]

 

 

  

شڪارپور جا هندو شاهوڪار

انيس انصاري

عرب سياحن، جاگرافيدانن ۽ مؤرخن جڏهن به هن ننڍي کنڊ جو ذڪر ڪيو آهي تڏهن سنڌ کي هند کان جدا نالي سان سڏيو آهي، جهڙوڪ سنڌ ۽ هند. سنڌ اهو پنهنجو تشخص تاريخ جي دور کان اڳ قائم ڪيو آهي، جنهن جي شاهدي سنڌو ماٿر سڀيتا جي دنيا جي ٻين سڀيتائن سان رابطي هئڻ سان ملي ٿي.

سنڌ ۾ ئي ڪپهه مان پهريون دفعو ڪپڙو ٺهيو، جنهن کي سنڌ پٺيان سڏيندا ئي ”سنڌو“ هئا. ان ڪپڙي جو واپار ڏيساور سان هلندو هو. ايران، شام ۽ مصر ۾ سنڌ جي ڪپهه مان تيار ٿيل ڪپڙي جي گهڻي گهر هوندي هئي. مصري ماڻهو اميرن ۽  بادشاهن جي، مسالي ۾ محفوظ ڪيل لاشن کي سنڌي ململ جي تهه ڪيل دوائن ۾ ٻڏل ڪپڙي جي پٽين ۾ ويڙهي تابوت ۾ رکندا هئا. اهو زمانو هو جڏهن سنڌ جو واپار جهازن ۽ دنگين رستي هلندو هو. ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي، مسٽر پوڪاڪ جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکيو آهي ته”سنڌو نديءَ جو ڇوڙ وٽ سمونڊ سيويندڙ هڪ قوم رهندي هئي، جا چست، چالاڪ ۽ تڪليفون سهندڙ جفاڪش قوم هئي.“ جناب مولائي شيدائي تاريخ تمدن سنڌ ۾ لکي ٿو، ”اسان کي پتو پوي ٿو ته سنڌڙي سرمور جو واپار ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن سان هلندو هو. مٿيون بيان اسٽرابو معرفت ملي ٿو جو، 63 ق. م. کان 36 ق. م. مصر ۾ ٿي گذريو آهي.“

سنڌ جو محل و قوع اهڙو هو جو نه رڳو پاڻيءَ ذريعي پر خشڪيءَ رستي به اها ايشيا جي ملڪن سان گڏيل هوندي هئي. مولانا غلام رسول مهر تاريخ سنڌ عهد ڪلهوڙا ۾ لکيو آهي. ”سنڌ جو موقعو ۽ محل اهڙو هو جو ٻاهر جي ملڪن جو سامان هتان ٿي پوءِ ايندو يا ويندو هو. خصوصاً اتر هندستان جي ساري مال جي نيڪال جو رستو سنڌ کان سواءِ ٻيو هئوئي ڪونه. مارواڙ، بيڪانير، جيسلمير، ملتان، پنجاب، ڪشمير، صوبه سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان بحري رستي جو مال ٻاهر موڪليندا هئا. سو پهريائين سنڌ ۾ پهچندو هو، جتي جهازن ۾ ڀريو ويندوهو. ٻاهر کان جو مال انهن ملڪن جي ضرورت لاءِ ايندو هو، سو به پهريائين سنڌ ۾ لهندو هو ان سبب کان سنڌ جا بندرگاهه دنيا ۾مشهور هئا. مثلاً ديبل ۽ پوئين زماني ۾ لاهري بندر، اورنگا بندر، شاه بندر، بسته بندر، علي بندر، جتان بصره بندر عباس، هرمز، مسقط ، بحرين وغيره مال موڪليو ويندو هو. ٻين هنڌن کان واپاري مال خشڪيءَ رستي قسطنطنيــہ يا مصر موڪليو ويندو هو، جتان پوءِ يورپ روانو ڪيو ويندو هو. انهن ساڳين رستن سان ٻاهر جو مال اسان جي ملڪ ۾ ايندو هو. هندستان جي مختلف هنڌن کي سنڌ سان ملائڻ لاءِ سڙڪون موجود هيون جن، تي قافلا ايندا ويندا هئا. بحري تجارت ۾ جيستائين عام سهولتون پيدا نه ٿيون هيون، تيستائين ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا مان مختلف جنسون مڪران ۽ بلوچستان جي رستي سنڌ ۾ اينديون هيون. ان واپاري شاهراه تي هڪ مشهور منڊي شڪارپور ۾ قائم هئي. وسيع تجارت جي سلسلي ۾ اهل سنڌ دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ تجارتي ڪوٺيون قائم ڪيون هيون. ڪلهوڙن جي عهد ۾ ڪلڪتي کان ڪراچيءَ تائين هندوستان جي بندرن تي مسقط، بصره، بحرين وغيره ۾ سنڌي تاجرن جون ڪوٺيون هيون.“

سنڌ جي خشڪيءَ رستي واپار جو ذڪر ڪندي رچرڊ برٽن لکي ٿو ته، ”صوبي جي واپار جي لحاظ کان اسرڻ جو سبب ڪنهن حد تائين قافلن جي ذريعي واپار ۽ مڪران ۽ ڏکڻ ايران جي بندرن جو زوال آهي.“

ڀيرومل آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ، ۾ لکيو آهي: ”رگ ويد مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌو ماٿر ۾ ماڻهن جي کاپي کان وڌيڪ جيڪو ان ڪپڙو وغيره هوندو هو، سو واپاري ٻين هنڌ وڪڻڻ ويندا هئا. پنهنجو وکر گهوڙن، اٺن، ڏاندن ۽ گڏهن تي لڏي قافلا ٺاهي ويندا هئا.“

هندو قوم جي حساب داني مشهور آهي. اها قوم منڍ کان وٺي واپار ڪندي اُچي ٿي. ان سبب ڪري ئي مسلمان حڪومتن ۾ انهن کان حسابي ڪم ورتو ويندو هو. عباسي دور جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته بغداد ۾ حساب ڪتاب جي ڪم تي اڪثر هندو ئي رکيا ويندا هئا.

ڪرنل پاٽنجر جي هڪ سوال جي جواب ۾ مير مراد علي خان چيو هو، ”اسين بلوچ نه حساب ڪتاب رکي ڄاڻون ۽ نه وري کاتا لکي سگهون، نه ڪا واپار جي ئي ڪا سڌ آهي. اسين فقط ايترو حساب سمجهي سگهون ٿا ته ٻه ۽ ٻه ٿيا چار، اسين هندن تي اعتبار ڪريون ٿا ۽ جيڪي طلبيون ٿا، هو اسان کي گهر ويٺي پهچائي ڏين ٿا.“ انگريزن کي به هندن تي اعتبار ڪرڻو پيو.

ان ڳالهه ۾ وڌاءُ نه آهي جي ائين کڻي چئجي ته موجوده انگ، جي دنيا ۾ رائج آهن، سي اصل ۾ سنڌي انگ آهن. اهي عربن کي هندوستان مان مليا، جتان پوءِ يورپ وارن کي عربن مان حاصل ٿيا. انسائڪلو پيڊيا برٽانيڪا ۾ لکيل آهي: ”اسان جي موجوده انگن جي اصليت عام طرح عربي  چئي وڃي ٿي، پر ائين بهتر ٿيندو جو انهن کي هندو عربي ڪوٺيو وڃي.“ انگن جي رواج ۾ اچڻ کان اول عرب ۽ يورپ ۾ حرف استعمال ڪيا ويندا هئا. انگن جي استعمال سان حسابي ڪم سهنجو ٿي پيو. وڌيڪ سهنجائي وري عربن ٻڙيءَ جي کوجنا سان ڪري ڏني.

هندن وٽ رڳو نو(9) انگ هوندا هئا. ان سلسلي ۾ اسان کي سن 650ع جي هڪ شهادت ميسو پوٽيميا جي هڪ بشپ سيورس سيبوخت جي لکت مان ملي ٿي. ساڳي طرح ابن نديم الفهرست ۾ سنڌ ۾ رائج انگن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي لکڻ جو نمونو به ٻڌايو اٿائين. ابن نديم سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ 9 (نو) انگن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي شڪل ڪتاب ۾ ڏيکاري اٿائين. اهي انگ سواءِ ڪن انگن ۾ ٿوري ڦير گهير جي ساڳيا آهن، جي هن وقت رائج آهن.

ابن نديم لکي ٿو ته انهن انگن جي شروعات  ا- ب - ج - د - هه - و- ز- ح - ط سان ٿئي ٿي. جڏهن ط تي پهچن ٿا ته پهرين انگ تي موٽي اچن ٿا ۽ ان جي هيٺان هڪ نقطو وڌائين ٿا ۽ ارڙهين انگ تائين پهچي وري پهرين انگ تي اچن ٿا، جنهن کي ٻه ٻڙيون ڏين ٿا. ان نموني ٻڙين وڌائڻ سان انگ وڌندا رهن ٿا.

شيخ محمد اڪرم آب ڪوثر ۾ لکيو آهي، ”هندستان جو پهريون ڪتاب، جنهن جو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو سو سڌانت هو. سن 771ع ۾ سنڌ جي هڪ وفد سان گڏجي هيئت ۽ رياضيات جو هڪ فاضل پنڊت هي ڪتاب کڻي بغداد پهتو ۽ خليفي جي حڪم سان هڪ عرب رياضيدان ان جو عربي ترجموڪيو.... علم هيئت کان سواءِ حسابن جي علم ۾ به عرب هندستانين کان ۽ سڀ مغرب واسي عربن مان مستفيد ٿيا. عربن جو بيان آهي ته انهن حسابي رقم(هند سه) لکڻ جي طريقو هندن کان سکيو، ان لاءِ اهي هندسن(انگن) کي هندي حساب يا ارقام هنديه چوندا هئا. يورپ جي قومن اهي انگ عربن کان سکيا، ان لاءِ هو انهن کي Arabic Numerals يا اعداد عربيه چوندا آهن. ان کان پهريان عرب لفظن ۾ عدد لکندا هئا. پوءِ ابجد) جي حرفن ۾ لکڻ لڳا ۽ مغرب وارا رومن اکرن ۾ (جن جو استعمال ڏاڍو پيچيدو هو. عدد لکندا هئا. هيءَ ڳالهه صحيح طرح معلوم نه آهي ته ”هندي انگ“ عرب ۾ ڪڏهن پهتا. پر خيال آهي ته جو پنڊت سڌانت کڻي بغداد پهتو هو، تنهن عربن کي حساب جو نئون طريقو سيکاريو هو.“

مولانا اعجاز الحق قدوسي تاريخ سنڌ ۾ لکي ٿو ته هي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته عربن 9 تائين حسابي رقم(انگ) لکڻ جو طريقو هندن کان سکيو.“ انهن انگن جي رواج ۾ هئڻ ڪري هندو حساب جلدائي سان ڪري سگهندا هئا ۽ ان ۾ ماهر هئا.

جهڙيءَ طرح شڪارپوري مسلمانن کي پنهنجو تشخص آهي، اهڙيءَ طرح هتان جو هندو به پري کان ئي پڌرو هوندو هو. هتان جو هندو شاهوڪار لٽين ڪپڙين صاف ۽ سٿرو، مٿي تي ڳاڙهي پڳڙي، ڪلهي تي ٽوال ۽ پيرن ۾ پمپ شو. کاڌي پيتي جو به شوقين هو. چڱو چوکو استعمال ڪندو هو. ڪمائيندو ٻاهر هو ۽ کائيندو هو اچي شڪارپور ۾.

ٽي. پوسٽنس شڪارپور جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”شڪارپور سنڌ ۾ واپار جو مکيه مرڪز آهي. ان جو سينٽرل ايشيا ۽ ٻين ملڪن سان ڏيتي ليتي جو گهڻو وهنوار آهي... شڪارپور قنڌار جي مکيه سڙڪ  تي آباد آهي. ان کي ملتان سان گڏ خراسان جو هڪ دروازو سڏي سگهجي ٿو.“

شڪارپور ۾ رهندڙ هندو ڪٽنبن لاءِ ڀيرومل آڏواڻي سنڌ جي هندن جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته”انهن مان ڪي قلات مان آيا هئا ۽ ڪي پنجاب مان.“ هو لکي ٿو ته ”شڪارپوري آڪهيون اهي آهن جي قلات کان آيون آهن. سندن ڪجهه پتو هندن جي پراڻن ۽ ڪن تاريخن مان پوي ٿو“. ٻئي هنڌ لکي ٿو، ”هاڻوڪن شڪارپورين جا وڏا قلات طرف اڪثر وڻج واپار ڪندا هئا. سندن هنڊيون وچ ايشيا طرف هلنديون هيون. بيٺل ماڻهو هئا ۽ اتي عزت آبرو جهجهي هين ... سنڌ جي ٻين هندن کي ايتري جرئت ڪانه ٿي ساري جو پٺاڻن جي ملڪ ۾ وڃي رهن، تنهنڪري انهيءَ طرح جو وڻج واپار سمورو سندن هٿ ۾ هو.“

پوسٽنس سنڌ جي مکيه شهرن جو آدم شماري ڏني آهي. سندس لکڻ موجب ڪراچيءَ ۾ اٺ هزار، ٺٽي ۾ اٺ هزار، سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ پنج پنج هزار ۽ شڪارپور ۾ ويهه هزار ماڻهو رهندا هئا. ان جي جاءِ تي پنج سال اڳ اتان لنگهندڙ اليگزينڊر برنس شڪارپور جي آبادي ٽيهن هزارن کان مٿي ڏيکاري آهي، جن ۾ ڏهون حصو مسلمان هئا.

اليگزينڊر برنس شڪارپور لاءِ لکي ٿو، ”شڪارپور سنڌو نديءَ ذريعي واپار جو پهريون مرڪزي شهر آهي. اها شهرت کيس گهريلو صنعتن ڪري نه ملي آهي، پر ان ڪري ملي اٿس جو ڏورانهن ملڪن سان ڏيتي ليتي جو ڪافي وهنوار اٿس... هر طرف واپاري رستا شڪارپور مان وڃن ٿا... اهو واپار خشڪي رستي ٿئي ٿو.“ برنس وڌيڪ لکي ٿو: ”سنڌ جي ٻين شهرن کان هتي کاڌي جون شيون گهڻيون ۽ سستيون آهن.“ سندس لکڻ مطابق شڪارپور جي بازار ۾ 884 جدا جدا وستن جا دڪان هئا ۽ سندس واپار استرا خان کان ڪلڪتي تائين هلندڙ هو. برنس پنهنجي ٻئي ڪتاب ”ڪابل“ ۾ هيٺين شهرن جي لسٽ ڏني آهي: مسقط، بندر عباس، يزد، هيمدان مشهد، استرا خان، بخارا، سمرقند، قوقند، يارقند، قندوز سبزوار، قنڌار، غزني، ڪابل، پشاور، ديرا غازي خان، ديرا اسماعيل خان، بکر، ملتان، اوچ، بهاولپور، امرتسر، جيپور، بيڪانير، جيسلمير، پالي، مانڊوي، بمبئي، حيدرآباد دکن، حيدرآباد سنڌ، ڪراچي، مرزاپور ۽ ڪلڪتو - انهن سڀني هنڌن تي هنڊيون هلنديون هيون - اتي يا ته شڪار پوري پاڻ واپار ڪندا هئا يا سندن ڀلاوڻن جون ڪوٺيون هونديون هيون.

بيگم مير حسن علي هڪ انگريز عورت، جا پنهنجي سهري جي گهر لکنؤ ۾ سن 1816 کان 1828 تائين رهي هئي پنهنجي ڪتاب Observation on Musslmans of India ۾ اؤ ڌ جي صرافن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جون هندستان ۾ هنڊيون هلنديون هيون.

اڳي جيئن ته بئنڪن جو سرشتو اهڙو فعال ڪونه هوندو هو، واپاري ڪجهه ڪميشن ڏيڻ سان پيسا ڪنهن سيٺ وٽ جمع ڪرائي ڊمانڊ ڊرافٽ طور هنڊي وٺندا هئا، جن جا پيسا کين يا سندن ڪنهن گماشتي کي ان سيٺ جي ٻي ڪنهن ڪوٺيءَ تان روڪڙا ملندا هئا، جنهن هنڌ لاءِ هنڊي لکائي ويندي هئي.

هيٺ هــُـنڊي لکڻ جو نمونو ڏجي ٿو:

ايڪو سهاءِ

انگين اکرين روپيا ٽي هزار 3000 روپيا، نيمي روپيا پندرهن سو 1500 روپيا، تن جا ٻيڻا روپيا ٽي هزار 3000 روپيا، سيٺ جهامنداس سيٺ ننديرام ڏيج، شڪارپور مان سيٺ ارجنداس پوڄ سيٺ ايسرداس چوي ٿو ته اسان هتي سيٺ هيرانند پوڄ موٽوملاڻيءَ جي پاسون راکي، توهان حيدرآباد مان شاهه واپاري جوڳ ڀري ڏيوڻا ٺام ٺڪاڻا ڏسي ڏيوڻا.

فقط تاريخ             مهينو          سنبت

ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انگريزن جي ڪابل فتح ڪرڻ بعد شڪارپور جي مکيه منڊي جي ساک ڪي قدر گهٽجي ويئي هئي. اهڙو ذڪر رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ ۾ ڪيو آهي. سنڌي هندن کي عام طرح ۽ شڪارپوري هندن کي خاص طرح نقصان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ پهتو. اوڀارين ملڪن ۾ هندن جون ڪوٺيون جپانين ۽ جرمنن تباهه ڪري ڇڏيون، جنهن ڪري کين واپار جي لحاظ کان ڪافي ڇيهو پهتو. تنهن هوندي به پاڪستان جي قيام تائين ڪن سيٺين جا ڪارخانا دور اوڀارين ملڪن تائين هيا.

برنس شڪارپور جي سيٺين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته ”هوسياڻا ۽ تند مزاج آهن. علم ادب جي ڪا وڌيڪ واقفيت ڪانه اٿن. تعليم به پڙهڻ ۽ حساب ڪتاب رکڻ تائين محدود اٿن... سندن سوچ آهي ته انسان رڳو ان لاءِ خلقيو ويو آهي ته مال خريد ڪري ۽ وڪڻي... مان سمجهان ٿو ته هو شادي به ان لاءِ ڪن ٿا ته جيئن واپارين ۽ شاهوڪارن جي قوم زنده هجي.“

شڪارپور جا هندو خاص طرح (۽ سنڌ جا هندو عام طرح) نانڪ پنٿي هوندا هئا. اتي مندرن جي بدران ٽڪاڻن جو رواج هوندو هو، جتي گرنٿ صاحب جو پاٺ ڪيو ويندو هو. ان سلسلي ۾ رچرڊ برٽن پنهنجي مذڪور ڪتاب ۾ لکيو آهي ”موجوده قوم (هندو) پنجابي الاصل آهي. اها حقيقت سندن مهانڊن، ريتن رسمن، مذهبي خيالن ۽ عبادت جي طريقن ۽ سندن نالن مان ظاهر آهي. اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سندن مذهبي لاڙو نانڪ شاهه جي مذهب ڏي آهي.“

اهڙيءَ طرح ٽي، پوسٽنس پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته”سنڌ جي هندن جي حالتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ان هنڌ ملتان، امرتسر ۽ اتر وارن ٻين هنڌن تان آيا آهن.“

ڀيرومل  آڏواڻي سنڌ جي هندن جي تاريخ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هندو ڪن حالتن ۾ اروڙ مان لڏي پنجاب ۽ ڪڇ هليا ويا. جيڪي پنجاب ويا تن ”پاڻ کي اروڙ ونسي سڏايو. شڪارپور جي ٻڌجڻ بعد انهن اروڙونسين ٻين هندن سان موٽ ڪئي ۽ شڪارپور کي وسايو.“ هو لکي ٿو: ”هاڻوڪي شڪارپور ۾ اڳي دائودپوٽن جو شڪار گاهه هو ۽ ڳوٺ لکي ۽ ٻيا ڀر وارا ڳوٺ وسيل هئا. سنه  1617ع ۾ لکيءَ جي مهرن کي دائوپوٽن شڪست ڏني. انهيءَ سوڀ جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ اهو شهر ٻڌايائون، جو قلعي اندر هوندو هو. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ احمد شاهه دراني شڪارپور جو شهر ميان نور محمد ڪلهوڙي  کان کسي سبيءَ سان لاڳو ڪيو ۽ اتي جو حاڪم هڪ افغان ٿيو. انهيءَ وقت کان وٺي افغاني قافلا اچڻ لڳا. ائين واپار وڌڻ ڪري ڪيترا هندو ۽ مسلمان اتي آيا. هاڻوڪين شڪار پورين مان گهڻا اروڙونسي آهن.“

ساڳي ڪتاب ۾ هڪٻي هنڌ ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو ”شڪارپور ۾ ڪي ڀاٽيا آهن، جن جا وڏا اصل جيسلمير کان آيا هئا، جهڙوڪ ڦيرواڻي ۽ گاجريا، ڪي برهمڻ کتري آهن جن جا وڏا اصل ڪڇ علائقي کان آيا هئا، جهڙوڪ سونيار، پرڪي اروڙونسي آهن جهڙوڪ آهوجا،بجاج، جماڻي(پنجاب ۾ چون اجماڻي) چاولا، ڇاٻڙيا، راجپال رکڙ، گانڌي، لــُـلا، ماٽا، وغيره.“

شڪارپور جا هندو رڳو واپار ۾ ڀڙ ڪونه هئا، پر هر ڌنڌي ۾ به اڳرا هئا. سيٺ دولترام ولد سيٺ شولداس شڪارپور ۾ هوزيئري جو ڪارخانو کوليو هو جنهن ۾ تيار ٿيل ڪپڙي جي تعريف ٻاهرين ملڪن ۾به ٿيندي هئي. ڀيرومل لکي ٿو، ”سکر جي اڳوڻي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ. ٽي. سارلي، آءِ. سي. ايس، جي ميم صاحبــہ لکيو آهي ته، منهن جو اوني ڪوٽ ۽ گهگرو شڪارپور جي انهيءَ ڪارخاني جا ٺهيل، منهن جي مڙس مون کي ناتال جي سوکڙي ڪري موڪليا هئا. اسڪاٽلنڊ ۾ اهي جن ڏٺا، تن واه واه پئي ڪئي.“

ساڳئي تاريخ ۾ ڪاڪو ڀيرومل ٻئي هنڌ لکي ٿو، ”شڪارپور ۾ برف جو ڪارخانو پهريائين هڪ جرمن انجنيئر کوليو ته شڪارپوري چوڻ لڳا ته گورن کان سواءِ اهڙو ڪارخانو ڪو ڪڍي ڪون سگهندو - سن 1904ع ۾ پروفيسر ڦيرواڻي پنهنجو برف جو ڪارخانو کوليو ۽ پوءِ اهو خام خيال مٽجي وين.“

تفريح جا شڪار پوري هندو ۽ مسلمان ٻئي ڪوڏيا هئا. سنڌ واه جي ڪنارن ۽ ڏانهنس ويندڙ سڙڪن جي پاسي وارن باغن ۾ سندن  بنگلا ۽ وهنجڻ لاءِ تلاءَ ٺهيل هوندا هئا. شڪار پورين کي موسيقي سان به ڪافي لڳاؤ هوندو هو - هر سال اتي هانڊو لڳندو هو، جتي هندو پاڪ جا مشهور ڪلاڪار اچي پنهنجو فن پيش ڪندا هئا - تفريحي ميلا به خوب لڳندا هئا، سنڌ واه تي لڳندڙ ميلا انهن سڀني ميلن کان وڌيڪ شانائتا ۽ وڻندڙ هوندا هئا. اليگزينڊر برنس جنهن اهڙي ميلي جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ڪابل ۾ ڪيو آهي. سو لکي ٿو،”ڇهين اپريل (1837) تي شڪار پور جي ماڻهن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ان ڏينهن تي درياه شاه جو وڏو ميلو متل هو جو نئين چنڊ تي ملهايو ويندو آهي. اتفاق سان هن سال اهو ميلو محرم مهيني ۾ آيو آهي، جو شيعن جو متبرڪ ماه  آهي. هن موقعي تي شڪارپور ذري گهٽ سڄي خالي  ٿي ويئي هئي. سندس سڀ ماڻهو سميٽجي سنڌ واه اچي سهڙيا هئا، جتي واه جي ڪپر تي وڏن وڻن جي ڇانوري ۾ ميڙا متل هئا. منهنجي اندازي مطابق سڄي ميڙاڪي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي حصو هئا عورتون ۽ ٻار. ماڻهو واه ۾ نمي ڏنڊونت ڪري آسيس پني رهيا هئا. ان بعد هڪ ٻئي سان يورپين  وانگر هٿ پئي ملايائون. مائرن ۽ ڀائرن پنهنجن ٻارن ۽ ڀينرن لاءِ رانديڪا ۽ ڪل تي هلندڙ انگلنڊ ۾ ٺهيل چيزون پي خريد ڪيون. مٺايون ۽ بسڪوٽ ڪافي انداز ۾ وڪامي رهيا هئا. اسان ماڻهن جي انبوه مان رستو ٺاهي اڳتي وڌياسون. سڀ کان مزي جهڙي ڳالهه اها هئي جو هڪ اڇين ڏاڙهين وارن مردن جو جوڙو پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ڇوڪرين وانگر نچي رهيو هو ۽ محبت ۾ گرفتار هوندن جي اداڪاري ڪري رهيو هو“ (غالباً ڀڳت هئا).

ڪن انگريز لکندڙن پنهنجي دستوري سڀاءُ موجب شڪارپور جي هندن بابت چڱي راءِ نه ڏيکاري آهي، انهن کين ڪنجوس ۽ پيسي جو پوڄاري ڏيکاريو آهي، پر شڪارپور جي اوڌنداس تارا چند اسپتال، سي اينڊ ايس، ڪاليج، جماڻي هال ۽ ٻيون سنسٿائون ٻڌائين ٿيون ته شڪارپور جو هندو هڪ شاه خرچ ۽ خدمت گذار هو. هن پيسو رڳو پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ به گڏ ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com