سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :21

 

نوٽ: هن مان معلوم ٿيو ته نري اوهام پرستي ڪانه هئي. اوهام پرستي لاءِ وڏو دليل جيڪو مغربي ماهرن هٿ ڪيو آهي، سو هيءُته قديم زماني جي غارن جي پاسن تي شڪار جون تصويرون چٽيل آهن ۽ هڏن ۽ ڪاٺن جا ٽوٽيم (ڀيانڪ پتلا) ملن ٿا ۽ علاج ڪرڻ وقت ڪاهن ۽ جادوگر مٿي تي سنڱ رکي، منهن تي بڇڙا نقاب چاڙهي، جسم کي کنڀ وغيره ٻڌي ناچ ڪندا هئا ۽ ٻيون حرڪتون ڪندا هئا، وغيره. مگر هي سڀ ڳالهيون جن پريت جادو ۽ اوهام پرستيءَ جو اصول کان هٽي ڪري به سمجهي سگهجن ٿيون. شڪار جون تصويرون سيکڙاٽن کي شڪار جي جانورن کي سڃاڻڻ لاءِ هونديون هيون. هنن ۾ شڪار لاءِ چاهه ۽ صحيح عمل پيدا ڪيو ويندو هو. پنهنجي خيال کي شڪار تي ڄمائي رکڻ جي سکيا ملندي هئي، جيئن مسميريزم وارا ڀت تي ڪارو نشان ڏئي ان تي نظر پچائيندا آهن. ٽوٽيم يا پتلا مختلف ايراضين، انهن جي لوازمات ۽ واٽن جي رهنمائيءَ جو سنگ ميل طرح ڪم ڏيندا هئا. انهن ۾ هاڻوڪي وقت ۾ به جيڪي جهار جهرڪي لاءِ ماڻهوءَ جا بوتا بنائي بيهاربا آهن، انهن موجب ڪو ڪم جو نڪتو سمايل هوندو هو ۽ انهن کي مذاح ۽ ڪارٽون جي فن جي ابتدائي جهلڪ ڄاڻڻ گهرجن. ڀيانڪ صورت بنائي معالج جو ناچ وغيره ڪرڻ مريض جي ڌيان کي علاج طرف ڇڪڻ ۽ معالج جي اهميت محسوس ڪرائڻ لاءِ هڪ حڪمت عملي جي چال هوندي هئي. تعويذ ٻڌڻ بنهه ائين هوندو هو، جيئن اڄ ايمانٽي بئنڊ ٻڌڻ جو، جنهن مان رت جي دوران ۾ منڊي پائڻ جي طريقي وانگر رڪاوٽ پيدا ڪري دل کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي. ان وقت علم ٿورو هو، تنهنڪري خاص طرح ذهني خرابين لاءِ سمجهاڻي ڏيڻ واسطي جن ڀوت جو نالو وٺي جند ڇڏائيندا هئا ورنه هر قول فعل ۾ ڪانه ڪا دنياداري جي رمز رکيل هوندي هئي. مثال طور منهنجي ٻاراڻي اوستا ۾ ناني يا ڏاڏي چوندي هئي ته ابا رات جو هنڌ تان اٿي وڻ جي هيٺان ويهي پيشاب نه ڪجي، متان جن وٺي وڃي. ڏسبو ته انهن کي کٽڪ هوندي هئي ته رات جي وقت ۾ وڻ مان خراب گئس نڪرن ٿا، جن بابت هاڻي اسان کي معلوم ٿيو آهي ته اهو ڪاربانڪ گئس آهي، جو صحت لاءِ نقصانڪار آهي. هاڻي غور ڪجي ته ان وقت اهي ٻڍڙيون ٻيو اسان کي ڪيئن خبردار ڪن ها؟

بعض مغربي مفڪرن کي اها ونڌ لڳل آهي ته هو ڪنهن طرح سان ڊاروني ارتقاءَ جي نظريي کي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ انسان کي اشرف المخلوقات نه پر باندر جو ٻچوئي ثابت ڪن. ان سبب سندن خيال اوچي وڃڻ جي بجاءِ هميشہ نيچو پئي ويو آهي. مثال طور انساني ٻولي لاءِ هنن جو مٿي ذڪر ڪيل اصول موجب هڪ نظريو ”بائو وائو“ وارو آهي، يعني انسان هوا جا آواز ٻڌي يا جانورن جا چرڙاٽ ٻڌي يا پنهنجي نڙي مان ڊگهي ساهه کڻڻ يا ٻي طرح سان نڪرندڙ آواز ۽ اچار ٻڌي بابا ۽ امان ۽ ڏاڏا وغيره لفظ اچاريا ۽ انهن اتفاقي آوازن منجهان ٻوليون جڙي راس ٿيون، هوڏانهن صحيح حقيقت قرآني تعليم مطابق اهائي آهي ته آدم چيزن جا نالا سکي آيل هو ۽ روح، عقل ۽ عبادت سان آراسته هو.

(2) علم طب جو وحي ۽ الهام جي باعث هجڻ وارو نظريو:

ٻيو نظريو آهي ته علم طب وحي ۽ الهام طور بزرگن ۽ نبين کي حاصل ٿيو، جتان انهن جي پوئلڳن ۾ پکڙيو. انساني عقل ايڏو اونهو نه آهي، جو ان جي راز جو منجهه لهي سگهي ها. بعض مريضن کي پنهنجي شفا جو کاڌو يا دوا خواب ۾ يا ٻي طرح اشارن سان معلوم ٿي آهي. بعض طبيبن کي به ڪشف ذريعي ڪي تدبيرون، علاج يا دوائون پئي معلوم ٿيون آهن. ان باري ۾ علامه قرشي ڪي مثال به ڏنا آهن، جي اصل ڪتاب تان ڏسڻ گهرجن. هن اتفاقي طرح ڪنهن واقعي ٿي پوڻ مان نتيجي ڪڍڻ سان ڪنهن طبي راز کي پروڙي وٺڻ به هن باب ۾ آندو آهي، جيئن پينسلين جو ڇٽو اتفاق سان تجربه گاهه جي ميز تي جراثيم جي اڀياس لاءِ رکيل جيلي (ڄميل کاڄ) جي هڪ پيالي تي نمودار ٿيو هو.

سنڌ جي هڪ پراڻي روايت آهي ته هرڻ کي تير لڳو، پر هو ٿڏي تي نه ڪريو ۽ ڀڄڻ لڳو. تيرانداز هن جو پيڇو ڪيو ۽ هن کي ڏٺائين ته هڪ ٻوٽي تي وڃي ليٿڙيو، جتان سندس زخم ڇڏي ويو ۽ صحيح سلامت ڀڄي ويو. پر تيرانداز انهيءَ ٻوٽي کي پٽي آڻي رکيو، جنهن کان پوءِ هر زخم، ڦٽ ۽ طهر جي ڇڏائڻ لاءِ اها رکندا آهن. جنگين ۾ ترارين جا زخم به انهيءَ ٻوٽي رکڻ سان ڇٽائيندا آهن. اسان جي حجمن ۽ طبيبن وٽ اها ٻوٽي موجود آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪشف، ادراڪ، وجدان ۽ عرفان رستي انسان گهڻو ڪي پرايو آهي. وحي ۽ الهام ته مٿاهين درجي لاءِ مخصوص آهي ۽ خاص ٻانهن لاءِ آهي، جن کي پيغمبر ۽ نبي سڏيو وڃي. پر اسان جنهن چيز کي ڪشف يا ڪرامت ٿا ڄاڻون، سا به حقيقت ۾ انسان جي ڇهين اندرين (حواس) جو نتيجو آهن. چانهه جي سون قسمن جا هڪ ئي ماهر مختلف ذائقا ۽ خوشبويون مقرر ڪري وڃي يا مختلف کاڌن پيتن جا نيڪ ۽ بد اثر ڀانپي وڃي يا ايندڙ حالتن جو اڳيئي اندازو لڳائي وڃي، سي سڀ رواجي انساني لياقت جي حد جون ڳالهيون آهن.

مامون خليفي بابت تاريخ خلفاءَ ۾ علامه سيوطي صفحه 343 ۾ لکيو آهي ته هو رات جي وقت جاڳي پيو ۽ يحيٰ کي اٿاري چيائين ته منهنجي کٽ جي پيرن کان ڏس ته ڪهڙي چيز آهي. هن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪمري ۾ اوندهه هئي، تنهنڪري بتي گهرائي وئي. يحيٰ ڏسي چيو ته مون کي ڪجهه ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. تنهن تي مامون چيس ته هنڌ ۾ ڏس. جان ڏسي ته واڏڻ ۾ نانگ ويٺو آهي، جنهن کي ماريو ويو. يحيٰ چيس ته اوهان کي غيب جي علم بچايو. مامون جواب ڏنو ته نه توبہ ڪر. مون کي هاتف غيبي خبردار ڪيو.

ڪو چوندو ته هي بادشاهن جون ڳالهيون آهن، تنهنڪري آءٌ فريد آباد ضلعي دادو جي نيڪ مرد وڏيري رسول بخش خان ڏيري جي ڳالهه ٿو ٻڌايان، ته مون کي چيائين ته هڪ دفعي هڪ جبل جو رواجي ماڻهو اچي وٽس مهمان ٿيو، جنهن کي رات جي ماني سان گوشت جو ٻوڙ موڪليو ويو. سو مهڻي ڌاري مسافر کي اچي پيٽ ۾ سور پيو ۽ وڏيرو وٽس ڦودني جون جوهري ٽڪيون ۽ ڦوٽا وغيره کڻي ويو ته مهمان چيس ته وڏيرا مون قئي ڪئي آهي، هاڻي فرحت ٿي ويندي، پر سائين مون کي پيٽ ۾ سور رڳو تڏهن پوندو آهي جڏهن ڪا حرام چيز کائيندو آهيان. وڏيري کي ماٺ اچي وئي. تڪڙو اچي گهران جاچ ڪيائين ته ٻوڙ وارو گوشت ڪاٿان مليو هو. ٻڌايائونس ته گهاڻي واري چاڪي جي گهران آيو هو سوکڙي طور. صبح جو چاڪي کان پتو پيس ته فلاڻو کيس ڇيلو ڪهي ان جو ڀاڱو ڏئي ويو هو. ان ماڻهو کي گهرايو ويو، جنهن چيو ته ڇيلو چوري جو هو، جو ڪهي ونڊي ورهائي گم ڪيو ويو هو. مون کي ياد آهي ته موچين جون نفيس ۽ هلڪڙيون جتيون ڪنهن کي لڦ وجهنديون هيون ته انهن کي ميار ڏني ويندي هئي ته حرام يا مردار جانور جي چمڙي مان جتي ٺاهي اَٿوَ. هي حقيقت ۾ ذڪي الحس ۽ پاڪبازري جون رواجي ڳالهيون آهن جي اڳ عام جام هونديون هيون. انهيءَ ذڪاوت حسي سبب به ڪيترا طبي راز يا دوائن جا اثر معلوم ٿيا.

صحتمند ۽ صاف چمڙي، خاص ڪري جا پيشاب کان پاڪ صاف هجي ۽ جنهن تي اندروني نزلات نه ڪرندا هجن ۽ صحتمند گوشت، لچڪيدار ۽ قوي پٺا ۽ اندروني پردا ۽ جهليون، شريانين جو قوي ۽ متوازن شرستو ۽ مضبوط هڏ ۽ ڪاٺ پاڻ ۾ ڳتجي گڏجي قلب جي روشني لاءِ هڪ وڏو ڀنڊار بنجو پون ۽ پنجن ظاهري حواسن ۽ پنجن باطني حواسن ۽ ٻارهن لطيفن کي اوجاري وسيع ۽ باريڪ محسوسات ۽ انڪشافات جي دنيا جا سڀئي دروازا پٽي ڇڏن ٿا، جنهنڪري قلب جو آئينو صاف ۽ اوجل ٿي رهي ٿو ۽ ان جي عمل جو دائرو ڪشادو ٿي وڃي ٿو. مشڪاة الانوار ۾ اهڙي قلب لاءِ ئي امام غزالي لکڻ فرمايو آهي ته هڪ طرف هو رسالت جي رشد سان وابسته ٿي دنيوي خلافت جي تخت جي اردگرد گهمي ٿو ۽ ٻئي طرف عقل ڪل سان قابو ٿي عرش جي تخت جي  چوڌاري چڪر ڪاٽيندو رهي ٿو. هيءُ  ته ٿيو هڪ مسلمان جو مسلڪ، پر اسلام کان اڳ وارن اهڙن پاڪباز، پاڪ طينت ۽ صاف بدن وارن لاءِ وري هي رستو رکيل هوندو هو ته هو مڪافات، يعني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي يا طبعي فعلن جي لازمي ظاهري خواهه باطني نتيجن تائين پهچي ويندا هئا، يعني دين فطرت کان فيض حاصل ڪندا هئا.

هن باري ۾ وڌيڪ بحث مولانا ابوالڪلام آزاد جي تفسير سوره فاتح واري تان ڏسجي، جتي هن قضا ۽ قدر ۽ ربوبيت جي شان تي روشني وڌي آهي.

(3) علم طب جو حيوانن کان سکڻ با پکين کان پرائڻ جو نظريو:

پنهنجي ڪتاب  ”طب جي تاريخ ۽ تجديد“ ۾ حڪيم مرزا علي احمد مغل، علامه قرشي جي جامع الحڪمت جي صفحي 31 کان وٺي آندل مثالن جو ترجمي ڪندي ۽ وڌيڪ معلومات موجود ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪيئن ته پکين ۽ جانورن کان ماڻهو طبي راز سکي ورتا. هيءُ نظريو قابل قبول آهي. انسان برابر مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي گهڻو ڪي پرايو آهي. ڪنهن چيز کي تاڙڻ، ان جو غور سان اڀياس ڪرڻ ۽ ان جي هئت تي حاوي ٿي وڃڻ انساني تجربي جو خاص ڪم آهي ۽ ان ۾ ڪو عيب يا عجب ڪونه آهي ته انسان مٿئين نظريي موجب طب جو علم حاصل ڪيو ڪنهن حد تائين.

(4) ڊارون جو مادي ۽ ميڪانڪي نظريو:

هي مغرب جي هڪ مڪتبهِّء فڪر جو نظريو آهي. ان موجب مادو قديم ۽ ازلي ابدي مڃيو وڃي ٿو ۽ هر ڪا شيءِ پاڻهي مڪانيڪي طريقي تي ٿي پئي ٿي. علم طب جو به هڪ ڪسبي فعل آهي، جو آهستي آهستي ڪوشش ۽ ناڪاميابي (Trial and error) جي ذريعي انسان حاصل ڪيو آهي.

انهن ماده پرستن جو خيال آهي ته سج هڪ ڦرندر ٻرندڙ، آگ ۽ گئسن جو گولو هو، جنهن مان ڌرتي ڪنهن وقت جدا ٿي خلا ۾ ڦرندي گهرندي وڃي هڪ جدا محور وٺي چڪر ڪاٽڻ لڳي. ٺرڻ تي منجمد حالت ۾ آئي ۽ جبلن ۽ ٻاڦ مان سمنڊن جنم ورتو. سمنڊ جي جهڳ جهوٻ ۾ آفتابي اثرن ۽ هوا جي جزن جي باهمي ميلاپ ڪري امينوائسڊ(پروٽني يعني لحمي جزي جا تيار ڪندڙ ابتدائي 12 يا 13 عنصر) جڙيا، جن پروٽني قطرو (ماليڪيول) پيدا ڪيو. جنهن مان اميبا نالي هڪ خليه واري جاندار چيز جڙي، جنهن ۾ رڳو چرپر ڪرڻ ۽ وات هجڻ جي وصف موجود هئي. ان سمنڊ جي خوراڪ نالي پلئڪنٽن مان طاقت پئي حاصل ڪئي. اتان پوءِ مڇيون ۽ ڏيڏر وغيره ڦٽي نڪتا. انهن مان ڪي سڪي تي نڪري آيا، جن مان ڪي پکي ٿيا، ڪي پسون ٿيا. آخر انهن مان باندر پيدا ٿيو، جنهن مان گوريلا ۽ چمپاتري پيدا ٿيا جن مان انسان پيدا ٿيو.

پڇجين ٿو ڀلا اڃا اميبا اصلي صورت ۾ ڇور هجي ويئي، مڇيون ۽ ڏيڏر وغيره ڇو رهجي ويا، ته جواب ڏين ٿا ته انهيءَ ڪري جو ماحول ۽ حالتن جو فائدو وٺي وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي انهن ۾ طبعي سببن ڪري يا حادثي جي اثر ڪري صلاحيت پيدا ڪانه ٿي. باقي جن کي حالتن روڪ نه ڪئي يا جن ۾ ترقي ڪرڻ جي قوت هئي، تن ارتقا ڪري صورت بدلائي. اهڙيءَ طرح دنيا ۾ هر ڪا شيءِ مادي، حادث ۽ مڪانيڪي طريقي جي آهي.

پر هيءُ نظريو هينئر مغرب ۾ متروڪ ٿي چڪو آهي. رڳو اسان آهيون، جو يورپ جي انڌي تقليد ۾ اهڙين نظرين کي اڃا برک پيا ڄاڻون. ورنه فرانس ۾ هن ڊاروني ارتقا جي نظريي جي بدخلاف غير مسلسل ارتقا جو نظريو قائم ٿي ويو، جو هنن ڏٺو ته ڊاروني خيال موجب هر هڪ نشونما جو سلسلو کڻجي ٿو ته مکيه موڙ تي اچي ڪانه ڪا اهم ڪڙي غائب ٿي ڏسجي. ان کي (Missing Link) چون ٿا،تنهنڪري غير مسلسل ارتقا Emergent evolution)) وارن جو چوڻ آهي ته ارتقا برابر آهي، پر ان جا مکيه موڙ ڪنهن غيبي طاقت جي زور تي اوچتو اڀڙ گهتا ٿي پون ٿا. مگر اها ازغيبي طاقت وري ماحول ۾ سمايل ڄاتي ٿي ويئي. لائڊ مارگن ۽ لمارڪ ان نظريي جا باني هئا. اتان هينرري برگسان اڳتي وک وڌائي ۽ اعتراض ڪيائين ته جيڪڏهن ارتقا جي مختلف شاخن تي هلي حياتي مختلف اسباب ذريعي هڪ جهڙا عضوا وغيره جهڙوڪ پيڪٽن جي اک ۽ مولسڪ جي اک ته پوءِ چئبو ۽ مڪانيڪي سمجهاڻي ناڪافي آهي. وڌيڪ چوي ٿو ته حياتي جو بيناد قوي ترين زندهه رهڻ ۽ ماحول مطابق مٽ ڦير ڪرڻ جي اصول تي هجي ها ته پوءِ ارتقا ڪڏهن جو مڪمل ٿي ختم ٿي چڪجي ها. هو چوي ٿو ته اها ازغيبي طاقت ماحول ۾ يا جاندار ۾ نه آهي، پر خود حياتي جي چڪر ۾ آهي، جا ان کي هڪ دڳ وٺرائي هلي ٿي. انهيءَ اصول تي ئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته حياتي هلي هڪ مناسب جاءِ تي ڇو نه رڪجي پئي ۽ اڳتي ڌوڪيندي پاڻ کي ڇو پيچيده بنائيندي رهي ۽ هڪ بلندي کان اڃا ٻي بلنديءَ تائين ڇو ترقي ڪندڙ آهي. ان ازغيبي شڪتي کي هو مقوي ڌار ٿو سڏي. ان طرح هو نه رڳو چيزن جي بيروني ساخت جي مٽ ڦير لاءِ سمجهاڻي پيش ٿو ڪري، انهن جي اندروني بدلجندڙ غرض ۽ غايت لاءِ به جواز پيدا ڪري ٿو، جنهن لاءِ حياتي جوکم کڻندي به اڳتي ۽ اڃا اڳتي ڌوڪيندي رهي ٿي. پر ان اندروني واڌ جي اتهاس لاءِ ڪو وري يا مڪمل رٿا نه ٿو تصور ڪري، ڇاڪاڻ ته حياتي ۾ موافقت ۽ يڪجهتي جي بجاءِ ٽڪر ۽ اختلاف نظر اچي رهيو آهي. هن کي هڪ طاقت اڳتي وڌندڙ نظر اچي رهي هئي ته ٻي وري ان کي پٺتي گهليندڙ نظر اچي رهي هئي. گويا پارسين جي نظريي موجب روشني ۽ اوندهه جي وچ ۾ ابدي ويڙهه جي چڪر ۾ اچي ويو.

اقبال هن خيال تي چئي ڏنو آهي:

يه کائنات ابهي ناتمام هي شايد
که آرهي هي دمادم صدائي کن فيکون
----

دمادم روان هي يم، زندگي
هر اک شئي سي پيدا رم، زندگي

شوپنهاور، برگسان جي قوي ڌار (Elan Vital) کي اڻٿڪ ارادو (Will) سڏيو، پر آهي اها به بغير ڪنهن مقصد جي. نيٽشي انهيءَ انڌي ڊوڙ کي ختم ڪرڻ چيو ته ارادي يا خواهش جو هڪ نيڪ مقصد آهي ۽ اهو آهي فوق البشر جي نشو ونما.

مغربي مفڪرن جي انهيءَ مڪانيڪي ارتقا جي ماڙي کي ڀڃڻ وارو پهريون فيلسوف جيمس وارڊ آهي، جنهن مادي کي من جو محتاج بنائي، رڳو خيال، جذبات ۽ ارادات جي دنيا کي سچو ثابت ڪيو ۽ ظاهري مادي دنيا کي هنن تي دارومدار رکندڙ ڏيکاريائين. محسوسات ۽ عقليات جو هن جي خيال موجب رڳو اهو ڪم آهي ته هو ارادي جي ۽ عمل جي لاءِ راهه گهڙين. هن مڪتبهِّ فڪر جي هڪ رڪن، لائبنز (1664- 1716ع) مادي کي خود هڪ زنده چيز بنائي روح جو جزو قرار ڏنو. مادي ۽ عقل جي وچ ۾ اهڙيءَ طرح سان پيدا ڪيل گهاري هن دور ڪري ڇڏي ۽ هن مادي جي تصور جي جاءِ تي اجزاء لايتجزيٰ جو تصور کڙو ڪيو، جن کي (Monads) ٿو سڏيو وڃي. ڪائنات اهڙن جزن جي جڙيل آهي ۽ هر ڪو جزو بيمثال، خودمختيار ۽ عمل جو مرڪز آهي. لئبنز جي هن موناڊولو جي واري نظريي جي تڪميل جيمس وارڊ )1925- 1843ع) ڪئي ۽ هن شرستي خواه انساني سرشت ۾ اجزاء لايتجزيٰ باهمي تعلق ۽ اتفاق سان هڪ مقصد ڏانهن هلي رهيا آهن.

اهڙيءَ طرح سان خود مغرب مان ڊاروني نظريهء ارتقا جي شڪل ڊانواڊول ڪئي وئي ۽ مڪانيڪي سمجهاڻي جي مٽي پليد ٿي وئي. مسلمانن ۾ امام ابوالحسن اشعري، باقلائي ۽ امام غزالي اڳيئي مادي جي رڪاوٽ کي ڀڃي حقيقت اشياء جي تهه تائين پهچڻ لاءِ معارفه کي مڃي چڪا هئا ۽ موصوف جو موجود هجڻ رڳو صفتن جي ڪري مڃيو ٿي ويو ۽ ماده شڪل ۽ ڪارڻ ٽنهي چيزن جو انڪار ڪيائون. صفت خود ڪا چيز نٿي چئي وئي. اهي حادث ٿي سمجهڻ ۾ آيون. شرسٽي جو تصور به ٽوڙيو ويو. هو اجزاء لايتجزيٰ جا قائل هئا ۽ اهي هر ظاهر ۽ باطن چيز لاءِ جوابدار ڄاتا ٿي ويا. هر هڪ کي ڪي صفتون آهن، پر مڪان ۽ زمان ۾ ڪا جاءِ نٿا رکن. هنن جو هجڻ خدا جي مسلسل تخليق ڪرڻ جي سبب کان آهي. لائبنز جا هي پيش رؤ هئا. اهڙيءَ طرح سان فيلسوفن مغرب ۾، ۽ عالمن ۽ صوفين مشرق ۾ ڊارون جي مادوي انڌي ميڪانيڪي ارتقا جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ويسر جو موجوده وقت جي طبعيات جي ماهر سائنسدانن ماديجي جزيات (ائٽمن) جي اهڙي حقيقت ڀانپي آهي جنهن مطابق  هو ڪا ٺوس چيز مڪان ۽ زمان ۾ جاءِ رکندڙ رهيائي نه آهن، تنهن ته هيڪاري ڊاروني ارتقا جا تختا ڪڍي ڇڏيا. ائٽم، جن کي مادي جا آخرين جزا تسليم ٿو ڪيو وڃي، سي پاڻ پتڪا ڏيندڙ بجلي جي لهرن وانگر هڪ هيت اختيار ڪري ويٺا آهن ۽ نظام شمسي وانگر پنهنجا گهيرا ڦيرا محور مرڪز ۽ قانون رکن ٿا. مطلب ته سڄو معاملو وڃي نور ۽ ناز جو بنيو آهي. هن حالت هيٺ اڃا حياتي جي ڪو اپٽار مڪانيڪي لفظن ۾ ڪري، ته اها نسوري ناداني نه چئبي ته ٻيو ڇا؟

افسوس آهي جو ڪي اڻڄاڻ مولانا رومي جي مثنويءَ مان، هن جي اصلي اونهي قرآني فلسفي کي نه سمجهندي، هڪ قسم جي ڊاروني نظريه ارتقا جي سند وٺندا آهن. هوڏهن مولانا انسان جي انهيءَ ڳوهيل ۽ ٺڙڪندڙ مٽي(صلصال) بابت هڪ انوکو نظريو پيش ڪري ٿو ته ڪيئن آدم جي بوتي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ هن عالمي طبقات (جمادات نباتات، حيوانات وغيره) جا مرحلا طئي ڪري ورتا هئا. انهيءَ ارتقا سبب ان ۾ عشق، رقص ۽ آواز وغيره جهڙيون صلاحيتون هڪ طرف پيدا ٿيون ته ڀل ۽ ويسر (ظلم ۽ جهل) جي وکر ٻئي طرف ان ۾ واهپو ڪري ورتو. اهوئي سبب آهي جو حضرت آدم ۽ بي بي حوا جڏهن ڪڻڪ جي داڻي جي دام ۾ آيا، تڏهن انهيءَ مٽيءَ جي ڌرتي واري ڪشش هنن تي غالب پئي ۽ پهريون مرض ذهني الجهن جو پيدا ٿيو، جنهن منجهن سترپوشي جو ڀرم پيدا ڪيو. طبيعت ۾ ڌرتي طرف ڌوڪڻ جي ڪشش ثقل ڪم ڪرڻ لڳي. ايزدي امر به ائين ٿيو ۽ هنن کي مٽي پنهنجي ماڳ تي وٺي آئي. مٽيءَ جو اهڙيءَ طرح سان نشاة ثانوي جو دؤر شروع انساني خود آگاهي سان گڏجي ٿيو ۽ ٻيهر وري صفاتي طرح ارتقا ڪرڻ لڳي. وري ٻيهر جيڪو ڌرتي تي مرض پيدا ٿيو، سو به ذهني خلفشار جو مرض هو، جنهن مان هابيل ۽ قابيل واري قتل جهڙي واردات جنم ورتو. اهوئي سبب آهي جو اوائلي سنڌي، دماغي الجهن ۽ امراض جو ايڏو اونو رکندا هئا ۽ ان جو پابندي، رقص يا سرود سان علاج ڪندا هئا. مٽي جسم اندر صفاتي قسم جي ارتقا ٻيهر ماڻن سان گڏ باقي رهيل بيروني مٽي (دنيا) کي به آدم جي عبادت ذريعي (هي ڌرتي کيتي جي جاءِ آهي) پاڪ ۽ صاف ۽ متحد بنائڻ لڳي، جيئن ملائڪن کي شهه ڏيئي آخرين الاهي ديدار جو عيني مشاهدو ماڻي سگهي. اهڙيءَ طرح هڪ طرف گناهه ۽ جزا سزا جو پاسو شروع ٿي ويو ته ٻئي طرف ثواب ۽ ايثار جي شاخ وڌڻ لڳي. قضا ۽ قدر جو راز به مولانا رومي کولي وڌو. مولانا رومي انهيءَ ثانوي ارتقا کي انساني جسم جي ارتقا ٿو سڏي ۽ نه خود آدم جي، جنهن ۾ هينئر روح امر ربي سان ڦوڪجي چڪو هو. اها وڏي ڀل آهي جو ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته مولانا رومي هن خيال جو آهي ته آدم پاڻ اول ڪڏهن پٿر هو، پوءِ گاهه ٿيو ۽ پوءِ پکي پرندو وغيره. هن جي شعر ۾ لڪل فلسفي کي پروڙڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه نه آهي. اميد ته عاقلن لاءِ هي اشارو ڪافي ٿيندو. اميد ته نيڪ روشن ٿيو هوندو ته جزا ۽ سزا، انساني معراج ۽ لقاءِ سڀ جسماني ٿيندا ۽ معراج نبوي ان ڳالهه جو ضامن بنجي چڪو آهي.

عالم آءٌ ساڻ ڀريو ٿو ڀير ڪري

پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊي منڊ پکيڙيو

هيءُ سمورو منجهيل معاملو شاهه ڀٽائي رڳو ٻن سٽن ۾ آڻي رکيو آهي:

علم طب بابت منهنجو نظريو

آخر ۾ آءٌ علم طب بابت پنهنجو نظريو پيش ٿو ڪريان ته اهو علم سنڌين ۾ ڪيئن نپنيو. شاهه ڀٽائي پنهنجي رسالي ۾ ڪا ڳالهه چٽي ڪري اسان کي ذهن نشين ڪرائي آهي ته اها هيءَ آهي ته اوائلي سنڌي پنهنجي فن ۾ صاحب ڪمال ۽ پنهنجي ڌنڌي ۽ ڌُن جا پڪا ۽ پختا هوندا هئا.

پڳهه ياسي گهار، آيل سامونڊين جي

وجهي جيءُ جنجار، جم وڃني اوهري

هن بيت ۾ ڊاڪٽر سورلي صاحب، مغربي شاعريءَ جي جهوني سامونڊي Ancient Mariner)) جي تصور مطابق ڌوڪي يا سنگدلي جو مفهوم ڏٺو آهي، پر حقيقت ۾ شاهه جي سامونڊين يا ٻين ڌنڌي وارن ۾ بيوفائي يا سنگدلي جو وهم ۽ گمان به نٿو آڻي سگهجي. هو رڳو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ م مست ۽ مگهن ڏيکاريا ويا آهن ۽ بس. سامونڊي ڪنهن جي وينتي ڪرڻ تي ويهي نٿي رهيا، مڙهين جو مان نه رکي آديسي پورب جي پنڌ تي پئي پڌاريا، ٻيجل سر وٺڻ کان سواءِ ٻي ڪا وائي نٿي واري، دهشت دم درياه ۾ ڏسندي به سهڻي ڪچي گهڙي جي آسري ڪنن ۾ ڪاهي پئي پئي، مومل ڪاڪ محل مان پيءَ جا وڃايل مال ميڙي ورتا وغيره، سي سڀ ماجرائون ثابت ٿيون ڪن ته اڳيان سنڌي هڪ منا ۽ اورچ هئا، هنن جو پنهنجي ڌنڌي سان عشق هو ۽ ان  بابت هو پورو چاهه چت ڄاڻ ۽ پروڙ رکندڙ هوندا هئا.

جيئن ته اڪثريت جو واسطو ۽ واهپو درياهي ۽ سامونڊي زندگيءَ سان هوندو هو، تنهنڪري پهرين پهرين ضرورت، جا هنن کي محسوس ٿي سا هئي ته پاڻي جي اڇ ۾ پري کان ئي ڪا شئي ڏسن ۽ پوءِ ان کي پروڙي وٺن ته اها ڇا آهي. هن عادت مان هنن جو حواس خاص ڪري نظر تيز ٿي ۽ تميز به تيز ٿي، جا درياهي ناريل، ماگرمڇ جي ڇيڻي (عنبر) يا شارڪ مڇي جي ٽڪنڊي کنڀڙين جي به خبر لهي وٺندي هئي. دشمن ۽ دوست کي پري کان تاڙي وٺڻ ۾ ئي جند جو خير هوندو هو. تنهنڪري پهرين چيز جا هنن حاصل ڪئي سا هئي مختلف شين جو فرق ڄاڻڻ، انهن تي نالو رکڻ ۽ انهن جي نفعي نقصان جي پروڙ رکڻ. ان کان پوءِ ٻي لازمي ڳالهه اها حاصل ڪيائون ته اهڙي ماجرا کي ڪيئن اثرائتي نموني منهن ڏجي. ان مان صحيح عمل جو دستور هنن ۾ قائم ٿي ويو. موهن جي دڙي جي کوٽائي مان نم جي پنن جي لڀڻ مان اهو پتو ٿو پوي ته گهڻي، سري ۽ جيتن جي نقصان کان واقف هئا ۽ انهن جي دفع ڪرڻ لاءِ هنن علاج ڳولهي ڪڍيو. گهونگهن بابت تفصيلي ذڪر اڳي ئي اچي چڪو آهي.

جڏهن انسان جي نظر ۾ تميز تيز ٿي ٿئي ۽ هن ۾ صحيح عمل پيدا ڪرڻ ۾ اهي مددگار ٿيون ٿين، تڏهن طبيعت ۾ تضاد (منافقي) نه ٿو رهي سگهي ۽ انهيءَ هم آهنگي مان صحت سالم بنجي ٿي. سالم صحت مان قلب جو آئينو اڇو اُجرو ٿئي ٿو، جنهن مان وري باطني بصيرت ۽ ادراڪ اتپن ٿئي ٿو. اهي حفظ ما تقدم جا ضامن ٿين ٿا. هڪ طبيب لاءِ ڪامل صحت هڪ لازمي چيز آهي. اڳي اهڙي صحت وارا طبيب بيمار تي هٿ ڦيريندا هئا ته مرضيلي حالت گم ٿي ويندي هئي. انهيءَ سٺي صحت جي سڪ منجهان اوائلي سنڌين کي حسن(جماليات) جو جذبو جاڳيو. جماليات تي غور ڪندي هنن کي ذهني ڪيفيتن  ۽ جسماني ڪيمياوي توازن جي اهميت جي پروڙ پئي، جتان هنن علم النفسيات ۽ چئن خطن جي اثرن جو اڀياس ڪيو. انهن مڙين ئي معاملن سنڌين کي  باطني بنائي رکيو. جتان سندن زوال ٿيو. مهاڻن(موهن) جي دڙي جي کوٽائي مان جيڪي مورتيون ۽ مجسما نڪتا آهن، انهن مان هر ڪنهن پنهنجي حسن ظن مطابق معنيٰ ۽ مطلب ڪڍيا آهن. حقيقت ۾ اهي حسن ۽ صحت جي معيار قائم ڪرڻ لاءِ پتلا بنايل هئا ۽ هنن مان هندو  مذهب وارن ديوين ۽ ديوتائن جي خواهه مخواهه مراد ورتل آهي. هندو فلسفي ۾ حسن تي ڪوئي بحث نٿو ملي(1) تنهن کان سواءِ ان وقت هندو مت جو ڪو جداگانه مذهب ڪونه هو. خود هنگلاج ۾ ڪالي ديوي جي پوڄا آرين جي اچڻ کان پوءِ شروع ڪئي ويئي. انهن کان اڳ ۾ جوڳين ۽ سنجوڳين جي پوڄا شوشنڪر، ڪنواري نياڻي ۽ نانگ جي ٿيندي هئي. جماليات تي بحث ڪندي نصير احمد ناصر لکي ٿو ته ان جي ماهيت ۽ حقيقت،حريت فڪر، وسعت نظر ۽ هم آهنگي تي ٻڌل آهي. هو حسن کي سرور کي هڪ حقيقت جا ٻه نالا سڏي ٿو. حسن جو موضوعي معيار تسڪين حواس، توازن مزاج ۽ سرور قلب آهي. هن متاع لطيف جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ طرف حسين مورتيون، ٻئي طرف رنگين مڻيا، ڪوڏ، هيرا موتي ۽ ٽئين طرف سرخ ۽ سوسني ۽ واڱڻائي رنگ ۽ چوٿين طرف خوشبودار چيزون جهڙوڪ لونگ، چندن، لوبان،مشڪ، عنبر وغيره سان واهپو رکيو ويو. ٻيڙين تي چٽسالي، کٽن جا پاوا جنڊي لٿل ۽ رنگين، لاڄولال، پينگها لال، لونگيون، سوسيون، چنيون، ريٽالال، دِلن جا ڍَڪڻ ۽ مانڌاڻي رنگين. مطلب ته هر گهرو چيز حسين هوندي هئي ۽ رنگين، دل جي نرمي ۽ صلح ڪل طبيعت به لازم ملزوم هئي.

مهاڻن جي دڙي مان جيڪو ڏاڙهي ۽ ٿلهن چپن وارو مرد جو مجسمو لڌو ويو آهي، ان بابت به اجايو ڪهڙا نه ڪهڙا انومان گهڙيا ويا آهن. اهو ظاهر ظهور هڪ طبيب جو مجسمو آهي. جيڪا ڦولدار چادر هن جي سيني تي ٺاهي ويئي آهي، ان  تي ٽپتي ٻوٽي جو چٽ ٻڌائي ٿو ته هو طبيب آهي. هن جي اُگهاڙي ٻانهن جي ڏوري ۾ تعويذ ٻڌل آهي ۽ مٿي تي ٻڌل ڀينڊي اڄ سوڌو به زالون ۽ مرد ابخرات فاسد کي معدي تان مٿي تي چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ ٻڌندا آهن. ارنيسٽ ميڪي (2)  لکي ٿو ته مهرن تي پپر جي وڻ ۽ ٻين ٻن قسمن جي وڻن جي تصويرن مان پتو پوي ٿو ته انهن کي ديوتا ڪري پوڄيو ويندو هو. مگر وڻن جي پوڄا جو رواج پوءِ آرين جي اچڻ کان هندن سکيو. اهي وڻ دراصل طبابت جي ڪم جا هئا، جن کي اهڙي اهميت ڏني ويئي هئي. هڪ سنڱ واري جانور جي مهر مان اشارو گينڊي جي هڪ سنڱ ڏانهن آهي، جنهن مان بقول مولانا روم(ڏسجي مثنوي شريف) قوت باهه جو مواد موجود ڪيو ويندو هو. هڪ مهر تي سيسر جي تصوير ڏيکاريل آهي جا هڪ مڇي کي وات ۾ جهليو ويٺي آهي. هن مان سيسر جي اهميت ڏانهن اشارو ڪيل آهي، جو هڪ ته هو درياهي مڇيون تباهه ڪندڙ جانور آهي ۽ ٻيو ته هن جي گوشت مان ناسور Cancer)) جو عمدو علاج ٿيندو آهي. اڄ سوڌو ڪٿان گوشت ڳري وڃي يا ڪپجي وڃي ته ان جاءِ تي تازو سيسر ماري ان جو گوشت ٻڌبو آهي ته دوران خون جاري ٿي ويندو آهي ۽ گوشت ڀرجي ويندو آهي.

ٽپتي ٻوٽي جو به هڪڙو فائدو آهي ته معدي جا خراب ۽ سڙيل بخار مٿي تي چڙهڻ نه ڏيندي آهي. اوائلي سنڌين کي مغز ٿڌو رکڻ ۽  پير گرم رکڻ جي ڏاڍي ڳڻتي هوندي هئي. انهيءَ لاءِ معده جي ترشاڻ (Acidity) کان ڀڄندا هئا ۽ غذا ٿڌي ۽ صحت بخش کائيندا هئا ۽ ورزش ڪري ان کي خوب هضم ڪندا هئا. اڳين سنڌين کي انهيءَ ڪري هر دم خوش طبع ۽ چرچي گهٻي جو ڪوڏيو ڏسبو هو. ڪاوڙ ۽ چڙ هنن جي فطرت ۾ ئي  ڪانه هوندي هئي.

سنڌي چچين اکين کان ان لاءِ ڀڄندا هئا جو سمنڊ جي اوڙاهه ۾ هنن جي موت ۽ حيات جو سوال تيز نظر ۽ ٿڌي دماغ سان ڳنڍيل هوندو هو. تنهنڪري سرمو، سرائيءَ سان اکين ۾ وجهي انهن کي چيروايون ۽ وڏو ڪيو ويندو هو. ان جو اثر سوميري تهذيب تي ۽ مصر جي تهذيب تي به پيو، جو اتي به وڏي ۽ چيروائين اک جو رواج پيو. عورتون وارن جي ويڙهڻ جو هڪ نمونو اڃا سوڌو ڪنديون آهن، جنهن کي ”منهڙو“ چون ٿا ۽ ان کي اڪثر ڪتابن پکي جي شڪل سان ڀيٽيو آهي. انهيءَ منهڙي ويڙهڻ سان وار اهڙا مضبوط چهٽن ٿا جو واچ ۽ مينهن جو اثر مغز جي کل تائين نٿو پهچي. سنڌ ۾ اڄ سوڌو وارن جو ڇوڙي ڇڏڻ سوڳ  جي نشاني ڄاتو ويندو آهي ۽ وارن جو ويڙهڻ سهاڳ جي نشاهي سمجهيو ويندو آهي. شيريون اکيون خود غرضي ۽ بيوفائي جي علامت سمجهي وڃي ٿي. کٽ ۽ پينگهي کي به جهڙو سنڌ ۾ ڪشي تاڃي پيٽي سان واڻيو وڃي ٿو يا پيش جي پکن يا تڏي کي سنهو واڻيو وڃي ٿو، اهڙو ٻئي ڪنهن به هنڌ رواج ۾ نه آهي.

ڏڌ مکڻ کير جي غذا ۽ مڇي منڍي ڦوٽي ۽ آني ۽ آنڊن جي پچائي کائڻ ڪري وٽامن الف جي ڪثرت سان پيدائش ٿيندي هئي، جنهنڪري به مغز پر ۽ نظر تيز هوندي هئي. ٿڌي دماغ هجڻ ڪري هو سوچ ويچار ۽ عقل کان خوب ڪم وٺي سگهندا هئا ۽ جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ڪنن ٻڌي ڳالهه تي اعتبار نه ڪجي ۽ اکين ڏٺي ڳالهه تي به سوچ ڪجي، تيئن هو ڪندا هئا. انهيءَ نڪتي تي بيٺل لوڪ ادب ۾ ڪيترا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن.

پيرن کي گرم رکڻ جي ضرورت هن سبب پئي جو سنڌو ماٿريءَ جي زندگي گهڻي ڀاڱي جرَ جي زندگي هئي. ٻيڙين ۽ غورابن ۾ پلٿي هڻي ويهڻ مڇي جي شڪار، سفر ۾ ڍنڍن ۽ واهن مان پار پوندي پيرن جو پسڻ پيو ٿيندو هو ۽ ان مان ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿينديون هيون، تنهنڪري جتي انهيءَ زندگي گذارڻ ڪري اوڪڙو ويهڻ يا پلٿي واري ويهڻ جي عادت پيدا ٿي، اتي پيرن کي گرم رکڻ جو رواج به پيو. ان لاءِ اڪثر مٽي جي چلهه ۾ باهه ٻاري رکڻ يا گرم ڪر ٿمهي رهڻ ۽ گهرن ۾ ڪنڊي يا ٻٻر جا بنڊ ٻاري رکبا هئا، جي اڄ به اوطاقن ۾ ٻاريا پيا وڃن. نفيس موچڪين جتين جو رواج به هو ۽ ڪپڙن جي ڦتيلن سان پٽيون ٻڌي سمهڻ جو دستور به هو. ڪپهه جام هئڻ سبب هنڌ تي هيٺان مٿان ڪپهه جي پٿراڻي ۽ سوَڙ جو رواج هوندو هو. اجرڪ سان ڪانڀ ڪڍي ويهڻ وقت ان جو ڪو حصو پيرن کي ڍڪڻ لاءِ به ڪم آندو ويندو هو. ڊگهي قد واري ماڻهو کي، خاص ڪري روشن دماغ وارو جنهن جي خون جو دوران مٿي جي طرف هجي، ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته دل تان ٻوجهه هلڪي ڪرڻ لاءِ ڄنگهون مٿي ڪري ويهي. وڪالت جي پيشي ۾ مون اڄ سوڌو ڏٺو آهي ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اچي اوطاق ۾ ڪرسين تي ويٺا نه آهن ته جتيون لاهي پير مٿي ڪري ويٺا نه آهن،انهيءَ سبب ڪرسين کي بار بار نيٽ سان واڻائڻ جي ضرورت پئي ٿيندي آهي. ڄنگهون لڙڪائي ويهڻ يا انهن کي لوڏڻ هڪ عيب ڄاتو ويندو آهي.

حاصل ڪلام تي پيشي ۽ ڌنڌي جي ضرورتن، پنهنجي فن ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ جي فطرت، ڳتيل بدن ۽ سالم صحت، وڏي ۽ نرم دل، صحيح ۽ اثرائتي عمل جي عادت، حسن ۽ سرور جي تڙپ، ٿڌي دماغ ۽ گونا گون تجربي مان سنڌين جو علم تيار ٿيو.

باقي ڏسڻو آهي ته سنڌ جي مکيه صحت بخش، صحتمند ۽ حسين وڻن جي حيثيت ڪهڙي هئي ۽ اهي رڳو جادو ڀرم پوڄا پاٺ لاءِ ڪتب ايندا هئا ڇا؟ پنج هزار ورهيه قبل مسيح واري سنڌو تهذيب ۾ هندو ڌرم ڪا جدا چيز ڪانه هئي، جو ان جي موجوده ريتن رسمن جي لفظن ۾ انهيءَ آڳاٽي دور جي ڳالهين جي اپٽار ڪجي.

پهريون نالو اچي ٿو بڙ جو. بڙ هڪ وڏي ڇانوَ ۽ ساون پنن وارو وڻ آهي، جنهن جي خصوصيت هي آهي: بلند قد ۽ وڏي گهيري واري هئڻ جي باوجود هو هر شاخ مان هيٺ پاڙن اڇلڻ جو ڪوڏيو آهي. ڌرتيءَ سان هن جو ايڏو پيار پيو ڏسجي. چوٽي ڪرڻ جي باوجود هو هر ٽاريءَ مان پاتال پهچڻ جي ڪوشش پيو ڪري. انهيءَ ڪري ان جو کير امساڪ ۽ قوت باهه لاءِ بيحد مفيد آهي، جو دوران خون کي هيٺئين طرف ڌڪي ٿو. اها ڳالهه ڊگهي قد وارن ۽ مٿي جي طرف دوران خون رکندڙ سنڌين لاءِ هڪ غنيمت هئي. ٻيا فائدا ڏسجن فرهنگ مان. هن جا ڳاڙها ڏيلها تپ دق ۽ سلهه ۾ کائڻ مجرب آهن.

ٻيو نمبر آهي پپر جو وڻ: هن جو به بلند قد، وڏو گهيرو، گهاٽي ڇانوَ ۽ چهچ ساوا پن آهن. هن جو کير به مٿين طرح مفيد آهي. هنن ٻنهي ۾ ڪنڊو ڪونه ٿئي،تنهن ڪري آسائش لاءِ عمدا آهن. شڪار جي تاڙڻ لاءِ منجهن واهن جو لڪ آهي. جهڙو تهڙو طوفان انهن جي مضبوط پاڙ کي اکيڙي نه سگهندو آهي، تنهن ڪري اوائلي سنڌي انهن ٻنهي وڻن کي گهڻو گهرندا هئا.

اڪ جو وڻ: ٽئي نمبر ۾ آهي اڪ جو وڻ، جو هت عام جام ٿئي ٿو. مون پنهنجي اکين سان ميان قادر بخش سهتي جي اوطاق جي ڀرسان شهر ميهڙ ۾ شادي خان کوسي جي جاءِ ۾ هڪ اڪ جو وڻ ڏٺو، جو اوچائي ّگيل ۾ سرينهن جي وڻ کان گهٽ نه هو. جاءِ کي چوڌاري ماڻهو جي قد کان مٿي ڀت ڏنل هئي، ان کان به اڌ مٿي هوندوهو. اڪ جون پاڙون، ڪاٺيون، پن، کير ۽ ڦلڙيون سڀ وڏي حڪمت واريون آهن. تفصيل لاءِ فرهنگ جعفري ڏسجي. مگر هيءُ وڻ خاص ڪري هن لاءِ پسند پيل هو جو اڪ جي ڦر مان، جنهن کي اڪ ٽٽڙا چيو ويندو آهي، عمدي، نرم ۽ گرم ڪپهه نڪرندي آهي. تنهنڪري ان جي ڪپهه وهاڻن ڀرڻ جي ڪتب ايندي هئي. ماڻهو اڪ جون ڦلڙيون کائيندا هئا، جنهنڪري هنن جو هاضمو قوي ٿيندو هو، مگر ڪچي ڪاٺي سبب هن وڻ جي سنڌين وٽ عزت ڪانه هئي.

ڪپهه جو وڏو وڻ: سنڌ ۾ ڪپهه جو هڪ وڏو نم جي قد جيترو وڻ ٿيندو آهي، جيڪو خوبصورت ڳاڙها گل ڪندو آهي ۽ چوڌاري هڪ جيتريون شاخون هونديون اٿس ۽ انهن شاخن ۾ ڦر لڳندو آهي، جنهن ۾ اڪ جي ڪپهه جهڙي نرم ڪپهه نڪرندي آهي. دادو شهر ۾ اهڙا ٻه وڻ موجود آهن. هن جا پن به خوبصورت ٿين ٿا. شاخن جي چوڦير هڪجهڙائي ۽ برابر ورڇ هڪ حساب دان طبيعت تي سٺو اثر وجهن ٿا. هيءُ وڻ به مضبوط پاڙ وارو ۽ جٽادار آهي، تنهنڪري سنڌين کي وڻندڙ هوندو آهي.

نم جو وڼ: هن وڻ جا سڀ جزا مفيد طبي ڪم ۾ ايندڙ آهن. نم مان پاڻي وهي نڪرندو آهي، اهو به سنڌي ٺڪر جي ٿانون ۾ گڏ ڪري بيماريءَ جي علاج واسطي ڪم آڻيندا آهن، رَسول به هن مان جوڙيندا آهن. هن جا گل ۽ پن به خوبصورت ٿين ٿا. هن جي نمورين جا گورا ڪيترن مرضن لاءِ مفيد آهن. ٻار نم جون مٺيون نموريون جام کائيندا هئا ۽ اندريون ڪڪڙيون ڪڍي ڦٽي ڪندا هئا. انهن کي ڦٽ ڦرڙي ۽ کل جي خارش اصل ڪانه ٿيندي هئي. هن وڻ جو ڪاٺ به مضبوط آهي ۽ عمارتي ڪاٺ طرح به ڪتب ايندوهو. ڪوڙاڻ جي سبب اڏيهي هن کي اڪثر ڪونه وچڙندي هئي.

سرينهن جو وڻ: هي به هڪ گول خوبصورت وڻ ٿو ٿئي، جنهن جا گل نهايت خوشبودار ٿيندا آهن. جنهن ٻار جي مهارن جي ڏاڍائي سبب ڏند دير سان نڪرن ته هن وڻ جي ڦري مان چيچڪا ڪڍي ڌاڳي ۾ هار وانگر هن جي گلي ۾ وڌا ويندا هئا ته دماغ کي تحريڪ ڏيئي ڏندن جي نڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي. ٻيا فائدا فرهنگ مان ڏسجن. ڇاڪاڻ ته هن جي ڪاٺ ۾ دماغ جي تحريڪ جو اثر آهي، تنهنڪري سامان جوڙڻ جي ڪم نه آڻيندا آهن. افسوس جو هن ڳالهه کي به جن ڀوت پريت ڏانهن منسوب ڪري عقل جو ڏيوالو ڪڍيو ويندو آهي. اهو گندو رواج بالڪل تازو  پيل آهي، جڏهن حڪمت، طب ۽ هنر اسان کان ڇڏائي ويو.

ٻٻر جو وڻ: ٻٻر هن وادي ۾ واهه جو وڌي ۽ ويجهي ٿو. شڪل جو سٺو نه آهي، پر هن جي هر چيز ڪارآمد آهي. هن جي ڇوڏن جو پاڻي ڪم آڻي موچي جتين واي چمڙي کي رنڱيندا ۽ جٽائدار بنائيندا هئا. ٻٻر جا پلڙا ۽ ڪنڊي، وڻ جو سنڱريون باطني حرارت، خراش ۽ اندرين جهلين جي طاقت لاءِ اڪثير آهن. جيڪا ٻڪري تازو سنڱريون يا پلڙا کائي آيل هوندي آهي ۽ حلال ڪئي ويندي آهي ان جي اوجهڙي زالون ڪني ۾ ڪين چاڙهينديون هيون، جو اصل ڪونه ڳرنديون. عورتون خواهه مرد ٻٻر جا ڪچڙا پلڙا هٿ ڪري سڪائي، ڪٽي ماکي ۾ملائي، کائيندا هئا، جنهنڪري اندرين باريڪ ريشن Soft Tissue)) جي سوزش Inflammation)) لاءِ اڪثير جو ڪم ڏيندا هئا. رحم ۽ اعضاءِ  تناسل جي امراض لاءِ مجرب آهن. سنڌين جي صحت تي ٻٻر، نم ۽ اڪ جو وڏو احسان آهي. عمارتي ڪاٺ لاءِ بهترين ڪم ڏئي ٿو. ٽالهيءَ جو ڪاٺ ڳؤرو آهي، تنهنڪري ان کي پسند ڪونه ڪيو ويندوهو، سواءِ  پينگهن جوڙن جي.

ڄار ۽ کٻڙ: پڇاڙيءَ ۾ هيءُ وڻ اچي ٿو، جنهن جا پن به ساوا چهچ ۽ خوبصورت ٿيندا آهن. هنن جي پاڙ ڏندڻ طور ڪتب ايندي آهي، جو الڪلي واري تاثير مان مهارن ۽ معدي کي طاقت پهچندي آهي. هنن جا پيرون کائڻ نظر لاءِ ۽ معدي جي ترشاڻ وڃائي الڪلي واري رد عمل پيدا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. وهيو پکي، جيڪو اهي پيرون خوب کائيندو آهي، تنهن کي سنڌي ڳولهي ماري کائيندا هئا، جو هن جي گوشت مان ساڳي طاقت حاصل ٿيندي هئي ۽ پيرن واري تکي رس کان به بچاءُ ٿي ويندو هو.

هن بحث مان ڏسبو ته مهاڻن جي دڙي وارين مهرن تي وڻن جي شڪلين مان هروڀرو جادو جن ڀوت پريت جو مطلب نٿو نڪري. ان ڳالهه کي دنيوي، طبي افادي پهلو کان پروڙجي ته کوڙو ڀڄي ٿو پوي ۽ هڪ شاهوڪار مهذب ۽ اعليٰ تمدن واري زندگي سان ڳالهه ٺهڪي ٿي اچي.

ڪپڙن جي حسن ۽ خوبي جي شاهدي

سنڌو ماٿريءَ جا اوائلي رهاڪو جتي ٽماڙ جايون جوڙيندا هئا، کيتي ۽ واپار ڪندا هئا، اُتي ڪپڙن اُڻڻ ۽ رنڱڻ ۾ به ڀڙ شمار ٿين ٿا. منهنجي سانڀر ۾ گهر گهر ۾ ايٽ موجود هوندو هو. مون پنهنجي گهر ۾ ڳاڙهو جنڊيءَ لٿل ايٽ ڏٺو هو. مهراڻ وادي وارن جي حسن پرستي، جٽاداري جي جذبه، روزمره جي زندگي جي نفع کي نهايت نموني ۾ حاصل ڪرڻ جي فطرت اوائلي لباس مان معلوم ٿئي ٿي.

اجرڪ - هيءُ هڪ خاص ڪپڙو آهي. هن جي ماپ يعني ڊيگهه ۽ ويڪر اهڙي آهي جو مرد توڙي عورت هر قسم جو اوڇڻ ٿي سگهي ٿو. عورتون مٿي تي رئي وانگر به رکن ته مرد پڳ وانگر به ٻڌن. سمهڻ لاءِ هيٺان هنڌ تي چادر وانگر به وڇائي سگهجي ته مٿان به وجهي سگهجي. بدن کي ان ساڻ ويڙهي سگهجي ته هيٺ تي گوڏ ڪري به ٻڌي سگهجي. هن جو رنگ ٿڌو آهي ۽ نه شوخ، رنگ اهڙو نرالو آهي جو ٻيا ڳاڙها يا نيرا رنگ هن سان ملن ئي نه ٿا. رنگ لال هن ماٿري ۾ مڃيل رنگ هوندو هو ۽ هي لال رنگ جو هڪ نيارو نمونو رکي ٿو، جنهن مان نه رڳو ڪپڙو وڌيڪ جٽائدار ٿو ٿئي، پر پاڻيءَ جي ڇر تي بابرَ جي دوري تان پري کان پيو بکي. هن رنگ جي پڪائي بابت شاه ڀٽائي ڪهرو نه سچ چيو آهي:

رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،
کنڀ نه کاري تن کي، جو ”هالاري“ هوءِ،
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي لهي نه تن جي.

هالاري رنگ اهو ڳاڙهسرو رنگ آهي جو ڦٽندڙ نه هوندو آهي. اجرڪ جو رنگ به هن بيت ۾ ذڪر ڪيل ريٽي جي لال رنگ جي لڳ ڀڳ هوندو آهي. اهو لئي جي ساڪڙ ۽ لوه جي ڪٽ ۽ ٻٻر جي ڇوڏن جي پاڻي ملائڻ سان ٺهندو آهي. بافتي يا ڪيوڙي جي ڪپڙي تي ٻن رپين وارو اجرڪ ڏهه سال سانده لهندو هو ۽ ڌوپبو به گهر ۾ کار (لاڻي واري کار) ۽ سوٽين جي سٽڪي سان هو. هن جي رنڱڻ لاءِ لوهه جي ڪٽ يعني هيراڪس ڪتب ايندي هئي، جنهن مان پنج رنگ ٺاهيا ويندا هئا.

هيراڪس ان زماني ۾ شايد مشرقي پامير جبلن مان ايندو هو. وري آر رانوَ جي حوالي سان ايم بهنروا انڊس ٽائيمس حيدرآباد جي 22 - آڪٽوبر 1965ع واري پرچي ۾ هڪ مضمون شايع ڪيو آهي، جنهن موجب پامير جبلن جي مرڪنسو وادي ۾ ڏهه هزار ورهيه اڳ انسان جي آبادي معلوم ٿي آهي، جي اڪسو ۽ اڪبئتل ندين جي ڪنارن سان علي ڇر تائين شڪار ڪندا هئا. انهن ماڻهن کي هن اوش خائو جو نالو ڏنو آهي. چائنا جي ڪتابن موجب انهن کي سيهه سڏيو ويو آهي ۽ سڪا لفظ به انهن مان نڪتو ٿو چيو وڃي.

ائين آهي ته پوءِ علي ڇر اسان جو علي جر آهي، جو اجرڪ جي رنگ لاءِ مخصوص آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٿو چئجي جو جڏهن قديم مهاڻا اچي منڇر ڍنڍ ڀيڙا ٿيا، تڏهن ان جي تري ۾ زرنيخ احمر(هڙتال سرخ) وهي اچي ڪٺو ٿيل ڏٺائون. تڏهن ان کي نالو ئي ڏنائون من ڇر، جو فرهنگ جعفري موجب سنڌي نالو آهي ڳاڙهي هڙتال جو. يارن خواهه مخواه هن سنئين سڌي نالي کي مروڙي وڃي سنسڪرت جي منيش ور سان ملايو آهي. علي ڇر ۽ من ڇر ۾ هيءَ به مناسبت آهي جو ٻئي ماٿرين جي پڇاڙيءَ ۾ پيدا ٿيل آهن. تازو جڏهن مڇين جي پالڻ واري کاتي منڇر جو پاڻي اڙل مان وهائي ان کي انهيءَ خيال سان گهٽايو هو ته گهڻي مڇي ماري وڌايل اپت ڏيکاري جاوا ڪن، تڏهن ٿيو ڇا جو تري ۾ پيل سرخ هڙتال اڀري سڄو پاڻي ڳاڙهو ڪري وڌو، جنهن ڪري سموري مڇي مري وئي ۽ جن اها چال سوچي هئي، تن جا منهن ڳاڙها ٿي ويا. منهنجي ليکن جي ڇاپجڻ تي حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر اچي اهو حال اڳين سان ڏٺو ۽ ترت عمل اختيار ڪرارائي پاڻي ڀرايو. هاڻي  اڃا سوڌو وڏا ڪرڙا منڇر ۾ پيدا ڪونه ٿيا آهن.

اجرڪ جو چٽ به عجيب آهي. هڪڙا اجرڪ ٿين ڪڪرن جي چٽ سان ۽ ٻيا باغ جي چٽسالي چئجي ته واه ۽ نظام شمسي جو نمونو چئجي ته به واه سان سينگاريل آهن. دٻلين ۾ ستن زمينن ۽ ستن آسمانن جا گولڙا يا گلڙا سمايل آهن. مگر وچ تي هڪ مرڪزي گولڙو يا گلڙو اٿن. وچ تي سفيد تاري جي ڪنڊن جهڙو شمس يا سفيد گل کڙيل نظر ايندو. هن مان فلڪيات ۽ باغات جي بوءِ پئي اچي.

سوسي ۽ ڪناويز:  هن ماٿريءَ جي پسنديده چيز سوسيءَ جو مضبوط اڻڦيٽهڙ اڀن ليڪن  وارو ڪپڙو، جو سوٽي هوندو هو، ۽ ساڳيءَ طرح ريشمي ڪپڙو ڪناويز جو هوندو هو، جنهن کي پڻ اڀيون ليڪون هونديون هيون. فرق هي هو جو سوسيءَ جون ليڪن اڀيون ڪي سنهيون، ڪي ٿلهيون ۽ مختلف رنگن جون هونديون هيون، مگر ڪناويز جون اڀيون ليڪون سڀ هڪ رنگ  تي ۽ تر ٻئي رنگ تي هوندو هو، ۽ سوسي جو رنگ ڌيمون ۽ ڪناويز جو چٽو هوندو هو. مرد به ڪناويز جون سٿڻون پائيندا هئا. ڪناويز جو سوٽي نقل گيگم سڏيو ويندو هو. چيڪ ڊزائن پسند ڪانه پوندي هئي، جو ان جون پاسيريون ليڪون اڀين ليڪن جي يڪتائي ۾ ڄڻ ڀنگ وجهنديون هيون ۽ چوڪڙين ۾ نظر هڪ محور تي ڦاسجي بيهندي هئي ۽ ان کي هيٺ مٿي هلئي وڃڻ جي آزادي ۽ ڪشادگي ڪانه ملندي هئي.

انهيءَ ڪري مشهدي ڪپڙو جو اسپان يا آڪاري مان تيار ٿيندو هو، تنهن جا ليڪا به اُڀا رکيا ويندا هئا، پر ڇاڪاڻ ته ان جو پٽ سچو نه هوندو هو، تنهنڪري اهو سنڌو ماٿريءَ جي بجاءِ عربستان ۾ وڌيڪ چالو ٿي ويو. سنڌو ماٿريءَ وارا سچي پٽ کي، جو چين مان لداخ جي رستي يا سامونڊي رستي کان سرانديپ کان ايندو هو، واپرائيندا هئا. اڃا سوڌو پهاڪو پيو هلي ته سستائي گهرو ته پٽ پهريو.

سلوار وڏي ۽ ويڪري گهڻن ورن سان ۽ مضبوط اڳٺ واري انهيءَ لاءِ ايجاد ڪئي وئي ته سترپوشي ٿئي، سخت ڪم ڪندي لهي نه پوي، ۽ اوگهڙ نه ٿئي جيئن وڏي پڳ مٿي ۽ مغز ۽ حرام مغز کي اس،  واچ ۽ مينهن کان محفوظ رکندي هئي، تيئن سلوار يا شلوار به هيٺين ڌڙ جو ساڳيو بچاءُ ڪري. ڇاتي ۽ ڌڙ لاءِ وري اجرڪ ساڳيو ڪم ڏيندو هو، مگر اوائل ۾ هڪ ڪلهي کي اگهاڙي رکڻ جو رواج هو، جيئن ڏورا مضبوط رهن. ان وقت جي همعصر مصري تهذيب وارا گوڏا ٻڌندا هئا،ڇاڪاڻ ته جر جي زندگيءَ سان هنن جو ايڏو واسطو ڪونه هوندو هو. سنڌو ماٿري واري سلوار جو ساءُ وري ايران جي اميران البحر (ميربحرن) کي آيو، جن جي ذريعي سان ۽ لورن جي لڏي وڃي لورستان وسائڻ سان اهڙي نموني جي سلوار ايران ۾ آئي. آر. گهر شمئن جي ڪتاب”ايران“، جنهن جو حوالو اڳي اچي چڪو آهي، جي صفحي 278 ۽ 279 تي هن طرح دلچسپ احوال ڏنل آهي:

”پارٿين جي دؤر جو اهم ترين يادگار اهو وڏو پتل جو بت آهي جو پليٽ نمبر 13 تي ڏنل آهي، ۽ جيڪو شامي ضلعي مان لڌو ويو آهي. جنهن مندر مان اهو لڌو ويو هو سو ملامير جي نزديڪ آهي، ۽ اهو نئين عيلامي دؤر ۾ هڪ وڏو مرڪز هوندو هو ۽ ايراني نار سان اصفهان جي ضلعي سوڌو تجارتي ڳانڍاپي ۾ هوندو هو.“

هن بت کي اهڙي سلوار پيل آهي ۽ ڪنڌ ۾ هس پيل اٿس، ۽ ڪلهن  تي هڪ سنڌي نموني جهڙي صدري پيل اٿس. چيلهه ۾ ڪمربند ٻڌل اٿس، وار ٻٽوئڻا اٿس.

مٿئين ڪتاب ۾ پليٽ نمبر 6 ۾ لورستان مان لڌل هڪ پتلي جو فوٽو پڻ ڏنل آهي، جنهن جو پڻ هيٺيون ڌڙ تهبند سان پيرن تائين ڍڪيل آهي. پليٽ نمبر 18 ۾ سوسا جي شاهي شهر مان چئن تير اندازن جون تصويرون ڪاشيءَ جي سرن تي نڪتل ڏنل آهن. انهن کي به هيٺ تي مرن تائين تهبند ٻڌل آهن، جي اڳ گوڏ وانگر کليل نه آهن، جيئن مصر جي مورتين ۾ آهن، بلڪ پاڻ ۾ سبيل ۽ بند ٿيل ٿا ڏسجن، باقي پليٽ نمبر 19 تي دارس ايراني بادشاهه جي درٻار جو فوٽو ڏنل آهي، ان ۾ بادشاهه کي سنڌي نموني جي سلوار پاتل آهي ۽ ٻين ٻن يا ٽن درٻارين کي به سلوارون پيل آهن. ٻين درٻارين کي ميسو پوٽيميا (سؤسا) جهڙا مٿي ذڪر ڪيل اڳ کان ڳنڍيل تهبند ٻڌل آهن، جي سڀ پيرن تائين آهن. هنن سڀني تصويرن ۾ پير سڀني جا جتين سان ڍڪيل آهن ۽ مصرين وانگر اگهاڙين  پيرين نه آهن. نانگن ۽ وڇن جي ڊپ کان پوسل جي خوف کان پيرن جي ڍڪڻ جو رواج سنڌو ماٿريءَ مان شروع ٿيو.

ڊبليو - بي - ايمري جي ڪتاب ”آرچائڪ ايجپت“، جنهن جو حوالو اڳيئي ڏنل آهي، جي سرورق تي مصر جي ئي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ مورتيءَ جو فوٽو ڏنل آهي، ان ۾ ميسو پوٽيميا جهڙو تهبند مرن تائين پاتل نظر اچي ٿو، پر اهو پتو نٿو پوي ته ان جا پلؤ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن يا نه، جو تصوير پاسيري ورتل آهي. باقي وار سنڌ ”منهڙي“ يا پکي وانگر ويڙهيل ڏيکاريا ويا آهن. ڪنڌ ۾ ٽسري دُهري ۽ پيرن ۾ پازيب پاتل آهن. پير اگهاڙا آهن ۽ هٿ ۾ ٻانهن رکي پيل آهي. هن مان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو اثر ثابت ٿئي ٿو، مگر مصر ۾ اسٽول تي ويهڻ هڪ نئين ڳالهه آهي، جا هت رواج ۾ ڪانه هئي.


(1) جماليات از نصير احمد ناصر، 1958ع، لاهور، صفحو 30.

(2) ترجمو از ابن حنيف، روزنامه امروز جو استقلال نمبر: مورخه 14 - آگسٽ 1958ع، صفحو 15 ۽ 18 جي پٺ تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com