سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :17

 

”سنڌي ڪافي“ -- هڪ سرسري جائزو

اسد جمال يوسفاڻي

(نوٽ: هن مختصر مضمون ۾ مون هيستائين سنڌي ڪافي متعلق ٿيل تحقيق وارن سنڌي ادب جي ڇڙوڇڙ صفحن کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته مون کي ڪو اهم صفحو هٿ نه لڳو هجي، تاهم ائين ضرور چوندس ته گهڻو ڪجهه هٿ ڪري سگهيو آهيان. هن مضمون ۾ مون سنڌي محققن جو ”ڪافي“ بابت بحث پڙهندڙن اڳيان رکيو آهي، جيڪو يقيناً هــِـن راهه جي پانڌيئڙن لاءِ زادِ راهه جو ڪم ڏيندو. هن سلسلي ۾ ڪافي جي موضوع، هيئت ۽ گهاڙيٽن متعلق، ٻيو مضمون تياريءَ هيٺ آهي).

اسان جي سنڌي ادب کي جن صنفن معياري ۽ مستند ادب بنايو آهي، انهن ۾ ”نظماڻي ادب“ جي صنفن جو ڪجهه سنوالو حصو آهي. اسان جي نظماڻي ادب ۾ ڪجهه غير سنڌي صنفون به شامل آهن ۽ شامل ٿينديون رهن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي لساني خوبين جو اِهو اثر آهي، جو اهو صنفون ڪجهه وقت بعد ڌاريون اصل ڪونه ٿيون لڳن.

انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادب ۾ ڪجهه اهڙيون به صنفون آهن، جن کي پنهنجيون يا پرايون سڏڻ تي اسان جا مؤرخ ۽ محقق متفق ناهن.

”سنڌي ڪافي“ انهن متضاد صنفن مان سڀ کان اهم آهي. سنڌي ڪافي جي ســِــرجڻ، ڄــَـم، نسل ۽ نيپاڄ تي وقت جي گردش جي ايتري ته لــَـٽ چڙهيل آهي، جو اسان جا اديب ان جي متفق اصليت نه لهي سگهيا آهن، ان ڪري ”ڪافي“ متعلق هيستائين ڪابه يقيني راءِ قائم نه ٿي سگهي آهي.

اسين جڏهن ڪافي بابت ٿيل تحقيق جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي ڪيترائي اهم سوال سامهون اچن ٿا، مثلاً ڪافي ڪهڙي زبان جو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي ”ڪافي اسان جي پنهنجي صنف آهي يا ڌاري؟ ڪافي جو راڳ سان تعلق آهي يا نه؟ ڪافيءَ جو اصل مــَـوجــِــد ڪير آهي“ پهرين سنڌي ڪافي ڪنهن لکي؟ اسان وٽ موجود سنڌي ڪافي جو نمونو ڪنهن جو آهي؟ ڪافي، وائي ۽ مولود  جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو آهي، وغيره. هن مضمون ۾ اسين سنڌي اديبن جي ڪيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ هنن سوالن جا جواب ڳولينداسين.

ڪافيءَ جي اصليت ۽ ابتدا تائين پهچڻ لاءِ جن محققن لغت جو سهارو ورتو آهي، انهن مان ڪن جا رايا هيٺ ڏجن ٿا.

4- نومبر 1944ع تي ميرپورخاص ۾ ”سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ طرفان ڪافي متعلق ادبي محفل ٿي، جنهن جي صدارت سيد ميران محمد شاهه ڪئي. انهيءَ محفل ۾ مسٽر غلام حسين سومري چيو ته: ”اسان مسلمانن وٽ دعاءِ ڪاف آهي، جنهن ۾ ڪاف جا لفظ تمام گهڻا استعمال ٿين ٿا، ڪافي شايد اتان ورتل آهي.“

پروفيسر سدا رنگاڻي خادم جي خيال موجب ”عام طرح چوڻ ۾ ايندو آهي ته هيءَ ڳالهه ڪافي آهي، يعني قناعت پذير آهي. اوائل ۾ ممڪن آهي ته قناعت جي مدنظر ڪافي لفظ استعمال ٿيو هجي.“

آخوند ربڏني موجب: ”لفظ ڪافي ”ڪفي“ مان نڪتل آهي، جنهن جون ٻه معنائون آهن: هڪ ته ساهميءَ جي ٻنهي پــُــڙن جو برابر هجڻ ۽ ٻيو ته قافين ۾ ڪونه ڪو اختلاف هئڻ.“

سرشار عقيلي ڪافي بابت لکي ٿو ته: ”ڪاف ”ڪلمن“ سان ڪاف لفظ جي معنيٰ آهي چمڙوسبڻ، چمڙو وڍڻ، ڪنهن شيءِ کي ڪناري ڪرڻ. ۽ قاف ”قرشت“ سان قافي جي معنيٰ آهي ڳولا ڪرڻ، تلاش ڪرڻ.“ سندس خيال موجب صوفين به پنهنجي حق جي تلاش وارن جذبن کي جڏهن لفظن جو لباس ڏنو ته ”ڪافي“ وجود ۾ آئي.

مولانا فضل احمد غزنويءَ جو خيال آهي ته: ”ڪافي، عربيءَ جو لفظ آهي. ان جو مادو ”ڪفي“ ۽ مصدر ”ڪفاية“ آهي ۽ ان جو اسم فاعل ”ڪافي“ آهي. ڪافي جي اصل معنيٰ آهي خالي ٿيل جاءِ ڀرڻ ۽ ان جو عام استعمال، مراد حاصل ڪرڻ ٿئي ٿو.“

مضمونن جي مجموعي ”ڪــَـچ ڪوڏيون“ جو مصنف سيد عطا حسين موسوي ڪافيءَ بابت رقمطراز آهي ته : ”عربيءَ“ ۾ ”ڪفـہ“ جي معنيٰ آهي دف جي ڪاٺي، جنهن ۾ گهنگهرو پيل هجن. ”استڪفوا“ جي معنيٰ آهي خيرات وٺڻ يا خيرات گهرڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ ۽ فقير جو هٿ جي تري تي پئسا وٺڻ.“

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب ”ڪافي“ ۾، جيڪو ڪافي متعلق تحقيق جي ابتدائي ڏاڪن ۾ معتبر حيثيت رکي ٿو، لکيو آهي ته: ”منهنجي تحقيق هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ هي جيڪو ڪافيءَ جو استعمال ٿئي ٿو، سو بنهه غلط آهي، ڇو ته ان لفظ مان بيت يا شعر جي معنيٰ اصل ڪانه ٿي نڪري. دراصل هيءُ لفظ قافيه آهي، جنهن مان ”قافي“ لفظ بمعنيٰ ”الڪلام المقفيٰ“ آهي، يعني قافيه سان ٺاهيل ڪلام، بيت، شعر، وغيره.“

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سڀ رنگ“ ۾ ”قافي ۽ ڪلام“ جي اصطلاح جي روشنيءَ ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُهو به تقريباً مخدوم صاحب جي راءِ سان ملندڙ آهي. سندس خيال موجب ”قافيءَ“ جي عام صورتخطي ”ڪافي“ ۽ ”ڪافيون“ آهي. هن حقيقت جي تصديق خاطر پڻ هڪ ٻئي ڪتاب ”اصغر سائينءَ جو ڪلام“ جي مقدمي ۾ به ”ڪافي“ جي بجاءِ ”قافي“ ئي لکيو اٿن، پر ڪلام جي متن ۾ ان جي مرتب ”ڪافي“ ئي ڪليو آهي.

هاڻي اسين ڪافيءَ جي حيثيت ۽ راڳ سان نسبت جي لحاظ کان ٿيل تحقيق جو جائزو وٺون ٿا، هن خيال جو محرڪ جناب سيد لطف علي شاهه منظور نقوي آهي.

مرحوم سيد حسام الدين راشدي جيڪا ڪافي متعلق کوجنا ڪئي هئي، ان ڏس ۾ ”نئين زندگي“ رسالي جي جون - 1953ع واري پرچي ۾ منظور نقوي صاحب جو هڪ مضمون ڇپيل آهي. نقوي صاحب جي خيال موجب ڪافي موسيقيءَ جي هڪ ٺاٺ ”هرڀريا ميل“ مان نڪتل راڳ جو نالو آهي، جنهن جو موجد امير خسرو آهي.“

غالباً هن ئي راءِ جي روشنيءَ ۾ ڪتاب ”وڻجارن وايون“ جي ديباچي ۾ مرحوم غلام محمد گرامي صاحب جن لکيو آهي ته: ”ڪافي“ خسرو جي جودت طبع ۽ خلاق معاني فن جي پيداوار آهي، ۽ هڪ ”ٺاٺ“ آهي. ان جو ذڪر پنڊت ”سارنگ ديو“، ”ارتناڪر“ ڪتاب ۾ آندو آهي ۽؟! هر پريا ميل جو ذڪر ڪندي، ڪافي ٺاٺ ۽ ان جي ســُـرن کي بيان ڪيو اٿس... فن جي ڄاڻن جي اِها راءِ آهي ته ”سريراڳ“ به ”هرپريا ميل“ کي ئي سڏيو ويو آهي، جنهن مان ”ڪافي“ ، ”ڌناسري“ ۽ ”ڀيم پلاسي“ وغيره جهڙيون راڳڻيون  پيدا ٿيون آهن.“

 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب ”جوتيون جواهرن جون“ ۾ پڻ مٿين راين جي تائيد ڪئي آهي ته: ”ڪافي جيئن ته ڳائڻ لاءِ آهي، ان ڪري اسان جي خيال ۾ اهو لفظ موسيقيءَ تان ئي ورتو ويو آهي.“

مولانا رحيم بخش قمر جي ڪتاب ”کڻي نيڻ خمار مان“ جي ابتدائي صفحن تي مولانا عبدالرسول مگسي صاحب وري هن راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته ”در حقيقت ڪافي راڳ جو هڪ قسم آهي. موسيقيءَ جي فن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته موسيقيءَ جي باب ۾ ڪافي ”ديپڪ“ راڳ جي شاخ آهي، جا سارنگ سان گڏ ڄيٺ ۽ آکاڙ مهيني ۾ ڳائبي آهي.“

ساڳئي ڪتاب جي ڪنهن صفحي تي قريشي حامد علي خانائي صاحب جا هي لفظ به نظر اڇن ٿا ته : ”مخدوم طالب الموليٰ جو چوڻ اهي ته ”ڪافي“ امير خسرو رح جي ايجاد ڪيل هڪ راڳ جو نالو آهي.“

سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سال 64 - 1963 ع واري مخزن ”سوکڙي“ ۾ گرامي صاحب پنهنجي مضمون ”ڪافي ۽ وائي“ ۾ لکيو آهي ته : ”منهنجي ذاتي خيال ۾ آهي ته ”ڪافي“،  راڳ جي نسبت سان اول اول ڳائڻ ۾ آئي. اڳتي هلي سڀني سـُـرن ۾ ڳائي ويئي ۽ ”غلط العام صحيح“ موجب هر سـُـر ۾ ڳايل چيز کي ڪافي سڏيو ويو.“

ممتاز محققن جي مٿين راين بعد هاڻي اسين هن نقطي ڏي ٿا اچون ته ڪافي کي سنڌ ۾ ڪنهن آندو يا سنڌي ڪافيءَ جو موجد ڪير آهي؟ هن سلسلي ۾ اسان کي بنيادي ۽ متروڪ راين کان وٺي موجوده معتبر نظرين تائين اِختلاف ۽ اعتراض جا جهنگ جهاڳڻا پون ٿا، پوءِ به ڪا مستحڪم راءِ ڪونه ٿي قائم ٿي سگهي. تاهم هنن راين جو تفصيلي جائزو وٺون ٿا.

”تذڪره لطفي“ (ڀاڱو -2) ۾ لطف الله بدوي صاحب لکيو آهي ته: ”جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم، سچل سرمست سنڌي شاعريءَ کي ڪافيءَ جو صنف ڏنو، ۽ ائين کڻي چئجي ته ڪافي جي ابتدا کانئس ٿي. ڪافي پنجاب ۾ ته اڳ ۾ ئي موجود هئي، مگر سنڌ ۾ ان جو موجد سرمست سچل ئي هو.“

هن سلسلي ۾ ”صوفي - ساڃاهه“ ڪتاب جي مصنف صوفي قربان علي ”قربان“ خاصخيلي پنهنجي ساڃاهه جو هنن لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي ته: ”سنڌي ”وائي“، ”بيتن“ ۽ ســُـر ڪيڏاري جو باني شاهه عبدالطيف 1690ع ۾ ٿيو. سنڌي ”ڪافي“، ڪلام، غزل ۽ ريخته جو باني سچل سرمست درازن ۾ 1729ع ۾ ٿيو. اڳتي هلي وري غزلن جو مؤجد خليفه گل محمد ۽ قاسم هالائي ۽ فاضل شاهه“.

”سنڌي لوڪ ادب جي ابتدائي تاريخ“ جو مؤلف محترم الهه بخش نظاماڻي جي تحقيق موجب: وائيءَ جو نمونو قديم راڳ ٺــُمريءَ تان ورتل آهي. سنڌيءَ ۾ وائي جو رواج ۽ شروعات شاهه عبدالطيف ڪئي. وائيءَ کان ڦري وري ڪافي ۽ جهولڻ جو رواج پيو. اررهين صديءَ ڌاري هن قسم جي شعر جو رواج سنڌ ۾ شروع ٿيو.“

آسانند مامتورا پنهنجي مضمون ”سنڌي شعر تي خيال“ ۾ لکيو آهي ته: ”شاهه پهريون شاعر ٿو ڏسجي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ وائي مروج ڪئي، جا سچل، بيدل، بيڪس، دلپت ۽ ٻين ننڍن شاعرن جي هٿ مان لنگهي، ”ڪافي“ جي نالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گهڙي ويئي.“

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ وائيءَ تي بحث ڪندي، ڪافيءَ جي دنيا ۾ هن طرح داخل ٿيو آهي ته : ”اڳتي هلي هن قسم جي شاعري (وائي) وڏي ترقي ڪئي ۽ اتر توڙي لاڙ ۾ گهڻو ڪري هڪ ئي نالي ڪافيءَ سان مشهور ٿي.“

شيخ عبدالرزاق راز، پنهنجي جديد تحقيق موجب پنهنجي مضمون ”اُتر سنڌ جو ادبي ورثو“ (نئين زندگي نومبر - ڊسمبر 1983ع) ۾ راءِ ڏني آهي ته: ”ميان صاحبڏني فاروقيءَ سنڌي شاعريءَ جي نئين صنف شروع ڪئي، جا ”ڪافي“ آهي.“

مخدوم طالب الموليٰ ۽ سيد حسام الدين راشديءَ جي مشترڪه راءِ موجب، ”برهانپور کي سندهي اولياءِ“ جي مرتب جنهن شخص ”شيخ لاڏ جيئو“ جو ذڪر ڪيو آهي، اُهو سنڌي ڪافيون ڳائيندو هو.“

ڪتاب جي مرتب صاف صاف لکيو آهي ته ”خاص ڪافي، جو سنڌ جو مقبول عام راڳ آهي، اهو اهڙي ته درد ۽ سوز مان ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙ ويٺا جهومندا هئا ۽ پاڻ به مست ٿي ويندو هو.“ هتي مخدوم صاحب ۽ راشدي صاحب جي راءِ جو ڪتاب جي مرتب جي راءِ سان اختلاف ”ڪافي راڳ“ ۽ ”ڪافي صنف“ جي بنياد تي نظر اچي ٿو.

”تذڪره الابرار“ جي حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ ساڳي ڳالهه لکي آهي، پر هتي راڳ ۽ صنف جو اختلاف آهي ئي ڪونه. سڌو سنئون شيخ لاڏ جيئو ”پاٽ“ مان لڏي برهانپور ويو ۽ سنڌي ڪافيون ڳائي محلي وارن کي محظوظ ڪندو هو. انهيءَ مان ڊاڪٽر صاحب انومان ڪڍيو آهي ته ڪافي ارغونن جي دؤر کان به اڳ اسان وٽ موجود هئي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ”سڀ رنگ“ ۾ بيان ڪيل راءِ موجب: ”غالباً ستين صدي هجريءَ کان وٺي صوفي درويشن ۽ سندن مجلسن ۾ سماع ڪندڙ سنڌي ذاڪرن ڪافين ۽ ڪلامن کي سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڳائي مشهور ڪرڻ شروع ڪيو.“

مخدوم طالب الموليٰ صاحب هن سلسلي ۾ هڪ انومان ڪڍيو آهي ته ”مخدوم نوح غوث الحق (ولادت (911هه) جي محفل ۾ ڪنهن ڳائڻي جي ڳائڻ دوران خليفي مٺي فقير جو وجد ۾ اچي وڃڻ ظاهر ٿو ڪري ته ”جيئن ته صرف ڪافي لاءَ ئي ڳائڻ استعمال ٿيندو آهي نه ڪه بيت لاءِ انڪري يقيناً ڪافي ئي ڳائي ويئي هوندي.“

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي تاليف ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ پنهنجي کوجنا ۾ وري هڪ نئين نقطي طرف متوجه ٿو ڪرائي ته:

”سومرن جي دؤر ۾ ٻيو اهم ادبي ڪارنامون پير صدرالدين جاگنان آهن، جنجي هيئت بيت کان مختلف آهي. گنانن جي ســِٽا ڪافيءَ جي سٽاءِ کي ويجهي آهي. يعني ڪافيءَ وانگر ٿلهه ۾ ان کان پوءِ هر بند علحدو ڏنل آهي. ڳائڻ ۾ هر بند کان پوءِ ٿلهه ورجائجي ٿو.“

مٿين حقيقت جي اپٽار جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۾ هيئن ڪئي آهي ته ”اسماعيلي بزرگن جا گنان هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن کي سنگيت وديا يا راڳداريءَ موجب ڪافيءَ جي صنف چئي سگهجي ٿو. هن صنف ۾ بند کان پوءِ ”ٿلهه جي وراڻي“ نقادن ۽ شاعرن جو ڌيان ڇڪائي ٿي.“ ڊاڪٽر صاحب اهو پڻ لکيو آهي ته ”پير نورالدين عرف ستگر نور گنانن کي موسيقيءَ جي بنيادن تي ڳائڻ جو رواج وڌو.“

جناب منظور نقوي پنهنجي مذڪوره مضمون ۾ لکي ٿو ته: امير خسرو جڏهن ڪافي راڳ ايجاد ڪيو ته انهيءَ ۾ جيڪي ٻول چيائين، ٿي سگهي ٿو ته انهن کي به ڪافي چيو هجيس. پوءِ جڏهن هن راڳ جو ڦهلاءُ پنجاب طرف ٿيو ته اتي به ڪافي لکڻ ۾ آئي. هتي به جيڪي ٻول هن راڳ ۾ چوڻ ۾ آيا، انهن کي به ڪافي سڏيو ويو.“

هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر ضروري آهي ته پنجاب ۾ جنهن بزرگ جو نالو ڪافي جي موجد جي نسبت سان ورتو وڃي ٿو، اهو شاهه حسين يا شيخ حسين آهي. هيءُ بزرگ شاهه ڪريم جو همعصر آهي، ۽ ان بعد بلا شاهه جو ذڪر آهي، جيڪو شاهه عبدالطيف جو وڏو همعصر آهي.

نقوي صاحب جي لکڻ موجب ”سنڌ ۾ سندس (ڪافي جو) هيءُ حشر ٿيو جو صرف ٻولن کان ڪافي سڏڻ لڳا ۽ سر ڀلي ڪهڙا به هجن، ڇو جو اڃان ٻولن جو نالو غزل رائج نه ٿيو هو.“

هتي هڪ ٻيو سوال پڻ پڙهندڙن جي دماغ ۾ کٽڪڻ شروع ٿو ڪري ته اهو ڪافي راڳ ڪٿان جو آهي. ۽ اڄڪلهه ڪٿي آهي؟ هن سلسلي ۾ منظور نقوي صاحب لکيو آهي ته: هيءُ راڳ (ڪافي) ”هــُر پريا ميل“ ٺاٺ مان امير خسرو ايجاد ڪيو. هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ٽاڪ منجهند مقرر ڪيو ويو ۽ راڳداري موجب آروهي ۽ امروهي جي سڀني سرن لڳڻ سبب انهيءَ کي ڪافي ڪوٺيائين. امير خسرو هڪ ساز ”ســِـتار“ پڻ ايجاد ڪيو. هن ڪافي راڳ کان علاوه جيڪي راڳ ايجاد ڪيا انهن ايمڻ ڪلياڻ، هجيج، بروا، نمارا ۽ زيلف شامل آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“ ۾ ڪافي راڳ متعلق وڏو اختلاف رکي ٿو: لکيو اٿس ته : ”مطلب ته سنڌ جو ڪافي راڳ ملتان تائين مشهور ٿيو، جتان پوءِ امير خسرو ڪم از ڪم پنج سال (478هه 483هه) ملتان ۾ رهيو ۽ انهيءَ عرصي ۾ ئي غالباً هو ڪافي ۽ ٻين سنڌي راڳن کان متاثر ٿيو.“ اڳتي هلي پاڻ لکي ٿو ته: ”ڪافي راڳ، سنڌ جي لورن ۽ مڱڻهارن ذريعي ايران پهتو، جتي ”لوريان موسيقي“ جي دائري ۾، ”ڪافي“ نغمي جو ”عجم“ راڳ کي انهيءَ خاص طرز ۾ ڳائيندڙ ڪي ايراني جڏهن (13 صديءَ جي آخر ۾ ۽ 41 - صدي جي شروع ۾) هندوستان ۾ آيا ته امير خسرو کين چيو ته ته، اوهان جيڪو ”عجم“ راڳ سان ميل ٿيو. يعني عجم راڳ ڪافي نغمي جي آميزش سان ڳايو ويو. عجم راڳ کي انهيءَ خاص طرز ۾ ڳائيندڙ ڪي ايراني جڏهن (13 صدي جي آخر ۾ ۽ 14 صدي جي شروع ۾) هندوستان ۾ آيا ته امير خسرو کين چيو ته، اوهان جيڪو ”عجم“ راڳ ڳايو ٿا، تنهن کي هــِـت ”ڪافي“ سڏجي ٿو.“ ڊاڪٽر صاحب ڪافي جي ميل مان ٺهندڙ ٻين راڳن متعلق بيان ڪندي لکيو آهي ته: ”ڪافي راڳ، جو وڏو اثر پيو ۽ هندستاني موسيقي جي نظام ۾ ان کي ٺاٺ يا ميل جو اهم ۽ بنيادي درجو ڏنو ويو. پڻ ڪافي راڳ جي سنگت سان پوءِ هن دؤر ۾ ڪيترائي ٻيا راڳ اُسريا ۽ گهڻيون ئي ٻيون راڳڻيون ايجاد ٿيون.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪافي راڳ ۽ ڪافي صنف جي ڄمار جو تعين پڻ نئين نموني ڪيو آهي. پاڻ مذڪوره ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: شغل جي مسلسل روايت جيڪا اڄ تائين موجود آهي، انهيءَ ۾ ڪافين جو ڳائڻ شامل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته اڳ پڻ ”سماع“ ۾ ڪافيون ڳائبيون هيون. ايتري قدر جو انهيءَ سلسلي مان بالاآخر ڪافي راڳ پيدا ڪيو.“

ڪافي لفظ جي سنڌ کان ٻاهر وڃڻ متعلق ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هيءُ خيال آهي ته: ”قافي ۽ ڪلام“ نظم آڳاٽي وقت کان وٺي ڳايا ويا ۽ هڪ عرصي تائين زبان زدِ عام ٿيڻ سان ”قافي“ کي هلڪي ۽ آسان سنڌي اُچارن سان ”ڪافي“ سڏيو ويو ۽ اهوئي نالو سنڌ کان ٻاهر مشهور ٿيو.“

مٿين بحث ۾ اسان جا محقق ”ڪافي - راڳ“ جي تلاش ۾ آهن ته اهو سريراڳ جي ســُـرن مان آهي يا ديپڪ جي شاخ مان آهي يا اصل هر ڀريا ميل جو راڳ آهي يا ڪنهن نج سنڌي راڳ مان آهي، ۽ انهيءَ نج سنڌي راڳ جو خالق ڪهڙو سنڌي ڀان يا ڀاٽ هئا. هن سلسلي ۾ اسين وري منظور نقوي صاحب جون ڪجهه سٽون حوالي طور پيش ڪنداسين. نقوي صاحب لکي ٿو ته: ”پوءِ تانسين جو دؤو آيو، جنهن گهڻا راڳ ايجاد ڪيا ۽ گهّڻن جي لئه ڦيرائي نالا بدلائي ڇڏيائين. مثلاً درٻاري، ميان جي ٽوڙي، ميان جي ملار، ميان جو سارنگ ايجاد ڪيائين ۽ ”ڪرائي“ جي لئه ۽ نالو ڦيرائي شاهانه ڪري ڇڏيائين.“

ائين به ممڪن آهي ڪافي راڳ به ڪنهن ڦريل لئه سان اسان جي گوش گذار ٿيندو رهندو هجي ۽ اسين کيس ڪنهن ٻئي نالي سان ياد ڪندا هجون. تنهنڪري سنگيت جي سڄاڻ پيرين ۽ پارڪن جو پير کڻڻ گهرجي ته جيئن هيءُ مسئلو به حل ٿي سگهي.

”ڪافي“ سان گڏ سنڌي نظم ۾ جنهن ٻي صنف مؤرخن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي اُها آهي ”وائي“ ڪن جو خيال آهي ته وائي ۽ ڪافي جون جاگرافيائي حد بنديون آهن. ڪن جو خيال آهي تي اِهي ٻئي هڪ شئي جا ٻه نالا آهن ۽ ڪي وائي ۽ ڪافي کي علحده سمجهن ٿا. مخدوم طالب الموليٰ هن سلسلي ۾ رقمطراز آهي ته: ”وائي ۽ ڪافي کي ٻه جدا شيون نه سمجهڻ گهرجن ڇو ته حقيقت ۾ هڪڙي ئي شئي جا ٻه نالا آهن.“ اڳتي هلي پاڻ دليل پيش ٿا ڪن ته: ”ڪافي ۽ وائي ٻه جدا صنفون هجن ها ته انهن ۾ مداح ۽ مولود وانگر مضمون جو فرق به هجي ها.“

ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي صاحب ”جوتيون جواهرن جون“ ۾ لکي ٿو ته: ”تاريخي روايتن ۽ فني مطالعي کان پوءِ آءُ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته: ”وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شئي جا ٻه نالا آهن.“

سيد عطا حسين شاهه موسوي وري ڪافي ۽ وائي جي علحده هئڻ واري خيال جو محرڪ آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي سنڌ شعبي جي سال 77 - 1976ع جي مخزن ”پرک“ ۾ پروفيسر محرم خان ”وائي“ جي صنف تي هڪ تفصيلي مضمون لکيو آهي. هن مضمون ۾ پاڻ حڪيم عبدالغفار شاهه راشدي جي حوالي سان لکي ٿو ته: متاخرين غلط فهمي ۾ اچي وائي  کي ڪافي سمجهي ويٺا آهن. ڇو ته سنڌ ۾ شعر يا موسيقي جو ايترو مواد موجود نه هو، تنهنڪري اهو امتياز نه رهيو ته وائي ڪهڙي شئي آهي ۽ ڪافي ڪهڙي چيز آهي.“

محترم راڄ محمد پلي جو هڪ مقالو رسالي مهراڻ ٽماهي (جلد 15،نمبر 1-2، 1966ع) ۾ ”صوفي محمد صديق صادق فقير سومرو“ جي شاعريءَ تي ڇپيو آهي، جيڪو ٻن قسطن ۾ آهي. هن صاحب لکيو ته ”صديق فقير جي راڳنامي ۾ وائي کي ”صدا“ لکيو ويو آهي.“ پلي صاحب جي هن راءِ کان پوءِ اسان کي ”وائي“ متعلق ڪنهن به لغت کي هٿ لائڻ جي هجت ڪونه ٿي رهي.

وائي کان پوءِ هن سلسلي ۾ وري ”مؤلود“ شريف متعلق ڪافي اختلاف نظر اچي ٿو. هتي مختصر طور هن صنف بابت قائم ڪيل راين  جو جائزو وٺنداسين.

سيد عطا حسين شاهه موسوي ۽ مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي خيال موجب ”مولود“ وائي ۽ ڪافي کان علحده شئي آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”مخدوم عبدالرؤف ڀٽي وائي ۽ ڪافي جي هيئت ۾ مولود چوڻ سان گڏ عروض تي به مولود چيا آهن.“

حالانڪ شيخ محمد سومار جي خيال موجب عروض تي مولود چوڻ ڪافي جي دفعي کان ٻاهر ڪونهي، ۽ اهو رواج قديم پڻ آهي. پاڻ پنهنجي هڪ مضمون ”محمد اسماعيل رنگريز ۽ ان جا ساٿاري“ جيڪو روزنامــہ مهراڻ (جنوري 1961ع، سالگرهه نمبر) ۾ ڇپيل آهي لکي ٿو ته: ”رنگريز صاحب ڪافي چوڻ تي طبع آزمائي ڪئي هئي، پاڻ ڪافيون مولودن جي ســُـر ۾ چوندو هو.“

حاجي عنايت الله زنگيجي  پنهنجي ڪتاب”لاڙاين جون لاتيون“ ڪتاب ۾ شغل(مولودن جي مخصوص محفل) جي ٽيڪنڪ تي بحث ڪندي لکيو آهي ته ”مولودي شغل جي آخري حـصي ۾ صوفيانه ڪافيون پڙهن ۽ انهن ۾ به خاص ڪري داستانن واريون ڪافيون پڙهن، هــِـتي هڪ ڳالهه خاص آهي ته شغل لاءِ لفظ ”پڙهڻ“ يا ”چوڻ“ استعمال ٿئي پر ڳائڻ نه، ۽ شغل ۾ جيڪي ڪافيون اچن انهن لاءِ به ”پڙهڻ“ استعمال ٿئي. هونئن ڪافيون ڳائبيون آهن.“

آنند رام طوطلداس راجاڻي جي تاليف ڪيل ”رسالي ٻڍل فقير“ ۾ ڪافي نمبر 115 کان نمبر 178 تائين سڀني ڪافين جي هيئت خواهه مضمون مولود جهڙو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌي نعتيه شاعريءَ ۾ جيڪو پهريون مولود ڏنو آهي، سو شاهه عنايت رضه جي وائي آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هن سلسلي ۾ نهايت اهم راءِ ڏني آهي، پاڻ ”سڀ رنگ“ ۾ لکن ٿا ته:

”صنف شعر جي حيثيت ۾ مولود، وائي يا ڪافي جي دفعي ۾ شامل آهي ۽ ٻنهي جو قالب ساڳيو آهي. اصولي طور ”مولود“ وائي يا ڪافي جو خاص قسم آهي، جنهن جو موضوع ۽ موسيقي، آهستي آهستي مستقل ۽ مخصوص بنجي ويا.“

هن بحث جي آخر ۾ ڪافي جي موضوع جي وسعت بابت محترمه رشيده شيخ جي راءِ به هڪ نئين ڳالهه ڏانهن اشارو  ٿي ڪري، سا به پيش ڪندا هلون ته جيئن اسان کي هن بحث ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي. پاڻ پنهنجي مقالي ”سنڌي شاعريءَ ۾ عورتن جو حصو“، جيڪو ”ماڪ ڀنا رابيل“ ۾ ڇپيل آهي، ”سنڌي عورت نماڻو فقير“ جي ڪافين جي موضوع بابت راءِ ڏيندي لکيو اٿائين ته: ”سندس ڪافين ۾ مرشد جي عقيدت ۽ محبت جي اپٽار آهي.“

هن حقيقت کان ڪوبه اديب انڪاري ناهي ته ڪافي صوفي بزرگن جي تبليغ، تعليم، خواهه رهاڻين جو خاص جــُـز ۽ ذريعو رهي آهي ۽ جيستائين ”ڪلام“ جو تعلق آهي ته ”ڪلام“ مان اسان وٽ مراد آهي ڪنهن معتبر بزرگ يا صوفي ۽ مرشد جي منهن مبارڪ مان نڪتل ”نــَـظماڻا“ لفظ، جيڪي ڪنهن به صنف جا پابند ڪونهن. پوءِ جيئن ته صوفين ۽ بزرگن ڪافي کي پسند ڪيو، انهي ڪري ”ڪلام“ به ڪافي سان منسلڪ ٿي ويو. انهي ڪري ”ڪلام“ جي ثانوي حيثيت آهي، جنهن جي آڌار تي ڪافي متعلق ڪابه راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي.

ڪافي جي لغت بابت اسان مولانا فضل احمد غزنوي ۽ سيد عطا حسين شاهه موسوي جي راءِ کي معيار بنائي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪافيءَ جو صوفين جي عادتن خواهه عمل سان گــَـهرو تعلق رهيو آهي، ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ کان ”گهرڻ“ جو هيءُ مخصوص انداز ئي هن نالي جي لغت ڏانهن پيشقدمي ڪرڻ جو دليل آهي. هتي اسين امير خسرو جي ايجاد ڪيل راڳ ”ڪافي“ جي وقت جو پڻ حوالو ڏيئي سگهون ٿا، جيڪو ”اڌرات“ ۽ ٽاڪ منجهند آهي. هن وقت جي پڻ درويش، صوفين ۽ بزرگن سان خاص نسبت آهي، جنهن کان ڪوبه اهلِ علم ناواقف ڪونهي.

”ڪافي“ راڳ متعلق پنهنجي هڪ محسن ۽ راڳ جي ڄاڻو محترم حبيب الله پلي وانگر منهنجي به اها راءِ آهي ته اهو امير خسرو جو ئي ايجاد ڪيل آهي، جنهن لاءِ نقوي صاحب ۽ گرامي صاحب جا رايا اسين اڳ ۾ ئي پڙهي آيا آهيون. نقوي صاحب جي هن راءِ سان اتفاق ڪرڻ لاءِ ڪنهن مضبوط ثبوت جي ضرورت پيش ٿي اچي ته ڪو ”ڪافي“ ”سر“ ۾ چيل ٻول به خسرو ”ڪافي“ ئي سڏيا هوندا. جيڪڏهن ائين آهي ته ٻين ”ســُـرن“ جيڪي خسرو ايجاد ڪيا، جي ٻولن جو ڪهڙو حشر ٿيو.

ڪافي اسان وٽ پنجاب کان آئي يا اسان وٽان پنجاب ڏانهن ويئي، تنهن متعلق آءٌ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ کي اهميت ٿو ڏيان ته ”ڪافي“ (صنف) سنڌ کان ئي ٻاهر ويئي آهي، پر ان جي صورتخطي ”ڪافي“ ئي آهي، نه ڪه ”قافي“. اسان وٽ سنڌي ڪافي جو جيڪڏهن ڪو نمونو ملي ٿو ته اهو ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب جي راءِ موجب اسماعيلي بزرگن جا گنان ئي آهن، جن متعلق بحث مضمون جي ٻئي حـصي ۾ ڪافي جي گهاڙيٽن سان گڏ ڪبو. باقي شيخ لاڏ جيئي واري روايت جي حيثيت صرف روايت تائين آهي ۽ ان لاءِ ڪلام جي نموني خواهه انهيءَ دؤر جي شاعرن  جي احوال  جي پڻ اشد ضرورت آهي، تنهنڪري ڪافي جي قدامت اڃان به تاريخ جي ورق گرداني ۽ ڪن انڪشافات جي متمني آهي.

ڪافي جي وائي سان ڪابه مائٽي ڪونهي، نه ئي ٻنهي کي ڪنهن نموني ملائي سگهجي ٿو. موضوعن جي استعمال کان وٺي هيئت، زبان خواهه موسيقيءَ تائين ٻنهي جا گس جدا آهن، تنهنڪري بيباڪيءَ سان ٻنهي کي ٻه شيون چئي سگهجي ٿو. ها باقي”مولود“  ئي اهڙي صنف آهي، جنهن کي ”مخصوص“، ”وائي“ يا ”ڪافي“ چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ مولود ”هيئتي“ صنف ڪونهي، بلڪ موضوعاتي صنف آهي، جنهن کي ڪافي خواهه وائي جي صنف ۾ سمائي سگهجي ٿو، يا ائين کڻي چئجي ته مولود وائي يا ڪافي جو هڪ موضوع آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته موضوع جو تقدس ئي اهڙي شئي آهي، جنهن کيس مخصوص ۽ نمايان رنگ ڏنو آهي.

”ڪافي“ سنڌي شعر جي سدا سهاڳڻ صنف آهي. تاريخ ۽ جاگرافي جي مختلف دؤرن مان گذرڻ بعد به سندس تشخص ۾ فرق نه آيو آهي، نه وري ڪا ٻي صنف سندس مقبوليت ۽ اهميت کي چئلينج ڪري سگهي آهي. ڪافي عوام جي سينن ۾ سانڍيل سنڌي شاعريءَ جو انمول حصو آهي جنهن کي ڪوبه اتان کسڪائي نه سگهيو آهي. وقت جي وهڪري سان گڏ ڪافي ۾ ڪئين مضمون داخل ٿيندا ويا. فلسفي ۽ تصوف کان وٺي عشق جي آزارن ۽ ڪانگل جي قاصد پڻي تائين، محبوب جي ثنا کان وٺي عاشق جي قربانين تائين ۽ پوءِ قومي جذبن کان وٺي بين الاقوامي سياست تائين جا موضوع ڪافيءَ جي ڳچيءَ جو هار بنبا ويا، پوءِ به سندس ڪلاسيڪيت ۽ مخصوصيت ۾ ڪو فرق نه آيو آهي.

ڪافي جي دنيا ۾ اسان جي تاريخ جو هڪ اهم حصو موجود آهي، جنهن کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي ۽ ڪافي جي موجوده مقبوليت ڏسي چئي پيو سگهجي ته ايندڙ وقت هن دؤر جي ڪافين کي مستند تاريخ طور سنڀاليندو. ڪافي جو حال چلولي هرڻ وانگيان ڇالون پيو هڻي ۽ مستقبل تمام گهڻو روشن آهي.

ماخذات

1- ڪافي

- مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

2- ماڪ ڀنا رابيل

- سيد حسام الدين راشدي

3- ميين شاهه عنات جو ڪلام

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

4- سڀ رنگ

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

5- سنڌي موسيقي جي تاريخ

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

6- لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

- ڊاڪٽر غلام علي الانا

7- تذڪره لطفي (ڀاڱو - 2)

- لطف الله بدوي

8- سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ

- الهه بخش نظاماڻي

9- ڪچ ڪوڏيون

- سيد عطا حسين موسوي

10- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

11- سوکڙي

- شمشير الحيدري ۽ عبدالجبار جوڻيجو

12- شيرين ڪلام ( شرح)

- آسانند مامتورا

13- وڻجارن وايون

- عبدالڪريم پلي

14- پرک(مخزن)

- عبدالقادر جوڻيجو

15-لاڙاين جون لاتيون

- حاجي عنايت الله زنگيجو

16- صوفي ساڃاهه

- صوفي قربان علي قربان خاصخيلي

17- کڻي نيڻ خمار مان

- مولانا رحيم بخش قمر

18- رسالو ٻڍل شاهه

- آنند رام طوطلداس

19- اصغر سائينءَ جو ڪلام

- فقير محمد رحيم سڪندري

20- سنڌي ادب جو تاريخي جائزو

- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

21- سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري

- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

22- پرک ۽ پروڙ

- ڊاڪٽر ميّمڻ عبدالمجيد سنڌي

23- ماڻڪ موتي لال

- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

24- جوتيون جواهرن جون

- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

25- رسالو نئين زندگي (ماهوار)

 جون 1953ع

ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي

26- رسالو نئين زندگي (ماهوار)

نومبر - ڊسمبر 1982ع

 ايڊيٽر: عابد لغاري

27- رسالو نئين زندگي (ماهوار)

 جون 1983ع

ايڊيٽر: عابد لغاري

28- رسالو ٽماهي مهراڻ

راڄ محمد پليءَ جو مضمون

 

جلد 15، نمبر 2- 1، 1966ع

29- روزنامه مهراڻ سالگره مهراڻ

(محمد سومار شيخ جو مضمون)

 

جنوري 1961ع.

 

 

 شاهه صاحب جي شعر تي عربي اثر

سدا رنگاڻي ”خادم“

(نوٽ: شامل مضمون منهنجن وقت بوقت ورتل نوٽن جي آڌار تي لکيل آهن.(1) مون هڪڙي موقعي تي (1934ع)، ”اقبال ۽ شاهه لطيف تي روميءَ جو اثر“ جي سري سان ننڍرو مقالو پڙهيو. چڱي حوصله افزائي ٿي. ايم - اي- واري زماني دوران (1936 - 1938ع) بمبئيءَ جي اسماعيل ڪاليج ۾ اُستاد ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪرم ۽ فيض جي نظر اِنهيءَ اُتساهه کي ٻيڻو ڪيو.

مان شروعات کان اِنهيءَ راءِ جو رهيو آهيان ته حضرت شاهه عبداللطيف عارف ڪامل هو، جنهن کي قلبي يا لدني علم ته عطا ٿيل هو، پر اِن سان گڏ ظاهري  علم پڻ حاصل هئس. سنه 1961ع ۾، ساهتيه اڪاڊميءَ لاءِ ”شاهه جو چونڊ شعر“  تاليف ڪندي پڻ ڄاڻايو هئم ته قرآن مجيد جون آيتون تلميح يا تضمين طور ڪم آڻڻ، حديثن جو اُلٿو يا استعمال ڪرڻ ۽ تڪن جي وچ ۾ کين نزاڪتدار ڪڙي ڪري بيهارڻ، مادري ٻوليءَ کي مالا مال ڪرڻ ۽ هم وطنين کي پارسي، هندي ۽ پنجابي وغيره زبانن جي هم خيال شعرن، سلوڪن ۽ دوهن جو لطف وٺائڻ، اڳ ۽ پنهنجي وقت جي سنڌي شاعرن جي طرز ۽ خيال تي يا سندن جواب ۾ شعر چوڻ، وغيره سندس عالم هجڻ جي گواهي ٿا ڀرين.

دراصل عالمن ۽ اديبن جي شاهه صاحب جي علمي لياقت بابت ٻچتائي ڏيکارڻ جو مکيه ڪارڻ ”تحفة الڪرام“ (1767ع) ۾ آيل ”اُمي“ (اڻ پڙهيل يا لکي پڙهي نه ڄاڻندڙ) لفظ آهي، جو مير علي شير ”قانع“ شاهه صاحب سان لڳايو آهي. مگر مان حيران آهيان ته اسان جن تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ فاضلن جي نظر ساڳئي مورخ جي مٿئين لکيل ڪتاب  کان اٺ ورهيه اڳ لکيل سنڌ جي پارسي شاعرن واري تذڪري ”مقالات الشعراءِ“ (1759ع) تي ڇوڪين پيئي آهي، جنهن ۾موصوف ”ع“  اکر وارن شاعرن ۾ عبداللطيف ڀٽائي، عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي تڙ پوٽي، کي پارسي شاعرن ۾ شامل ڪري، سندس لقب/ تخلص ”تارڪ“ ڄاڻايو آهي ”قانع“، دليل طور، هن جي پارسي شعرن جو نمونو پيش ڪرڻ کان قاصر رهيو آهي(جئن ڪن ٻين جي حالت ۾ به ٿيو آهي) - اِهو البته علحده سوال آهي، جو تفتيش ۽ تحقيق طلب آهي، پر هن جي لکڻ مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو واضح آهي ته شاهه سائين نه فقط پڙهيل هو، پر پارسي ٻوليءَ تي پڻ خاصو عبور هئس ۽ علم عروض جو پڻ چڱو ڄاڻو هو، جنهن جو صحيح استعمال به ڪري ٿي سگهيو. اِنهيءَ جي تائيد قانع جي ئي ڏنل هن ڳالهه مان ٿئي ٿي، جا هــُـن مذڪور ٻنهي تصنيفن ۾ ڪئي آهي ته مرزا مغل بيگ ارغون جي مرڻ پڄاڻان، شاهه صاحب جي ڪنهن مريد، ابجد رستي ”بود خبيث“ (خبيث هو) مان مرحوم جي وفات جي تاريخ (1124 هه) ڪڍي مرشد جي حضور ۾ پيش ڪئي. عارف امالڪ وراڻيو ته اِئين چوڻ نه جڳائي، بلڪ چئو ”يڪ مغل بــہ بوده“ (هڪ نيڪ مغل هو). حساب ڪيائون ته اِنهيءَ ماده مان پڻ ساڳيو ئي انگ (1124هه) نڪتو. قانع جهڙي عالم فاضل ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ زماني جي مڃيل استاد، هن واقعي کي ”قطب“ جي ڪرامت ڄاڻڻ تي ڪفايت ڪئي آهي، ڇو ته اِهو دؤر پيريءَ فقيريءَ جو هو، جنهن ۾ شاعري يا ٻيو ڪوبه علم، درويشن جي ڪمالات جو ادنيٰ ڪرشمو شمارجڻ ۾ ٿي آيو، حالانڪ عظيم شاعر جي اعليٰ درجي جي عالم هجڻ جو پڌرو ۽ پڪو تاريخي ثبوت آهي. عروضدان شاعر شاهدي واريندا ته تاريخ جو مادو ڪڍڻ ڪهڙو نه مشڪل ۽ دقيق فن آهي، جو علم ٿو گهري، مشق ٿو گهري، مهارت ٿو گهري. ازانسواءِ مذڪور مادو پارسي زبان ۾ آهي، جو بذات خود گواهي ٿو ڏئي ته ڀٽائي گهوٽ جي سر تي علم جو ســُـهڻو سهرو هو.

هونءَ به ڏٺو وڃي ته ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ (1700ع کان 1783ع) ۾، پارسي نه فقط درٻاري يا سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي هئي، پر گهرن ۾ پڻ عام جام ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي. گهڻي شاعري پارسيءَ ۽ سنڌيءَ، يعني ٻنهي ٻولين ۾ شعر چوندا هئا، جن مان مشهور آهن ميان سرفراز ڪلهوڙو( قتل 1777ع)، جنهن پارسي غزلن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ مدح چئي آهي، سچل سرمست (1739ع کان 1828ع)، جنهن جو پارسيءَ ۾ ”ديوان آشڪار“ شايع ٿيل آهي، ۽ هيڏو سارو سنڌي ڪلام، ۽ سيد ثابت علي شاهه( 1740ع کان 1810ع) جنهن جو پارسي شعر ۾ ”زوار“ تخلص هو ۽ سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ مرثين ۽ قصيدن جو باني ليکبو آهي.

هن سلسلي ۾ پڙهندڙن ۽ کوجنا ڪندڙن جو ڌيان پارسيءَ ۾ لکيل انهن ٻن خطن ڏانهن ڇڪائڻ واجب ٿيندو، جيڪي ڀاءُ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ مخزن (سال 1954ع) ۾ شايع ڪيا آهن. هڪڙي ۾ شاهه صاحب، وقت جي مشهور عالم، اديب ۽ بزرگ صوفي مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کان ”اُويسي طريقي“، متعلق ڪي سوال پڇيا آهن ۽ ٻئي ۾ مخدوم صاحب اُنهن جا جواب ڏنا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ راءِ تي پهتو آهي ته ”شاهه صاحب جو مخدوم صاحب کي خاص تاڪيد ته سليس فارسيءَ ۾ جواب ڏنو  وڃي، اِنهيءَ لاءِ ته هر ڪو هن ڳالهه کي سمجهي سگهي، ڏيکاري ٿو ته شاهه صاحب کي سليس ۽ ڳوڙهي  فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي، ۽ سليس فارسيءَ جي عام فائدي جو احساس هو. هيءَ اندروني شاهدي، شاهه صاحب جي فارسيءَ مان واقفيت تي هڪ خاص دليل آهي.“

ڪي علم دوست شايد سوال اُٿارين ته ايتري فارسي ڄاڻندي به شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ پارسي سٽن جو استعمال ڇو ڪين ڪيو آهي؟ مان جيڪر چوان ته هــُـو تــہ دل وطن پرست هو، سنڌ سان والهانه محبت هيس ۽ سنڌي عوام سان اٽوٽ رشتو. سنڌين سان سندن ئي زبان ۾ هــُـن ڪجهه چوڻ ۽ ٻولڻ ٿي چاهيو.

هن ڪتاب لکڻ مان منهنجو خاص مطلب آهي ته ڀٽ ڌڻيءَ کي پڙهيل ڪڙهيل ثابت ڪريان ۽ رسالي ۾نظر ايندڙ مختلف ٻولين جي ادب جا اثر خواه مشابهتون پيش ڪريان. انهيءَ جي مراد اِها هرگز نه آهي ته سڳوري شاهه ڪي به ويچار، بيت يا مصرعا ترجمو يا نقل ڪيا آهن، پر جيڪڏهن انساني سڀاءَ انوسار، پڙهندي پڙهندي، ڳالهائيندي يا سرود و سماع جي محفلن ۽ صوفين جوڳين جي صحبت ۾ ٻڌندي، پنهنجي من ٻڌيءَ فڪر ۽ فلسفي سان ٺهڪندڙ ڪي خيال هن جي اندر گهڙي، هن جي طبيعت جو اٽوٽ جزو بڻجي، جدا جدا وقتن تي، مختلف ســُـرن ۾ ۽ علحدي طور، سندس روشن ڪلڪ جي نوڪ سان اجاگر ٿي(مان ته چوندس ته اصلي ٿي) نڪتا، ته انهيءَ ۾ عيب ئي ڪهڙو آهي“ ٿي سگهي ٿو ته ڪن حالتن ۾ شاهه سائينءَ ۽ ٻئي شاعر يا اديب جي لکڻيءَ ۾ جهڙائي محض اتفاقي هجي، پر ڳچ حالتن ۾ هم معنيٰ بيت، تشبيهون، تمثيلون ۽ ٻوليءَ جو ساڳيو رنگ ۽ ٺاٺ تقاضا ٿا ڪن ته تحقيقات ڪجي ته سنڌيءَ جي عالم شاعر جي ڪلام تي ڪو ڌاريو يا خود سنڌ جي شاعرن جو اثر پيو آهي؟ جي ها، ته ڪنهن جو ڪنهن جو، ڪهڙو ۽ ڪيترو“      --- خادم]

اصل نسل خواهه عقيدي ۽ ايمان جي لحاظ کان شاهه صاحب هڪ سچو مسلمان هو. خدا ترس ۽ بي ريا. هن وٽ دين ڌرم جو ڀيد ڀاو ڪونه هو. جيڪڏهن هندوءَ کي ڌرم پالنا ۾ ڪوتاهيءَ ڪارڻ ائين ٿي چيائين ته:

هندو هــَـڏِ نه آهيين، جـَـڻيو تو نه جڳاءِ!

ته هم مذهبين کي پڻ ياد ٿي ڏياريائين:

اِن پــَـر نه ايمانِ، جنءَ ڪَلمي گــُـو ڪوٺائيين.

کيس قرآن مجيد جون آيتون خواهه حديثون برزبان ياد هيون. هينئر ڏسڻو آهي ته پنهنجي امر ڪلام ۾ انهن جو ڪهڙو ۽ ڪيترو استعمال ڪيو اٿس، نه فقط ايترو، پر انهن کان سواءِ ڪي عربي شعر، پهاڪا، صوفياڻا ڪهاوتون وغيره به سندس رسالي ۾ نظر اچن ٿا يا نه؟

رسالو مطالعو ڪندڙن مان پهريون شخص، جنهن اِن ڏس ۾ قدم کنيو، اُهو هو ديوان ليلا رام(سنگهه) وطڻ مل لالواڻي، جو سنڌي شاعريءَ ۾ ”خاڪي“ جي تخلص سان معروف آهي ۽ جنهن نظم توڙي نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ ترجمو ڪيا آهن. سن 1890ع ۾ هن جو اٺن سالن جي لاڳيتيءَ محنت جو نتيجو  "The Life, Religion and Poetry of Shah Abdul Latif"  جي صورت ۾ (ٻن ڀاڱن ۾) شايع ٿيو. ياد رهي ته اُن وقت تائين نه فقط شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي جو ڪو مــُـستند نسخو ڇپيو هو، بلڪه سندس ڪلام ۾ قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم، ميين عنات وغيره سنڌي شاعرن ۽ ٻين هندستاني خواه ڌارين ٻولين جي شاعرن جا پڻ ايترا ۽ اهڙا دوها، سورٺا ۽ بيت داخل ٿي ويا هئا، جو اِهو پروڙڻ مشڪل هو ته شاهه سائينءَ جو چيل ڪلام ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي! انهيءَ ڪارڻ برابر آهي ته موصوف مصنف جو تخمينو اِشتباهه کان خالي نه آهي، پر انهيءَ جي باوجود هن جي بنيادي ڪوشش، همت ۽ حاصلات تحسين لائق آهي. خاڪي صاحب مذڪور انگريزي ڪتاب جو 47 صفحن تي پکڙيل هڪ باب، رسالي ۾ آيل قرآني آيتن، حديثن، عربي مقولن ُانهن جي انگريزي ترجمي ۽ سمجهاڻيءَ کي ڏنو آهي. سندس تخميني موجب شاهه جي ڪلام ۾ اهڙن مثالن جو ڳاڻيٽو 113 آهي، جن منجهان ڪي اهڙا پڻ آهن، جي ٻه، ٽي، چار يا وڌيڪ دفعا جدا جدا سرن ۽ داستانن اندر، پنهنجي اصلي صورت ۾ خواه ترجمو پڻ ٿي آيا آهن.

ظاهر آهي ته جئن جئن شاهه صاحب جي ڪلام تي تحقيق ۽ تدقيق ٿيندي پيئي وڃي ۽ سنڌي عالم، شارح ۽ مفسر رسالي جا نوان نوان ڇاپا ڪڍي نئين روشني وجهندا پيا وڃن، تئن تئن عربي آيتن، حديثن، پهاڪن ۽ چوڻين جي تعداد ۾ پن اضافو ايندو پيو وڃي. هيستائين رسالي جي متن جا چاليهارو قلمي نسخا ۽ اٽڪل ويهه ڇپيل ڪتاب عالمن جي نظر مان نڪتا آهن. گهڻي ۾ گهڻا بيت (5885) ۽ وايون (831)، پنهل فقير واري 1383 هه / 1963ع جي هٿ اکري نسخي ۾ ملن ٿا. سـُـرن جو وڏي ۾ وڏو تعداد (40) ميين محمد ۽ ميين حسين واي 1300 هجري جي قلمي نسخي ۾ آهي. پراڻي ۾ پراڻو 1194 هه/ 1780ع جو لکيل بلڙي شريف وارو نسخو (جنهن جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لاڀ ورتو آهي) ســُـرن ۽ داستانن تي نه، پر مضمون تي ٻڌل، هن وقت دستياب نه آهي. ميسر نسخن م سڀني کان آڳاٽو 1207 هه / 1792ع جو لکيل سيد عبدالعظيم عرف وڏل شاهه  وارو ”گنج“ آهي، جنهن ۾ 28 سر، 4041 بيت ۽ 287 وايون آهن. اِهو نسخو سر سسئي جي بيت

وَڍيل ٿي وايون ڪري، ڪــُـٺل ڪوڪاري.

سان آغاز ٿئي ٿو. اُن کان پوءِ وارن پهرئين دؤر جي اَٺن ڏهن نسخن جي شروعات پڻ سر سسئيءَ سان ٿيل پيئي ڏسجي، تان جو ٽالپر حڪومت جي پوئين دؤر جي لکيل، ۽ راڳ جي سلسلي مطابق مرتب ٿيل نسخن ۾، ســُـر ڪلياڻ جي:

اَولِ اَلله علـــِـيمُ، اَعليٰ، عالــَـمُّ جو ڌڻــِـي.

سان ٿا پسون. پهرئين ڇاپي رسالي (1866ع) ، ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ ۾، ڪتاب جو نالو ”شاهه جو رسالو يعني ديوان عبداللطيف ڀٽائيءَ جو“ ٿا پڙهون.منجهس 2529 بيت ۽ 159 وايون آهن، ۽ ســُـرن جو تعداد 26 آهي. مرتب ڪندڙ، مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪتاب وڏي ٿي وڃڻ ۽ گهڻي خرچ کائڻ سبب مارئي ۽ ٻيا ڪي ســـُـر شامل ڪري نه سگهيو آهي.

مٿين حقيقتن کي نظر ۾ رکي، ڏٺو وڃي ته حـصي رسيءَ جي خيال کان اڌ کان وڌيڪ قرآني آيتون، اٽڪل پنجين پــَـتي حديثون، باقي شعر، پهاڪا ۽ چوڻيون هونديون. سامونڊي، معذوري، حسيني، ليلا چنيسر، گهاتو، رپ، کاهوڙي، ڪاپائتي، پورب، ڪارايل ۽ ڏهر ۾ ڪابه آيت نٿي ملي، ته ٻئي طرف رامڪليءَ جي هڪڙي بيت اندر ئي پنج مختلف آيتون،پنجن لاڳيتن مصرعن ۾ موجود آهن.

رسالو جنهن ڇپيل روپ ۾ اسانجن هٿن ۾ پهتو آهي، اِسلامي روايت موجب الله تعاليٰ جي حمد ۽ پيغمبر سڳوري جي ثنا سان آرنب ٿئي ٿو، ۽ منجهس آيل پهرين آيت هن ريت آهي:

وَحدَه لاشرَيکَ لـہ (1) جان ٿو چــَـئين اي.

پٺيان ايندڙ بيتن ۾ ”وحده“ ايندو رهي ٿو، تان جو ڇهين ۾ پڙهون ٿا:

لاخــَـوفُ عـــَـلــَـيهـِـم ولاهــُـم يــَـحـَـزنــُـون(2) ، سچن ڪونــہ سور. سڄي رسالي ۾ فقط هڪ ئي هنڌ، ســُـر ڪلياڻ جي ٽئين داستان ۾، قرآن مجيد جي آيت، بيت جي سڄي مصرع ٿي ڪم آئي آهي:

سوئي راهون رَدِ ڪري، سوئي رهنماءُ،
وَتعزمن تــَـشاءُ وتــُـذل من تــَـشاءُ(3).

هن ســُـر جي هڪ ٻي خصوصيت اها به آهي ته اُن جي ڪل 74 بيتن ۽ 3 واين اندر آيل عربي سٽون يا جملا فقط آيتن منجهان آهن، ڪابه حديث، شعر، پهاڪو وغيره نظر نه ٿا اچن.

مٿي چيو ويو آهي ته سر رامڪليءَ جي هڪڙي بيت ۾ 5 علحديون آيتون هڪ ٻئي پٺيان اچن ٿيون. مذڪوره بيت جي پنجين داستان ۾:

مونا طــُـور سينا، ســَـندا ســَـناسـِـيسن.

سان شروع ٿئي ٿو، ۽ آيتن واريون سٽون آهن:

فـَـکانَ قاب قــَوسين اَو اَدانيٰ(4) ، ٿا نانگا اِينءَ نــَـمــِـن،
کـُلّ من عليها(5) فان، باقي ڪين بــَـچن،
اَلله ولي الذيّن آمــُـنوا يــُـخرجــُـهــُـم من الظلمات اِلي النور
(1)،
ٿا اهڙي پر پُرن،

 

خــَـرّ موسيٰ صعقا(2)، جوڳي جنگ جـَـلـَـن،
مازاغ البــَـصر و ماطغيٰ (3)، اهڙي روَش روَن.

هن ســُـر ۾ حديثن جو جملي عدد 3 آهي، جي هن ريت آهن:

1. اِنّ الله وَ تـَـريحــَـب الوتر(4)، اي انين لءِ آئي،

2. من لــہ الموليٰ فــَلـَـہ الکل(5)، اي پروڙج پنڌ.

3. من عــَـرفَ الله کــُـل لــِـسانہُ(6) ، اهڙائي آهين.

۽ پڻ هڪ چوڻي:

طالــُـب اَلموليٰ مــُـذکرّا(7)، اي ڪلام ڪئائون ڪن.

حديثون گهڻيون تڻيون آبري، معذوري، آسا ۽ سورٺ سرن ۾ ملن ٿيون.مثلاً:

پنهون ٿيس پاڻهين، وئو سسئي جو ســِـنگارُ،
من عرف نــَـفـَسہُ فقد عــَـرف ربــہّ، اِهوئي(8) اَچار،
جو وندر جو واپار، سو سودو ســَرئسِ هــِـتهــِـين.

يا

ڪتو ڪــُـرٽي هڏيون، جوانمرد جڳــُـر کاءِ
الدَّنيا جيفـَـہ و طلاّ بــُـها کـِـلابُ (9)، اي هيين سين لاءِ.
يا

ڪــَـنيــِـن ڪــَـنيــِـن ماڙهين، پيئي ڪل ڪائي،
رسئا جي رمز کي، تن پارسي پائي،
اَلانسانُ سري و اَناسرّه(1)، ورتي اي وائي،
راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿئا.

حضرت شاهه، اهل بيت ته هئوئي، پر حضرت علي مرتضيٰ جو ڪلام پڻ پڙهيل ٿو ڏسجيس. مثلاً سر ديسي ۾ فرمائي ٿو:

جــَـڏاہ، کــُـن فــَـيکــُـونُ چئي،نــِـئو آرياڻي اَرواح،
اَنگ اَڳهين لــِـکئو، مــُـهجو ميثاقاءُ،
من طلب شيئا وجدّ وجد، اُتو علي شاه.

ٽئين بيت ۾ امير المومنين جي اِنهيءَ قول ڏانهن اِشارو آهي ته جيڪو شخص ڪنهن شيءِ جي طلب رکي ٿو ۽ اُن لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، اُهو اُها پائي ٿو. ساڳيو مطلب، سهڻيءَ ۽ سليس سنڌيءَ ۾، سر حسيني اندر هئن ٿا پايون:

پــُـڇن سي پسن، جڏه تڏه پرين کي،
ڏورينديــُـون ڏسن، اَڱڻ عجيبن جا.

مارئي جي:

راءِ اَعرابــِـينِ هــِـتِ، گهنگهــُـر گهارڻ مون ٿئو،
بکتِ العينان في هواک دماً، پڄان ساڻ پرت.

۾ هڪڙي عربي شعر جو جزو سمايو اٿس، جنهن جي معنيٰ آهي ته منهنجن نيڻن تنهنجي نينهن ۾ رت رنو.

شعر، پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻين سرن جي ڀيٽ ۾، سهڻي، مارئي ۽ ديسي ۾ سر سيريون آهن، پر هڪ ئي داستان اندر چوڻين جو گهڻي ۾ گهڻو استعمال سر آبري جي پنجين داستان ۾ ٿو ملي، جنهن ۾ جملي بيت آهن 19 ۽ چوڻيون 4:

1-    الفراقُ اَشدّ مــِـن الموت (2) ، هتي نه هوندياس
2-    مارايـُـت شيئا ا لا ورايــُـت الله (3) ، نيئي اَجها او ڏاهين اَڏ

3-    العشق نار الله الموقده (1) ، کــُـوري جنءَ کاڻي
4-     العشق حجاب بين العاشق و المعشوق(2)، لاشڪ ٿي لاهي


(1) فارسي ادبيات جي برک عالم ۽ بزرگ سنڌي اديب ۽ شاعر محترم ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي ”خادم” جو تازو دهليءَ مان، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي هڪ سهڻو ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”ڪــَـنور پاڙون پاتار ۾”. ان ڪتاب ۾، لائق ليکڪ، ڀٽائي صاحب جي ڪلام تي عربي، فارسي، هندي، پنجابي ۽ سنڌي شاعريءَ جي اثرن جو عالمانه اڀياس پيش ڪيو آهي. هي مضمون، اُن ڪتاب جو پهريون باب آهي، جيڪو ڪتاب جي پيش لفظ سان گڏ، مضمون جي صورت ۾، مهراڻ جي قارئين لاءِ پيش ڪجي ٿو. ڪتاب جا باقي باب پڻ ساڳئي نهج تي لکيل آهي.        -- ادارو

(1) هو هڪ آهي ۽ هن جو ڪو شريڪ نه آهي.

(2) نه اُنهن کي ڪو خوف آهي، ۽ نه کين ڪو ڏک رسندو.

(3) جنهن کي وڻيئي تنهن کي عزت وارو ڪرين ۽ جنهن کي وڻيئي تنهن کي ذليل ڪرين.

(4) (حضرت رسول) خدا کي ٻن ڪمانن جيترو ويجهو ويو، بلڪ اِن کان به گهٽ.

(5) (جيڪي ڌرتيءَ تي آهن) اُهي سڀ فنا ٿيڻ وارا آهن.

(1) الله ايمان وارن جو دوست آهي ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي سوجهري ۾ ٿو آڻي.

(2) حضرت موسيٰ مورڇا ٿي ڪري پيو(ديدار جو تيز تاب نه جهلي).

(3) نه نظر ڏنگي ٿي، ۽ نه طغيان(نافرماني) ڪيائين.

(4) تحقيق الله هڪ آهي، ۽ هيڪڙائي هن کي پسند آهي.

(5) جنهن کي الله آهي، اُن کي سڀ ڪجهه آهي.

(6) جنهن الله کي سڃاتو، اُن جي زبان گنگي آهي.

(7) الله جو طالب مذڪر (مرد) آهي.

(8) جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن گويا رب کي سڃاتو.

(9) دنيا ڍونڍ آهي، ۽ اُن جا طالب (طاماعو) ڪتا. هن بيت اندر ”ڪتو ڪرٽي هڏيون” ۾ ٻين سٽ واريءَ حديث جو سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي.

(1) انسان منهنجو ڳجهه آهي، مان هن جو ڳجهه آهيان.

(2) وڇوڙو موت کان به وڌيڪ سخت آهي.

(3) ڪا شيءِ اهڙي نه ڏٺيم، جنهن ۾ جانيءَ(الله) جو جادو نه پــَـسيم.

(1) عشق الله جي ٻاريل باهه آهي.(انهيءَ کان سواءِ باقي لفظ قرآني آيت تان ورتل آهن.)

(2)  عشق، عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ حجاب (پردو) آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com