سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :3

 

پڙهندڙن جا پيغام

[”مهراڻ“ بابت چند تاثرات]

* .... مهراڻ رسالي جو رني ڪوٽ نمبر سرسري طور ڏٺو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو تمام ســُـٺو ۽ بهترين معلومات جو حامل آهي. اوهان جي محنت ۽ ڪوشش قابل تحسين آهن، ان لاءِ مبارڪباد قبول ڪندا.

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

                                        (هالا نوان)

* ٽماهي مهراڻ جو مواد، رسالي جي نقطهِّء نگاهه کان معياري آهي، جنهن لاءِ اوهان کيرون لهڻيون. هونءَ به ڏٺو ويو آهي ته اوهان کي ڪم ڪرڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي، جو رسالو وقت تي ڪڍندا رهو ٿا.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

                                        (لاڙڪاڻو سنڌ)

* مهراڻ جو رني ڪوٽ نمبر اوهان نهايت محنت سان، ســُـهڻي نموني شايع ڪيو آهي. مبارڪ هجيوَ....

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

                                        (لاڙڪاڻو سنڌ)

* مهرآڻ جو ”رني ڪوٽ نمبر“ نظر کان گذريو. هن قسم جي مواد ڏيڻ سان جتي مهراڻ جي پنهنجي قدر و قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي، اُتي هڪ ٻيو وڏو مقصد اهو به حل ٿيو آهي ته رني ڪوٽ تي هونئن به مستند مواد جي ڳولها آسان نه هئي. مهراڻ جي ڪوشش سان جيڪي مقالا سهيڙي شايع ڪيا ويا آهن، تن ان ميدان ۾ وڌيڪ تحقيق ڪندڙن ۽ دلچسپي رکندڙن جي هڪ وڏي گهرج کي پورو ڪيو آهي. ان ڪوشش لاءِ اوهان مبارڪباد جا مستحق آهيو.

مهتاب اڪبر راشدي

                (سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو سنڌ)

* هڪ مقالو موڪليو اٿم، جو ڇپجڻ جي لائق هجي ته واري اچڻ تي شايع ڪندا، نه ته واپس ڪندا. پر هن خط کي ايندڙ پرچي ۾ ضرور شايع ڪندا. اهو فيصلو ته پڙهندڙ ڪندا ته”رني ڪوٽ“ تي ڪنهن ۽ ڇا لکيو آهي. قلعي جي نه تاريخ، نه طرز تعمير تي ڪنهن بحث ڪيو آهي ۽ جي ڪيو آهي ته غلط [!]

رني ڪوٽ نمبر ۾ اهڙن صاحبن به لکيو آهي، جي فقط قصا، ڪهاڻيون يا لوڪ روايتون لکي ڄاڻن. تاريخ م سندن شايد هي پهرين ڪاوش آهي. ٽائن بي، ايڇ- جي - ويلز ۽ ابن خلدون کي وڏن ۽ ضخيم ڪتابن جا هزارين صفحا مطالع ڪرڻا پيا ۽ ورهين جي جاکوڙ. پر اڄ جا نو آموز غلط ڳالهيون لکي رهيا آهن. سنڌ جي تاريخ هڪ ته اڻپوري آهي، ٻيو وري جي هن ۾ پنهنجي لاءِ غلط استعمال ٿي ته تاريخ جو خدا حافظ آهي. رني ڪوٽ ڪو قلعو نه، پر پناهه گاهه آهي. قلعا ته اندر ٻيا به آهن. هڪ صاحب، سابق لکندڙن لئمبرڪ ۽ سورلي تي ڇوهه ڇنڊيندي لکيو آهي ته هنن قلعي جو ذڪر ڇو نه ڪيو، حالانڪ لئمبرڪ، ٽن جڳهين تي قلعي رني ڪوٽ کي ٽالپور حاڪمن جو اَڏايل ٻــُـڌايو آهي. هڪ ”جنرل انٽروڊڪشن آف سنڌ، ۾، پر سنڌي ترجمي ۾ انهن لفظن کي ڪڍيو ويو آهي. ٻيو دفعو پنهنجي ڪتاب”سر چارلس نيپئر ائنڊ سنڌ“ ۾، ۽ ٽيون دفعو هڪ مضمون ۾، جيڪو ”سنڌ ڪوارٽرلي“ ۾ ڇپيو آهي ۽ جنهن ۾ هن جبلن ۾ پنهنجي شڪار ۽ گهمڻ لاءِ وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي. جن صاحبن اهي ڪتاب نه پڙهيا، ته انهن لاءِ لئمبرڪ ڪيئن جوابدار ٿيو..... بهرحال، اوهان کي مبارڪباد، جو ههڙو شاندار نمبر ڪڍيو اَٿو...

-- مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر

                                   (ميرپورخاص)

* ”مهراڻ“ جو تازو پرچو ”رني ڪوٽ نمبر“ نهايت دلچسپيءَ سان پڙهي پورو ڪيم. تاريخ جي طالب جي حيثيت ۾، بنده وٽ، هن موضوع تي پنهنجا ڪي نماڻا ويچار آهن، پر انشا الله ڪنهن ٻئي موقعي تي لکي موڪليندس، ڇو ته صحت جي هن وقت اجازت ناهي. پڙهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان، لکڻ جي محنت طلب ڪم کان پرهيز ڪري رهيو آهيان. اهڙي اهم تاريخي نمبر شايع ڪرڻ لاءِ، في الحال مبارڪون ئي آڇي سگهان ٿو، قبول ڪندا. مقالن جي ترتيب جاندار آهي، ۽ سرورق ان جي شان ۾ اضافو ڪيو آهي.

-- قريشي حامد علي خانائي

                                (نوابشاهه)

* ”رني ڪوٽ“  بلاشبــہ سنڌ جي عجائبات ۾ هڪ اهم جڳهه والاري ٿو. ان متعلق جيترا به سيمينار ٿين يا ڪتاب ڇپجن، گهٽ ئي شمار ٿيندا. هن سيمينار جي وقت، جناب ڊاڪٽر الانا صاحب مون کي  به ياد ڪيو هو، ليڪن مواد جي قلت سبب، مون موضوع کان هٽي، هڪ پيپر تيار ڪيو هو. هي پيپر ان موقعي تي، اخبارن جي نڪتل اسپيشل ضميمن ۾، ۽ عبرت ۾ منهنجو آرٽيڪل ڇپيو هو، جيڪو پوءِ ”هلال ميگزين“ ۾ پڻ وري ڇپيو هو. بهرحال ”رني ڪوٽ نمبر“ آڻڻ تي، مون پاران مبارڪباد قبول ڪندا. هن ايڊيشن ۽ پرچي جي حوالي سان، آءٌ ڪي ڳالهيون ڪرڻ گهران ٿو.

(1) پرچي جو ٽائٽل بلاشبه دلڪش ۽ جاذبيت سان ڀرپور آهي. پر اندر مناسب تصويرن جو تعدادنه ڏئي پرچي جي افاديت کي ڪافي ڌڪ هنيو ويو آهي. هونئن به سيمينار جي رپورت ۽ اتي نڪتل تصويرن کي ته بهرحال، هن پرچي ۾ جڳهه ملڻ گهرجي ها.

(2) پرچي ۾ آيل مقالا سڀ قيمتي آهن. هر هڪ عالم، پنهنجي پنهنجي ليکي وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. مان هنن مضمونن پڙهڻ يا قدري وڌيڪ اڀياس ڪندي، هن نتيجي تي پهتو آهيان ته هي عظيم ڪوٽ”ميرن - ٽالپورن“ جي دور ۾ ٺهيو. ان کي تاريخ جي ڪنهن ٻئي دور ۾ ڳولڻ خود تاريخ سان زيادتي ٿيندي. جي هي قلعو اڳ ۾ ٺهيو هجي ها ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن عالمن - ميرڪ يوسف ۽ مير علي شير قانع -- کان ڳجهو نه رهي ها. مير وڏا ڀاڳيلا هئا، جن کي خوشحال ۽ سکي ستابي سنڌ، ڪلهوڙن کان ملي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن سنڌ کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪري، ان جي وحدت ۽ معاشيات کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. ان جي باوجود به ميرن واري سنڌ ۾، ايترو پيسو هو جو دفاعي ڪم وڏي پيماني تي ٿي سگهيا. هن پرچي ۾ مشتاق باگاڻي وارو مضمون نئين نظر کي جنم ڏئي ٿو. ٻئي طرف عبدالله خان مگسي، موزون مطالعو پيش ڪيو آهي. پوءِ به هن موضوع تي علمي بحث جاري رهڻ کپي.

(3) اوهان هن ڀيري ادارتي نوٽ ۾ بلاشبه ڪافي ڌيان طلب حقيقتن ڏي توجهه ڇڪايو آهي. انگريزن سنڌ کي 1843ع ۾ فتح ڪيو ۽ 1847ع ۾ ان جي صوبائي حڪومت  کي ختم ڪري، هن تاريخي ملڪ کي بمبئي علائقي ۾ ڏئي، ڪمشنر جي تابع ڪيو ويو. ان ڪري سنڌ سان سوين زيادتيون ٿيون. ان ڏس ۾ سنڌ سان جيڪي ڏاڍايون ”انڊين آرڪيالاجي“ ڪيون، سي به عالم آشڪار آهن، حالانڪ سنڌ جي ثقافتي ورثي تي توجهه ڏيڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي. مشهور عالم هينري ڪزنس پڻ ان متعلق ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو هو ته:

"For these reasons Sind has been to great extent neglected"

ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته آزاديءَ کان پوءِ، هت قائم ٿيل ”پاڪستان آرڪيالاجي“ پڻ سنڌ جي قديم آثارن ۽ ثقافتي ورثي سان ساڳي ”انڊين آرڪيالاجي“ واري هلت قائم رکي آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪوبه فرق نه ٿيو آهي. هي صورتحال نهايت ئي ڏکوئيندڙ آهي. اوهان پنهنجي ادارتي نوٽ ۾، متعدد جاين جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪا بلڪل مناسب آهي. ادا سائين، منهنجي پنهنجي علائقي ۾، سنڌ جي تاريخ جا ٻه نادر آثار آهن. منهنجي ڳوٺ کان صرف ميل پري، ٻڌمت جو ”ٺل مير رڪن“ آهي. سال 1929ع ۾، ڪزنس پنهنجو ڪتاب شايع ڪندي، ان متعلق لکيو هو ته: سڄي سنڌ ۾ هي واحد ٺل آهي، جيڪو پنهنجي اصلي شڪل ۾ موجود آهي.جيتوڻيڪ ”ٺل رڪن“ اڄ به اصلي صورت ۾ موجود آهي، تاهم ان تي ڌيان ڏيڻ جي بيحد ضرورت آهي.

ٻئي طرف عظيم سنڌي حاڪم ميان نور محمد جو مدفن پڻ برباد ٿي رهيو آهي. سوين ايڪڙن تي پکڙيل هي باقيات، هاڻي چند ايڪڙن تي محدود رهيا آهن. جي اها رفتار قائم رهي، ته پوءِ پڪ سان سڄي سنڌ جا آثار برباد ٿي ويندا، جيڪو سنڌ سان گڏ پوري دنيا جو نقصان ٿيندو!

بلاشبه اوهان جو ادارتي نوٽ ڪارائتو آهي. ليڪن هي به هڪ حقيقت آهي ته آثار قديمه وارن جي قيمتي ڪتبخاني (ڪراچي) ۾، سنڌي رسالن ۽ ڪتابن، توڙي جو اهي موضوع ۽ تاريخ سان لاڳاپيل هجن، جي رکڻ لاءِ ڪوبه ڪٻٽ ڪونهي. ان ڪري لڳي ٿو ته اوهان جون دانهون، متعلقه ڏس ۾ ڪوبه اثر پيدا نه ڪنديون. خدا ڪري ته ائين نه ٿئي! ڪتبخاني واري ڳالهه منهنجي مشاهدي جي  آهي. بهرحال، مجموعي طور تي پرچو قابل تعريف آهي.

-- غلام محمد لاکو

                                  (دولتپور صفن)

* مهراڻ جو ”رني ڪوٽ نمبر“ ڏسڻ سان دل بهار بهار ٿي وئي. جنهن حسن انتخاب ۽ محنت سان رسالو سهيڙيو ۽ ترتيب ڏنو اٿو، تنهن لاءِ توهان جس لهڻي. وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي گذري. ارڙهن سالن جو طويل  عرصو گذري ويو، پر ڄڻ ته اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي. گرامي صاحب پنهنجي دفتر ۾ براجمان هئا ۽ ”اقبال رويو“ جو پرچو هٿن ۾ ڏئي درپيش مسئلي جي مشڪلات جو اظهار ڪيائون ۽ مون کي ترجمي لاءِ اصرار ڪيائون، جيڪو ممتاز عالم ليفٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد جو لکيل هو. مون اتي ئي مضمون کي سرسري طرح  نظر مان ڪڍيو، جو ٽيڪنيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل مشڪل لڳو. تاهم حڪم کي چشمن تي رکي بجا آڻڻ جي حامي ڀريم ۽ ٻن هفتن کان به ٿورن ڏينهن ۾ جڏهن دفتر ۾ اچي کين  مڪمل ترجمي جي صورت ۾ مضمون ڏنم ته حيرت زده رهجي ويا! گرامي صاحب سرسري مطالعو ڪيو ۽ مون سندن اکين ۾ جيڪا چمڪ ڀريل ڏٺي، سا زندگي ڀر نه وسرندم. پاڻ ترجمي جي شستـہ هجڻ جو اقرار ڪندي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيا. انڪري رني ڪوٽ جي تعارف کي ابتدائي طور وسيع حلقن تائين رسائڻ جو اعزاز اداري مهرآڻ ۽ ان جي تڏهوڪي مدير گرامي صاحب کي حاصل آهي.

منهنجي هيڏي ساري محنت، ديانتداري ۽ ڪاوش جي باوجود رني ڪوٽ ۾ ٿيل سيمينار ۾ مون کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو ۽ بنيادي مترجم، ليکڪ يا مبصر جي حيثيت ۾ شراڪت لاءِ رسمي دعوت به ڪانه ڏني ويئي، حالانڪ اهلِ  سنڌ ”رني ڪوٽ“ جي تاريخي قدامت ۽ اهميت کان سنڌيءَ ۾ مضمون ڇپجڻ کان پوءِ ئي واقف ٿيا ۽ سڄي ملڪ ۾ ”رني ڪوٽ“ جي پذيرائي ٿيڻ لڳي. ڪيترا ليکڪ ته فقط ان مضمون جي آڌار تي پنهنجا تحقيقي مضمون لکڻ جي قابل بنجي سگهيا.

ٻه سال اڳ ۾ منهنجو سؤٽ محترم محمد اسلم عرساڻي آمريڪا مان موٽيو. هو ڪجهه عرصو هتي آرڪيالاجي کاتي ۾ آفيسر رهيو هو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي (شاهه لطيف ڪئمپس) خيرپور ۾ آرڪيالاجيءَ جو  هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ هو. هو آمريڪا ۾ پنهنجي مضمون ۾ مزيد سکيا به وٺي چڪو آهي. کيس هميشــہ کان علم الانسان ۽ آثار قديمه جي کوجنا سان لنؤن لڳل آهي. هن هتي اچڻ بعد، رني ڪوٽ هلڻ جو قصد ڪيو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ کنيائين. اسان نومبر جي هڪ سهاني صبح جو خوشگوار موسم ۾ سوزوڪي ۾ سوار ٿي رني ڪوٽ پهتاسون. جيپ جو ڊرائيور اڳيئي ان پنڌ جو سونهون هو. دراصل مختلف وقتن دوران رني ڪوٽ بابت مضمون شايع ٿيندا رهيا، مگر رڳو پڙهڻ سان انهن جي ايڏي اهميت سمجهه ۾ نه پئي آئي، پر پنهنجي اکين سان ڏسندي اکيون خيره خيره ٿي ويون. ٽڪرين جي اڀڪپرين جي سنوت سان ٺهيل قلعبندي ڏسندي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو! اڳي زماني ۾ جڏهن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڳرا پٿر ڍوئڻ ۽ چاڙهين تائين آڻڻ نيڻ وارين سهوليتن توڙي جديد ساز سامان جو فقدان هو، تڏهن اها ديوهيڪل اڏاوت ڪيئن جڙي راس ٿي هوندي! رومن شهنشاهن جا شاهي قلعا، مصر جا اهرام، چين جي ديوار جهڙا آثار صناديد هزارن غلامن جي پورهئي جي نتيجي ۾ جــُـڙي راس ٿيا، جن جي عبرتناڪ احوال سان تاريخون ڀريون پيون آهن. يقيناً رني ڪوٽ جي قلعبندي به ساڳي تهذيبي عمل جو حصو آهي. مان آرڪيالاجي جي عملي تعليم ۽ کوجنا جي علم کان بهروره ناهيان. اسان پنج ڇهه ڪلاڪ اتي هئاسون. ورن وڪڙن وارن گهــَـٽنِ ۽ واٽن کان گهمندا ڦرندا رهياسون ۽ ڪيترين اتاهين ۽ چاڙهيڪن تان چڙهي ڪوٽ جو مختلف زاوين کان نظارو ڪيوسون. اسلم نهايت اهم گوشن کان ڪيترائي ڪارائتا فوٽو اتاريا. هو سارو وقت مختلف نوٽس لکندو ۽ ڪجهه تفصيل  سمجهائيندو رهيو. ڪجهه مسالو ۽ پٿرائتيون شيون تجرباتي عمل واسطي به پاڻ سان گڏ کنيائين. آمريڪا وڃي هڪ مڪمل مقالي لکڻ جو ارادو ڏيکاريائين. بهرحال، اهو سارو تجربو منهنجي لاءِ هڪ مسرت انگيز مقام کان گهٽ نه هو!

بهرحال قلعي جي آڳاٽي ۽ قديم هجڻ کي ڪوبه چئلينج ڪري نٿو سگهي. هونءَ به اليگزينڊر برنس جو  بيان ئي ان جي شاهدي لاءِ ڪافي آهي. ٻيو ته تاريخ شاهجهاني ۾ به ان طرف اڏيل قلعن جو احوال ملي ٿو. حقيقت کي جهٽلائڻ تمام مشڪل آهي، ليڪن وري به اثار قديمه جي کوٽائي متنازع مسئلن جي سدباب لاءِ هڪ يقيني حل جي حيثيت رکي ٿي، جنهن مان معلوم ٿيندڙ انوکا نشان قلعي جي قدامت جي شاهدي ڀريندا ۽ ان جي تعميراتي دور کي چٽيءَ طرح ظاهر ڪري بيهاريندا.

سڀني مضمون کي گڏ ڪري، تحقيقي مواد کي يڪجا ڪرڻ سان توهان تاريخ جي شاگردن توڙي محققن لاءِ وڏي آسانيءَ جي راهه پيدا ڪئي آهي. هونءَ ته سڀئي مضمون قابل ذڪر آهن، پر سچ پچ ته ڪرنل رشيد جو تحقيقي مضمون اڃا سوڌو به سڀني جو ســُـر موڙ لڳي ٿو، ڇو ته سندس بيان ڪيل ثابتين جي روشنيءَ ۾ ٻين مقاله نگارن نتيجن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ۾ وري به محترم پنهور جو مضمون تجزئي ۽ دلائل جي لحاظ کان ڪافي مٿڀرو آهي.

-- ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

                                        (حيدرآباد سنڌ)

* رني ڪوٽ نمبر 3/1984ع جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويو. اوهان هن قسم جو خاص نمبر منظر تي آڻي سنڌي تمدن، تهذيب ۽ آثار قديم جي هڪ بي نظير شاهڪار کي مشتهر ڪيو آهي، جا هڪ وڏي خدمت آهي. ظاهر آهي ته اهو اوهان جي توجهه، علمي تجسس ۽ ڪاوش جي باعث ممڪن ٿي سگهيو آهي، جنهن لاءِ اوهان کي مبارڪون هجن. ان سان رني ڪوٽ جي تاريخي، تمدني ۽ فني قدر و قيمت جي ڪٿ ڪرڻ ۽ ان و شال تهذيبي ڪارنامي پٺيان قومي ڪردار جي عزم، حوصلي، استقلال ۽ مهم جو ئي جا جيڪي جوهر ڪارفرما آهن، ان جي اندازي ڪرڻ سان ذهن ۾ بي تحاشا هڪ طرح جي خوشگوار سرشاري جو احساس اڀري اچي ٿو ۽ پڙهندر پنهنجي اسلاف جي جــُـهد ۽ دفائي شعور جي ڪارڪردگي تي فخر ڪوڻ جهڙو ٿئي ٿو، حالانڪ هن تاريخي يادگار جي زماني تعين ڪرڻ ۽ ان جي اصل مستند معمار ۽ سرپرست متعلق اڃا تشنگي باقي آهي. بهر نوع، هي پرچو پنهنجي ليکي قابلِ افتخار علمي ۽ تحقيقي سرمايو آهي.

ان مواد کي نظر مان ڪڍڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو ته هي نادر تعمير به جهڙوڪر دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿيڻ جوڳي آهي.

ڪٿي ائين به محسوس ٿيو ته محققن حضرات مان ڪن نتيجن ڪڍڻ ۽ راين قائم ڪرڻ ۾ ڪٿي افراط ته ڪٿي تفريط کان به ڪم ورتو آهي. ڪن ماهرن جي جانبداريءَ جو اثر به مسلط محسوس ٿيو ٿي. بهرحال اها منهنجي ذاتي راءِ آهي.

هڪڙي ڪس باقي رهجي ويئي، جنهن جو ڏوراپو اوهان جهڙي ملوڪ کي ڏيڻ جڳائي ته نٿو، پر اهو خال ڏاڍو شدت سان محسوس ٿيو ته هن انوکي يادگار جهڙي اهم تعمير متعلق ڳچ تصويرون به پرچي ۾ هجڻ لازمي هيون، هڪ چڱو خاصو البم اهم رنگين تصويرن جو پرچي جي قدر و اهميت ۾ خاصو اضافو ڪري ها، مگر اوهان جون مجبوريون ان سلسلي ۾ سمجهه ۾ نٿيون اچن.

- حيدر علي خان لغاري

(تاجپور، سنڌ)

* سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ جو ”رني ڪوٽ نمبر“ ڏٺم ۽ پڙهيم، علمي لحاظ کان رني ڪوٽ بابت ڇپيل مضمون تمام ڪارائتا آهن. هن قديم تاريخي قلعي بابت هن قسم جي مواد ڇپجڻ جي سخت ضرورت هئي ته جيئن دلچسپي رکندڙ ماڻهو هڪ هنڌ مختلف عالمن ۽ محققن جا رايا پڙهي قلعي جي قدامت بابت صحيح اندازو ۽ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.

سنڌ جي قديم تاريخي آثارن جي تباهي ۽ بربادي متعلق اوهان ايڊيٽوريل ۾ آواز اٿاري هڪ اهم قومي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي. خاص طرح ضلعي سانگهڙ جي قديم آثارن ڏيپر گهانگهري / برهمڻ آباد جي تباهي ۽ ان سلسلي ۾ ”سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي“ جي طرفان انهن کي بچائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ آئون سوسائٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾ اوهان جو ٿورائتو آهيان.

سنڌ ۾ قديم آثارن جي هر هنڌ اها ساڳي حالت آهي، ڪوبه ڪونهي جو انهن کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهي. دڙن ۽ ڀڙن کي سرن حاصل ڪرڻ ۽ آبادي لائق بنائڻ لاءِ تباهه ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته قديم مقبرن کي نئين سر تعمير ڪري انهن جي قديم طرز تعمير کي ختم ڪيو پيو وڃي. عام ماڻهو ۽ وسعت مند حضرات چڱي جذبي سان مقبرن جي تعمير لاءِ پئسا ڏين ٿا. پر انهن کي اها خبر نه آهي ته اها قديم طرز تعمير هن دور ۾ ممڪن نه آهي. ان ڪري ماهرن جي نگرانيءَ ۾ جيڪر ساڳئي عمارت کي برقرار رکندي صرف انهن جي مرمت ڪرائي وڃي ته وڌيڪ ڪجهه سو سالن تائين اهي آثار قائم رهي سگهن ٿا.

ضلعي بدين ۾ شهر جي ويجهو هڪ قديم طرز تعمير جي بهترين نموني بزرگ برهان شاهه جي مقبري کي شگرمــِـل وارن طرفان ڊاهي نئين سر ٺاهڻ جو پروگرام آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مقبرو ڪــِـرڻ جي ويجهو آهي.

ضلعي حيدرآباد ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جن جي مقبري جي اندروني حصن کي نئين سر پراڻي ڪاشي لاهي شيشي جي نفيس ڪم سان سينگاريو پيو وڃي. هن کان اڳ مقبري جي دروازي تان ڪاشي هٽائي شيشي جي جڙاوت ٿي چڪي آهي. پر هن طرف ڪنهن به توجهه نه ڪئي ته ڪاشيءَ جو ڪم سنڌ جي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهي، جڏهن ته شيشي جي ڪم لاءِ ٻاهران ماڻهو گهرايا وڃن ٿا. پائيداري جي لحاظ کان به ڪاشي شيشي کان وڌيڪ آهي. پر ڪم ڪندڙ صاحبن کي اهو ڪير سمجهائي. جيڪر اهڙين عمارتن جي اصل طرز تعمير کي برقرار رکي انهن جي مرمت تي اهو خرچ ڪيو وڃي ته اهي جايون وڌيڪ خوبصورت، مضبوط ۽ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ رهي سگهنديون.

راڄو خاناڻي جي ڀرسان ڪورين جي ڳوٺ وٽ سومرن جي دور جي هڪ مسجد ”واگهيلن جي مسجد“ جي نالي سان مشهور آهي. چوڌاري وڻ ورائي  ويا اٿس. ان ڪري قائم آهي. جيڪر محڪمه آثار قديمه ان جي مرمت نه ڪرائي ته ڪجهه سالن ۾ ان جو نشان به سنڌ جي ٻين جي قديم آثارن وانگي نه رهندو.

هن سلسلي ۾ ڪيترا مثال موجود آهن، جيڪي سڀ هن ننڍي خط ۾ ڄاڻائڻ ممڪن نه آهن. مون کي اميد آهي ته اوهان انهن بابت به مهراڻ ۾ ذڪر ڪندا ته جيئن اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جا باقي بچيل اهڃاڻ برباديءَ کان بچائي سگهجن.

عبدالله ورياهه

(ٽنڊو آدم)

”رني ڪوٽ نمبر“ جا سڀ مقالا وڏيءَ محنت ۽ تاريخي کوجنا جي آڌار تي لکيل آهن، پر سنڌ جي سپوت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ّمحققانه شاهڪار منهنجيءَ نظر ۾ ”حرف آخر“ جي حيثيت رکي ٿو. ڇو ته ڊاڪٽر صاحب جي دليلن، حوالن ۽ نتيجن ۾ وڌيڪ معقوليت پئي بـَـکي.

ڇو، هن پرچي ۾ يادگار فوٽو ڪونه ڏنوَ؟ رني ڪوٽ جا سـَـوين فوٽو ميسر آهن، انهن جي حاصلات ۾ مان نٿو سمجهان ته ڪو توهان کي ڪا ڏکيائي پيش اچي ها. تصويرن سان هن پرچي جي اهميت ۾ واڌارو ٿئي ها ۽ خود محققن ۽ پڙهندڙن کي، رني ڪوٽ جهڙي عجوبي جا مختلف گوشا ڏسڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا ملن ها. معاف ڪجو، فوٽن کان سواءِ پرچو اَلـُـوڻو محسوس ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ کي ههڙي تاريخي پرچي شايع ڪرڻ لاءِ مبارڪباد.

عنايت بلوچ

(حيدرآباد)

”رني ڪوٽ“ تاريخ جي صفحن تي ڦلهيل انسانذات جو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن مان حال ۽ مستقبل جا ماڻهو هر قسم جو سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ ضرورت هئي ته اُن جي اهميت کي هر پهلوءَ کان ظاهر ڪجي ته جيئن اُن ۾ لـِـڪل اُنهي دور جون خوبيون ظاهر ٿي بيهن. منهنجيءَ نظر ۾ رني ڪوٽ انسانذات جي محنت، لگن، خلوص ۽ سچائيءَ جي جذبي کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ مهراڻ جو هيءُ رني ڪوٽ نمبر پڻ انهيءَ ئي جذبي سان ڪڍيو ويو آهي ته جيئن اڄ جو ماڻهو اهائي محنت، اهائي لگن، اهوئي خلوص، اهائي سچائي قائم ڪري سگهي.

سنڌي ادبي بورڊ کيرون لهڻي، جو انهيءَ، اداري اهو مواد گڏ ڪيو، جيڪو تاريخ جي صفحن تي ايندڙ نسل لاءِ روشن ڏينهن وانگر جـَـر ڪندو. شال اهو جذبو سلامت رهي، جنهن جذبي سان اهو سيمينار منعقد ڪيو ويو ۽ اهڙي ڏکئي پنڌ  ڏکئي هنڌ تي، سڀ سگهارا، هن ملڪ جا وڻندڙ ماڻهو پهتا، ۽ خلوص ۽ محبت جي جذبي تي عقيدت جي گلن جي ورکا ڪيائون.

”مهراڻ“ جي ادارتي عملي جي تعريف نه ڪرڻ ڏوهه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهڙي محنت مون ڪنهن به نمبر تي نه ڏٺي آهي. مان سمجهان ٿو ته مهراڻ ڏينهن به ڏينهن اهڙي پنڌ تي گامزن آهي، جيڪو اڻانگو ضرور آهي، پر ڪـَـسو يا ڪانڊو ناهي. خدا انهيءَ جذبي کي سلامت رکي. اميد اٿم ته مهراڻ اڃا به اسان کي اهڙا پنڌ ڏسيندو، جنهن تي هلڻ سان اسان جي قوم هر لحاظ کان جـَـر ڪندي ۽ سوڀاري ٿيندي.

حميد سنڌي

(حيدرآباد)

اهو چوڻ بيجا نه آهي ته 1984ع ٽه ماهي مهراڻ جي خاص نمبر جو سال آهي. سندس پهرين ٽه ماهي ۾ شايع ٿيل مهراڻ (شمارو نمبر 1 جلد 33) ”فهرست نمبر“ آهي، جنهن ۾ سال 1955ع کان 1980ع تائين رسالي مهراڻ ۾ جو نثر ۽ نظم جي صورت ۾ مواد چپيو آهي، ان جون الف - ب وار ڏسڻيون (Indexes)  ڏنل آهن. هن خاص نمبر جي ڇپجڻ جي ڪري عام پڙهندڙ يا ريسرچ ڪندڙ کي مهراڻّ ۾ ڇپيل مواد مان ڪنهن خاص لکيڪ جي لکتن يا ڪنهن خاص مضمون/ ڪهاڻي/ مهراڻ/مقالي/ نظم وغيره کي هٿ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن قسم جو خاص نمبر وقت جي اهم تقاضا هئي. جا ڀـَـلي ڀـَـت  پوري ٿي. ان نمبر جو مرتب پروفيسر ثناالله مجاهد ۽ اوهان بحيثيت ايڊيٽر مبارڪ جا مستحق آهيو.

ٻي ٽه ماهيءَ ۾ مهراڻ وري ”سنڌي ادب سيمينار نمبر“ جي سـِـري سان پنهنجو شمارو (نمبر 2، جلد33) شايع ڪيو آهي. اوهان وڏيءَ سڪ مان مليل مواد کي سميٽي ۽ سنواري، هن خاص نمبر ۾ اهڙيءَ طرح طبع ڪيو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي سيمينار ۾ موجود سمجهي ٿو. هن خاص نمبر ۾ سنڌي ادب سيمينار ۾ پڙهيل مضمونن کي (جي شاهڪار جو درجو رکڻ ٿا) ڇپي محفوظ ڪيو ويو آهي.

مهراڻ سال 1984ع جي ٽين ماهي ۾ ”رني ڪوٽ نمبر“ ڪڍيو ويو آهي (نمبر 3، جلد 33). هن خاص نمبر ۾ رني ڪوٽ جي ماڳ  تي 26- مارچ 1980ع تي منعقد ٿيل پهرين سيمينار لاءِ لکيل ۽ موقعي تي پڙهيل ۽ نه پڙهيل مقالا شايع ڪيا ويا آهن. مقالا مختصر آهن، پر آهن مائي دار.

هن وقت مهراڻ جو مٿيون خاص نمبر نظرن آڏو رکيل آهي. هن رسالي جي سرورق تي اڳين طرف کان رني ڪوٽ جي ان زاويي کان تصوير ڪڍي ويئي آهي، جا کيس ديوار چين کان ممتاز نه ته به ڏيک ۾ ان جهڙو بڻائي پيش ڪري ٿي. هن رنگين تصوير مان قلعي جي عظمت جا اهڃاڻ صاف ۽ ظاهر نظر اچي رهيا آهن. ان رسالي جي آخري صفحي تي رني ڪوٽ جي اندر ٺهيل ڪوٽ ميريءَ جي تصوير ڏنل آهي. هن رسالي جي سرورق ڏسڻ سان مون کي مرحوم گل محمد کتريءَ جون آبي رنگن  (Water Colour)۾ ٺهيل تصويرون ياد اچي ويون، جي هن مضبوط ٿلهن ۽ وڏن ڪاغذ جي پرچن تي ڪافي تعداد ۾ محنت ۽ محبت سان ٺاهيون هيون. انهن مان هر هڪ پرچي تي رني ڪوٽ جي هڪ حـصي جي تصوير بنائي ويئي آهي. انهن پرچن کي نمبر وار ملائي رکڻ سان رني ڪوٽ جي وڏي حـصي جو تصويري مشاهدو ڪري سگهيو پئي ويو. مرحوم کتري ان سلسلي کي ٽيٽيهن يا وڌيڪ پرڇن ۾ پوري ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. جنهن وقت مون اهو آرٽ جو شاهڪار ڏٺو هو، ان وقت تائين اهڙا ڪافي پرڇ پينٽ ٿي چڪا هئا. پتو نه آهي ته مرحوم جي اها آخري خواهش پوري به ٿي الائي نه؟

سنڌ جي هن شاندار فني، دفاعي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثي تي لکيل مضمون خاص نمبر ۾ ڇپائي مهراڻ وارن هڪ اهم گهرج جو پورائو ڪيو آهي.

رني ڪوٽ تي لکندڙن جي فهرست ڏسڻ سان ئي ٻڌائي ٿي ته لکندڙن جي ان ڏس ۾ ڪافي پهچ آهي. ڪوٽ جي گهڻن پهلوئن تي مضمون نگارن ڪافي مطالعو ڪرڻ ۽ تحقيق بعد جو ڪجهه لکيو آهي، ان جي بنياد بنائي اڃا گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. حقيقت ته اها آهي ته رني ڪوٽ تي اڃا هڪ ٻئي سيمينار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ بعد جي تحقيق ۽ مطالعي جي روشنيءَ ۾ مفصل مضمون پڙهي سگهجن. هن خاص نمبر شايع ٿيڻ بعد عام پڙهندڙ جي دل ۾ هن ثقافتي ورثي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي چاهنا پيدا ٿي آهي ۽ اها چاهنا ئي ثقافتي ورثي کي پهنجائڻ ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ محرڪ ٿي سگهي ٿي.

انيس انصاري

(لاڙڪاڻو، سنڌ)

مهراڻ جو رني ڪوٽ نمبر جنهن سليقي سان شايع ڪيو اَٿو، ان لاءِ مبارڪباد. سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم گوشي تي، هن نمبر ۾ تفصيلي روشني وڌي ويئي آهي. سمورن مقاله نگارن پنهنجي پنهنجي نقطئه نظر کي، نهايت محنت سان، دليلن ۽ حوالن جي سهاري، ڀرپور انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن بنيادي ۽ اهم مواد جي آڌار تي، اميد آهي ته رني ڪوٽ جي قدامت بابت مستقبل ۾ ڪنهن اصل نقطي تي پهچڻ ۾ سولائي ٿيندي.

ايڊيٽوريل ۾ توهان سنڌ جي آثارن جي تباهيءَ جو جيڪو ڏکوئيندڙ تذڪرو ڪيو آهي، اهو حقيقت تي مبني آهي. توهان سرسري جائزو ورتو آهي، نه ته سنڌ ۾ اهڙا سوين مثال موجود آهن، جو اسان جا ثقافتي آثار تباهه ٿي چڪا آهن ۽ ڪي ٿي رهيا آهن. خدا ڪري ته محڪمه آثار قديمه جو ڌيان وري ۽ ڪجهه ٿي پوي.

رني ڪوٽ نمبر شايع ڪرڻ سان، سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب قلمبند ۽ محفوظ ٿي چڪو آهي، جنهن کي بنيادي حيثيت حاصل رهندي .

عبدالغفار صديقي

(ڄام شورو)

هن ڀيري اوهان ٽماهي مهراڻ جو ”رني ڪوٽ نمبر“ سهيڙي، رني ڪوٽ جي تاريخي پس منظر کي چٽو ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ اوهان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جس جا ڀاڳي آهيو. هن نمبر جي اڀياس مان رني ڪوٽ بابت مختلف ماهرن جي راين جو پتو پوي ٿو ۽ تاريخ ۽ آثار قديمه ۾ دلچسپي رکندڙن جي سوچ جو سامان هڪ هنڌ ڪٺو ٿيل ملي ٿو.

سنڌي ساهت ۾ ٽماهي مهراڻ جو ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. مهراڻ جي صفحن ۾ پيش ڪيل تخليقي، تاريخي ۽ علمي ساهت هميشـہ اڳرو رهندو ٿو اچي. گذريل سال 1984ع ۾ خاص نمبرن سبب مهراڻ تخليقي ساهت پيش نه ڪري سگهيو آهي. ساهت جو تخليقي ۽ تنقيدي حصو ڪنهن به ٻوليءَ جو قيمتي سرمايو هوندو آهي، جنهن کان سواءِ ساهت جي اوسر ۽ اوج کي وڏو ڌڪ رسندو آهي. تحقيق، تاريخ ۽ علم بابت مضمونن جي بيشڪ وڏي اهميت آهي، پر سنڌي ساهت جي نمائنده مخزن جي حيثيت سان اوهان جي اها ذميداري آهي ته ساهت جي مخلتف ڌارائن، ٽيڪنڪ ۽ فن کان پڙهندڙن کي نه فقط روشناس ڪرايو، پر تخليقي ليکڪن جي رچنائن کي مهراڻ جي صفحن ۾ اهميت سان ڇاپيو. ساهت جي ڪابه صنف، ٻي صنف جي وجود جي قيمت تي نه هئڻ گهرجي. ساهت جي صنف جو هر ڀاڱو پنهنجي پنهنجي ڏس ۾ اڳڀرو وڌڻ گهرجي، نه ته اسان جي ساهت جي Deformed  انساني جسم جهڙي صورت ٿي ويندي، جنهن جو مٿو وڏو ۽ هٿ پير ننڍا رهجي ويندا آهن.

مون کي اميد آهي ته منهنجي انهيءَ گهرُ کي فراخ دليءَ سان وٺندين ۽ مهراڻ ۾ ساهت جي مختلف صنفن کي پورو حصو ڏيئي اڳي کان اڳرو ڪندين.

ولي رام ولڀ

(حيدرآباد)

سونهاريءَ سنڌ جي ساهت کي سينگارڻ لاءِ ٽـِـماهي ”مهراڻ“ رسالي جنهن من موهيندڙ انداز ۾ جاکوڙ ڪئي آهي، تنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ وارن کيرون لهڻيون. ان ڏس ۾ سال 1984ع جو ٽيون پرچو ”رني ڪوٽ نمبر“ نظر مان گذريو، جنهن ۾ وڏن عالمن ۽ اديبن جا تحقيقي مقالا ڏنا ويا آهن. مواد جي لحاظ کان هيءُ پرچو ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، جنهن کي تاريخ جا طالب هميشـہ هنئين سان هنڊائيندا. هن پرچي جي ليفٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد جو مقالو هڪ اڃايل اديب جي اُساٽ لاهڻ لاءِ ڪافي آهي. خواجه صاحب گهڻي ڇنڊڇاڻ ڪري پڙهندڙن لاءِ ٺوس دليلن سان مفيد مواد مهيا ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت سنڌ جي نامياري عالم ۽ برک محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مقالو پڻ سندس ڪلادار قلم جو نتيجو آهي، جيڪو هر سڄاڻ پڙهندڙ لاءِ هڪ مڪمل اڀياس آهي. اميد ته اهڙي قسم جا مقالا ادب کي نئين جوت ڏيندا. ان کان سواءِ هن شماري ۾ ايم-ايڇ- پنوهر، مظهر يوسف، غلام رباني، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر عبدلمجيد ميمڻ جا تخليقي مضمون پڻ ڪافي معلوماتي آهن، جن کي پڙهڻ سان سـُـڌ پوي ٿي، ته اسان جا محقق ڪيتري قدر محنت ڪري سنڌ واسين کي سدا سهڻا ماڻڪ موتي پيش ڪن ٿا. هن پرچي جا نـَـوَ مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيا ويا آهن ۽ ٻاجهاري ٻوليءَ کي جهڙيءَ ريت سوڌي ۽ سنواري پيش ڪيو ويو آهي. ان لاءِ ”مهراڻ“ اداري وارن جي ڪوشش جي جيتري جس چئجي، سا ٿوري آهي. رسالي جي سونهن ۽ سوڀيا لاءِ هن نمبر جي ڇپائي عمدي ۽ سهڻي، سر وِرق ديده زيب، گيٽ اپ دلڪش ۽ ٽائپ جاذبِ نظر آهي. ”گذارش“ ۾ سنڌ جي جهونن آثارن بابت دلچسپ جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ پاڪستان جي محڪمهء آثار قديمه وارن جو سنڌ جي عظمت جي اهڃاڻن ڏانهن جنهن اثرائتي نموني ۾ ڌيان ڇڪايو ويو آهي، ان لاءِ ايڊيٽر کيرون لهڻيون. مجموعي طور ”رني ڪوٽ نمبر“ هر طرح اعليٰ ۽ افضل آهي. هر پهلوءَ کان معياري ۽ معلومات افزا آهي، جيڪو ادب جي اُڃايلن جي اُڃ ۽ اُساٽ اُجهائي ٿو.

پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

(ڄام شورو سنڌ).

رني ڪوٽ نمبر جنهن اهتمام سان شايع ڪيو اَٿوَ، ان لاءِ مبارڪباد قبول ڪندا. سنڌ جي قديم آثارن ۽ ماڳن جي برباديءَ بابت توهان ايڊيٽوريل ۾ جيڪو ذڪر ڪيو آهي، اهو معلوم ڪري ارمان ٿيو‍ آثار قديمه کاتي تي هي قومي فرض ٿو عائد ٿئي ته توجهه ڪن ۽ سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺن. افسوس اِهو پڻ آهي ته جتي يونيسڪو وارا رني ڪوٽ جي اهميت کان متاثر ٿي ان کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ نيڪ ڪوششون وٺن، اهڙي حالت ۾ اسان جو پنهنجو محڪمه ”پاڪستان آرڪيالاجي“ ان لاءِ ڪو توجهه نه ڏئي خدا ڪري، اهو نقطو اسان جي محڪمي کي مـَـنَ توجهه ڏياري ‍!

فتح محمد شيخ

(حيدرآباد)

”مهراڻ“ جو رني ڪوٽ نمبر نهايت عاليشان آهي. اوهان جي محنت قابل داد آهي. ان قسم جي تاريخي نمبر جي ڪا ”مهورت“ ڪرايو ها ته بهتر ٿئي ها.

آغا نور محمد پٺاڻ

(ڪراچي، سنڌ)

ٽيون آهي رسالي مهراڻ جو تازو پرچو، جيڪو ”رني ڪوٽ نمبر“ جي نالي سان، هڪ پرچي جي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ تازو شايع ڪيو آهي.

”مهراڻ“ جي خاص نمبرن کي سنڌي ساهت ۾ وڏو مرتبو حاصل آهي. رني ڪوٽ نمبر پڻ پنهنجي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هڪ نرالي اهميت رکي ٿو.

دادو ضلعي ۾ موجود رني ڪوٽ جي پـُـراڻي قلعي بابت عالمن جي گڏيل راءِ اها آهي ته اهو قلعو دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. ڪن تاريخدانن، مثالن سان اختلاف پڻ ڪيو آهي. مهراڻ جي رني ڪوٽ نمبر ۾ آيل کوجنا وارن مضمونن پڙهڻ سان اها ڳالهه چٽيءَ طرح پڌري ٿئي ٿي ته رني ڪوٽ بيشڪ اسان وٽ عجوبو آهي، جنهن کي سنڀالڻ ۽ اُن جي تاريخي قدامت مقرر ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ کپن. يونيسڪو تازو ڌيان ڏيئي، ان کي بين الاقوامي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ ويچار ڪيو آهي.  پاڪستان جي آثار قديمه کاتي کي کپي ته رني ڪوٽ تي تحقيق ڪرائين، جيئن ان بابت تاريخي قياس آراين جي چٽائي ٿئي، ڇو ته هن وقت رني ڪوٽ جي قدامت بابت ٻن نظرين جي ڇڪتاڻ آهي. هڪڙي گروهه جو چوڻ آهي ته اهو قلعو هزارها ورهين جو آڳاٽو آهي ۽ ساسانين يا ايرانين ٺهرايو ۽ ٻئي گروهه وٽ اِهي دليل آهن ته اهو سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن تعمير ڪرايو آهي. مٿين ٻنهي نظرين سان گڏ ڪن ٻين جـُـزوي ويچارن جي تفصيلي اپٽار مهراڻ جي رني ڪوٽ نمبر جي مضمونن ۾ موجود آهي، جا ڪافي دلچسپ ۽ پڙهڻ وٽان آهي.

مهراڻ جي رني ڪوٽ نمبر ۾، هن موضوع تي ڪم ڪندڙ سڀني کان آڳاٽي عالم ڪرنل خواجه عبدالرشيد جو مضمون پڻ آيل آهي، جيڪو 1966ع ڌاري پڌرو ٿيو هو ۽ ان مضمون ڇپجڻ سان علمي دنيا ۾ هن موضوع جي واقفيت پيدا ٿي ۽ سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو ۽ خيال آراين جنم ورتو. هيڏو سارو اجگر قلعو، ان کان اڳ علمي دنيا ۾ اکين کان اوجهل هو ۽ فقط ڪن ناميارن عالمن کي ئي اُن جو علم هو.

هن خاص نمبر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علي احمد بروهي، ايم. ايڇ. پنهور، غلام رباني، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، مير محمد بخش خان ٽالپر، رشيد ڀٽي، عبدالله خان مگسي، مظهر يوسف، مشتاق باگاڻي، تاج صحرائي، حميد احمد، بشير انصاري، خان محمد رانا ۽ احمد حسين چنا جا تحقيقي مقالا ڏنل آهن. ڪجهه مضمونن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڏنل آهن، جي مراد علي مرزا نهايت محنت سان ڪيا آهن.

ايڊيٽوريل نوٽ ۾، قديم آثارن واري کاتي طرفان، سنڌ جي پـُـراڻن تاريخي آثارن سان ڪيل ڏکوئيندڙ ورتاءَ جو احوال مثالن سان ڏنو ويو آهي ۽ گهرُ ڪئي ويئي آهي ته انهن جي سارسنڀال جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي، جا هڪ وڏي ضرورت آهي.

مهراڻ جو رني ڪوٽ نمبر، سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ سـُـهڻي سوکڙي آهي ۽ تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ ته اُن جي گهـُـر اَوس رهندي، ڇو ته اُن ۾ رني ڪوٽ ۽ اُن سان لاڳاپيل هيڪاندن موضوعن تي قيمتي مواد گڏ ڪري، هٿيڪو ڪيو ويو آهي.

”مهراڻ“ جي رني ڪوٽ نمبر جي چئن رنگن ۾ ٽائيٽل، پرچي کي وڌيڪ مانائتو بنايو آهي. سٽاءُ ۽ ڇپائيءَ جي سونهن سوڀيا، ”مهراڻ“، جو پنهنجو دائمي مـُـرڪ آهي.

ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com