سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :19

 

سنڌي طب

(تحقيقي مقالو)

 

از:

رئيس ضياء الدين ايس - بلبل

باهتمام:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

 

پيش لفظ

محترم رئيس ضياء الدين صاحب بلبل پنهنجي ذاتي شرافت ۽ علمي فضيلت جي علاوه فڪر جي عبقريت ۾ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. انگريزي خواهه سنڌيءَ ۾ لکيل سندس مضمونن ۽ مقالن ۾ ذاتي ويچار ۽ گهري سوچ جو عڪس نمايان طور نظر اچي ٿو. رئيس صاحب هر فن مولا آهي ۽ مختلف موضوعن تي مقالا لکيا اٿس. سندس هيءُ رسالو پڻ هڪ انوکي ۽ غور طلب مضمون يعني ”سنڌ ۾ طب“ بابت آهي، جنهن ۾ فن طب بابت عموماً ۽ سنڌ ۾ طب جي روايت بابت خصوصا+ ڪافي بلند نقطه نگاهه کان روشني وڌي اٿس. فاضل مصنف جنهن وسيع نظر سان طب جي مباديات کي طبعي، معاشرتي، ذهني وغيره اسبابن جي روشني ۾ اُجاگر ڪيو آهي، سو قابل داد آهي.

امام غزالي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ”طب جسماني“ سان گڏ ”طب روحاني“ جي اهميت واضع ڪئي. اڄڪلهه طبي سائنس، نفسياتي ۽ ذهني بيمارين کي تسليم ڪري ڄڻ ”طب روحاني“ جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي. سن ۾ ”دوا ۽ دعا“ وارو نظريو جسماني ۽ روحاني علاج جي ترجماني ڪري ٿو.

اڄڪلهه ترقي يافته ملڪن ۾ علم طب (Medicine) ۽ علم الانسان        (Anthropology ) جي سهاري هيٺ طب جي مباديات ۽ تاريخي ارتقا کي سمجهڻ خاطر ”عوامي علاج“ (Folk Medicine ) جي مطالعي ڏانهن خاص توجه ڪيو ويو آهي. هن رسالي ۾ انهيءَ سلسلي جو قيمتي مواد آهي، جنهن جي وڌيڪ تحقيق ۽ اشاعت جي ضرورت آهي.

اُميد ته رئيس صاحب پنهنجي خداداد قابليت سان هن ابتدائي تحقيق کي وڌيڪ وسيع ڪندو، ۽ سندس هيءُ مقالو انهيءَ ڏس ۾ هڪ مفصل ڪتاب لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيندو(1).

 

سنڌ يونيورسٽي                                 خادم العلم

حيدرآباد                                    نبي بخش بلوچ

9- سيپٽمبر 1966ع

 


 

 

مهاڳ

گهڻي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود مون کي ڪٿي به سنڌي طب تي ڪو ڪتاب ته ڇڏيو، پر ڪو مضمون يا اشارو به نظر نه چڙهيو آهي. مصري طب، ايراني طب ۽ هندستاني طب وغيره تي ڪافي ڪاغذ ڪارا ڪيل ملندا، پر ام الحڪمت، يعني سنڌي طب بابت پڙُ صفا پالهو پيو آهي. مون کي طب لاءِ چاهه تڏهن ئي پيدا ٿيل هو، جڏهن ننڍي لاءِ والد مرحوم جا تيار ڪرايل شربت، مربا ۽ معجونون لڪي وڃي پي ۽ کائي وٺندو هوس. اوطاق ۽ سنڌي ٻٽڙن جو هڪ نوجوان حڪيم نالي محمد عثمان رهندو هو جو پيو دوائون ڪٽيندو ۽ ڇاڻيندو يا ٽهڪائيندو هو. والد ماجد جي لائبرريءَ ۾ به پوءِ مون ڪيترا ڪتاب طب ۽ ان سان لاڳاپو رکندڙ علمن تي پڙهيا ۽ والد بزرگ جي وفات کان پوءِ آءٌ شربتن، مربن، آچارن ۽ آسان نسخن ٺاهڻ کي لڳي ويس. علم ريکا جا ڄاڻو چون ٿا ته جنهن کي چيچ جي پاڙ واري اُڀار تي اُڀيون ليڪون هجن، اهو طب جي علم ۾ چڱي دسترس رکندو آهي. منهنجي ٻنهي هٿن جي چيچن جي هيٺان اهڙيون ليڪون آهن، جي موروثي توڙي ڪسبي طبي لاڙي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. منهنجي لائبرريءَ ۾ هڪ سڄو وڏو ڪٻٽ طبي ۽ ڊاڪٽري دوائن ۽ علاجن وغيره جي ڪتابن سان ڀريو پيو آهي.

جيئن ته مون کي والد صاحب جي دوستن ۽ ملاقاتين ۾ اهڙا وڏيرا ۽ مولوي به ملندا رهيا، جي پيڙهين کان حڪمت جو شغل به ڪندا ٿي آيا ۽ انهن مان هڪڙو وڏيرو عبدالله خان مهيسر سينڌل جي ڳوٺ وارو ته وڏيرو محمد يعقوب ڪؤنريجي وڏو اثر ڪيو ۽ هن علم ۽ ڌنڌي لاءِ محبت ۽ عزت پيدا ڪئي. اهڙن بزرگن ۾ وڏيرو دوست محمد خان ٿيٻو، وڏيرو حاجي فيض محمد ٿيٻو، ميان محمد ڏيرو ويٺل ڳوٺ رضا محمد ڏيرو، جو اڃا حال حيات آهي، خليفو محمد ابراهيم هالو، خليفو محمد عمر ٻپيرو، مولوي حڪيم نور محمد سوهو ماڙي وارو، جو اڃا جيئرو آهي، ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. هن تفصيل مان اهو پتو به پوي ٿو ته ڪيئن نه ٿورڙي ايراضي اندر رهندڙ ماڻهو اڪثر طب جا ماهر پڻ هوندا هئا. منهنجو نانو ميان حبيب الله ٻانڌي وارو ته منتر جنتر ۽ ٽوٽڪن جو اهڙو ڄاڻو هو جو بدن جي گوشت واري ڪنهن به هنڌ تي سوئو ٽنبي ڪڍندو هو ته نه رت نڪرندو هو ۽ نه ايذاءُ ايندو هو. وڇونءَ جي ڏنگ تي جهاڙ رکي نه آهي ته رئندو ماڻهو کلندو ويو نه آهي. اهو اِذن منهنجي سالي کي به آهي. وڏيرو ”ڏکڻ خان“ يعني ميان محمد صادق جانوري منگواڻين وارو کنگهه ۾ ورتل ٻار لاءِ نوڙي پڙهي ڏيندو آهي، جا هنن کي ڪنڌ ۾ ٻڌي ڇڏبي آهي ته اڪثر ڇٽي ويندا آهن. منهنجي سانڀر ۾ دائود مهيسر جي ڳوٺ، ميهڙ ۾ ۽ ٻٽ سراين ۾ ٽي مايون ٻارن جو هڪ ٽڪ علاج ڪنديون هيون.

سنڌين ۾ ڪشتن مارڻ جو خوب هنر آهي ۽ ڪيمياگري ۾ به ڀڙ آهن. ميهڙ جي ڀرسان هڪ پنجابي سنياسي سيد احمد شاه رهندو هو، جنهن بابت احمد خان پنهور ويٺل ميهڙ (حال حيات) ڳالهه ٿو ڪري ته هو سون ٺاهي کيس ڏيندو هو جو هندو صرافن وٽ وڪڻي پئسا وڃي شاه کي ڏيندو هو. ميان محمد عثمان شينو، رٽائرڊ بيلف، اڃان زنده آهي ۽ منهنجو عزيز آهي. ان جي ڳالهه آهي ته ميهڙ جي ڀرسان وارو ڳوٺ ٻپيرن جو آهي، جتان جي خليفن جي اسڪول ۾ پڙهندو هو. جمع ڏينهن سندس استاد کيس چانديءَ جو ڳنڍو ڏيندو هو، جو ميهڙ ۾ وڪڻي وڃي استاد کي پئسا پهچائيندو هو. مولوي حڪيم وڏيرو ميان محمد ڏيرو ويٺل ڳوٺ رضا محمد ڏيرو حال حيات آهي. سندس اوطاق سان لڳ سندس ڳوٺ جي هڪ مشهور ڪيمياگر جي جاءِ آهي، جنهن جي واکاڻ پنهنجي وقت سان مون ساڻ ڪئي اٿس. خود ميهڙ ۾ مون طبيب ڊکڻ ڏٺو هو ڪيمياگري ڪري نالي وارو ٿيو، پر ان جون شڪايتون ٿيڻ لڳيون ته رڳو ماڻهن کي ڦرڻ واري واٽ اٿس پر سستي نموني ۾ سون ٺاهي نه ڄاڻي. جنهن جي وڪري مان ڪو اپراسو ٿئي. باقي سون جي قيمت جيتي اصراف ڪرڻ سان ڏيکاءَ لاءِ هو سون ٺاهي ويندو هو. ۽ پوءِ پيو ماڻهن کي پنهنجي پٺيان هلائيندو هو. هينئر ته اها ڳالهه به گذر آهي. منهنجي عزيز رئيس فقير مجمد شيني مرحوم ڳالهه ٻڌائي ته ميهڙ جي ڀرسان رهندڙ هڪ اهڙي ڪيمياگري سندس اکين اڳيان ڏڌ جي ڀريل چاڏيءَ ۾ دز جيتري دوا گڏي ڍڪي رکي، جا کولڻ تي ڪڪهه گيهه جي ڀريل ڏٺي وئي. ڏڌ جي ته سنڌ ۾ ان وقت ڪا بهائي ڪانه هوندي هئي پر ايترو سارو ڏڌ گيهه ٿي پوي ته پوءِ ته ڏهه ئي گيهه ۾.

بلبل مرحوم جي وفات کان پوءِ اسان جو گهرو طبيب، مٿي ذڪر ڪيل ٻپيرن جي ڳوٺ جو ويٺل خليفو محمد عمر هوندو هو. هو علاج هڪ عرق ڏيڻ سان ڪندو هو. چار عرقي ڏنائين ته ڇيهه ٿيو. ڀاري بيماري ۾ عرق سان گڏ ڪشتي جو هڪ ڪک پڻ ڏيندو هو ۽ ٻيو پرهيز ڪرڻ تي زور ڏيندو هو. سنڌي پرهيز کي دوا کان به وڌيڪ ڄاڻندا هئا.

منهنجي ناچيز راءِ ۾ اهي حالتون يا نظر لڳڻ واري ڪيفيت، جا ڏٺل وائٺل هڪ حقيقت آهي، ڪنهن جادو يا منتر جو نتيجو نه آهن، پر انسان جي قوت ارادي جي پختگي تي ٻڌل آهن، جنهن کي ڦيڻي، جهاڙ، منتر يا تعويذ جي لفظن سان ڳنڍي اعتقادي قوت سان اڀاريو ويو هوندو آهي. شريعت ۾ جو هر اٿڻ ويهڻ ۽ ڪم ڪرڻ وقت ڪانه ڪا دعا گهرڻ مفيد ڄاڻائي وئي آهي، تنهن جو اصلي مقصد به اهو نظر ٿو اچي ته ماڻهو هڪ طرف هر ڳالهه لاءِ الله جي مدد گهرڻ جي عادت پيدا ڪري ۽ ٻئي طرف هر فعل ڪرڻ واسطي اراده ۽ خود آگاهي سان تيار ٿئي، جيئن اهو ڪم اثرائتو ۽ نيڪ ڦل وارو بنجي پوي. اڳ ڪنهن کي چئجي ها ته هر ڳالهه يا ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ اداره يا قوت کي اڀاريو ته اها پرولي ڪو ورلي پروڙي ها. ڇاڪاڻ ته بقول محترم اي. ڪي . بروهي، انسان ۾ خود آگاهي جا آثار، بنسبت گروه شناسائي يا اجتماعي زندگيءَ جي، بالڪل تازو پيدا ٿيل آهن. هت آءٌ هيءُ به چٽو ڪرڻ چاهيان ٿو ته آءٌ طب کي هڪ ڪسبي شيءِ مڃان ٿو ۽ نه الهامي. هن راءِ لاءِ دليل ڪتاب ۾ ايندا.

سنڌي طب لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ ۾ وڌيڪ کوجنا ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪ دل ۾ به هن پورهئي تڙپ پيدا ڪري وڌي ته اهو ڄڻ برثواب ٿيو. مواد برابر ناڪافي آهي، پر تجربه، غور ۽ ڳولها ڪرڻ سان ميدان ڪشادو ٿيو پوي. ائين هروڀرو ڪونه آهي ته اڳيان حڪيم بخل ڪري بياض گم ڪري ويا يا صدري نسخا پاڻ گڏ قبر ۾ کنيون ويا. حقيقت هن ريت آهي گهڻو ڪري ته نسخا ۽ واٽون لکڻ ۾ نه اينديون هيون، بلڪه پراڻي وقت جي دستور موجب ياد رکيون وينديون هيون، اهوئي سبب آهي جو هر ڪو هنر ماهر سان گڏ مرندو ويو. پر معاملو اڃا تازو آهي ۽ ڦوري ڦولهڻ سان آگاٽي شڪل چڱن پارن پتن سان اڀريو ايندي، پڇڻو نه منجهڻو.

آءُ ٿورائتو آهيان محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب جو، جيڪو منهنجي ڄاڻ موجب اڄ ڪلهه سورنهن آنا ٺيٺ سنڌي طبعيت ۽ طرز عمل جو مالڪ آهي ۽ جنهن سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، آثار قديمه، جغرافيه، تصوف، تاريخ ۽ تعليم جي تجسس ۽ تحقيق ۾ ڪين گهٽايو آهي، جنهن ڪرم ڪري هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍيو آهي ۽ ان جي ڇپائڻ ۾ مدد ڪرڻ فرمائي آهي. هن جي سهاري کان سواءِ، منهنجي بستره علالت تي هجڻ سبب، هي مسودو قلمي صورت ۾ رهجي شايد اُڏيهيءَ جو کاڄ ٿي وڃي ها، جيئن هزارها ناياب نسخا ٿي ويا آهن.(1)

دادو                          ضيا الدين - ايس - بلبل

مورخه 6- مارچ 1966ع           ايم. اي.، ايل. ايل. بي

نائب صدر ضلع دادو ڪلچرل ائسوسئيشن

صدر انجمن آفتاب ادب دادو

 

سنڌي طب

(تحقيقي مقالو)

سنڌي طب ڪيئن شروع ٿي

سنڌي طب جي شروعات ان وقت جي جهجهي دريائي پاڻي، ڍنڍن جي پاڻي ۽ سامونڊي ٻيڙن ۽ غورابن جي زندگيءَ مان پيدا ٿي. ان وقت جي سنڌ نيم بيابان ڪانه هئي. انهيءَ زندگيءَ جو نقشو شاهه ڀٽائي پنهنجي رسالي جي سر گهاتو، سريراڳ، سهڻي، ڪارايل، ڏهر، ڪاموڏ ۽ سامونڊيءُ ۾ چٽيو آهي. پاڻيءَ جي مٿان گهارڻ ۽ گذران ڪرڻ وارن کي ستارن جو علم پرائڻو پيو، جن جي وسيلي هو وقت ۽ طرف تاڙڻ جا ماهر ٿيا ۽ ٻيو هوائن، وهڪرن، بارش ۽ انهن جي اثرن جو اڀياس ڪرڻو پين. چنڊ ۽ ستارن جو پاڻي جي لاهه چاڙهه وغيره تي ڪهڙو اثر ٿو پوي، سو پڻ سمجهي ورتائون. واءُ، واچ، طوفان، مينهن، ڳڙو سڙهڻ سان ڪهڙا کيڏ ٿا کيڏن، واءُ ڪائو ڏيئي وڃي ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ اهي ڪهڙا ڪلور ٿي ڪري. واءُ آڻائي ۽ سڻائي مان ڪهڙا دک ۽ سک پيدا ٿين ٿا. بيحد هوا سڙهن ۾ ڦوڪجي وڃي ته سکان ۽ کوهي سان ڪهڙي حالت ٿي ٿئي. انهيءَ وڏي ۽ اونهي مطالعي کان پوءِ هنن جو ڌيان بيماري وارين حالتن، جي اڪثر واچ جي لڳڻ سبب ٿيندڙ هيون، انساني بدن جي اندر واءُ جي هانڃن طرف مٽائي ڇڏيو. انهيءَ غور ۽ ويچار منجهان سنڌين جو نرالو نظريو ”ڇڪِي“ جي مرض بابت نڪري نروار ٿيو، جو ٻي ڪنهن به طب ۾ ڪو نه آهي. آيرويدڪ جي ڪتابن ۾ سو ڪٿي ڪٿي وايون جي بگاڙ جو نقل ڪيل نظر اچي ٿو، پر اهو سنڌي نظريي مان ورتل بلڪل اڻپورو ۽ سطحي آهي. ڇڪي جو مرض هي آهي ته بدن جون ڪي مشڪون، يا پٺا يا شريانون يا اندريان پردا يا جهليون يا رئيس عضوا اندروني، هڪ طرف ڇڪجي وڃن يا انهن ۾ واءُ (ريح) ڪاٿي ڦاسي  ڦوڪڻن وانگر اُڀار پيدا ڪري وجهي. انهيءَ مان بدن جو ترازو ۽ توازن بگڙجي وڃي ٿو، جنهن ڪري مرضي ڪيفيتون پيدا ٿي وڃن ٿيون. جيئن سڙهن کي رسن سان سوري، سوڙهو ڪري يا ويڪرو ڪري يا ورائي بچايو ويندو آهي، تيئن ڇڪي جي مرض ۾ به آڍ، مالش، زورن ڏيڻ يا عضون جي ٻڌي رکڻ سان علاج ڪيو ويندو آهي، جو اڪثر سؤ في صدي ڪامياب ٿيندو آهي. هنن حالتن کي انگريزي علاج ۾ اڃا اڻپوري نموني ۾ Air Emblism ۽ Stretching of Muscles سڏيو ٿو وڃي. هڪ دوست ٻڌايو ته عربي طب ۾ ان کي هينئر التوائي قولنج سڏين ٿا.

سنڌي حڪيمن جو نظريو آهي ته ٻه وڏيون شريانيون، جيڪي دل مان نڪري ور کائي بڪين تائين پيٽ جي پڇاڙيءَ تائين اچن ٿيون ۽ جن سان بڪيون ڳنڍيل آهن، سي سڄي بدن جي شريانين، تنتن ۽ اعصابي شرستي جو توازن قائم رکن ٿيون. ڪنهن جهٽڪي يا بيروني دٻاءَ سبب انهن ٻنهي مان ڪابه هڪ پنهنجيءَ جائز جاءِ تان هٽي وڃي ٿي ته پوءِ هڪ ته بدن جي اندروني لاڳاپي ۽ ڳتيل هجڻ ۾ خلل پوي ٿو ۽ ٻيو ته توازن هڪ طرفو ٿيو وڃي، جنهن ڪري دل تي دوران خون کي يڪي ڪري رکڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ ٻوجهو پوي ٿو ۽ پيٽ مٿان دُن وٽ اهڙين شريانين جي جاءِ مٿان هٿ سان ڳولهبو ته ٻنهي مان هڪ شريان پنهنجي جاءِ تان ٿڙيل ۽ زور سان ٽپ ٽپ ڪندڙ محسوس ٿيندي. اردو وارا وري انهيءَ سڄي گورک ڌنڌي کي ”ناف ڪاٽل جانا“ سڏي جند ڇڏائي ويهندا آهن، حالانڪ دُن پنهنجي جاءِ ڪونه بدليندو آهي پر هيٺين شريان پنهنجي جاءِ تان ٽري ويندي آهي. ان جو علاج اٽڪل سان آڍ ڏيئي شريان کي وري پوري جاءِ تي آڻڻ سان ڪرڻ ۾ ايندو آهي. سنڌ ۾ اڃا اهڙا ماهر ڇڪي ٻڌڻ وارا ۽ دايون عورتن جي ڇڪي ٻڌڻ واريون موجود آهن، جن کي انهيءَ مرض جي تدارڪ ڪرڻ مان ڪافي ڪمائي ٿئي ٿي ۽ ڪيترا مريض آسانيءَ سان ڇٽيو وڃن. وڌيڪ تڪليف هوندي آهي ته ڪنڙي هڻڻ جو علاج ڪندا آهن ۽ پيٽ جي مٿان بار رکندا آهن، جنهن جي ڪري ريح و ٽڙي ويندو آهي ۽ متاثر ٿيل رڳون، پٺا يا شريانيون پنهنجيءَ جاءِ تي وري ڄمي ويندا آهن.

مون هتي لفظ نظريه جو ڪتب آندو آهي، پر ان منجهان منهنجي مراد فقط هيءَ آهي ته سنڌين اڄ سوڌو رڳو ڪنهن جزوي حقيقت جو پرو بصيرت ۽ تجربي جي زور تي لهي ان کي اتي پئي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ان کي وڌائي ڪنهن فلسفي يا سائنسي نظريه مطابق نه پئي بنايو اٿن. هو زياده تر عملي ماڻهو آهن ۽ ڪنهن شيءِ تي نالو رکيائون ته بس ان تي راضي رهندا ۽ ان جي علاج لاءِ ڪو ٽوئنڻو ٽوٽڪو هٿ ڪيائون ته بس ان کي ڪافي ڄاڻندا. اهڙي ڊؤل ۽ ڍنگ تي اڄ سوڌو اسان جي طبابت هلندي اچي.

جهاز راني جي ڌنڌي ۽ ڌُن مان بدن جي وايو منڊل جي بگاڙ کي تاڙي مرض ڇڪيءَ جو ڳولهي ان جو صحيح علاج سوچي ٻئي نمبر ۾ هنن بدن جي جهاز جي بوتي ۽ بناوٽ جي اهميت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته واءُ جا انگل دنگل به نيٺ هڏ ڪاٺ تي دارومدار رکن ٿا. ٻين لفظن ۾ ته هنن اوائلي طور تي بدن جي هڏن جي ڍانچي جي مضبوطي پوري ورڇ ۽ متوازن، اوساري جي اهميت کي تاڙي ورتو. جيئن هو ٻيڙا ۽ غوراب مضبوط ڪاٺ جا، ڳتيل ۽ لسا ڪري تيار ڪندا هئا، جيئن وٿين مان پاڻي وهي نه اچي ۽ هڪ پاسو ٻئي کان وڏو يا ننڍو يا ڳئورو يا هلڪو نه هجي ۽ جيئن هو پاڻيءَ جي ڳارڻ يا جيتن جي کاڌ کان ڪاٺ کي بچائڻ لاءِ مک ۽ ٻيا حيلا بهانا ڪندا هئا، تيئن بدن جي پڃري جي به پرگهور لهڻ جا ڪوڏيا ٿي پيا.

پراڻن مقامن مان لڌل لاشا يا آڳاٽن جنگي ميدانن ۾ هينئر ظاهر ٿي پيل لاشا ڏيکاري چڪا آهن ته سنڌي اڪثر وڏي قد ڪاٺ جا، موڪرين ڪراين، سڌن ۽ مضبوط هڏن وارا، وڏين کوپرين ۽ چلڪڻن مضبوط ڏندن وارا هوندا هئا. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي اڄ سوڌو سنڌين جي سڌي مضبوط ۽ ڊگهي هڏ ڪاٺ مان ملي ٿي. جيڪي بندري قدن وارا لاشا پڻ ڏٺا ويا اهن، سي آسٽريلن يا آفريڪن وطن بنايو هو. انهن کي گريمالڊي نسل جا ماڻهو مڃيو ٿو وڃي، جن کان شام ۽ فلسطين ۽ سنڌ مان پيدا ٿيل نسل ڪورمئگنان ماڻهن جو وڌيڪ سڌريل هو. هنن جا ڀروئن وارا هڏا مٿي اڀريل ڪونه هئا ۽ هنن جا ڀرون هڪ ٻئي کان ڪجهه وڇوٽي تي هوندا هئا ۽ سندن هڏ ڪاٺ وڏا هوندا هئا. هنن جي گاڏين جي هڏن جي بناوٽ چٽي پٽي هوندي هئي، جنهن منجهان هنن جي قوت ارادي جو پتو پوي ٿو. هنن جي مغز وڏي هجڻ جو پتو کوپري جي موڪري خاني مان پوي ٿو. هن قسم جو ماڻهو گريمالڊي قسم جي ماڻهو ۽ نئينڊ رٿل قسم جي ماڻهو کان وڌيڪ سڌريل چيو وڃي ٿو. هو شڪار تي گذران ڪندو هو ۽ جانورن جي کلن سان سترپوش ڪندو هو ۽ تصويرون چٽيندو هو. انهيءَ قسم جو ماڻهو اٽڪل پنجويهه هزار سال اڳ ڌرتي تي پيدا ٿيو. اٽڪل ٻارهن هزار سال هن کان اڳ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويو. نئيند رٿل قسم جي ماڻهو جو پهريان پتو عراق جي شانيدار غار جي کوٽائيءَ مان پيو ۽ گريمالڊي جنس جي ماڻهوءَ جي کوپري پهريان يورپ جي گريمالڊي غار جي کوٽائيءَ مان ملي.

مهين ملڪ(باڊه، واره ۽ ميهڙ وارو حصو) جو ماهيو کير ۽ پاٽ جو مکڻ، جيڪو ڪوڏر جي لپن جي وزن سان وڪامندو هو، مهراڻ، منڇر ۽ ٻين ڍنڍن جي مڇي ۽ سامونڊي زندگي منجهان آڳاٽي سنڌي نسل تمام مضبوط هڏا حاصل ڪيا. چوني( ڪئلشم) جي کاڌي ۾ فراواني هن مضبوطيءَ جو ڪارڻ هوندي هئي. محنت ۽ ڪشالي جي زندگي ٻيو سبب هئي. اُس ۽ کليل هوا ۾ محنت ڪرڻ سان بدن وٽامن ڊي نالي حياتين، جيڪا هڏن جي مضبوطي جي ضامن هوندي آهي، سا پيدا ڪري وٺندو آهي.

سنڌي پنهنجي مضبوط ۽ متوازن هڏ ڪاٺ ۽ سهڻن ڏندن تي ڪافي ناز ڪندڙ هوندا هئا. منهنجيءَ سانڀر ۾ وڏن جي وچ ۾ هڪ مخصوص سنڌي اصطلاح تي ڪافي بحث هلندو هو ته ان جو صحيح مفهوم ڪهڙو آهي. اهو اصطلاح آهي”هٺ سڄي“ جو. ان جو مترادف اصطلاح ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نه ٿو سمجهي. هڪڙن جو خيال هو ته ان جي مراد آهي، سڄي ۽ سالم هٺ يعني فخر ۽ ناز جي، جيڪو ماڻهو ۾ اڪثر نعمتن جي نصيب هجڻ منجهان پيد اٿيندو آهي. ٻيا ان ڳالهه کي نه مڃيندا هئا ۽ چوندا هئا ته هٺ ته هرگز مارائيندڙ آهي. انهيءَ ٻٽي لفظ جو اصل مطلب آهي ”هڙ سڄو“ يعني ساڄي يعني موٽي هڙ يا ڳنڍ، جنهن مان اشارو آهي مالي موڙي ڏانهن ”ٽيان دليل ڏيندا هئا ته مال ۽ زرڪا اهڙي ڳالهه آهي ڇا. هن پهاڪي مان ساڄي هڏ جي معنيٰ وٺڻ گهرجي، جو صحت بدني جو بنياد آهي ۽ صحت سڀ کان وڏي نعمت آهي. ٻين جو چوڻ هوندو هو ته سڄي سٻر جسماني صحت مان پيدا ٿيل ناز جو نالو آهي ”هٺ سڄو“.

مضبوط ۽ متوازن هڏ ڪاٺ تي گوشت اهڙو ته ڳتيل هوندو هو جو ڪٿي به وار جيتري وٿي يا ڍلائي ڪانه هوندي هئي. ڀرون مٿي کڄل هوندا هئا. اک چيروائين ۽ سفيد چمڪندڙ هوندي هئي. بدن جي اندروني ساختن ۾ هوا جي ڀرجڻ ۽ سفيد چمڪندڙ هوندي هئي. بدن جي اندروني ساختن ۾ هوا جي ڀرجڻ ۽ خرابي پيدا ڪرڻ کان پوءِ هنن کي انهي ويچار اچي ورتو ته هڏن جي پڃري ۽ لحم شهم جي وچ ۾ به ڪاٿي واءُ نه ڀرجي وڃي. ان کان پوءِ کليل واچ، مينهن، طوفان ۽ ڳڙي ۾ اڪثر ڪم ڪندي رهڻ ڪري ڪي دماغي خرابيون جهڙوڪ لقوه، فالج، سرسام، ماليخوليا، مٿي جو وڏو ٿي وڃڻ، مرگهي وغيره ڏٺائون، جن سڀني کي هنن مٿي ۾ واءُ جي اثر ڪرڻ کان سمجهندا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ مغز جو ڦري وڃڻ، مٿي ۾ واءُ جو ڀرجڻ، ڦرڪو ڦري وڃڻ( هت ڦرڪي مان اشارو آهي جهاز جي چڪر يا ڦرڻي ڏانهن)، منهن مٽي وڃڻ، تختا نڪري وڃڻ، گهڻو لڳڻ، ٻيڙي چاڙهي ڦرها ڪڍڻ، بود ڀرجي وڃڻ(هت بود مان اشارو باد ڏانهن آهي ۽ نه فارسي وارن لفظ بودن ڏانهن)، بودلو، باد مخولي وغيره، سڀ سامونڊي زندگي ۾ واءُ جي هانڃن مان ورتل آهن. هو مٿي ۾ واءُ جي ڀرجي وڃڻ جا به قائل هئا، جا ڳالهه ڊاڪٽر جيڪر کل جهڙي سمجهن.

اهوئي سبب آهي جو سنڌين جا اڳوڻا گهر بادبانن کان سواءِ رڳو اهڙين بند ٿيل ڪوٺين جا ٺهيل هوندا هئا، جن کي رڳا دروازا پيل هوندا هئا ۽ دريون به ڪونه هونديون هيون. پر جيڪڏهن ڪا دري يا منگهه رکيائون به ته اولهندو پاسو ته بنهه بند رکندا هئا، جو اولهه کان باد، سموم جي گهلڻ جا قائل هوندا هئا. هوا کان ايتري ته پرهيز ڪئي ويندي هئي جو مرد ۽ عورت کليل آسمان هيٺ، کليل هوا ۾ هم بستر به نه ٿيندا هئا، جو ائين ڪرڻ ڪري هو سمجهندا هئا ته  رحم ۾ واءُ جي وڃڻ سبب زنانيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. گهڻن ورن وڪڙن واريون شلوارون به انهيءَ مراد سان پاتيون وينديون هيون ته بدن اُس، واچ ۽ پاڻيءَ جي اثرن کان محفوظ رهي. شالَ يا رَئي سان مٿي ۽ سيني کي ڍَڪي رکڻ به ان خيال کان هوندو هو. مرد وڏيون پڳون به ان لاءِ ٻڌل رکندا هئا ته مٿي ۾ واءُ نه ڀرجي وڃي يا اثر ڪري. مغزَ پر ۽ تر هوندا هئا تنهنڪري ٿڌا رهندا هئا ۽ انهن کي اڄڪلهه وانگر اُگهاڙو رکي هوا ۾ ٺارڻ جو ضرور ئي ڪونه هوندو هو. محنت ۽ مشقت جي زندگي سبب ڦڦڙ قوي هوندا هئا، جنهنڪري آڪسيجن (هوا جو هڪ حياتي لاءِ ضروري جزو) جهٽڻ جي ضرورت ئي ڪانه هوندي هئي طبيعتون دموي هونديون هيون، يعني جسم ۾ صالح خون ٻين خلطن تي غالب هوندوهو، جنهنڪري اکين جو رنگ شربتي هوندوهو، ڳل ۽ چپ قدرتي طرح لال هوندا هئا ۽ هاضمه قوي هوندو هو. ان ڪري پڻ آڪسيجن جي اڳ اهڙي اهميت نه هئي جهڙي هاڻي، جو مرد ۽ زالون مٿا، ڳلا، گردن، ٻانهون ۽ ڄنگهون به اُگهاڙيون ڪيون وتن ۽ جاين کي ايڏا ته در، دريون ۽ بادگير وڌا ٿا وڃن جو اوساري رڳو وڇي نالي ماتر رهي آهي. مغز جي گرمي جو ۽ هاضمه ۽ ڦڦڙن جي ڪمزوري جو اهو لازمي نتيجو آهي. آڪسيجن اڪيچار ٿي گهرجي.

هاڻي ايلوپيٿڪ علاج وارا به وسهن ٿا ته هڏن ۽ گوشت کي ڳنڍيل رهڻ ورا نرم گودا Soft tissue يا Connetive tissue ڪمزور آهن ته ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ ان جو سبب جسم ۾ وٽامن ب 2 (ربوفلاون) جي گهٽتائي کي ڄاڻن ٿا.

سنڌي طب جو ٽيون گر به اُس، واچ ۽ مينهن جي ڪارستاني تي بيٺل آهي. اهو آهي بخار سان واسطو رکندڙ. جر ۽ بر ۽ جبل جي زندگي وارن کي بخارن سان منهن ڏنو پوي ٿو ۽ سنڌين گرمي خشڪي سردي تري وغيره سببن کان ٿيندڙ بخار الڳ الڳ پروڙي ورتا ۽ انهن جا علاج به جدا جدا ڪندا هئا. تپن جو هڪڙو  وڏو علاج به سامونڊي سفر مان هٿ ڪيائون جو اُهي دريائي ناريل ۽ زهر مهري کي گلاب جي پانيءَ سان جنڊ جي پٿر تي گهي صدف مرواريد ۾ وجهي پيارڻ. جنهن ٿانوَ ۾ دوا پياري ويندي هئي ان جي به اهميت ڏسجي سچي سپ ۾ ستي ڏني ويندي هئي. جلابن (وڏي هريڙ ۽ جمالگهوٽي جي) تي جو زور هوندوهو سو به ان ڪري جو هڪ ته آنڊو مضبوط ۽ دٻ جهلڻ جهڙو هوندو هو ۽ ٻيو ته اتي به مقصد ضرورت کان زيادهه جمع ٿيل پاڻي ۽ واءُ کي هڪالي ڪڍڻ جو هوندوهو. گهڻو رت، سير کولڻ کي به سهي ويندو هو. سنڌي مرد به وڏا وار رکندا هئا يا ٻٽئان وار رکندا هئا ۽ زالن جي وڏن وارن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي، سي به هن ڪري ته مٿو واءُ، اُس ۽ مينهن جي اثرن کان محفوظ رهي ۽ ڪياڙي جي هيٺان حرام مغز به محفوظ ۽ تر رهي، جو هو حرام مغز جي مضبوطي کي حيواني قوت جو هڪ قلعو تصور ڪندا هئا. اگهاڙي ڪياڙي مان وڏو عيب وٺندا هئا، جو ان مان حرام مغز جي سڪڙجي وڃڻ جو خوف ٿيندو هون.

سنڌي طب جو چوٿون ڀائو هو ڏَنَ يعني ماتا، ارڙي، وڏي کنگهه(ڪوڪ کنگهه) ۽ وڏو بخار (مدي جو بخار جو ست ڏينهن يا چوڏهن ڏينهن يا ايڪيهه ڏينهن هلندو هو). سنڌي هنن کي مرض نه پر ڏَنَ جي نالي سان سڏيندا هئا، جو هو سمجهندا هئا ته هڪ صحتمند جسم لاءِ انهن جو ڏن ڏيڻ هڪ ضروري ڳالهه آهي. انهن مان جسم جي صحت برقرار رهندي هئي، تنهنڪري انهن حالتن جي پيدا ٿيڻ تي نه خوف ٿيندو هو نه هراس ۽ نه ڪو علاج جو خاص اونو هوندوهو. هو ڄاڻندا هئا ته جڏهن حمل رحم ۾ قرار ٿو وٺي ۽ پوءِ ماءُ جي رت مان پرورش ٿو وٺي، تڏهن کان وٺي ڪيمياوي تبديليون ۽ ڪي فاسد يا زهريلا مادا ٻچي جي رت ۽ ساخت ۾ رهجي وڃن ٿا، جي ٻار جي ڄمڻ ۽ زور وٺڻ تي فطرتي تقاضا طور تي ٻاهر هڪاليا ويندا آهن ۽ ڏن جي هڪ نه ٻي صورت ۾ خارج ٿي بدن کي پاڪ صاف ڇڏي ويندا آهن. انهيءَ اصول تي هو زڪام يا ٻئي رواجي تپ جو به ٽي ڏينهن علاج ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن، جو هنن جي ڄاڻ موجب ڀل ته گندو مواد ٻاهر نڪري وڃي نه ته ان جي سورِي گهٽ ڪرڻ سان ان جي واسطيدار عضوي ۾ روڪي ڇڏبو، جتان وڏي خلم مچڻ جو امڪان ٿئي ٿو.

ماتا، ارڙي، وڏي کنگهه ۽ وڏي بخار ۾ جيئن ته جسماني خلين جي اندران فاسد مواد ڌڪجي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تيئن بدن جون بافتون ۽ ساختون اکڙجي پون ٿيون. تنهنڪري سنڌي اول کان وٺي اهڙي ڪيفيت واري کي گوڙ شور کان هٽائي آرام واريءَ جاءِ تي رکندا آهن، جتي ڏِئي ٻارڻ يا باهه جلائڻ جو ڪم به نه ڪيو ويندو آهي، جو تيل جي سڙڻ جي ڌپ ۽ باهه جو دونهون ۽ گرمي طبيعت کي وڌيڪ نڍال ڪري رکندا آهن. انهيءَ گهر ۾ گوشت به نه چاڙهيندا آهن ته متان ان جو خوشبو تي هر کي بيمار ان جي کائڻ جي طلب ڪري ۽ نه ملڻ تي مايوس ٿئي، جنهن مان هيڪاري ڪمزوري وڌندي. گوشت گرم کاڌو آهي ۽ طاقت وارو آهي ۽ ان جي کائڻ ڪري طبيعت طاقت وٺي مواد جي ٻاهر نڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندي. تنهنڪري بيمار کي هلڪي ۽ ٿڌي کاڌي تي رکبو آهي ته جيئن مرض زور سان ٻاهر نڪري اچي. مون هتي لفظ مرض ۽ بيماري عرف عام موجب اختيار ڪيا آهن. ڪتل يا ريڍو کير پياربو آهي ته بدن جو گوشت ڍرو ٿئي ۽ غليظ مادو پچي ٻاهر نڪري اچي. ساڳئي وقت اهي ٻئي کاڌا بدن کي خشڪ ڪري ڇڏڻ  جو تاثير پڻ رکن ٿا. هوا کان ان لاءِ بچايو ويندو آهي ته ان جي لڳڻ سان مواد موٽي اندر تي نه هليو وڃي. پگهر نڪرڻ سان مواد ٻاهر کڄي ايندو. مواد جي نڪري اچڻ تي ان کي سڪائي ڇلڪن جي صورت ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان ڪم لاءِ هنڌ تي ڀوڳڙي جي تئي ۾ تتل ڪاري ٿيل واري هٿ ڪري وڇائي ويندي اهي جا ڦلوڪڻان سڪائي ڇلڪن جي صورت ۾ آسانيءَ سان سڪائي وٺندي آهي.

مون کي ياد آهي ته ٻه شيخ ڀائر لاڙڪاڻي ۾ هئا، جن مان هڪ جي پٽ کي ماتا نڪتي. ڊاڪٽر ٻار کي پينسلن جون سيون هنيون ۽ ٻيون اهڙيون دوائون ڪيون جو مواد اندر دٻجي ويو. ٻار سڄو ڪاراٽجي ۽ سڪي پاٺو ٿي مري ويو. اڳيان سنڌي پيءُ - ماءٌ اهڙي غلطي هرگز نه ڪن ها. ٽڪڙا هڻائڻ قوت مدافعت کي ڪمزور ڪن ٿا. ٻئي نسل ۾ اها قوت اهڙي ته گهٽجي وڃي ٿي جو ماڻهو ڪيترن مرضن جو شڪار ٿيو پوي. جنهن بيماري جي ٽڪڙو لڳو سا کڻي نه ٿيندي پر ٻي هرڪا رواجي ڇوت ڇات جي بيماري ان کي نهوڙي نيندي. تنهنڪري سنڌين صحيح طريقو ورتو، جسماني قوت مدافعت (Natural immunity) کي زور وٺائڻ جو. ائين ڪرڻ لاءِ هنن علاج باالغذا جو ڏانءُ به اختيار ڪيو. کاڌي پيتي جي شين سان جسم جي پرورش ڪرڻ ۽ مرضيلي ڪيفيتن کي دور ڪرڻ جو رستو هنن اختيار ڪيو. اهو آهي سنڌي طب جو پنجون ٿنڀو.

مٿئين بحث مان چٽو ٿي چڪو آهي ته سنڌي اُس ۽ باهه جي تباهه ڪارين کان خبردار ٿي چڪا هئا، تنهنڪري هنن شروع کان پڇاڙي تائين ٺڪر جي ٿانون ۾ رڌڻ پچائڻ جو ڪم جاري رکيو، جيئن طعام جا جوهر تيز آگ سبب سڙي نه وڃن. ٿوٻي، دانگي، ڪنو، پاٽ، آنجورو، دلو، مٽ وغيره سڀ انهيءَ سماءَ ۽ سڀاءُ جو نتيجو آهن. شيءِ آهستي پچي وڃي ٿي، ان جو پاڻيٺ مڪمل طرح نڪري وڃي ٿو ۽ ان جا جوهر به جلي نه ٿا وڃن. ماني اڪثر پاروٿي ڪري کائيندا هئا جو هنن جي خيال ۾ پاروٿو اناج وڌيڪ مقوي آهي. نالا به رکندا هئا ٿڌو، لڌو، ٿانهريون وغيره. جيئن ته هنن جي مغز ۾ شور، شر ۽ گرمي ڪانه هوندي هئي، تنهنڪري هنن جي معدن ۾ به شور ۽ گرمي ۽ تيزي ڪانه هوندي هئي. ٻي هوندي هئي اُس ۾ عام جام پورهئي جي ورزش، تنهنڪري ڏڍ، مکڻ، کير خوب هضم ٿيندا هئا ۽ صحت جي رکوالي ڪندا هئا. رات جو چار پنج بلڪ ست سير کير جا پيڻ ته منهنجيءَ سانڀر جي رواجي ڳالهه آهي. منهنجو عزيز رئيس فقير محمد شادي محفل ۾ ٻوڙ ۽ پلاءُ کائڻ بعد به سڄو گهڙو کير جو پي ويندو هو. هڪ ماڻهو ٻه - ٽي سير گيهه جا پي ويندوهو يا ننڍو ڇيلو سيخ ٿيل کائي ويندو هو. هينئر جو ڏڌ، مکڻ ۽ کير نه ٿا سيبائجن، تنهن جو سبب فقط هي آهي جو معدي ۾ ترشي اڳيئي گهڻي آهي ۽ ورزش ڪانه ٿي ٿئي، تنهنڪري مکڻ  ۽ کير هضم نه ٿا ٿين. ٻيو ته لوسڻ جي گاهه کائڻ سبب مال جي کير ۾ نفخ ۽ ريح وڌيڪ پيدا ٿيو آهي. طبيعتون دموي نه پر بلغمي بنجي ويون آهن. خشڪي ۽ خنڪي جي جاءِ تي يبوست ۽ ملال اچي ويا آهن.

سنڌي صبح جو ساجهر اٿي پورهئي پال تي يا کيتي لاءِ يا مقرر ڪم تي يا ٻيو نه ته شڪار تي ضرور نڪري ويندا هئا ۽ ڊگهن فاصلن ۽ سواري جي ٿورڙن وسيلن جي مدنظر پري پيادل وڃڻو پوندو هئن ۽ موٽڻ ۾ وري دير لڳندي هئن، تنهنڪري پراڻي دستور موجب نيرن مضبوط ڪري ويندا هئا ۽ وري رات جي ماني ڍؤڪري کائيندا هئا. اهو رواج اڄ سوڌو هليو اچي. نيرن تي ڳڙ جي بسري کي عام طرح چاهيو ويندوهو.

حاجي سومر علي ميهڙ وارو مرحوم ڳالهه ڪندو هو ته ويهه سال سانده هن نيرن ڳڙ جي بسري ۽ مکڻ جي چاڻي سان ڪئي، سندس صحت اها هئي جو ستر يا اسي ورهين جي ڄمار ۾ به نظر، ڏند ۽ ڪن سالم ۽ سرلا هوندا هئس. جسماني طاقت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ميان ممتاز جو والد مرحوم صلاح الدين رپئي کي آنڱرين ۾ زور ڏيئي موڙي ويندو هو ۽ خلافت تحريڪ ۾ جڏهن جيل ۾ بند ڪيائونس تڏهن دروازي جون لوهي شيخون مروڙي وکن مان ڪڍي ٻاهر نڪري بيٺو. مون وٽ هڪ نوڪرياڻي ذات جي گائنچاڻي هئي، جنهن کي نڪ ۾ وڏي نٿ ڏاوڻين کان سواءِ بيٺي هوندي هئي ۽ ناس به نه چيربي هئي. اهڙي طرح جهاٻن جهڙا پنڙا عورتون ڪنن جي پاپڙين ۾ پايون وتنديون هيون، پر ماس اهڙو مضبوط هون جو اهي چيربيون ڪونه هيون. اها هٿ جي ڇڙهيل ۽ پيٺل، مٿي ذڪر ڪيل نموني ۾ پچايل ٿڌي ڪري کاڌل اناج جي برڪت هئي. وٽامن ب ڪامپليڪس جا جزا ويندي خمير تائين محفوظ رهندا هئا. کل کي به هڏن ۽ گوشت وانگر مضبوط رکڻ جو سنڌ ۾ رواج هو. هڏن ۽ گوشت جي مضبوطي هنن مهاڻن جي دڙي (جنهن کي غلطيءَ کان موهن يا موئن جو دڙو ٿو سڏيو وڃي) وارين سيلن مٿان نڪتل ڏاند جي شڪل مان ورتي وئي. اوائلي سنڌي کيتي جو ڪم ڄاڻندا هئا ۽ ڏاند جيڪي وهائيندا هئا، سي ان سيل مهر تي ڪڍيل ڏاند جهڙا هوندا هئا. هنن جي ڳچي جي کل جي ورن وڪڙن مان کل جي مضبوطي پئي بکي. اڄ سوڌو به مال خريد ڪرڻ وقت ڀاڳيا پٺي واري کل کي چپٽي سان مٿي ڇڪي ڏسندا آهن ته اها ڳردار ۽ ايتري گهڻي آهي يا نه جو گوشت کان ڇڪجي مٿي اڀري اچي. جيڪڏهن هائو ته هڪڙي آزمائش ۾ مال کرو ٿيو. اهڙي کل واري مينهن کي عرف عام ۾ گهنجَ مينهن سڏيندا آهن، تنهن جي ابتڙ ٽوڪ طور چوڻي آهي، سيهڙ جي کل يا رڍ جي کل. مهاڻن جي دڙي وارين سيلن ۾ گينڊي جون شڪليون به اڪريل آهن. ان مان معلوم ٿو ٿئي ته گينڊي جي کل مان به سنڌين سبق ورتو ٿو ڏسجي. ان جي کل مان هو ڍالون ٺاهيندا هئا ۽ ان جو سنڱ دوا ۾ قوت باهه وڌائڻ جي ڪتب ايندو هو. مهراڻ وادي ۾ واڳن جي به ڪمي ڪانه هئي. ان جي کل به گهٽ ڪانه آهي. سنڌين وٽ کل جي اهميت  هن مان به ثابت آهي ته بعض بيمارين ۾ جانورن جي جنسي کل لاهي ان ۾ مريض کي وڌو ويندو آهي. ميٽ( ملتاني ڦڪي رنگ جي مٽي) کل تي ملڻ جو رواج به سنڌ ۾ آهي، جنهن مان صابڻ سان کل کي گسائي باريڪ بنائڻ جي بجاءِ دهري ڪرڻ جو مقصد ٿو ڏسڻ ۾ اچي. سرهن جو تيل به کل لاهي نهايت مفيد آهي. ڄانڀي جو تيل ان کان به وڌيڪ فائديمند آهي، پر ڪو ڏاڍي کل وارو ان کي برداشت ڪري. ٻارن کي مقعد، دُن، ڪنن ۽ ناسن ۾ مٺو تيل انهيءَ لاءِ مکيندا هئا ته اهي جايون هڪ ته غلاظت ۽ جراثيم کان صاف ٿي وڃن ۽ ٻيو ته اتان جي کل نرم ۽ مضبوط بنجي وڃي، جو انهن جاين تي انهيءَ جي سڪڙجڻ ۽ ڪشاده ٿيڻ جي وڌيڪ ضرورت ٿي پوي. سنڌين جي صحت جو هي وڏو راز آهي. موڪن جي بيماري ۽ ڇڪي جو مرض، ٻوڙاڻ يا دمڪشي هنن کي اصل ۾ ڪانه ٿيندي هئي. هينئر چانهه، گرم کاڌن، تريل شين وغيره جي ڀرمار سبب اها صحت ڪانه رهي آهي. تنهن کان سواءِ مٺي تيل جي جاءِ هاڻي پانڊس جي ڪريم ۽ ٽبيت پائوڊر اچي ڀري آهي. ڪاري سرمه جي وسيلي اکين کي آشوب کان صاف ۽ چمڪندڙ رکيو ويندو هو.

ڏسبو ته سنگ تراشن گوتم ٻڌ جي مورتين ۾ به مضبوط کل جو اشارو ٻن طرحن تي آندو آهي. هڪ ته هنن ڪنن جي پاپڙين کي ڊگهو رکيو آهي، جن مان کل جي مضبوطي ۽ عقلمنديءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو. ٻيو ته هنن ڍڳي جي ڳچي وارا گهنج گهنج مورتيءَ جي سيني تي وڌل چادر جي ورن وڪڙن جي صورت ۾ سٺي نموني ۾ ڪڙي ڏيکاريا آهن. اهو انهي ڪري آهي ته گوتم ٻڌ جي پوڄارين تي انڪشاف ٿئي ته مهاتما نه رڳو باطني خوبين جو  مالڪ هو پر ظاهري خوبيون به اتم درجي ۾ منجهس موجود هيون، ۽ جتي هو دماغي ۽ اخلاقي خوبين سان مالا مال هو اتي جسماني جلوا ۽ جهلڪيون به هن جي پڙ پيل هيون. انهيءَ ڪري ڀرون جدا ۽ ڪماندار، مٿي جا وار گهنڊيدار بنايا ويا. ڊگهي قد وارن سنڌين جا وار به گهنڊيدار هوندا هئا ۽ بندري قد وارن جا وار سڌا ۽ ٿلها هوندا هئا.

سنڌي طب جا جيڪي ست ستون آهن، انهن مان پنج مٿي ذڪر هيٺ آيا باقي ٻه رهيا جن جو واسطو سامونڊي زندگيءَ جي بجاءِ بري بود باش سان آهي ۽ اهي ٻئي هيٺين طرح وجود ۾ آيا:

سنڌ جو هاڪڙي يا ناري کان وٺي مهراڻ وارو ڀاڱو ۽ مهراڻ جي ساڄي هٿ واري شاخ ۽ ڏائي هٿ واري شاخ، جيڪا سکر بکر جي مٿان ڇڄي سکر براج کان پوءِ ڪڍيل ناراوئلي ڊرين جي لڳ ڀڳ وهي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، ان جي وچ وارو حصو ٻانڊي، ٻار، ڇر،دٻن، ڍورن، ڍنڍن ۽ واهڙن جي گهڻائي وارو هو. ڪٿي ڪٿي ڪنارن ۽ ڪپن تي وارياسي زمين هوندي هئي، جنهن کي ”ڪچو“ ٿو سڏجي ۽ اها به اٿلي ويل پاڻي هيٺ اچي ويندي هئي. باقي مهراڻ جي ڏائي هٿ واري شاخ، جيڪا شيخ نوطي جي هيٺان وهي ويندي هئي، تنهن جي مٿان ڪاڇو شروع ٿي ويندو هو ۽ کير ٿر، ڏاڙهياري جبل ۽ مهري جبل وغيره جون شاخون شروع ٿي وينديون هيون. اتي به پٿرالي ۽ وارياسي زمين هئي. وري انهن جبلن جي پرينءَ ڀر ويندي ڪيچ مڪران جي سامونڊي ڪناري تائين، سڃ ۽ برپٽ لڳو پيوهوندو هو. هي حالت دل من، ڪولي ۽ ڪيچ جي وڻڪار جي باوجود هئي ۽ انهن آڳاٽن تهذيب جي مرڪزن جي مٽجي وڃڻ کان پوءِ هيڪاري بري طرح بنجي وئي. اتي جي ساحلي آب و هوا جي رخ مٽائڻ سبب اها گت بنجي وئي.

انهن وارياسن ۽ پٿرالن پرڳڻن ۾ وڇون، سئوپيريون، نانگ بلائون گهڻي انداز ۾ لڪل هوندا هئا ۽ اس تي نڪري واس وٺندا هئا ۽ اوندهه ۾ کاڄ جي تلاش ۾ هوندا هئا. اناج جي ڪري ڪوئا ۽ ڪوئن جي ڪري نانگ بلائون سنڌ ۾ گهڻن قسمن جون ۽ وڏي تعداد ۾ هونديون هيون. شاهه ڀٽائي انهن جو احوال پنهنجي رسالي ۾ واهه جو آندو آهي. اهي نانگ، اروڙ کان وٺي جا سيهڙ ۽ هرڻ کي هڙپ ڪري ويندي آهي ۽ جوڳي فقير ان کي گڏهه تي رکي گهمائي خيرات وٺندا آهن، ويندي هڻ کڻ تائين ٿيندا آهن، جو قسم ڪرڙي جي جنس جو، ننڍي ۾ ننڍو، ۽ هٿن پيرن ۽ ٽڪي جهڙي پڇ سان ٿيندو آهي. انهن جي وچ ۾ ڪاريهر، تلهير، واسينگ، کٽياڻ، گڊوڙ، ٻمهين،پيئڻ، پاڻي جو نانگ، کپر، گهوڙيل، سرنگهه ۽ ٻيا ٿيندا آهن. انهن مان ڪي زهري آهن ته ڪي بنان زهر جي آهن،جبل جا ٽاڪرو ڪارا وڇون به اهڙا موتمار آهن جهڙا زهريلا نانگ، وڌيڪ احوال لاءِ شاهه ڀٽائي جي رسالي جي سر ڪارايل ۾ ڏسجي .


1) هي مقالو رئيس ضياء الدين بلبل مرحوم سندس بيماري واري حالت ۾ راقم ڏانهن ”پيش لفظ“ لکڻ لاءِ موڪليو. فوري طور مٿيون مختصر ”پيش لفظ“ لکي رجسٽر ڪري ڏانهس موڪليم، ٽن چئن ڏينهن بعد لفافو واپس پهتو، جنهن جي مٿان پوسٽ آفيس وارن طرفان هيءُ نوٽ لکيل هو ته: ” هن جو مالڪ فوت ٿي ويو، تنهنڪري واپس ڪجي ٿو. محمد عالم 966. 14“.

(1) نوٽ: جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب طرفان، هي مواد نظر مان ڪڍڻ ۽ ان جي ڇپائڻ ۾ مدد ڪرڻ جي شڪريه ادائي، رئيس مرحوم، ڊاڪٽر صاحب جن کي مواد موڪلڻ کان اڳ ئي پاڻ پنهنجي قلم سان لکي ڇڏي هئي، جو کين يقين هو ته ڊاڪٽر صاحب جن مهرباني ڪري ڀال ڀلائيندا. مبارڪ امر آهي جو رئيس مرحوم جي خواهش موجب، سندس وفات کان پوءِ به هن مقالي جي ڇپائڻ جو بندوبست پڻ ڊاڪٽر صاحب ڪرڻ فرمايو آهي، جو ڊاڪٽر صاحب هي مقالو مهراڻ ۾ اشاعت لاءِ اسان کي عنايت ڪيو جو خصوصي اهتمام سان شايع ڪجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي هن نيڪ ارادي جي پيش نظر رئيس مرحوم جي روح  کي يقيناً خوشي ٿيندي. --- ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com