سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :7

 

ٻيا بزرگ:

مٿي ذڪر ڪيل بزرگن کان سواءِ هن سلسلي جي ٻين به ڪيترن ئي بزرگن جون مزارون ۽ درگاهون سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آهن. ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ حضرت زڪريا جا اولاد اچي آباد ٿيا، ۽ انهن جون درگاهون زيارتگاهه خاص ۽ عام ٿيون. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو هن سلسلي سان وابسته ٿي ويا. حضرت زڪريا جي عرس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ مان سندس سلسلي جا مريد وڏي تعداد ۾ هر سال پيرين پنڌ ملتان ويندا هئا. اڄ به اهو تعلق قائم آهي.

سهروردي بزرگ ۽ سماع:

لفظ ”سماع“، ”سمع“ مان جڙيو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”سڻڻ، سمجهڻ“. قران مجيد ۾ ”سماع“ ڌيان سان ٻڌڻ ۽ ان مان اثر پذير ٿيڻ جي معنيٰ ۾ آيو آهي.

فرمايل آهي:

”آمــَـن اَلـَـرســُـولُ بــِـماَاُنزلِ الــِـيـہ مــِـن ربـہ وَالمــُـؤ مــِـنــُـؤنَ ڪــُـل اَمــَـنَ بــِـاللهِ وَ مــَـلئڪــَـتــہٖ، وَ ڪــُـتــُـبـِـہٖ وَرُســُـلــُـہٖ، لانــُـفــَـرقُ بــَـينَ اَحد، مــِـن رُســَـليـِـہٖ وَ قــَـالــُـوا ســَـمــِـيعنــَـا وَ اَطــَـعنــَـا...

سماع جو لفظ صوفين وٽ رائج ٿيڻ کان اڳ ۾ حديث جي راوين وٽ مستعمل هو. حديث جو راوي، مجلس ۾ حديث روايت ڪندو هو، ته ان کي ”سماع حديث“ سڏيو ويندو هو. حديث ٻڌندڙ به هن طرح حديث ياد ڪندو هو: ”سمعت فلان، عن فلان، عن فلان“. حديث جي تدوين کان پوءِ به حديث سماعت ٿيندي هئي، تان جو باقاعده مدرسن جو بنياد پيو. حديث جو پويون تدوين ڪندڙ امام سنائي (وفات 915) آهي. پهريون اسلامي مدرسو نيشاپور ۾ ”آل سيمجور“ جي حڪمران ناصر الدوله ابن لحسن بن سيمجور قائم ڪيو، جنهن 988ع ۾ وفات ڪئي. ان ۾ امام ابوبڪر اشعري عقيدن موجب تعليم ڏيندو هو.

صوفين وٽ ”سماع“ ان کي چئبو آهي، جو شعر الحان سان ۽ سر تار ۾ پڙهيو وڃي. قاضي ابو علي محسن تنوجي (وفات 384 هه/994ع) پنهنجي ڪتاب ”نشوالمخاضره“ ۾ لکيو آهي، ته ”ابو احمد حارثي مون وٽ آيو، ته ان وقت مون وٽ هڪ صوفي ويٺو هو، جنهن ڪجهه رباعيون ويٺي ڳايون.“ ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته صوفين وٽ ســُـر سان شعر پڙهڻ جو رواج چوٿين صدي هجريءَ ۾ موجود هو. ان تي ئي سماع نالو پيو. گهڻو ڪري سڀني صوفين وٽ سماع جائز آهي، پر ڪي بزرگ ان کان پاسو به ڪندا رهيا آهن.خاص طرح سان نقشبندي طريقي ۾ سماع جي ممانعت آهي. جن صوفي بزرگن وٽ سماع جائز آهي، اُنهن به ان لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن. قديم دور جي سمورن صوفي بزرگن سرود ساز سان سماع کي بلڪل ناجائز ڪوٺيو آهي.

سنڌ ۾ سماع: تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت قلندر شهباز جي آمد وقت ملتان ۾ سماع جو رواج موجود هو. ان زماني ۾ هندستان جي بادشاهه بلبن جو پٽ شهزادو محمد ملتان جو گورنر هو. هو عالمن، فاضلن ۽ صوفي بزرگن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. وٽس سماع جون محفلون ٿينديون هيون. اهڙي هڪ محفل ۾ حضرت قلندر شهباز، حضرت صدرالدين بن غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ ٻيا درويش به موجود هئا. پر اثر شعر ٻڌڻ سان انهن درويشن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويئي، ۽ هو وجد ۾ اچي سڀ نچڻ لڳا. شهزادو سيني تي هٿ ٻڌي سندن سامهون بيٺو رهيو، ۽ زار زار رئندو رهيو. سنڌ ۾ به ان زماني ۾سماع جون محفلون ٿينديون هونديون، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ سهروردي سلسلي جو تمام گهڻو اثر هو. ان جو هڪ تاريخي ثبوت به ملي ٿو. تذڪرن ۾ آيو آهي، ته سنڌ جي ڀٽي سهروردي بزرگن مخدوم احمد هالائيءَ جو انتقال ئي نيرون ڪوٽ جي هڪ سماع جي مجلس ۾ سماع ٻڌندي ٿيو. اهو واقعو سنه 939 هه( 1528ع) ۾ ٿيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو، ته سنڌي سهروردي سلسلي جي بزرگن ۽ انهن جي پوئلڳن ۾ سماع جو رواج موجود هو.

سمنهن: سنڌ جي سهروردي بزرگن ”سماع“ کي هڪ منفرد ۽ اجتماعي صورت ڏني، جنهن کي ”سمنهن“  سڏيو ويو. لفظ ”سمنهن“ سماع جي ئي بگڙيل بناوت معلوم ٿئي ٿو. سمنهن، مولانا رومي جي مروج ڪيل سماع ساڻ گهڻي قدر مشابهت رکي ٿي. سمنهن هڻندڙ حلقو ٻڌي گول ڦري بيهندا آهن، وچ تي ”صاحب اسماع“ هڪ هنڌ بيٺل هوندو آهي، ۽ ان جي چوڌاري حلقو ٺاهي بيٺل هوريان هوريان سندس چوڌاري ڦرندا ويندا آهن. ڦيرو تيزيءَ سان نه هوندو آهي، پر هوريان، موزون ۽ متوازن چرپر ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته سهروردي طريقي ۾ تيز چرپر انساني وقار جي برخلاف ڄاتي ويندي آهي. سمنهن ۾ نوَ يا وڌيڪ ماڻهو حصو وٺندا آهن.

سمنهن جو رواج اڄ به حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا جي مريدن ۾ موجود آهي. هو جڏهن عرس تي ويندا هئا، ته ٽولا ٺاهي پنڌ ويندا هئا، ۽ مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پنهنجي پير ڀائن وٽ سمنهن هڻندا ويندا هئا. سمنهن ۾ حلقي جي وچ تي بيٺل صاحب السماع شاه لطيف جي بيتن سان يا ڪنهن ٻي صوفي بزرگ جي سنڌي بيت سان اوٺاڻو ڏيندو آهي. حلقي ۾ بيٺلن مان چار ماڻهو: ٻه هڪ طرف کان ۽ ٻه ٻئي طرف کان ان کي وٺائيندا آهن. اوٺاڻو ڏئي بس ڪندا ته حلقي ۾ بيٺل ٻيا چار ماڻهو يا وڌيڪ لاهڻي چوڻ وقت هو - ها - هو يا هو - هو - هو چوندا ڦرڻ شروع ڪندا آهن. اهو ڦرڻ گول ۽ صاحب اسماع جي چوڌاري هوندو آهي، ۽ صاحب السماع کي ڪڏهن به پٺ نه ڏني ويندي آهي. پيرن جي متوازن چرپر سان گڏ هو هٿ به هڪ ٻئي تي هيٺ مٿي ڪري هڻندا هلندا آهن، جيئن ڪڏهن ساڄو هٿ کاٻي جي مٿان  ۽ ڪڏهن کاٻو هٿ ساڄي جي مٿان. صاحب السماع جڏهن اوٺاڻيءَ وارو ڏوهيڙو چئي پورو ڪندو آهي ته ان جي ساڄي طرف کان بيٺل ٻه ماڻهو لاهڻيءَ جو پويون اڌ مثلاً ”سماع ۾ سردارا“ ۽ کاٻي پاسي بيٺل ٻه ماڻهو لاهڻيءَ جو پويون اڌ ”مرسل مير مڪي جو“ وري وري ورجائيندا آهن. انهن جي ورجائڻ تي حلقي وارا چار ماڻهو، انهيءَ سر تي مذڪور چرپر ڪندا آهن، ۽ ”ها، ها، هو“ به چوندا هلندا آهن. لاهيڻو ۽ ورجاڻا تيزي اختيار ڪندا ويندا آهن، ۽ ڏوهيڙا به وڌيڪ تيزيءَ سان ۽ الحان سان پيش ٿيندا ويندا آهن. جيئن پوءِ تيئن اثرائتا ۽ موقعي سان لاڳاپو رکندڙ ڏوهيڙا ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح سماعي وجد جي حالت کي پهچي ويندا آهن ۽ ٻڌندڙن جي بدن مان سيسراٽيون نڪرڻ لڳنديون آهن، ۽ گهربل مقصد الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پورو ٿيندو آهي. يعني جنهن مقصد لاءِ سمنهن هنئين ويئي، الله تعاليٰ پورو ڪندو آهي، جهڙوڪ: درياء جو چڙهڻ، ٻوڏ جو لهي وڃڻ، مينهن جو وسڻ، بيمار جو چڱو ڀلو ٿيڻ، ظالم جو ناس ٿيڻ وغيره. هن هيٺ شڪل ڏجي ٿي، جنهن ۾ ماڻهن جي بيهڪ جو نمونو ڏيکاريو ويو آهي(1) .

اوٺاڻي چوندڙ

*

لاهڻي چوندڙ   لاهڻي چوندڙ

* *                 * *

هو، ها، هو ڪندڙ

* ** ** *

شروعات ۾ اوٺاڻين جي لاهڻي هوندي هئي نفي ۽ اثبات جو ذڪر: لاالــٰــه لاالله، پر پوءِ جيئن زمانو گذرندو ويو، تيئن نفي ۽ اثبات جي ذڪر جي عيوض فقط اثبات تي زور ڏنائون ۽ اهو آهي: ”هو“، يعني سڀ ڪجهه اهو آهي. انهيءَ ڪري چوڻ لڳا: ”هو آه هو“، جيڪو ڦري ٿيو”هو ها هو“ (2) .

سمنهن جي شڪل مان سج ۽ ان جي چوگرد ڦرندڙ سيارن  جو اشارو به ملي ٿو. اها شڪل سنڌي اجرڪ تي به نقش ٿيل آهي. اهڙا نقشا يعني دٻڪ دٻڪ سڄي اجرڪ تي جهرمر لائي ڪل ڪائنات جو نمونو پيش ڪندا آهن، جنهن ۾ پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته ڪيئي نظام شمسي موجود آهن(3)

سمنهن کي عبادت سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪن خاص موقعن تي هنئين ويندي آهي، جهڙوڪ: غوث بهاؤالحق جي عرس جي موقعي تي، ٻين بزرگن جي عرس تي، عيد ۽ خوشيءَ جي وقت، بيمار جي شفايابيءَ لاءِ، ڏڪر دور ڪرڻ لاءِ، مينهن پوڻ لاءِ، مصيبت کي ٽارڻ لاءِ، ڪنهن کي پٽ جي دعا ڪرڻ لاءِ، ڪنهن ظالم کي پٽ – پاراتو ڏيڻ لاءِ ۽ اهڙن ٻين مقصدن ۽ موقعن تي. اڳين زماني ۾ جڏهن حضرت غوث جا مريد جڏهن عرس جي موقعي تي يا زيارت لاءِ ملتان ويندا هئا ته ٽولا ٺاهي ويندا هئا ۽ واٽ سان جنهن جنهن ڳوٺ ۾ سندن پيرڀائي هوندا هئا ته اتي سمنهن هڻندا ويندا هئا. سماعي سڳورا مخصوص ماڻهو هوندا هئا ۽ ”صاحب السماع“ جي سرڪردگي ۾ هوندا هئا. کين درويش ۽ فقير سمجهيو ويندو هو. جڏهن به ڪو اوکيءَ مهل کين ڪوٺ ڏيندو هو، ته خوشيءَ سان ان وٽ وڃي، سندس مقصد لاءِ سمنهن هڻندا هئا. هو ظالم جي پاڙ پٽيندڙ ۽ مظلوم جا حمايتي هوندا هئا. جڏهن به ڪو کين ڪنهن ظلم جي خلاف دانهن ڏيندو هو، ته هڪدم ان ظالم ماڻهوءَ وٽ وڃي، ان کي ظلم کان باز اچڻ جي هدايت ڪندا هئا پر جي هُو هٺ تان هيٺ نه لهندو هو، ته ان کي پٽ پاراتو ڏيڻ لاءِ سمنهن هڻندا هئا ۽ پوءِ ائين ئي ٿيندو هو، جيئن هو سمنهن جي وراڻي ۾ چوندا هئا. سمنهن ۾ وضو ڪري، پاڪ ڪپڙا پائي بيهندا هئا.

سمنهن جا ڪيترا واقعا عبدالحسين شاهه موسوي مرحوم پنهنجي ڪتاب ”سرهاڻ،  ۾ ۽ رئيس ضياء الدين ايس بلبل مرحوم پنهنجي مضمون ۾ ڏنا آهن. نموني طور هڪ ٻه واقعو هيٺ ڏجي ٿو:

(1) ”دکيا“ ذات جي ماڻهن جي ٻانهن ڪي پاڙيسري زميندار کڻي ويا. هو سماعي فقيرن کي زميندارن وٽ وٺي ويا، پر تڏهن به هنن ٻانهن موٽائي نه ڏني. انهيءَ  تي فقيرن سمنهن هنئي ۽ هيٺين لاهڻي دهرائي:

”ٻــُـٽيءَ دکي ڪاڻ، مٺن مٽ ڀڃايا.“ (1)

(2) ميهڙ کان چار ميل ڏکڻ طرف، ناري واهه تي دٻي نالي مشهور بندر هوندو هو، جتي سکر کان ٻيڙا مال آڻيندا هئا. ”دٻي“  بندر ۾ مرزا شاهه نالي هڪ وڏو واپاري رهندو هو، جنهن ججهو ڌن ڪٺو ڪيو هو ۽ پنهنجو ڪوٽ ٻڌارايو هو. ڪنهن ظلم جي مارئي هندوءَ پنهنجي عورت اچي وٽس سام رهائي. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن سلامتي سمجهي، کانئس عورت واپس گهريائين، تڏهن چيائينس، ته تنهنجي عورت اسان جي مائٽن  وٽ ”چمن“ گهمڻ وئي آهي. جڏهن ڀائي چمن ويو، ته چيائونس ته تنهنجي عورت دٻي موٽي وئي. اهڙيءَ طرح ٻه - ٽي پنڌ ڪرائي، مرزا چيس، ته ”ڀائي، جيڪا ڪوٽ ۾ آئي، اها ٻاهر ڪين نڪرندي.“  واڻيو ويچارو وائڙو ٿي ويو. گهڻو ئي ڊڪيو ڊوڙيو، پر وريس ڪجهه به ڪونه. آخر ڪنهن جي ڏس تي سماعي فقير ”زبير“ (ذات جو آگرو، ويٺل قاضي عارف، لڳ ميهڙ) کي الله جو اسم وڌائين. ”زبير“ فقير سماعي گڏ ڪري، مرزا شاهه ڏي ويو. ”مرزا شاهه“ کي چيائون ته ٻانهن موٽاءِ، پر هن گهمنڊ ۾ اچي کين ساڳي ئي  وراڻي ڏني، ته ”جيڪا ڪوٽ ۾ آئي، سا ڪيئن ٿي ٻاهر نڪري؟“ فقير سمنهن هنئي ۽ هيءَ وراڻي يا لاهڻي دهرايائون:

”دٻي ٿيندي دُڦُ، چمن چڻنگون، وينديون.“ (2)

”سرهاڻ“ ۾ اها لاهڻي هن طرح آئي آهي:

”دٻي لڳي باهه، چڻنگون چمن ۾.“ (3)

قدرت ڌڻيءَ جي، ٿوري وقت کان پوءِ بندر گاهه ڦٽي ويو ۽ ڪوٽ قبرستان ٿي ويو. شهر اهڙو ڦٽو، جو اڄ سوڌو وري سنئون نه ٿيو. اهڙيءَ طرح ”چڻنگن چمن“ کي به داغدار بنائي ڇڏيو.

اهڙيون پاراتن واريون ڪجهه لاهڻيون هيٺ ڏجن ٿيون:

1- ٽهل  (4) ويئي مهل، مهتي(5) موٽي آئي.

2- ٺل (1)  ڏنو ٺڪاءَ، دٻي (2) ٻين دٻائي.

3-  محبت سندا ٻار، پيالي منجهه پنندا.

4- قاضي ويندا قلات، وڪيا ڪين وسندا.

5- ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو

6- ٺٽ ڏنو ٺڪاءُ، ڳوراها سڀ ڳري ويا.

7- مير لڳني تير، چڻنگون چونري رسيون.

8- ڪوٽ لڳندءِ چوٽ، پاران دين نبيءَ جي.

9-  ڪو جو وريو واءُ، ڳچل سڀ ڳري ويا.

10- ڳچل پنهنجي ڳوٺ، پيالي منجهه پنندا.(3)

*  محبت = ماڻهوءَ جو نالو * وڪيا  = وڪيا سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جو ڳوٺ * ٿرڙي =  دادو ضلعي  جي ڳوٺ جو نالو  * ٺٽ  = ڳوٺ جو نالو * ڳوراها  = ذات  جو نالو * ڳچل = ذات * جو نالو ۽ ڳوٺ جو نالو( تعلقو رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو).(2)

ڪجهه دعائيه اوٺاڻيون ۽ لاهڻيون به نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون (4)

1- اوٺاڻي: هو ناري موريءَ ۾ مريد، پکي پيراڻي،

من مرادون پنيون، منهنجون هينئڙي ۾ هاڻي،
        سجاول بخش ساماڻي، لٿا ڏن ڏيهن تان.

لاهڻي:     الله جوڙيءِ جوڙ، پارون دين نبيءَ جي.

 

2- پٽ ڄمڻ بابت:

اوٺاڻي:   ٽڪ ونگي ورگهڻا، آءٌ ڪتيان ڪڄاڙو،

ڪاپي مٿان ڪيترو، آءٌ آڻيان اڌارو،
جڏهن ور ڏئي وارو، تڏهن سونهان سرتين وچ ۾.

يـــــا

گهلو گهوٽن لنگهيو، وڃي پتنگ چڙهيا پٽ،
پنڌ به ڪندي پير ڏي، ڪانه پونوءِ، گهٽ،
غوث العالم مرشد وٽ، سڪان لاٿيون سين ساهه جون.

لاهڻي: ............... کي پرور پٽ ڏيارج.

 

3- شاديءَ بابت:

اوٺاڻي:     پري پنڌ پنجاب جو، اٿم اوري اٻاوڙو،
           ڪڪوريو پي قاسم چوي، لنگهه گهلوءَ جو گهارو،
        پيرن سان پاڙو، مان مرندي مور نه مٽيان.
لاهڻي:         .............. ........... مــُـرڪي موڙ ٻڌو.

 

نبي ڪريم صلي الله علـيــہ وسلم جي مدح  ۾ ۽ اولياء ڪرام جي ثنا ۾ ڪجهه اوٺاڻيون لاهڻيون چيون ويون آهن. انهن جا مثال به ڏجن ٿا:

(1) پاڻ سڳورن جي شان ۾:

اوٺاڻي: مفتون ڳولي ماٺ کي، ڪنهن سان ڪين ڪڇن،

تاج المومنين ورضا عرب انسکوت، ڪهي ڪيائون ڪن،

سي مفتون ڪين منجهن، من جنين جو ميم سان.

 

لاهڻيون: 1- ميم آهي مرسل، شافع ڪل امت جو.
2- سماع ۾ سردار، مرسل مير مڪي جو.
3- هي جايون، هي هنڌ، مرسل مير وسايا.
4- جتيءَ سان جانب، آگي عرش آڻايو.

 

مشهور مدح گو شاعر جمن چارڻ ڳوٺ کهڙا تعلقي گمبٽ جو رهاڪو هو. 1151 هه(1738ع) ۾ وفات ڪيائين ۽ پير ڪٽپر (ضلعو خيرپور ميرس) جي قبرستان ۾ مدفون ٿيو. هن نبي ڪريم صلي الله عليــہ وسلم جي شان ۾ اوٺاڻيون ۽ لاهڻيون چيون آهن، جن ۾ پاڻ سڳورن جي خدمت اقدس ۾ عرض فريادون ڪيون اٿس:

1- اوٺاڻي:      ٿي وقت صبوح جي، اڳيون ڪيم فرياد،

ته مير محمد هاشمي، دانهه سڻي ڪر داد،
پرور وڙئون پانهنجي، ڪر عطا جو ارشاد،
ته شاهه شفيع المذنين، آهين تون مهتاب،
لاينحلق الميعاد، ڪر بخشش مون بدڪار.

لاهڻي:                 رس محمد مير، واهر ويلو ٿيندين.
2- اوٺاڻي: مديني جا مير، سڻج مئيءَ جا سڏ،

هاڻي ڇني نا تون ڇڏ، ڪاهيون وڃ قطار سان

لاهڻي: سوال سڻي سردار، احمد آيو گهر جنين.
3- اوٺاڻي: مديني جا مير، سڻج فائق، هيءَ فرياد،

اڄ احمد ڪار ڻي، ڪر دلبر مئيءَ جو داد،
هاڻي الله لڳ اوطاق، اچ اڱڻ آسروند جي.

لاهڻي:                 هي سڀ راڄ رسول، واحد ڪل وڌايا.

4- اوٺاڻي:     دعا ڪريو ڙي جيڏيون، منهنجو اچي آرياڻي،

ته وٺيو ويندو پاڻ سان، هيءَ نڌر نماڻي،
ڀريان هوت پنهل جو، آءٌ پورهيت ٿي پاڻي،
وندر واڪاڻي، هميشــہ هوتن جي ٿيان.

لاهڻي:                 وونازڪ نماڻي، وٺيو ويندا پاڻ سان.

5- اوٺاڻي:     پاڙي منجهه پرين جي، مان مران ماندي،
ته ايندم احمد عربي، ٿيندم، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
هيڪر هيڪاندي، اتي پاڙي پرين جي ٿيان.

لاهڻي:                 وٺيو هوت حبيب، جانب جنت ويندو.

6 - اوٺاڻي:    مون کي وٺيو پاڻ سان، ويندم هوت حبيب،

دارون منهنجي درد جون، ٿيندو تن طبيب،
پاڙو پاڪ رسول جو، ٿيندو نماڻي نصيب،
ڪامل آهي قريب، مائٽ هن مسڪين جو.

لاهڻي:         ڏوهي ڇڏائي ڏَڏُ، پرور پاڙي ڪندو.

7- اوٺاڻي:  مائٽ هن مسڪين جو، آهي عربي ڄام،

کڻندو بار اُمت جا، ات ڪيچي سڀ قيام،
دوزخ ڀڄي دور ٿيندو، جت عربي ٿيندو امام،
ڀري ڪوثر جام، ات احمد امت کي ڏيندو.

لاهڻي:                 آئي احمد ڄام، امت آجي ٿيندي.

8 - اوٺاڻي: آءٌ مهاڻي آهيان، ڪوجهي ڪميڻي،

مٽ نه ڪنهن مٽيءَ ۾، سڱ نه سڱيڻي،
ايندم سڏ سڻي، مرسل مهاڻيءَ جا.

لاهڻي:                 ڪندو سڀ قبولُ، دانهون دردوندن جون.

9 - اوٺاڻي:  آءٌ مهاڻي آهيان، بد گهڻو بد ذات،

اٿم شوق شفيع جو، ٻي وائي ڪلمي وات،
        ها، ڏاتر ڏيندم ڏات، محابي محبوب جي.

لاهڻي:   مرسل مئيءَ مٿي، شافع شفا ڪندو.

10 - اوٺاڻي: پاڙي ۾ پرين جي، ڪامڻ موٽ ڪڏي،

جنهن جو پنڌ پنهل ڏي، سا ڀانئن ڪيئن ٻڏي،
توڙي آب عميق ۾، بي سونهين بر ڏي،
سيد مون سڏي، پاڙي ڪندم پانهنجي.

لاهڻي:                 سيد سونهون جن، محشر ڪين مــُـنجهنديون.

11- اوٺاڻي:  سيد سونهون جن، سي محشر ڪين منجهن،

پنجني جي چارڻ چوي، محبت جن جي من،
راتيان ڏينهن روهه ۾، اهو پنڌ پڇن،
جيڪي عهد الله جا، اچيو ادا ڪن،
دوزخ ويجهو تن، ٿيندو ڪين قيام جي.
---- ----

12- اوٺاڻي: عمر وڃايم اجائي، اهو اٿم ارمان،

ڪوڙن ۽ ڪچاين جو، ڪيم ڪونه ڌيان،
ڪلمو چئي ڪريم تي، آندو اٿم ايمان،
شافع رکندو شان، قادر ڏينهن قيام جي.

لاهڻي:                 امت کي ايذاءُ، ڪڏهن ڪين سندو.

13- اوٺاڻي: ورنهه پنهنجو وڙ، ڪميني سان ڪندو،

قادر ڏينهن قيام جي، جت تورو توريندو،
مون سان محمد مصطفيٰ، حامي حمايت هوندو،
پوءِ مون کان نه پڇندو، ڏاتر ڪنهن ڏوهه جو.

لاهڻي:                 مون کي ڊپ نه ڊاءُ، مون گڏ مرسل هوندو.

اوٺاڻين ۽ لاهڻين ۾ روحاني راز ۽ سلوڪ جون ڳالهيون به بيان ڪيون ويئون آهن. مهدي شاهه جون چيل اهڙيون اوٺاڻيون ۽ لاهڻيون هت ڏجن ٿيون:

1- اوٺاڻي:      محبت مون مهدي چوي، سي دکائن دونهان،

الجوع عباده، سمجهي ٿيا سونهان،
لاشڪ ڏيئي لوهان، سي مهدي مارن من کي.

لاهڻي:                 من پنهنجي کي مار، پهچين پوءِ پرينءَ کي.

2 -اوٺاڻي: الف چئي ميم جي، ٿا ثنا ثابت ڪن،

حاذق هن حديث تي، ٿا عارف عمل ڪن،
الفقر ڪرامــہ من ڪرامة الله، خوشيءَ مون ته کڻن،
انهيءَ ريت رسن، منزل ۾ مفتون چئي.

لاهڻي:                 ڪوسي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.
 3- اوٺاڻي:    مهدي مارن من کي، سي پاڙن صاف پريت،

فليضحڪوا قليلا و ليبڪوا ڪثيرا، رهن انهيءَ ريت،
ڪري من مسيت، سجدو ڪن سبحان کي.

لاهڻي: موچاريءَ مسجد، آين آس پڄائي.

حضرت غوث العالم زڪريا ملتاني جي ساراهه ۾:

اوٺاڻي: ڳچي غوث بهاؤالحق، مئي ڀريو مهراڻ،

لڏي ته لهريون ڏئي، جنهن جو نور نيلن ساڻ،
تن پيرن مٿان پاڻ، سؤ سؤ ڀيرا صدقو وڃان.

لاهڻي: غوث العالم قرب قرارا، عرشين ڪرسين تنهنجان نعرا.

مٿي ڏنل اوٺاڻين ۽ لاهڻين مان معلوم ٿيندو ته اوٺاڻيون بيت آهن، يا بيت جي سٽا تي جڙيل آهن ۽ لاهڻيون بيت جي سٽا مطابق هڪ مصرع يا سٽ تي مشتمل آهن. ڪي بيت خاص طرح سان سمنهن لاءِ جوڙي، سمنهن ۾ چيا ويا، ته ڪي بيت وري شاهه صاحب جي رسالي مان يا ٻين شاعرن جي اوٺاڻين طور چيا ويا. نه فقط ايترو پر ڪن شاعرن اوٺاڻين جا بيت جوڙيا آهن، جن ۾ بزرگن جي صفت بيان ڪيل آهي. شاعرن جون ڪجهه اوٺاڻيون (بيت) هيٺ ڏجن ٿيون:

(1) سيد علي گوهر شاهه (ولادت 1920ع، ڪڇ جي ڳوٺ ”گوهر“ جو ويٺل) جون اوٺاڻيون:

1- بهاؤ الدين بادشاهه، سونهن ڀريو سلطان،

سخي شاهه صدر الدين، عارفن اڳوان،
رڪن عالم رهنما، نوراني نيشان،
ماءُ مريدن جي ات، پاڪدامن پاڻ،
مون تي مهربان، آهن علي شاهه سي.

 

2- جي آسائو آهين، ته ڪهي ڏس ڪروڙ،

پيراڻي پڙ ۾،  جتي کٿوريءَ کوڙ،
مرشد ٻڌي موڙ، ٿو نوازي نوين کي.

 

3- هڻي نعرو هليا، پانڌي پرڀاتا،

ملڻ ريءَ محبوب جي، عاشق ٿيا آتا،
مرڪي تنهن ماتا، جنهن  بهاؤالدين ڀيٽيو.

 

(2) حضرت مخدوم نوح رح جي ثنا ۽ صفت ۾ به اوٺاڻيون ۽ لاهڻيون چيون ويون آهن. اهڙين اوٺاڻين کي ”سروري ڏهر“ به چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو ”سرور“ مخدوم نوح رح جو لقب هو. اوٺاڻيءَ ۽ لاهڻيءَ جو نمونو ملاخطه فرمايو:

اوٺاڻيءَ:        نمن مٿان نور، سدا وسي سبحان جو،

نماڻي نوح جو، مديني ۾ مذڪور،
صاحب تنين حضور، جنين سرور ڀيٽيو.

لاهڻي:         مٿان محب مدار، آهي هن بدڪار جو.

 

حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ، سجاده نشين درگاهه مخدوم نوح رح، هالا شريف، به”سروري ڏهر“ چيا آهن. هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:

آءٌ طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي سرور شاهه،
پنان ٿي پينار تو، تنهنجي نيڪ نگاهه،
سدا منهنجو ساهه، ٿو سڪي تنهنجي سڪ ۾.

منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ، ويٺل کاهي راڄڙ، تعلقو کپرو، حضرت مخدوم نوح رح جي سجاده نشين مخدوم امين  محمد(وفات 1302 هه) جو مريد هو. سٺو شاعر هو. هن سه حرفي جي صورت ۾ ”سروري ڏهر“ چيا آهن. هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:

ج-     مَ جدا ٿيءُ، هڪ پل پاسي پير کان،

سرور سندي سٿ ۾، ويهه ته ماڻين ويءُ،
ڀري جام جنت جو، پاڻان چونديءِ پيءُ،
هنڌ اٿئي هيءُ، چکين جي چيت ڪري.

 آخوند الله بخش انصاري هالا جو ويٺل هو ۽ مخدوم امين محمد جو مريد هو. مرشد جي وفات تي 22 ڏهر چيائين. هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:

ستاويهين رمضان جي، ڪيو هو تن هالاڻو،
هيءِ هيءِ حشرت ۾ پيا، مرون ۽ ماڻهو،
پکي سڀڪو پور ۾، وتي ويڳاڻو،
الله بخش عشق جو، آتڻ اتاڻو،
سالڪ سڃاڻو، هو صاحب جو سرڪار ۾.

 

مخدوم بلال جي ثنا ۽ صفت ۾ به اوٺاڻيون ۽ لاهڻيون چيون وينديون هيون.اهڙي هڪ اوٺاڻي ۽ لاهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

اوٺاڻي:         مخدوم بلال بهشتي، تنهنجا کٻڙ کٿوري،

هيٺان کوهه خيال جو، مٿان نم نوري،
آيا اٿئي حضور ۾، تن جي آس ڪج پوري،
سڌ اٿئي سموري، بادشاهه باغبان جا.

لاهڻي:                 دلڙي درس مارن جي، پليندا پاڻهي.

 

ماخذ

سنڌي ڪتاب

1-      علي ڪوفي: چچ نامه، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع،

2-     مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، سنڌي ادبي بورڊ 1953ع،

3-     مير علي شير قانع: تحفةالڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

4-     پير حسام الدين رشدي: مڪلي نامه، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

5-      مولانا دين محمد وفائي: تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ 1974ع.

6-     ڊاڪٽر غلام علي الانا: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1977ع.

7-     پير اشرف شاهه قريشي: رسالو اشرف شاهه، 1914ع.

8-     مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي: سه ماهي الرحيم، سوانح نمبر 1967ع.

9-     ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.

10-    علي گوهر شاهه گوهري ڪڇي: گلشن غوثيه، 1939ع.

11-    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ڪريم جو ڪلام، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو 1963ع.

12-    عبدالحسين شاهه موسوي: سرهاڻ، 1958ع.

اردو

1-      حامد بن فضل الله جمالي: سيرالعارفين، اردو ترجمه، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1976ع.

2-     مفتي غلام سرور لاهوري: حديقة الاولياء ،اردو ترجمو اسلامڪ فائونڊيشن لاهور، 1976ع.

3-     محمد غوثي: گلزار ابرار، اردو ترجمه، اسلامڪ بوڪ فائونڊيشن لاهور، 1975ع.

4-     محمد مطيع الله راشد برهانپوري: برهانپور کي سندهي اولياء، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.

5-      اعجاز الحق قدوسي: تذکره صوفيائي سندهه، اردو اڪيڊمي سنڌ،ڪراچي، 1959ع.

6-     سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم صوفيائي سندهه، 1949ع.

7-     مولانا نور احمد خان فريدي: صدر الدين عارف، جلد اول، قصر الادب جگوواله، ضلع ملتان، 1957ع.

8-     مولانا نور احمد خان فريدي: تاريخ ملتان، جلد اول، قصر الادب، ملتان 1971ع.

9-     فرصت ملتاني: اوليائي ملتان، مڪتبہء تنوير ادب ملتان، 1982ع.

10-    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سندهي ادب کي مختصر تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1983ع.

11-    مولانا نور احمد خان فريدي: تذکره حضرت بهاءُالدين زکريا ملتاني، ملتان.

 

-----


(1) عبدالحسين شاهه موسوي: ســُـرهاڻ، 1958ع ص 65.

(2) عبدالحسين شاهه موسوي: ســُـرهاڻ، 1958ع، ص 63 - 64.

(3) ضياء الدين بلبل جو مضمون ”سمہ“ ، شايع ٿيل نئين زندگي، نومبر 1958ع، ص 25.

(1) ســُـرهاڻ، ص 66.

(2) رئيس ضياء الدين بلبل جو مضمون، نئين زندگي، نومبر 1958ع، 26- 27.

(3) ســُـرهاڻ، ص 68.

(4) ”ٽهل، هندوءَ جو نالو

(5) مهتي = هندو عورت.

(1) ”ٺل، ڳوٺ جو نالو.

(2)  ”دٻي، ڳوٺ جو نالو.

(3) ســُـرهاڻ، ص ٦٦ - ٦٧.

(2) سرهاڻ ص 68.

(4) ســُـرهاڻ، ص 68 کان 76.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com