سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :3

  

 (10)

ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين، سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا ۽ سال 1000 هه ڌاري، سنڌ هندي مغلن جي سلطنت جو حصو بنجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سئو سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو.

يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيڪو سفير ايراني درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور امير، مؤ رخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ”نامي“ ، جيڪو سندس پاران(11 - 1013 هه) شاه عباس ڪبير صفويءَ (985 - 1038 هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه رڳو سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي، بلڪ ذاتي طور تي به ايران ۾ پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. حڪيم شفاعي اصفهاني (وفات 1027 هه) (66)، محمد رضا فڪري ۽ تقي اوحديءَ جهڙن شاعرن سان سندس صحبتن ۽ مشاعرن جو ذڪر، ايران ۽ سنڌ جي ادبي لاڳاپن جو هڪ مستقل عنوان آهي(67). اصفهان جي مسجد علي جو ڪتبو(68)، ڪاشان ۽ مورچه (مورچــہء خورت) جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ شاه عباس جو ڪتبو(699. يا احمد جام زنده پيل جي مزار جو ڪتبو(70)، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا، جيڪي مير معصوم ايران ۾ هر هنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير معصوم(وفات 1014 هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر،”تاريخ سنڌ“ (1009 هه) جو مؤلف، صاحب ديوان ۽ هڪ ”خمسہ“  جو مصنف آهي. خواجه نظام الدين  طبقات اڪبري(1003 هه)، سندس ئي تحرڪ ۽ مدد سان لکي هئي(71).

سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ وارو، ٻيو سنڌي امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم ميرزا غازي ”وقاري“ هو، جنهن جي شخصيت نه فقط دلچسپ آهي، بلڪ رنگا رنگ خوبين جي ڪري بي انتها دلڪش پڻ آهي. جڏهن (1017 - 1071 هه) هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو، ان وقت سندس ذاتي درٻار، سندس غير معمولي علم پروري ۽ شخصي ڪشش جي ڪري ايراني شاعرن سان ڀريل هئي. طالب آملي پهريان سندس درٻار جو شاعر هو، جنهن سندس مدح ۾ ايڏا ته سٺا قصيدا لکيا، جو ”ملڪ الشعرا“ بنائڻ (طالب آملي) کانپوءِ به اهڙا قصيدا جهانگير کي نصيب نه ٿيا. شمساي زرين رقم، مرزا فصيحي هراتي، ملاشاني تڪلو، مير الاهي اسد آبادي، سنجر ڪاشي، محوي ارد بيلي، بزمي کوز، مير نعمت الله وصل شيرازي، ملا اسد قصه خوان، شيدا اصفهاني، ملا مرشد بروجردي، عتابي تڪلو، مولانا صوفي مازند راني صاحب بتخانه، سروري يزدي، مير عبدالباقي ”قصه خوان“ حڪيم مغفور گيلاني(72)، مرزا غازي جي بزم ادب سان واڳيل ۽ سندس مدح خوان هئا.

مرزا غازيءَ  جا شاه عباس ڪبير سان گهرا لاڳاپا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ ايلچي نياپو نڙو کڻي ايندا هئا. مرزا غازيءَ جي پاران، سيد عبدالله سلطان عريضي سبز واري هي فرض بجا آڻيندو رهيو(73).

پهريان ته سياسي لاڳاپا رهيا، پر وري جلد ئي شاه ۽ ميرزا جي وچ ۾ شخصي تعلقات پيدا ٿي ويا ۽ اهي ان حد تائين وڌيا، جو جهانگير وانگر شاه عباس به پنهنجي خطن ۾ مرزا کي”فرزند“ جي لقب سان مخاطب ٿيڻ لڳو. مرزا غازيءَ، شاه عباس جي مدح ۾ جيڪي قصيدا لکيا آهن، ان مان هڪ قصيدي جو هڪ ئي شعر اسان تائين پهتو آهي.

ز زهر مار زمان، در امان بود آن کس
که شاه مهرهء مدح تو، در دهن گيرد (74)

مرزا رستم صفوي (وفات 1051 هه)، شاه اسماعيل ڪبير جو  پڙ پوٽو هو. ايران کان ڀڄي جڏهن سنڌ پهتو . ان وقت(1000 هه) اڪبر جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان ۽ سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان درميان لڙائي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ واسطيدار تاريخن ۾ ڪوبه حوالو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي ، ليڪن ”عالم آر. ايء عباسي“ ۾ آهي ، ته هنن ٻنهي ۾ مرزا رستم صفويءَ ذريعي صلح ٿيو(75).

مرزا غازي ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿيو(1021 هه)، تڏهن مغلن سڌو سنڌ تي صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا، ته سڀ کان اول صوبيدار مرزا رستم صفوي ٿيو، جيڪو 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو. حقيقت ۾ مرزا رستم کي موڪلڻ کان اٰڳ ۾ مرزا غازيءَ جي ئي هڪ مائٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني)کي، صوبيدار ڪرڻ جي رٿ غور هيٺ آئي. ليڪن کيس هيڏي موڪلڻ کان انڪري ٽارو ڪيو ويو، ته متان هو قديم لاڳاپن جي ڪري شاهه عباس جي مدد سان سنڌ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي مسند واپس وٺي وڃي ۽ هندي مغلن کان سنڌ کي آزاد ڪري وڃي (86). چند سال اڳ شاهه عباس جي پاران قنڌار تي حملو ٿيو هو، جنهنڪري شاهه ۽ جهانگير جي وچ ۾ لاڳاپا سٺا نه هئا، جيتوڻيڪ ٻنهي طرفن نياپي نڙي جو سلسلو جاري رکيو هو (77). جهاگير سنڌ جي مسئلي ۾ مناسبت ۽ چڱائي ان ۾ ڏٺي ته سنڌ کان ايران جي لاڳاپن جي خاتمي لاءِ، مرزا رستم صفويءَ کي موڪلي، جيڪو شاهه عباس جو مخالف هو ۽ انهيءَ جي ڪري وطن ڇڏي هتي پهتو هو.

هن يارهين صدي هجريءَ ۾، جيڪا مغلن جي دور جي صدي آهي، ڪيئي ايراني شاعر هندستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٽڪيا. مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شاگرد ملڪ تعظيما قمي (78) هندستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين ترسيا ۽ اهڙا ٻيا به ڪيئي مثال، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ موجود آهن.

محمد سعيد سرمد ڪاشي شهيد (1070) جيڪو هن دور ۾ ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو (79). ٺٽي جي ئي هڪ فرزند کيس پاڻ - پڻي جي حد کان ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اهو ترڪ نه پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو، جنهن لاءِ سرمد چيو هو.

خدائي کيست اي سرمد: درين دير !

نمي دانم ابي چند است، يا غير.

ايران ۽ فارسي زبان توڙي ادب جو اثر صدين جي ڳانڍاپي جي ڪري، سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي چڪو هو ۽ سنڌي فطرت جو حصو بنجي ويو هو، جو هن يارهين صديءَ ۾ جڏهن رضائي ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”زيبا نگار“ (1053هه) لکي، تڏهن هن عشق جو پورو مواد جيتوڻيڪ سنڌ مان کنيو، ليڪن عاشق ۽ معشوق جا مقامي نالا ان ڪري بدلائي ڇڏيا، ڇو ته فارسيءَ جي نرم فطرت انهن نالن جي ڌاريائپ واري وزن کي پهچي نٿي سگهي. باوجود ان جي ته هو پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ کي بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو:

زبان سنده شيرين است شيرين!
بجائي خويش رنگين است رنگين
-------

نمي سازم بيان را سندهي آميز!
نيام از زبان سنده پرهيز!
----------

زملک پارس آدم پرنيان را!
بيو شانم عروس داستان را
چو حرف از عاشق و معشوق رانم
بلفظ فرس هريک را بخوانم
بگويم نام هريک تابداني
به هنگام که اين دفتر بخواني
چو در معشوق حسن و زيب ديدم
پي او نام ”زيبا“ برگزيدم!
------

همان شهري که مي باشد مقامش
زادم شهر حسن آباد نامش
”نگار“ از بهر عاشق سا ختم نام
که نقش اوست زيب لوح ايام. (80)

ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان تسلط جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪلهورن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو، حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا، ۽ سندن دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو، پر جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون، ان ڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. ان ڪري ان دور ۾ سنڌ ۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب لکيا ويا، بلڪ ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“  وغيره هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون آهن.

نادر شاهه جو دهليءَ کان موٽندي سنڌ ۾ اچڻ هن دور جو ايران جي حوالي سان مکيه سياسي واقعو آهي(1152 – 1153هه). ميان نور محمد(1132 - 1167 هه) ساليانو ڏن ڏئي، ايران سان پنهنجن لاڳاپن کي ٺاهيو ۽ نادري تلوار جي رتوڇاڻ کان پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کي بچائي ورتو، جيڪا محمد شاهه جي اڻ ڄاڻائيءَ ڪري دهلي ۽ دهليءَ وارن کي ڏسڻي پئي!

سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد، مستقل علمي ۽ ادبي آثار ڇڏيا آهن. هي علمي آثار سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد جي تصنيف ”منشور الوصيت“ (81) ۽ ”تاريخ“ تي متعدد ڪتابن تي مشتمل آهن ۽ ادب ۾ اهي مخالف توڙي موافق قصيدا آهن، جيڪي نادر شاهه جي آمد تي سنڌ جي شاعرن چيا آهن. سنڌي شاعرن تلميح جي طور تي به نادر شاهه کي پنهنجي شعرن ۾ ياد ڪيو آهي. مثال طور:

کرد غارت دهليءَ دل آن شهه، ميهه پيکران
شوخ من اندر ستم کمترز نادر شاهه نيست(82)

ان دور ۾ سرڪاري يا غير سرڪاري طور تي ايران جا ڪيئي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان عاشق صفاهاني(83)، مرزا جعفر شيرازي (84) ۽ ٻيا ڪيئي شاعر ۽ حڪومتي ڪارڪن آيا، جن جو ذڪر ”مقالات الشعرا“ ۽ تحفة الڪرام“ ۾ موجود آهي. عاشق هتي سنڌ ۾ فوت ٿيو، مڪليءَ جي مقام ۾ سندس قبر اڃا موجود آهي. شيخ علي حزين(85) ۽ ايران جو مشهور مرثيه گو شاعر ملا مقبل(86) (وفات گجرات - 1157 هه) پڻ ان دور ۾ سنڌ ۾ پهتا هئا.

نادر شاهه 11 محرم 1153 هه تي سنڌ مان ايران لاءِ موٽندي ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنو، جنهن جي تاريخ سنڌي درٻار جي شاعر هن ريت چئي:

اي آن که توئي بملک دولت قائم

از خوان تو افطار کند هر صائم

تا مملکت ”سند“ شهنشاهت داد

تاريخ تو شد”شاه قلي خان دائم“

تاريخ تو شد”شاه قلي خان دائم“ (1152 هه)(87).

نادر شاهه جيسين جيئرو هو، ايران سان اسان جا سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور تي نادر شاهه جي قتل(1160 هه) تائين ايران ۾ رهيا. جڏهن محمد مراد( 1164 هه) ۾ سنڌ واپس پهتو ته شاعرن سندن آمد جي موقعي تي قصيدا ۽ تاريخون چيون. مثال طور:

بامزده رسيد، خان عالي بوطن (جعفر).

--

بـــافــضــل خـــدا، خــان جـــوان بـخــت رسـيــد

از راه خراسان، بوطن باز رسيد (محسن) (88)

شيخ غلام محمد پڻ ايلچي طور نادري درٻار ۾ آخر وقت تائين رهيو(89). مير ابراهيم شاهه حيدرآبادي ٻيو سفير هو، جو سنڌ مان ايران درٻار ۾ ڪيئي ڀيرا آيو ويو(90).

سنڌ جي والي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايران پرستيءَ جو هڪ ٻيو مستحڪم ۽ مقدس نشان پڻ آهي، جو اڄ به اسان کي انهن ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. هي مشهد مقدس جي ڪتبخاني جي ميوزم ۾ اهو لاثاني ڪلام مجيد آهي، جيڪو هن نادر شاهه جي اچڻ کان اڳ (1148 هه) ”مقدس آستان“ ڏي موڪليو هو، جنهن جي سينگار ۽ سونهن جو مثال شايد ئي دنيا جي ڪتبخانن ۾ ملي (91).

(12)

تيرهينءَ صدي هجريءَ ۾”ٽالپور“ نالي هڪ ٻيو مقامي قبيلو حڪمران (1198- 1258 هه) هو. خود ”تال - پور“ جي لفظي ترڪيب ايراني ۽ سنڌي لاڳاپن جي هڪ علامت آهي. ايران سان هن گهراڻي جو تعلق، ان حد تائين ڳنڍ جي ويو، جو انهن ايران دوستيءَ ۾ نه فقط ان کي پسند ڪيو، بلڪ سندن طور طريقا، حڪمرانيءَ جا قاعدا ۽ ضابطا، رهڻ سهڻ، لباس ۽ کائڻ پيئڻ توڙي عمارت سازيءَ تي ايراني اتر غالب ڏسجي ٿو. قاچاري بادشاهن سان، سندن گهرا لاڳاپا هئا. وڪيلن جي اچ وڃ ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏي وٺ آخر تائين جاري رهي. مرزا محمد عليءَ کي سفير صور 1214 هه ۾ ايران موڪليو ويو، جيڪو واپسيءَ تي فتح علي شاهه قاچار جي سفير مرزا اسماعيل کي پاڻ سان وٺي آيو. هنن سفيرن جي اچڻ وڃڻ جون تاريخون، مقامي شاعرن جي ديوانن ۾ موجود آهن (92).

سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه 1219 هه ۾ ايران جي سفارت تان واپس پهتو، جنهن جي تاريخ مير مائل ٺٽوي چئي آهي. مير غلام محمد ٺٽوي سفارت تان 1225 هه ۾ واپس ٿيو ته سندس آمد جي تاريخ چئي وئي(93).

ٽالپور حاڪم پاڻ فارسيءَ جا مصنف ۽ صاحب ديوان شاعر هئا، چنانچه نظم ۽ نثر ۾ هنن حڪمرانن ڪيئي تصنيفون ڇڏيون آهن. سندن درٻار فارسي شاعرن ۽ خاص طرح ايراني شاعرن سان ڀريل رهندي هئي. ڪتبخانه ٺاهڻ جو کين خاص شوق هو. هر بادشاهه ۽ حرم اندر هر عورت جو ڪتبخانو الڳ الڳ هوندو هو، جن ۾ فارسيءَ جا مکيه ڪتاب موجود هئا. هي سڀ ڪتاب خاص طور تي شاهي ڪتبخانن لاءِ لکايا ويندا هئا ۽ اڪثر ڪاتب ايراني هئا (94).

هي ڪتبخانا انگريزن سنڌ غضب ڪرڻ وقت 1943ع ۾ ويران ڪيا. روس کان پيرس ۽ لنڊن کان جرمنيءَ تائين، مختلف ڪتبخانن ۾ انهن جا جزا موجود آهن. هن وقت به جيڪي ڪتاب اسان وٽ بچيا آهن، اهي پنهنجيءَ جانءِ تي بيحد قيمتي آهن. گهڻا ڪتاب اهڙن ايراني ڪاتبن جا ترتيب ڏنل آهن، جيڪي گهڻو ڪري ايران ۾ اڻ ڄاتل آهن ۽ پنهنجي دور جي ”خطاطن جي تاريخ “ ۾ اهي قيمتي واڌاري جا باعث بنجي سگهن ٿا. وصال شيرازيءَ جا لکيل ڪيترائي ڪلام مجيد موجود آهن. مولانا جاميءَ جو مڪمل”خمسه“ سندس پنهنجي اکرن ۾ لکيل موجود آهي.  ماضيءَ جي ٻين هندي بادشاهن کانسواءِ شهنشاهه آريه مهر جو دستخط پڻ موجود آهي، جو سنڌ جي آخري دارالسلطنت حيدرآباد ۾ سندس اچڻ جي موقعي تي يادگار طور هنيو ويو هو.

ٽالپوري دور جو هڪ ٻيو يادگار به اسان وٽ موجود آهي، ۽ اهو آهي معاصر شاعرن جو تذڪرو، جيڪو سيد مير حسن الحسيني شيرازي”زبدة المعاصرين“ (95) جي نالي سان، ٽالپور بادشاهن جي لاءِ (1240 هه) ۾ تاليف ڪيو. هن تذڪري ۾ گهڻو ڪري اهڙن ايراني شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، جن کان خود ايران جا ادبي عالم به واقف نه هوندا.

هن ڪتبخاني ۾ (ٽالپوري لائبريري حيدرآباد) ٻيا قيمتي ڪاغذات، جي ايران ۽ سنڌ جي لاڳاپن سان تعلق رکن ٿا ۽ ايراني بادشاهن جا موڪليل تحفا به شامل آهن.

اسان مٿي چيو آهي ته هتي جي اٿي ويٺي ۽ عمارت سازيءَ تي به ايراني اثر غالب هو. هن هڪجهڙائيءَ جي آخري نشاني حيدرآباد جي قلعي ۾ اها ننڍڙي عمارت اڃا به زبون حالت ۾ موجود آهي، جيڪا اصفهان جي ”علي قاپو“ جو نقل ڏسجي ٿي.

(13)

تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پهريائين هندستان ۾، ۽ پوءِ سنڌ ۾ انگريز ۽ سندن قبضي جا آثار گهرا ٿيندا ويا. مسلمانن کي ان جو ڪافي احساس هو، ليڪن مسلم حاڪم ان حد تائين ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ مغل سلطنت جي وحدت ان حد تائين ختم ٿي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪي هئي، جو ڪنهن ٻاهرئين تازه دم قوت جو مقابلو ڪرڻ سندن لاءِ ناممڪن هو. هن دور جا رسالا، ڪتاب ۽ شاعرن جا ديوان هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته هند جو خواهه سنڌ جو مسلمان، ايران جي طرف واجهائيندو هو. کين يقين هو ته ايران ضرور هن ڏکئي وقت ۾ بچائي وٺندو.

هن دور جو هڪ هندي شاعر ظهور الله ”نوا“، جنهن جا وڏا ستين صدي هجريءَ ۾ ايران کان هند پهتا هئا(96)، سو سنڌ ۽ هند جي هن حالت کان متاثر ٿي ايران جي طرف ويو ۽ اتي پهچي هن ”تاريخ جهانکشائي نادري“  جي مؤلف مرزا مهديءَ جي ڏوهٽي مرزا ذڪيءَ آڏو هي شعر پڙهيو:

تنگ دل، بيمار، جان برلب، بـہ ايران آمد م
اندرين ”دارالشفاءِ“ محتاج درمان آمدم

هي فتح علي شاهه قاچار (1797 - 1834ع ) جو دور هو. مرزا ذڪي، شاهي درٻار جي شاعر فتح علي خان ”صبا“ تائين کيس پهچايو ۽ ”صبا“ جي ذريعي ”نوا“  جڏهن شاه جي آڏو پهتو ته هند ۽ سنڌ جي ڏک ڀري حالت تي هن هڪ درد ناڪ قصيدو پڙهيو، جنهن جي شروعات هن فرياد سان ٿئي ٿي.

درهند از بدگوهران، آفت پديدار آمده!
سبز نخل فتنها، ظلم و بلا بار آمده!

۽ اڳتي هلي چوي ٿو:

احوال هندوستان زمــِـنَ، کن گوش اي شاه رمـِـن
در هند و سند و هم دکن، رايت نگونسار آمده !

 

”نوا“ قصيدي ۾ چيو آهي ته: اي دوست، جنهن ڏينهن پيغامبر هي خوشخبري ڏيندو ته شاه ايران هندستان جي ارادي سان قنڌار تائين اچي پهتو آهي، ان وقت اسين زبان سان سندس ذڪر ڪنداسين:

سازد ز قندش پر دهن، گويد چو منهيٰ ناگهان،
ياران! پئي هندوستان، شاهم بقندهار آمده!

قنڌار،ايران ۽ مرڪزي ايشيا جي طرف ويندڙ رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ، بهرحال انگريزن هي ضروري سمجهيو ته پهريائين سنڌ تي قبضو ڪجي. چنانچه دهليءَ تي تسلط (1857ع) ڪرڻ کان چوڏهن سال اڳ هنن(1843ع) سنڌ تي قبضو ڪيو.

آزاد سنڌ جي حڪومت ۽ ايراني مملڪت جي لاڳاپن جي آخري نشاني، اسان وٽ يادگار طور تي اهو لاجواب ڪلام مجيد آهي، جيڪو ٽالپورن جي آخري آزاد سلطان مير محمد نصير خان 1258 هه ۾ مشهد مقدس جي لاءِ سنڌ کان موڪليو هو، جيڪو اڄ به اتي جي ميوزم جي زينت بنيل آهي. هي ڪلام مجيد(97)، ان قرآن پاڪ کان، جيڪو هڪ سؤ سال اڳ سنڌ کان موڪليو ويو هو، سينگار ۽ سونهن ۾، ڪنهن ريت به گهٽ ڪينهي.

بزرگ خطئه هند و امير کشور سند
که نامَ نامئي او خود علي مدد خان شد
بزر گواري کز عقل و دانش و تدبير
بدهر غيرت اعشيٰ و رشک حسان شد

---------

پس آنگه از پئي تاريخ اين زيارت مير
خــِـرد ”بعرصہ فکر و خيال“ پويان شد
ز هوش ”فرصت آور د سر“ پس آنگه گفت

علي مدد مددش از علي عمران شد!(98)

1289 + 5 - 1294 هه

جيتوڻيڪ انگريزن جي تسلط بعد سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا ظاهر ۾ ّختم ٿي ويا، پر روحاني ۽ ادبي لاڳاپا، صدين وانگر برابر قائم ۽ جاري رهيا.

(ڪراچي 2 - 8- 1966ع )

حوالا ۽ حاشيا (از: مقاله نگار)

(1)

162 - 148، 47، 38 J.B.P.P

(2)

رشيد: ص 23- 49.

(3)

قصص: ص 118 ۽ سمٿ: ص 107.

(4)

عزر: ص 563، مسعودي : ج 2، ص 191 - 200.

(5)

38 E.I.P.

(6)

خان: ص 12 - 14، خرد: ص 62، مسعودي: ج 1، ص 349.

(7)

تاريخ: ص 134 - 36 - 216 - 233، خل: ج 3، ص 343، سيد: ص 241.

(8)

ايران جي ماڻهن ۽ قافلن جو ذڪر عربن جي ڪتابن ۾ موجود آهي.

مثال طور: مسعودي (346هه) .........”و بلادالهند متصله ببلاد خراسان والسند ممائل المنصورة والمولتان والقوافل المتصلة من السند الي خراسان “ (ج ا، ص 157) ادريسي (560-493 هه) لکيو آهي ته خراساني ۽ ايراني بلخ جي بختي نسل توڙي سمر قندي نسل جي وڌائڻ جي لاءِ، سنڌ کان اٺ خريد ڪيا هئا ”اهل يرغب فيها اهل خراسان وغيره من اهل فارس و شبائهاالنتاج البخت البلخيته  والنوق السمرقنديہ“ (ص 21). ان ريت ابن بطوطه (734هه) بادام متعلق لکيو آهي ته .... ”از خراسان بادام وارد مي کردند زيرادر اينجا ( در سند) درخت بادام وجود نداشت“. عالمن ۽ شاعرن جي آمد رفت جو حال به عربي ڪتابن ۾ اچي ٿو، چناچه مقدسي (تاليف 375هه) شيراز ۾ هڪ عالم سان ملاقات ڪئي، جو مدت کان سنڌ ۾ ٽڪيل هو، ۽ هن کيس سنڌ جي حالتن کان واقف ڪيو هو. هڪ وڌيڪ فاضل سان به مقدسيءَ جي ملاقات ٿي هئي، جيڪو ابوالهشيم نيشاپوريءَ جي دوستن مان هو، ۽ هن سرزمين سنڌ جي ڪيئي علائقن کي ڏٺو هو ... ”و ساعه لت رجلامن اهل العلم الحکمهہ و کان يجلس يشيراز والاهواز ويقص عليهو ويعرف بالزهد و قد اقام بتلک البلد ان مدة مديدة (ص 477) ... وکذ الک سالت فقيها آخر من اصحاب ابي الهشيم النيسابوري وقد وطي تلک النواحي و عرف اسبابها فصح عندي من قولها (ص 478هه).

مقدسي انهن سفيرن سان به مليو هو، جي منصوره جي حڪومت پاران، عقدالدوله (283-338هه) جي درٻار ۾ مقرر هئا... ”ورايت رسولهم قدواني“ الي ا ابنيہ ونجن بشيراز“ (ص 285).

جنهن وقت ابن بطوطه (734هه) بکر پهتو، ته ان وقت هن شمس الدين بن محمد شيرازيءَ سان ملاقات ڪئي هئي.

هنن لاڳاپن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته عربن جي دور ۾ پڻ سنڌ ۽ ايران جا گهرا لاڳاپا قائم هئا.

(9)    اگرچه عرب جغرافيه نويسن منصوره ۾ فارسي زبان جي رواج جو ذڪر نه ڪيو آهي، تاهم انهن مڪران ۽ ملتان جي باري ۾ لکيو آهي ته اتي جا ماڻهو فارسي ڳالهائيندا ۽ چڱي پر سمجهندا هئا. مڪران ۽ سنڌ نه صرف هي ته دنگئي هئا، بلڪ وڏيءَ حد تائين مڪران سرزمين سنڌ جو حصو هو ۽ ملتان به ان وقت منصوره کان جدا ٿي چڪو هو، ليڪن جغرافيه ۽ تاريخ جي خيال کان سنڌ جو هڪ حصو خيال ڪيو ويندو هو. اصطخري:(وارد هند: 534 هه) ”ولسان اهل مکران فارسي ومکراني“ (ص 40). اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن جو لباس به ايراني هو. ڏسو: اصطخري(ص 177). ان ريت مقدسي (تاليف 375 هه) ملتان متعلق لکيو آهي”...وفارسية مفهومته“ (ص 480).

اگر ملتان ۽ مڪران ۾ فارسي رائج هئي، ۽ ماڻهو هن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ته پوءِ هي ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته سنڌ فارسي زبان کان محروم هئي، جڏهن ته منصوره ۽ ديبل وڏا واپاري مرڪز هئا.

(10)    223 E.R.E:P.

(11)   زين: ص 70، سنڌ ۽ ملتان جي اسماعيلين لاءِ وڌيڪ ڏسو، سيد: ص،5  3 - 329، 341- 355 ۽ فرشته: ج ا، ص 17 ۽ 27، ڪامل: ص 132.

هن ڏس ۾ عنصري چوي ٿو:

نه قله ماند که نکشاد و نه سپهه که نــَـز دَ

نه قرمطي که نکشت و نه گبر نه کـافر

(ديوان: ص 111)

(12) دقيقي:

شـہ بر برستان و شاهان هند

گـزيـنـش بـداد ند و شــاهـان ســـنــد

(ديوان: ص 80)

فرخي: (جڏهن هو محمود سان گڏ سفر ڪري رهيو هو)

شنيده ام که فرامر ز رستم اند سند
بکشت مارو بدان فخر کرد بيش تبار

(ديوان:ص 53)

بسند و هند کسي نيست مانده کان ارزد
کز آن توشود آنجا بجنگ يک چاکر

ص 73

زنده پيلان کز در دريائي سند آورده اي

مال ديگر بگز راني از لب دريائي نيل

ص 221

رايت تو سايه افگنده است بر دريائي سند
کي بود شاها که سايه افگند برکوه شام
سند و هند از بت پرستان کرد پاک
رفتــہ زيد سوتا بدرياي روان

ص 263

عنصري:

بسند و هند ز عکس رخ هزيمنيان
مزا رغوان را نتوان شناختن ز زريد ديوان

ص 73

بسند و ناحيت هند شهريار آن کرد

کجا بمردم خيبر نکرده بد حيدر

ص 111

هم اندرين مه کايد حرب کرد و رفت بسند

بحرب کوره و تارا چوگپز کان کبر

ص 112

قطران:

اگر چه زاءِ تو اين جا وگرچه جاي تو ايدر

بتو تر سانند اندر سند و چين اطفال را مادر

ديوان، ص 174

ناصر خسرو:

از پارسي و تازي و از هندي و از ترک
و ز سندي و روسي و ز عبري همه يـکســر

ديوان، ص 174

پيغمبر عرب يکسر مشرف گشت و فراد
ز ترک و رومي و هندي و سندي گيلي و ديلم

                     ص 269

بــــِـعلم هند سر بر کشيدي
بسند و هند اطراف خراسان

ص 213

بسند انداخت گاهم گهه بمغرب
چنين گرهز نديد ستم فلاخن

ص311

 

من همي نازش بال حيدر و زهرا کنم
تو همي نازش بسند و هند بد گوهر کني
.............................................

بنده اي را سند بخشي پيشکاري را طراز!
کهتري را بر زمين خاو ران مهتر کني

                      ص 423

بخواهد خورد مر پروردگان خويش راگيتي
نخواهد رستن از چنگال او سندي و نه هندي

ص 493

چوفضل دين احمد را ز فضل خويش بفگندي
چو باشد فضل سوي او بر هندي و سندي

ص 494

مسعود سعد سلمان:

رايان هند را و هزبران سند را
در بيشها بيان و بيکجا نثار کن

ديوان، ص 437

عسجدي:   

(جڏهن محمود سان سنڌ ۽ گجرات ۾ هو)

تا شاه خسروان سفر سومنات کرد
کردار خويش را علم معجزات کرد

ديوان ايڊٽ طاهري شهاب

امير معزي:

بر زمين هند و سند از هيبت شمشير او

شير غر ند نگردد ديکزبان غائب ز غائب

ديوان، ص 66

از ناحيه سند کنوتا بدر هند

بس کس که ازين رنج بدر دست و بيمار

                 ص 202

خصم ملک از گريزي صد لشکر آورده بهم

از حد کالنجر و قنوج و سند و مولتان

                 ص 520

مختار غزنوي:  

(جيڪو سرهنگ خطيبي ۽ مسعود سعد سلمان جي ملڻ لاءِ، سنڌ ۾ آيو هو. مقدمه: ص 95)

ترا بحا کمي سند تهنيت چه کنم
که گست از هنرت هنر ور زمانه سمر
همه ممالک مشرق سپرده گيربتو

چو هند برتو نوشتند سند را چه نظر  ديوان،

ص 139

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com