سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :8

ٻنهي سمجهيو ته ڄڻ کين بي بها موتي مليو آهي. خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيا. اڳ هو ڏاڍين مصيبتن ۾ هئا، پر پٽ جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ اهي سڀ وساري ڇڏيائون. ڪنهن شيءِ ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندا هئا. دنيا جي ڪا به شيءِ کين نٿي وڻي. هو هيستائين بنا ڪنهن مقصد جي پيا رلندا هئا، پر پٽ  ملڻ کانپوءِ، انهن جي نظرن ۾ دنيا هڪ جادوءَ جو کيل ٿي پئي. ڪيئن ڇوڪري کي خوش رکون؟ ....ڪيئن کيس کارايون ۽ پهرايون؟ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ کين ننڊ ئي ڪانه ايندي هئي. هو اڳ ڪنهن ڳالهه جو به فڪر نه ڪندا هئا، پر خدا ڄاڻي، ڇوڪري جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ، ڪٿان اچي انهن تي ڳڻتين جو بار ٽٽو.

چئن سالن کانپوءِ ڇوڪري جي ماءُ بيمار ٿي پئي ۽ آخر مري وئي. ماڻهو چوڻ لڳا، ”ڏينهن رات رستن تي رلي رلي، سردين ڪري ويچاري ماڻس ته گذاري وئي. ٻارڙي جي ته حفاظت ڪر“.

غريب ۽ لاوطن پيءُ ماڻهن جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ اڳتي وانگر کليل ميدان ۾ گذارڻ لڳو. ”پنهنجي جان جي حفاظت لاءِ جاءِ ضروري شيءِ آهي“ اها ڳالهه هن ڪين سمجهي. سندس دل ۾ هڪ خاص احساس صرف اهو هو ته سندس زندگيءَ جي رفيق، ڏک سک جي ڀائيواري کيس ڇڏي هلي ويئي!

ڇوڪري جا مهانڊا ماءُ جهڙا هئا، ڄڻ ته هوبهو ماڻس ويٺي آهي. انهيءَ جهڙا گهنڊيدار وار، ٽڙندو چهرو، مطلب ته سڀ اهي ئي خاصيتون هئس. ڇوڪري کي ڏسي مڙيئي غم غلط ٿي ويندا هئس. جڏهن پنهنجي رفيقئه حيات لاءِ سندس دل بيقرار ٿيندي هئي، تڏهن ٻار کي ڇاتيءَ سان لائيندو هو ۽ ائين ئي دل وندرائيندو هو، مطلب ته هاڻي سندس زندگيءَ جو سهارو صرف اهو هڪڙو پٽ ئي هو.

پر هو وڏو بدنصيب هو، محبت جو پتلو .... زندگيءَ جو سهارو .... اهو ڇوڪرو به کيس جدائيءَ جو داغ ڏيئي ويو. ننڍڙو ٻارڙو ڀلا گرمين سردين جون سٽون ڪيستائين سهي سگهندو! جنهن وقت ڇوڪرو مري ويو، تڏهن هو چرين وانگر رڙيون ڪرڻ لڳو۽ سوچڻ لڳو ته مون ماڻهن جو چيو ڇو نه مڃيو؟ ڇو نه هن جي حفاظت ڪيم؟

جنهن وقت  ڇوڪري کي قبر ۾ پوريو ٿي ويو، تنهن وقت سندس اکين مان جرُ جاري ٿيو، ڄڻ ته اهي ئي سندس ساريءَ زندگيءَ جا ڳوڙها هئا.

ايتري روئڻ کانپوءِ به دل نه ٺريس. ائين پئي ڄاتائين، ڄڻ ته هن لاءِ سارو جڳ اوندهه جو، بدن جو سارو رت ست پاڻي ٿي اکين مان وهي چڪو اٿس.

هن جون اکيون سدائين پٽ جي تلاش ۾ هونديون هيون. هو پٽ جي خيالي تصوير ٺاهي پنهنجي اڳيان رکڻ گهرندو هو، پر سندس خيال به سندس ساٿ نه ڏنو. پٽ جي اهڙي ڪا به شيءِ ڪانه هيس جو ان کي ڏسي دل کي آٿت ڏئي سگهي. ويڙهڻ جي چادر ۽ وڇائڻ جو ڪمبل به ان سان گڏ قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو هيائين. پنهنجون سڀ نشانيون کڻي سندس پٽ کانئس جدا ٿي ويو.

هاڻي هو بيجان بلڪ جانورن وانگر ٿي رهڻ لڳو. هن جون ساريون خوشيون مٽجي ويون.

هڪ دوست کيس ٻڌايو هو ته ”باغ ۾ گهڙي ميوو پٽي کائڻ ۽ ڌاڙو هڻڻ ساڳي ڳالهه آهي. ٻنهي ۾ ڀلا ڪهڙو فرق آهي؟ جهڙي چوري هوءَ، تهڙي هيءَ“ اڄ جاءِ جي اڳيان بيهي اهي ئي خيال پچائي رهيو هو.

هو گاهه تي سمهي پيو. الاجي ڇو ان وقت سندس سينو ڦاٽي رهيو هو ۽ کائنس ڳوڙها وهي رهيا هئا. روئڻ کان پوءِ ڪجهه آرام مليس ۽ اٿي کڙو ٿيو. دل جو دل ۾ خيال ڪرڻ لڳو، ”ٻيا ماڻهو ته چوري ڪن ٿا؟ مان به ڇو نه ڪريان؟ سوچڻ ڇا جو؟“

ان کانپوءِ يڪدم ڇلانگ ماري، سامهون واري موري ٽپي وڃي ڀت جي ڀرسان بيهي رهيو.  جيئن ڀت جي ويجهو ٿيندو ٿي ويو، تيئن تيئن سندس بدن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙڻ ٿي لڳي. ڇا جو شرم؟ ڇا جو لحاظ؟ جنهن وقت هن ڀت تي هٿ رکيو تنهن وقت ڪجهه خيال نه ٿيس. هو يڪدم ڀت ٽپي ويو. سامهون واري ڪوٺيءَ جو قفل ته هڪ ئي ڌڪ سان کوليائين ۽ اندر گهر ۾ داخل ٿيو.

ٿوري دير ته کيس اونهه ۾ ڪجهه به نظر ڪين ٿي آيو. پر آهستي آهستي هن کي سڀ شيون چڱيءَ طرح نظر اچڻ لڳيون. انهن کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو. جاءِ بلڪل صاف هئي، هر شيءِ با ترتيب رکيل هئي، ڀتين تي تصويرون ٽنگيل هيون. هو عجب ۾ بيٺي غوطا کائي رهيو هو ۽ خيال ڪري رهيو هو ته ”هي شيون ڪهڙي ڪم اينديون آهن؟“

فقط بيٺي ڏٺائين، پر اهو فيصلو نه ڪري سگهيو ته انهن مان ڪهڙيون شيون کڻي؟ جيئن جيئن سوچيائين ٿي تيئن تيئن خيال جي ڄار ۾ ويو ٿي ڦاسندو. کيس ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ سڀ شيون کيس پڪاري چئي رهيون آهن ... ”مون کي کڻ، مون کي کڻ“. هو ڪهڙي شيءِ کڻي ۽ ڪنهن کي ڇڏي، انهيءَ خيال ۾ سندس مغز ڳورو ٿيڻ لڳو ۽ ذري گهٽ چرئي ٿيڻ تي آيو.

سامهون هڪ باجو پيو هو. اهو وڌي کنيائين ۽ هڪ ڌڪ سان ڀڃي ڇڏيائين. باجي ۾ ڪجهه ڪاغذ پيا هئا، ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. هڪ ڪنڊ ۾ ٻه سونيون مهرون چمڪي رهيون هيون، اهي کڻڻ لاءِ جيئن هن هٿ ڊگهيڙيو تيئن سندس نگاهه هڪ تصوير تي وڃي پئي. يڪدم کيس ساري بدن ۾ سيسراٽي پيدا ٿي. خوشيءَ جون لهرون سندس دل ۾ ڊورڻ لڳيون. اها تصوير هڪ ننڍي ٻار جي هئي. خيال جي مدد سان هو جنهن تصوير ڪڍڻ ۾ ڪيترا ڀيرا ناڪامياب ٿيو هو، اڄ اها تصوير اکين اڳيان ڪاغذ تي نڪتل ڏسي، خوشيءَ وچان ٽپڻ لڳو ۽ ٻيو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيائين. هو ڇا لاءِ آيو هو؟ ڪٿان آيو هو؟ کيس اها بلڪل خبر نه رهي. چرين وانگر رڳو پئي اکيون ڦاڙي تصوير ڏٺائين. اها ئي صورت، اهي ئي گهنڊيدار وار، اهي ئي وڏيون اکيون، چپن تي اها ئي دلفريب مرڪ. اها ڪنهن ڇوڪري جي تصوير هئي ....؟ اهو بلڪل نه سمجهي سگهيو، پر سندس دل چئي رهي هئي ته اها تصوير سندس پٽ جي آهي. ڪيتري وقت کان هن جي دل جنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هئي سا حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. هن جا سڀ غم هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ ختم ٿي ويا. پٽ جي ڪنهن نه ڪنهن نشانيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳي هو چرين وانگر پيو ڀٽڪندو هو. سو اڄ اها هٿ ۾ جهلي خوشيءَ وچان پاڻ کي ئي وساري ويٺو. هن تصوير کي ڇاتيءَ سان لاتو.

ڪافي دير تائين تصوير کي ڇاتيءَ سان لايو بيٺو رهيو. نيٺ ان کي چمندي چٽيندي، کڻي ٻاهر نڪتو. ان طرح سان، هڪ دفعو وري کيس زندگي موٽي واپس ملي. اها چوري هن جي پهرين ۽ آخري چوري هئي. ان کانپوءِ ٻئي ڪنهن به شيءِ جي چورائڻ جي کيس خواهش نه رهي. ڄڻ ته هاڻي کيس ڪنهن به شيءِ جي گهرج ئي ناهي!.

 

”بردو“ سنڌي

آٿــت

هڪ نئين نيٽي پرڏنجهي زال، پنهنجي ڪکائين گهر جي چائنٺ وٽ، هيٺ ڪنڌ ڪري، ڪنهن وڏي ويچار ۾ ٻڏل، هڪ هٿ سان مٿي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي آهي، ۽ ٻئي هٿ ۾ سڪو ڪک اٿس، جنهن سان ڌرتيءَ تي هرو ڀرو، آڏا ابتا ليڪا ويٺي ڪڍي.

پريان سندس ڏيڍ سال جو معصوم، اڱڻ تي ڌوڙ ۾ ليٿڙيون پائي کيڏي رهيو آهي.

”اسين تئان آهيون، جني کهنبو نانهن

”وڃون ڪنهن وهان، ته پڻ مٿهون کٿيون (شاهه)

هن جي سُڪل ۽ سنهڙن چپن مان اهي لفظ نڪتا ۽ هڪ ٿڌو ساهه تيزيءَ سان اڀ ڏانهن اڏامي ويو.

ٻيءَ هڪ اڌڙوٽ ضائفان، پاڙي واري گهر مان نڪري، اچي هن جي مٿان بيٺي آهي، جنهن جو هڪ هٿ پنهنجي چيلهه تي آهي، ۽ ٻئي هٿ تي کاڏي ٽڪائي، لڙيل ڪنڌ سان، ويٺل زال جي منهن ۾ جوهه وجهي نهاري ٿي، ۽ منهن تي هلڪي هلڪي مرڪ ڇانيل اٿس.

”اڙي جنت! خير ته آهي؟“ اڌڙوٽ چيو.

”تون ۽ مونجهه! ... ڇو؟“

”تو جهڙي وينگس ونيءَ کي ته مرڪندو ڏسجي، ڀٽائي ڄاڻي! توکي کلندو ڏسي هينئون ٺريو پوي“”

”اڙي! وسن جهڙي وهيءَ لاڏن جهڙن سونهن، تون پٽ جي ماءُ، جئيئي ورُ، ڀلا باقي ڇا کپئي؟“ ٿورو ترسي.

”ٺهيو ! ... سمجهيم!... ائين ڇو نه؟ ته وڏيري عارب آڪهه، سڀاڻي وهانءَ تي جهان پور ويندي، ۽ توکي به پنهنجي پيڪن جي ان شاديءَ تي ضرور وڃڻو آهي. ها ... سو هڪ طرف هوندو رنگين ريشم ۽ سون رپي جو سوجهرو، ۽ ٻئي طرف هوندا ٻُسا ڪن ۽ ٻسيون ٻانهون، ٻڪل ۾ ٻاٽ اونداهي! ٿڳڙين ٿڦيل جون اهي ليڙون توکي لڄائينديون ! ... ائين نه ؟“

”نه ماسي“ جنت جهيڻي آواز ۾ ڀڻڪيو.

”نه وري ڇاجي، تنهنجي ليکي ملوڪان اُس ۾ مٿو اڇو ڪيو آهي، سا ڪنهن جي دل کي ڇا سمجهندي!“

”ٻڌ جنت!

”اهي ليڙون لکن مٽ ڀائنجن، جي لڄ لڪائين ...

 

ننگا آهيون نڪتا، اسين مارو لوڪ،

ٿر کي ڀانيو ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيڙون جو“ (شاهه)

ايترو چئي، ملوڪان جنت جي ڀر ۾ ويهي رهي، ۽ ائين ئي هن جي ڪڇ ۾ هٿ هڻي ڪتڪوڙيون ڪڍي کلائڻ جي ڪيائين، مگر جنت تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو. کلڻ بدران هن جي نماڻين اکين مان ٻه چار گرم گرم لڙڪ ڏڪي ڏڪي اچي پٽ تي ڪريا، جن کي پياسي زمين کن ۾ پي ورتو.

”ڇو جنّي ؟“

ملوڪان هڪي ٻڪي ٿي پڇيو. هن جي نرڙ تي پگهر اچي ويو. ويچاريءَ جو اڌ هانءُ کاڄي ويو! جنت ڪو به جواب ڪونه ڏنو، رڳو آلين اکين سان ملوڪان کي گهوريندي رهي.

”پر ٻڌ! هو ته ڏس ... اڙي نڀائي هوڏي ته نهار ... اجهو هو تنهنجو اٻوجهه ۽ اربيلو ٻچڙو مراد، توکي اداس ڏسي، ڪيئن نه نماڻو ٿي توڏانهن پيو نهاري! مٺي ...ڏس ته، توکي ماٺ ۽ مونجهه ۾ ڏسي هن جي بنهه ننڍڙي دل ڌڙڪي رهي آهي“ ملوڪان، ننڍڙي ٻار ڏانهن نهاري چيو.

”اڙي ائين نه ڪر... ڪجهه کل... ڪجهه ٻول ته جيئن تنهنجي دلبند جي هاءُ تي ڇنڊو پوي!“

”بس رڳي هڪڙي مرڪ، رڳو هڪڙو ٽهڪ، هوريان ئي سهي!“

””مار! ڏاڍي پڪي آهين جنت! پنهنجي پياري لاءِ به نه ٿي کلين؟“

”جنت !کِل ... توکي کلڻو ئي پوندو“.

”مٺي، هو ته ڏس، هو ڪيتريقدر نه اتاولو آهي تنهنجيءَ مرڪ لاءِ“.

”ڏٺئي ؟“

”آهي نه تنهنجي مرڪ ۾ جادو!“ ملوڪان به مرڪي ڏنو.

ڪيڏي نه مام رکيل آهي، ماءُ جي مهرڀري مرڪ ۾!“

”هاڻي ڏس، تنهنجو ٻچڙو، توکي کلندو ڏسي ڪيئن نه گد گد ٿي رهيو آهي“.

”جنت! اها آهي حياتي، جا هر حال ۾ ڪاٽڻي آهي. ان حياتيءَ جون حالتون هميشه هڪجهڙيون نه هونديون آهن. نه سدا سک نه سدا ڏک. ڀلا جي ڏک نه سدائين هوندا، ته پوءِ، ڪو ڪيستائين سهندو!“

”ٻڙي، ٻڌو ڪين اٿئي!“

”م ڪي روم رڙڪي، هنجون هڏ م هار،

جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گهار،

اِن مع العُسر يُسرآ، اِها سٽ سنوار،

ڏکن پٺيان سکڙا، سگها ٿين سنگهار،

لٿو لوهه ”لطيف“ چئي، پروڙج پنهوار،

ٻيڙيون نيئي ٻار، تو تان بند بداع ٿيو“ (شاهه)

”هائو ...ڪير نه ٿو مڃي؟ ڏک ۽ سک ته برابر ڀائر آهن! پر هيءَ به ڪا حياتي آهي ماسي؟“ جنت اکيون اگهي چيو.

”جيجل ! تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته آهي ڪو اهڙو، جنهن جو من جاءِ هجي؟“

”اوهو!... ڏاڍي چري آهين“ ملوڪان چپن کي موڙو ڏيئي چيو.

”اهائي ته حياتيءَ جي ثابتي آهي، جنت!“

موڳي، انهيءَ اڻ-تڻ جو ئي ٻيو نالو، حياتي آهي. اِها بيچيني ۽ بيقراري نه هجي ته ڏسجن. نوان نوان زمانا، ۽ نين نين راهن تي سفر ۽ سانگ ڪجي“.

”ماسي! اهو زمانو ڇا آهي؟“ جنت اتاولائيءَ مان پڇيو.

”ڇو؟  زمانو ڪونه ٻڌو اٿئي؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com