سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :5

”ذوالفقار“ راشدي

ماڪ – ڀني رابيل جيان آ ڪنهن جو مکڙو ڀورو،

دل جو ڀؤنر تڪيندي تنهن ڏي وقت ڪري ٿو پورو.

 

هر دو ٿَر ٿَر، اکڙيون هِر کِر، انگ انگ ۾ سرهاڻيون،

پوپٽ جهڙن پَرَن تي ڇڻڪيل ريشم جهڙو ٻورو!

 

چانڊوڪين جي چاهه ۾ ڪنهن جي چت – چڪوري ڦٿڪي،

چوڏهينءَ چمڪي رات ڏنو آ ورهن جو ويسورو.

 

سِڪڻي آهي سوچ، اَڏي ٿي ڳاڙهي ڳاڙهي  ماڙي،

جنهن ۾ هڪڙيءَ لال پريءَ جو لُڏندو آهه هندورو.

 

ريت، پريت جي ڪو به نه ڄاڻي، ڪوئي نه ڪنهن کي ٽوڪي،

هر ڪنهن جو سڪساءُ رهي ٿو ازلان ئي اڻپورو.

 

پيالي سان پياڪن جو آ هيج اڳي کان اڳرو،

ڪوءِ ڪلالن جي وَسندي آ ساهه ۾ سال سمورو!

 

هاءِ گمانئون ڪوئي راڻو، مومل مُسجي ويٺي،

ڪاڪ ڦٽائي رات، ڇڏي ويو رنگ ۽ راز اڌورو!

ايم. ڪَمل

سوچ ۾ غرق زندگاني هئي،

شام جي آفتاب جان ٿي لڳي!

هن ٿڪل زندگيءَ جي موڳي مُرڪ،  

 

صبح جي ماهتاب جان ٿي لڳي!

هر تقاضا نٺر حياتيءَ جي،

 

ڪنهن ستمگر جي خواب جان ٿي لڳي!

منهنجي بي صبر دل جي حسرت کي،  

 

ماٺ تنهنجي عذاب جان ٿي لڳي!

ڳاري، سڀني کي ٿي ڇڏي هيءَ ”ڪمل“،

 

زندگي، جا حباب جان ٿي لڳي!

استاد بخاري

جدّت جي نموني سوچي ۽ سّچ چئي ڦاٿا آهيون،

الله غني ! ڪهڙن ڪهڙن مهڻن ۾ اچي ڦاٿا آهيون.

مالهيءَ جي نظر، گل چين نظر، ايندڙ جي نظر، ويندڙ جي نظر،

ڪنهن گل جان اجڙيل گلشن ۾، بي وقت ٽڙي ڦاٿا آهيون!

ڪن گز  ڇوڙيا، ڪن تير اُڇليا، ڪن دام آندا، ڪن دوناليون،

وهمن کي ڪري پرزا پرزا، آزاد اُڏي ڦاٿا آهيون.

واعظ به رٺو، پنڊت به رٺو، آقا به رٺا، ڪهڙو نه رٺو،

انسان جي لئه حق لئه انسان، والله گهُرِي ڦاٿا آهيون.

هيڏهن ڦوڪا، هيڏهن ڇوها، هوڏهن جهونڪا، هوڏهن طوفان،

اونداهه جي ڪاري سيني تي هيڪر ته ٻَري ڦاٿا آهيون.

بلبل جي چهڪ پڃرو چوريو، موتئي جي مهڪ گلچين آندو،

”استاد“ اسان جو ڏوهه ڪٿي! هي شعر لِکي ڦاٿا آهيون!

واسديو ”نرمل“

دنيا آهه سُکن جي کاڻ،

ذرا ڏکن سان کوٽي، ماڻ.

دل جي ڌرتي، پيار جو ريج،  

 

کپي، مگر، ٿو درد جو ڀاڻ!

ننڊ نهوڙيو ”سسئي“ کي،  

 

ڪين هيس قسمت ۾ ڪاڻ.

ياد ۾ ”سهڻي“ جي سڏڪِي،  

 

پڇتائي پيو ٿو مهراڻ!

منهنجا سپنا، واسي ڇڏيا،  

 

تنهنجي يادن جي سرهاڻ.

هڪ ڀيرو ته ستايو ٿَئي، 

 

ٻيهر ڇيڙين ٿو ڇا ڪاڻ؟

اُڀ تي ڪوري چنڊ اُڻي،  

 

اڊاڪا جي ململ- چانڊاڻ!

”نرمل“ ، جيون ٻيو ڪجهه ناهه، 

 

ڀلي بُري ۾ آ ڇڪتاڻ!

”نشتر“ ناٿنشاهي

جفا جو جوش ۽ طرزِ وفا شعار ڏسو،

ڏسو هي صدق جو گردن، هو موت مار ڏسو.

 

ڇُري جو اوج به اڄڪلهه ته اوج تي آهي،

خموش گوشئه خلوت ۾ هي ترار ڏسو.

 

ڪٿي نزاڪتِ گل ۽ ڪٿي خزان جو ڀوت،

دلِ حزين ۽ خطرناڪ اضطرار ڏسو.

 

چراغِ صدق و صفا گل ڪيو ڇو بادِ حَسَد،

نظامِ بزم رهيو ڪيئن، انتشار ڏسو.

 

اي گل پرست گلن کي ته انتظار ڏسو،

خزان فقط ٿي چمن ۾، ڪٿان بهار ڏسو.

 

بپا ڪيو مون دوباره هي نّوح جو طوفان،

روان اڃا به اچي چشم اشڪبار ڏسو.

 

خوشي نه فتح تي گهرجي، شڪست تي غم نه الم،

غزا ۽ شوقِ شهادت ۾ اعتبار ڏسو.

 

ڏسو هي اشڪِ مسلسل جي ڇا رواني آ،

شڪست آهه مڃي، بحر- بيڪنار ڏسو.

 

خزان لٽي پئي اڄ باغ جو خزانو- مگر،

اڃا به خواب ۾ بيخود ستل بهار ڏسو.

 

رئاري گل کي ٿو هر صبح باغبان جو فراق،

”چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو“

 

هي فصلِ گل به عجب آ جو قيد آ مليل،

”چمن جو رنگ ڏسو، موسم بهار ڏسو!“

 

لڙيس خزان سان اي ”نشتر“، بهار جي خاطر،

مخالفت ۾ مگر خود بخود بهار ڏسو!

”وفا“ ناٿنشاهي

حُسن بي پرده، بي نقاب نه آهه:

ڇا حجابِ نظر حجاب نه آهه؟

وقفِ ”هل من مزيد“ آهي دل،

يار جو ظلم بي حساب نه آهه.

 

ڇا هي ٻيو تُنهنجي بزم ۾ ساقي،

ميڪشن لئه اگر شراب نه  آهه!

 

فتنئهِ روزِ حشر آ بيدار،

هو اڃا تائين محوِ خواب نه آهه.

 

مون سان دانسته ڇو خطاب نه آهه،

ڇا اِهو دوست، اجتناب نه آهه؟

 

منهنجي مايوسين جي حد نه رهي،

دل کي اڄ آرزو جو تاب نه آهه!

 

هُن جي دل ۾ ”وفا“ جو آ مَسُڪن،

هُن جي محفل ۾ يارياب نه آهه.

”آثم“ ناٿنشاهي

اچو ڙي سوڍا، اچو ڙي راڻا، ڪاڪ محل تي ڪاهيون،

ڪَنڊا-ڪُرڙا راهه جا پيرن ساڻ لَتاڙيون ڳاهيون!

 

ٺَري وِيلَ جذبن کي ٻيهر ڦُوڪون ڏيئي ٻاريون،

چڻنگن مان ڪجهه شعلا ٺاهيون، شعلن مان ڪجهه باهيون!

 

آڱر ساڻ ستارا اُڀَ مان ڇاڻي ڇاڻي، ڀوري،

مٺڙي ملڪ جي واريءَ جا ڪجهه ذّرا تن مان ٺاهيون.

 

لُڙڪن جا سڀ سنگ سموهي، رکندا وڃجو يارو!

هڪڙي ڏينهن انهن مان هيِرن جون ٿي پونديون راهيون.

 

هيڻين ڏٻرين ٻانهنِ کي تلوارون ڀالا ٺاهي،

ڏاڍ ۽ هَٺَ جا هڪ ئي ڌَڪ سان ڳاٽا ڌَڙ کان لاهيون.

 

هاءِ اَلاجي ڪڏهن اوهان ڪَرَ موڙي اُٿندا، چوندا:

آءُ ته ”آثم“ مومل ماڻيون، ڪاڪ محل کي ڊاهيون!

”نثار“ بزمي

شمع جلي، پروانا آيا،

درد کڻي ديوانا آيا.

جامن ۾ سڀ جلوا جاڳيا، 

 

مستيءَ ۾ ميَخانا آيا.

چڻ ڀڻ لاتي ساون طوطن،  

 

ڳل ۾ پائي ڳانا آيا.

ٻُڪَ ۾ ئي ڏي مستن کي تون،  

 

ڪونه اگر پيمانا آيا.

دل وارن کي ڪوٺ ڪئيسين، 

 

ساڻ ڪري نذرانا آيا.

محبوبن ڏي عاشق جيئڙا، 

 

صبح سنئين نيرانا آيا.

حق حقيقت بنجڻ خاطر،

 

آس رکي افسانا آيا.

آباديءَ جي اوٽ ۾ ”بزمي“  

 

ڪونه نظر ويرانا آيا.

”انور“ هالائي

وقت اهڙو آهه آيو، دوستو،

هڪ نئين دنيا بنايو، دوستو!

ڇو ٿيو ٿا غير جا احسانمند،

پنهن جي گهر، پنهن جي مَچايو، دوستو.

ڏک ڏسي هرگز نه گهٻرايو ڪڏهن،

پاڻ اوڏنهن وک وڌايو، دوستو.

ڏک سکن جي سونهن آهن، سچ آه،

درد و غم سيني سان لايو، دوستو.

ٻاٽ ۾ نئين لاٽ ٻاري، عزم سان،

چنڊ تارن کي جهُڪايو، دوستو.

هن زمين جو شل رهي قائم سهاڳ،

ڳيچ اهڙا روز ڳايو، دوستو.

حقّ جا حامي ٿيو ۽ ظلم کي،

مڙس ٿي ماري مڃايو، دوستو.

سونهن روحاني ملي ٿي سچّ سان،

ڪوڙ تي ڪيڻون وهايو، دوستو!

هيتري ٿي پاڻ سان پو، ڇو، اڃا،

آزمـــايــل، آزمـــايـــو، دوســتــو!

”جليل“ سروري

هَر دل ۾ هِتي نفرت، هَر لَب تي بُري وائي،

بي لوث محبّت هِن دنيا ۾ ڪٿان آئي!

 

آغاز محبّت ڀي انجام محبت ٿيو!

ڇا ناهه اڃا ڪافي، اي دوست هي رسوائي؟

 

اڄڪلهه نه ڪٿي الفت ڏسجي ٿي زماني ۾،

ڳولي ته ڪٿي ڳولي، ڪو پيار جو سودائي!

 

الفت جي تقاضا کي ڪو ڀي ته نٿو ڄاڻي!

هِت پيار تماشو آ، انسان تماشائي.

 

ڇا ياد ڪريون ڪنهن کي، ڇا سار لهون ڪنهن جي،

اي دوست جڏهن ناهي خود پنهنجي خبر ڪائي!

 

هڪ پاسي غمِ الفت، ٻئي پاسي غِم دوران،

ڇا ڇا نه ستم آهي، هي زيست کڻي آئي.

 

پنهنجن ۽ پراون کي سمجهين ٿو برابر تون،

ڇا خوب ”جليل“ آهي، تنهنجي اها پنهنجائي!

پرڀو ”ناشاد“

ڪيڏا نه مزا ها تنهن ڏينهن،

اکڙين جا نشا ها تنهن ڏينهن!

ماڻهو ڇا مِٺا ها تنهن ڏينهن،   

 

دشمن جا کَٽا ها تنهن ڏينهن.

ڇا زلف دوتا ها تنهن ڏينهن،  

 

ڄڻ نانگ ٻِٽا ها تنهن ڏينهن.

ميء ناب سندي مستي هئي،  

 

سڀ هوش خطا ها تنهن ڏينهن.

مون تي ته خمارن جا،  

 

ڄڻ مينهن وٺا ها تنهن ڏينهن.

هن روح جي صحرا تي،  

 

گلزار ڦُٽا ها تنهن ڏينهن.

هن دل جا کيت ٽڙيل،  

 

ڪيڏا نه ڀَلا ها تنهن ڏينهن.

ڪن پيار ٻُڌا آهن،  

 

مون پيار ڏٺا ها تنهن ڏينهن.

اڄ ڇا هي، سُڃ ئي سُڃ:

چشما ته لڌا ها تنهن ڏينهن!

قطعا

”پروانو“ ڀٽي

 

(1)

قوم ساري، شاعريءَ جي شوق ۾ اهڙي پئي،

هر طرف آ ”فاعلاتن“ ”فاعلن“، وردِ زبان:

پيٽ ۾ بُک ۽ زبان تي يار جي زلفن جي ڳالهه،

”فاعلاتن“ ٿي ويو اڄ ڪلهه آ بس قومي نشان!

 

(2)

جيڪي منزل جي لگن ۾ پيا وڃن،

تن جي قدمن کي ڀلا روڪيندو ڪير؟

جن جي سينن ۾ سوين طوفان لِڪل،

تن جوانن کي ڀلا ٽوڪيندو ڪير؟

حافظ محمد ”احسن چنا“

(1)

خود ثنائي، خودنمائي آدمي لئه عيب آهه،

خاڪ جي تخليق کي هرگز جڳائي ڪين ٿي:

اهڙي خصلت کان ٻين جي دل ۾ نفرت ٿي ٿئي،

ٿي ٿئي تحقير، پر عزت وڌائي ڪين ٿي!

(2)

پاڻ کي پاڻهي پڏائڻ خوءِ ٽرڙائيءَ جي آهه،

لائقي ڪنهن جي به ڪنهن کان ڪين ٿي مخفي رهي:

بوءِ عنبر مشڪ جي پردن ۾ لڪندي ڪين آهه،

ليڪ نهٺائيءَ سان عزت عام ۾ وڌندي رهي!

(3)

”پاڻ جن ڀانيو، توائي سي ٿيا“ فرمايو شاهه،

سِک ايازي رمز تان، محمود جو محبوب ٿِين.

هوت تن جي هنج ۾ آ جيڪي هيٺاهون هلن،

پهرين خادم ٿي ته پوءِ مخدوم ٿِين مرغوب ٿِين.

(4)

جو نيازي ۾ ملي ٿو سو نه ملندو ناز ۾،

ناز ”احسن“ زيب ۽ محبوب جو ئي شان آهه:

عشق ۽ هستي هئڻ، هوندا نه گڏ ٻئي پاڻ ۾،

حسن جي آڏو نه ايندو عقل جو سلطان آهه!

”محسن“ ڪڪڙائي

(1)

پاڻ سان گڏ ڇو ڀلا ٻئي ڪنهن کي ڀي رسوا ڪريون؟

ڇا جي لئه دنيا تي رازِ حُسن کي افشا ڪريون؟

جيڪي ٿيڻو آهه، سو ٿيندو، دلِ شورش پسند!

پوءِ ڇا حاصل، جو پيش از مرگ واويلا ڪريون!؟

”نشتر“ ناٿنشاهي

(1)

دل ڪشادي ڪر ته الفت سانڍيان،

چشم کولي جهل ته مان خود کي پسان،

وقت جو آهيان اڃايل اي مٺا،

ڏي ٻٽي ڳوڙها ته حسرت ماريان.

 

(2)

وصل جي ناهي اجازت جيڪڏهن،

دردِ فرقت ئي ڏيو، پر ڪجهه ڏيو!

حسرت ۽ ارمان سان وڃيو ٺهي،

فيصلو جيڪي ڪيو، جلدي ڪيو.

(3)

حسرت و ارمان کي ڇو ٿا سڏن،

عيش ڏيئي ٿا پريشانيون وٺن،

عشق کان اهلِ خرد کي روڪيو،

هت گريبان چاڪ دل جا ٿا ٿين!

 

(4)

امتحان تنهنجا نه آهن مسخري،

عاشقي جو دم ته سڀڪو ٿو هڻي.

آزمائش کي اگر ڪرڙو ڪيو،

فيصلو ڪوڙن سچن جو ٿي پوي.

 (5)

شل نه مردن جو ٿئي ڪو ڪال ڪٿ،

لک مري، لک پال شل زندهه هجي.

سَوَ حياتيون موت تان گهوري ڇڏيان،

جي وطن جو پاسبان زندهه رهي.

”استاد“ بخاري

(1)

چون ٿا، خوش رهو، ڳايو، کِلو، ٽهڪو، ڪريو موجون،

نه ڀُلجي ڀي سي سڀاڻي جي ڪريو ڪنهن بات جي ڳڻتي،

سُڀاڻي جو ته او ناصح اوهان کان ٿا ٻڌون نالو،

اسان کي کائي ويئي آ ”اڄوڪي رات جي ڳڻتي“.

 

(2)

نه جو ڪو حقّ وٺندو ۽ نه جو ڪو حال بدليندو،

ته ان ۾ وقت ۽ ماحول جو ڪو ڏوه ڀي ناهي.

ڪڏهن سج آيو آ سنبري جو ان کي رات موٽايو،

هو پنهن جي وقت تي ايندو ته ان ۾ رات جو ڇاهي.

وقت تي ايندو ته ان ۾ رات جو ڇاهي.

 

(3)

هزارن منزلن کان پوءِ ايندي منزل مقصد،

اسان جو ڪاروانِ شوق ڪاهيندو وڃي جاڏي.

هزارين زندگيون گهرجن ٿيون بس هڪڙي منزل لئه،

اسين هڪ زندگيءَ وارا مسافرڙا وڃون ڪاڏي!

احمد خان ”آصف“

(1)

خودي معنيٰ: خدا جي خَلق سان نِت خُلق سان هلجي،

انانيت، نخّوت، ڪبر تي ڪاهي ڪجن مارا.

اي ”آصف“ پاڻ کي پاڻ ئي پڏائڻ آهه ناداني،

”ثنائي خود بخود کردن نه زيبد مرد دانارا“.

 

(2)

پنهنجي منهن سڀڪو ٿو سمجهي پاڻ کي يوسف مثال،

پر گهڻن جي وچ ۾ ڪنهن کي پنهنجو منهن وڻندو نه آهه.

احمقي ۽ آهه ناداني پڏائڻ پاڻ کي،

آهه جو دانا اي ”آصف“ ڊاڙ سو هڻندو نه آهه.

”وفا“ ناٿنشاهي

 

(1)

آهيان برسات کان وڇڙيل قطرو،

ڪنهن حَسين سِپَ ۾ ڪرڻ ٿو چاهيان.

هڪڙي ناياب گهُرَ بنجڻ لئه،

تنهنجي جهوليءَ ۾ رُئڻ ٿو چاهيان.

 

(2)

ڪيج آدائِي ۽ ستم ڪيشيءَ جو،

ڏيئي ڏوراپو ويو آ ڪوئي.

رات ڀرِ مون کي مڃائڻ خاطر،

منهنجي ڇاتيءَ تي رُنو آ ڪوئي.

(3)

چنڊ چوڏهينءَ جو، ڏکڻ جو هيرون،

۽ ٻيو دريا جو ڪنارو آهي.

پنهنجي جوڀن تي وجهي ڇڏ پردو،

منهنجو هر شعر اڃارو آهي.

 

(4)

سينڌ ڪَڍُ، پنهنجي خيالن جو مان،

اُن ۾ سندور ڀرڻ ٿو چاهيان.

ٿورڙو مُرڪُ، کڻي مست اکيون،

مان ڪوئي شعر لکڻ ٿو چاهيان.

 

 (5)

چو طرف ياس ياس ڇو آهي؟

ساري دنيا اُداس ڇو آهي؟

ميڪده ۾ ٿو مئه جو مينهن وَسي،

منهنجو خالي گلاس ڇو آهي!؟

”آثم“ ناٿنشاهي

(1)

ذهن ۾ شعر ته هيڪاندا ڦِرن پيا، ليڪن،

نانَ جي نوڙَ کان نِڙگهٽ ۾ آڙي پيا آهن.

گردش دهر جي پيڙا کان قلم منهنجي مان،

ٻه ڦُڙا مَسُ جا هي ڪاغذ تي ڳڙي پيا آهن.

(2)

التجائن سان ڀَري نيڻ نهارڻ وارا،

ڀانئجي ٿو ته تون ڪجهه مون کي ڏيڻ ٿو چاهين.

تُنهنجي هِن آسَ ۽ ايثار تان صدقي صدقي،

منهنجي لئه مُلڪ ۾ بدنام ٿيڻ ٿو چاهين.

(3)

اي دوست! رُئڻ وارا اهي پنهنجا لُڙڪ،

ڏي ٻُڪ ۾ ڀري، مان سي پيئڻ ٿو چاهيان.

رئندن کي کِلڻ جيسين وٺي ڏيان واپس،

تيسين مان زماني ۾ جيئڻ ٿو چاهيان.

(4)

هي نهارڻ جو فقط ڇو ٿا ڏيو هڪ الزام،

تهمتون ٻيون به ڪي ڌريو نه! جي ڌرڻيون آهن.

ڇو نه هڪ ٻئي ڏي ڏسون، ڪالهه-ڪلهوڻي  مَس مَس،

هنجون ۽ منهنجون اکيون پاڻ ۾ پَرڻيون آهن.

(5)

عزت تون ڏِسي ڪنهن جي، سڙين ڇو ٿو اي حاسد!

انصاف جي دامن کي هٿان ڇڏ نه خدارا!

هي تنهنجو حسد، توکي ئي نقصان ۾ وجهندو،

”آواز سَگان کم نه کند رزقِ گدارا“.

غلام سرور ٻگهيو

(1)

قرب ۽ الفت ويا ناياب ٿي،

اڄ زماني جو وريو اهڙو ڪو واءُ:

آهه پيارو سڀ کي پنهنجو ئي مفاد،

ڀاءُ کان بيزار آهي پنهنجو ڀاءُ!

(2)

دل ۾ هڪ ظاهر، زبان تي ڳالهه ٻي:

هيءُ ٿيو اڄ ڪلهه زماني جو رواج،

اڳ انهن کي هو منافق جو لقب،

اڄ ملي تن کي ٿو تحسين جو خراج!

(3)

فائدي پنهنجي لئي هر ڪو دوست آهه،

”ڪم لٿو بس پو ڊکڻ وسريو وڃي“،

ٿو هزارن ۾ لڀي ڪو باوفا،

جو ڏُکن ۽ مشڪلن ۾ ڪم اچي!

رباعيون

حافظ ”احسن“ دادو

(1)

سک ۾ ٿو اي انسان وسارين رب کي،

ڏک ۾ ٿو شب و روز پڪارين رب کي،

هيءَ تنهنجي روش آههِ نه سهڻي هرگز،

هر حال ۾ تون ڇو نه سنڀارين رب کي.

 

(2)

ڏوهن ڏي ڏسان ٿو ته نه واندو هڪ وار،

رحمت ڏي توسان ٿو ته نه ڪو ڀَؤ زنهار،

رحمت جي اڳيان تنهنجي ڇا عصيان منهنجا،

 عاصي جي ٿيس مان ته تون آهين غفار.

(3)

رک يار سدا دل تي اخوّت جو سبق،

پڙهه عشق جي مڪتب ۾ محبّت جو سبق،

بي درد ۽ بي حسّ نه ٿي دوست ڪڏهن،

سک سوز جو ۽ ساز جو وصلت جو سبق.

 

(4)

رهه نيڪ ٿي دنيا ۾ ۽ اخلاق سڌار،

ڪر نيڪ عمل خلق جو ٿي خدمتگار،

معراج-ترقي تي رسڻ جي چاهين،

رک جذبهء دل، جوش – عمل ڪر ايثار.

(5)

ٿي مرد مجاهد ۽ تون ڪر جان بازي،

ٻَڌ سِر سان ڪفن سينو سپر ڪر غازي،

ڪر همتِ مردانه ۽ رک استقلال،

حاصل ٿئي هر حال ۾ سر افرازي.

 

(6)

مفلس جي زنامي ۾ نه عّزت عظمت،

هر ڪوئي ڪري اُن کان پيو ٿو نفرت.

توڙي هُو هجي ڀَل ته نسب ۾ اعليٰ،

ممتاز اهو آههِ، جو صاحب دولت.

(7)

اخلاق ۽ ڪردار جو ڪونهي معيار،

هر جاءِ معزّز رهي سرمايه دار.

افسوس! زمانو  هي اچي ويو ڪهڙو!

دولت کان سوا خوبيون اڄ سڀ بيڪار.

 

(8)

اڄ تلخ حياتي ٿو گذاري هر ڪو،

سک سانت ۽ راحت جو رهيو آ نالو،

هر ڪوئي پريشاني ۾ پورو آهي،

هڪ دل ۽ پسوين سُورَ جو آهي ليکو.

”سليم“ ڳاڙهوي

هر جنس کي هم جنس گهُري ٿي دل سان،

شهباز جو شهباز سان اُڏرڻ آسان،

فطرت جي تقاضا ته عيان آهي، پر،

انسان کي تڪليف ڏئي ٿو انسان!

”محسن“ ڪڪڙائي

(1)

تڪليف، اذّيت ۽ مصيبت ايندي،

اُن بعد حقيقت ۾ مسّرت ايندي،

هر ڪوئي وطن لاءِ ڪري قرباني،

اِن ريت زماني ۾ صداقت ايندي.

 

(2)

بيڪار رسومات جو باغِي آهيان،

فرسوده روايات جو باغي آهيان،

دنيا ۾ صداقت ئِي ڏِسڻ چاهيندس،

فِتنن جو فسادات جو باغي آهيان.

 

(3)

احساس ئِي ڪونهي ته وفا ڇا ڪريون،

توهين وفا، ذڪرِ جفا ڇا ڪريون،

غيرن جي عداوت کي پُڄِي پونداسين،

پنهنجن جي، ڀَلاين، کي ڀلا ڇا ڪريون.

 

(4)

دنيا ۾ محبّت ۽ مودّت ڪانهي،

چئبو ته جهان ۾ ڪا حقيقت ڪانهي،

افسوس! شڪايت ٿو ڪرين يارن جِي،

مون کي ته عِدُو کان به شڪايت ڪانهي.

 

(5)

اِنسان کان، اِنسان جِي عزّت ويندي،

اخلاص، محبت ۽ مُروّت ويندي،

اُن وقت ٻڌون ٿا، ته قيامت ايندي،

جنهن وقت زماني مان صداقت ويندي.

 

(6)

تعليم ۽ اخلاق، لياقت ڪانهي،

اخلاق، مُروّت ۽ صداقت ڪانهي،

زنده نه رهي، موت سڏي ٿو اُن کي،

جنهن قوم جي فردن ۾ محبّت ڪانهي.

”استاد“ بخاري

 

(1)

مضبوط پهاڙن کي لڳن ٿيون پيڙهون،

ڪمزور ڪرن کوڙ ڪکايون ڪنڌيون.

ان دور جون پاڙون به اَٿو ٺڪريءَ تي،

جو دور سکيو آهه اِهي تعميرون.

 

(2)

جنهن دور ۾ انصاف نه ٿيندا آهن،

حقدار کي ڪو حّق نه ڏيندا آهن.

ٻڌجي ٿو ته ان دور سندا پيءَ ۽ ماءُ،

اولاد به باغي ئي ڄڻيندا آهن.

(3)

افسوس جو ”هم حال“ اوهان سان ناهيان،

ڪا ڳالهه نه آ، مان به ته انسان آهيان.

انسان جون تقاضائون ته ساڳيون آهن،

چاهيو ٿا اوهين جيڪي، اُهو ٿو چاهيان.

 

(4)

بي حال کي خوشحال ٻڌائين ڇو ٿو،

انڌير کي انصاف سڏائين ڇو ٿو.

تون زور جي رکندين ته ڪو چوندو به کڻي،

پر رات، چٽو ڏينهن چوائين ڇو ٿو.

”راز“ ناٿنشاهي

 

(1)

رات آئي يا هي وار وڏا تو کولي،

هرگام تي اونداهه پئي ٿي ٻولي.

ڪجهه دير ته کڻ پنهنجو فروزان چهرو،

منزل جون ڇڏيئي ساريون نشانيون رولي.

 

(2)

شاعر جي خيالن کان حسين  آهين تون،

جنت جي حوالن کان حسين آهين تون.

مئخاني جي هر رات کان جوڀن ڏيندڙ،

رنگين پيالن کان حسين آهين تون.

 

(3)

هي نور جي ڪا لاٽ پئي ٿي چمڪي،

جنت جو ڪوئي نيل ڪنول ٿي مهڪي.

هي تنهنجو بدن شعر لطيف آهي يا،

خيام جي رنگين رباعي جرڪي.

لکميچند ”پريم“

(1)

صوفي نه سڏائيج، نه جي آهين صفا،

هِت صاف، صفا صاف کپن تَههَ دل جا،

منهن رکج نه مُلان جو، اکيون چوراڻيون،

ڏي خود کي نه تون دوکو، ڪري وعظ وڏا.

 

(2)

صوفي نه سڏائيج، اَٿئي راهه ڏکي،

دل جنهن ۾ رهي ٿي نه دلاسن جي بکي،

هِت پاڻ منجهان پاڻ کي سونهون ٿو ڪجي،

روشن ٿي ڪجي راهه، بڻي جوالا مکي.

 

(3)

صوفي نه سڏائيج، نه جي درد اَٿئي،

 

چهري جو ٿيو رنگ نه جي زرد اَٿئي،

 

چهرو ئي دوست! دل جو اَٿئي آئينو،

 

جنهن ۾ ئي ڏسبو مرد ۽ بي درد اَٿئي.

 

(4)

صوفي نه سڏائيج، ٻيائي جي رکين،

مدهوش ڪندڙ ميءِ جو پڪو جي نه چکين،

هِن ميءِ سندي هڪ ڍڪ سان ٿي تون-

مان نه رهي:

بس پاڻ منجهان پاڻ پيو نوُر بکين.

نيون طرزون

”محسن“ ڪڪڙائي                                 (ماهيا)

اچي ڀِتِ ويٺو ڪانءُ،

تو ته دل پنهنجي پَليِ آ:

منهنجو تو لئه ڦاٽي هانءُ.

سانوڻ جو ٿو مينهن پَوي،

اسان تنهن جي لاءِ سِڪون ٿا:

پَرَ تو کي ڪير چَوي،

خالي خالي کوکو،

مون کي ڪهڙي ڄاڻ ته مَن!

تون ڀي ڏيندين دوکو.

تُوتن سان پُر ٿالهي،

اوهين شل بهار هجو،

اسين ساڳيائي مالهي.

مٽرن جهليون ڦَريون،

اوهان پرديسي او پيارا،

اسان ديس ۾ ڇا ڪريون!

”راز“ ناٿنشاهي                                         (ترائيل)

تون اچين ٿي ته رات جهومي ٿي،

چؤ طرف روشني پَوي جَرڪي.

چؤطرف ڪائنات جهومي ٿي،

تون اچين ٿي ته رات جهومي ٿي.

زندگي بي ثبات جهومي ٿي،

خامشي خامشي پوي مرڪي.

تون اچين ٿي ته رات جهومي ٿي،

چؤطرف روشني پَوي جَرڪي.

واسديو ”نرمل“                                      (هائيڪو)

ساجن تنهنجو نينهن،

اِئن پورالو آهه، جئن،

چؤماسي جو مينهن.

 

ٿيو نه انڌيرو دور،

سهسين تارن جو، اَلا،

ضايع ٿئي پيو نُور!

 

ڄڻ ته ڏئي جي لاٽ،

حسن ڪڍي گوريءَ جو اِئن،

وارن مان چلڪاٽ!

 

هيءُ مٺڙو ايڪانت!

ڄڻ ته چنڊ جي چنگ تي،

ڳائي پيئي سانت!

”تاج محل“، چانڊاڻِ:

گوري ڄڻ وهنجي پئي،

کير ۽ ماکيءَ ساڻ!

شاعر جا جذبات:

پائل جي جهنڪار ڪجهه،

ڪجهه ڪوئل جي لات.

ڪونجن سندي قطار:

هوا اڏئيندي وڃي،

ڪنهن لاءِ ڦولن- هار؟

مئڊم ٽيڪلا مولينهر

مترجم: پرڀو ”ناشاد“

غير ملڪي ٻولين جي شاعري

درد

 (مئڊم ٽيڪلا مولينهر (Tekla Mollenhauer) ، جنهن جي نظم “Pain” جو سنڌيءَ جو ترجمو هيٺ  ڏجي ٿو، سا آمريڪا جي نيو جرَسي شهر ۾ پيدا ٿي. ننڍپڻ يورپ جي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ گذاريائين. انگريزيءَ کان سواءِ، کيس فرينچ ۽ پولش ٻولين تي دسترس حاصل آهي. شاعري ۽ موسيقي سندس روح جا ٻه پهلو آهن. اوڻيهن سالن جي عمر ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين. مشهور موسيقار پئڊري وَسڪي کان پيانو  وڄائڻ سکي، جنهن ۾ اڄ کيس مهارت حاصل آهي. پاڻ زندگيءَ ۾ آزاد خياليءَ جي قائل آهي. ٿياسافيءَ سان دلي رغبت اٿس ۽ ان سوسائٽيءَ جي ميمبر به آهي. مشهور ادبي رسالن ۾، مئڊم ٽيڪلا جا شعر درج ٿيندا رهن ٿا. 1961ع ۾ ، برنارڊ-مولينهر  سان سندس شادي ٿي، جو پاڻ به فيلسوف آهي. هن وقت سئنڊيگو (ڪئليفورنيا) ۾ پنهنجي رفيق حيات سان گڏ رهي ٿي. –پ. ن )

        پريتم لئه پنهنجي، جڏهن پيون ڪنن تي،

        پُر درد پنڇيءَ جون پرسوز آهون-

        سندم خوابءِ رنگين جي قصرِ حسين کي ڌونڌاڙي ۽ ڊاهي ۽ ٽوڙي ڇڏيو:

        سندم روح مجروح ٿيو، ڪنهن جي نيزي جي بيرحم ۽ اجنبي نوڪ وانگيان ڇني، ڌار ڪيو ويو-

        عياشي ۽ آرام کان دوُر، محروم!

        تنهين دم سندم دل ۾ گونجار ٿي ڪنهن نئين گيت جي،

        ڄڻ ته حسنِ ازل جي ٿي چشمي مان ڌار، وهي نڪتي نغمي جي پوشاڪ پَهري، وڻڻ مان ڄڻڪ ٽپڪندي، ڇڻڪندي ٿي رهي:

        ان جي رفتار ٿي تيز کان تيز تر، ڄڻ ته نڪتو ڪمان کان ڪو تيرِ نظر:

        ۽ فضا ۾ کُتو-

        ويو مچي ٿرٿلو، زلزلو!

        انهيءَ موڙ تي:

        منهنجي جذبن ۾ ٿي تازگي، زندگي،

        درد نا آشنا، بي خوديءَ کي ڇڪي، ان ئي ٻاهر ڪيو:

        جوش، حدّت، حرارت-

        تعشّق جي جذبن، نچڻ ۽ ٽپڻ ڪيو شروع، هر گهڙيءَ، هر پَهر:

        ۽ بيدار ٿيا، درد سان آشنا، هي زمين، آسمان،

        نيٺ رحمت الاهي سان ٽمٽار ٿيو-

        منهنجو جامِ ضمير!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com