سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :2

بيت

مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“

 

تڏهن به هڪ الله هو، جڏهن ڪجهه نه هو،

جڏهن هوندو ڪين، ڪي، تڏهن به سوئي سو،

وحدہُ لاشريڪ لہ، ثاني سندس نه ڪو،

صحيح سمجهيو آهي، ”طالب“، مولا تو،

اهو ئي اهو، هادي آهي هيڪڙو!

اڄ به اهو ئي آهه، جيڪو هئو اڳ،

هئڻ رڳو هن جو، جلوو آهي جڳ،

قرب ۾ ڪلتار جي، مانجهي ٿيجئين مڳ،

”طالب مولا“ مرد ٿي، وٺ داور وارو دڳ،

ته لڀندين ساڳيو سڳ، جي پاسي ڪندين پاڻ کي.

هادي سو حڪيم سو، مالڪ سو، مختار،

رازق سو، رحيم سو، جابر سو، جبار،

اڳ به سو، پوءِ به سو، اڙين جو آڌار،

الله غَنِي وَ آَنتُمُ الفُقَرآء،  سوئي سردار،

”طالب المولا“ مرد ٿي، ڪر وحدت جو واپار،

قادر سو ڪلتار، قائم دائم ڪُلّ تي.

بقا هڪ الله کي، ٻيو سڀ فَنا،

هستي فقط هن جي، انسان سندس ادا،

هو جبار جَلّ جَلالَہ، جائي جلوه نما،

اِنّ الله عليٰ ڪُلّ شئيءِ قَدِيرُ، صفت سندس سدا،

سلطان ان جي سطوت جا، گولا آهن گدا،

ڳيان ان جي ڪا، ڪانهين طاقت ڪنهن جي.

الله ئي الله، ٻيو سنڀران ڪين ڪي،

ڪَنَ ۾ ٻانگي ٻانگ سان، ڪيو آواز الا الله،

مادر مون معصوم کي، چيو لوليءَ ۾ لله،

ڪونهين ٻيو ڪريم ري، هو شاهن سندو شاهه،

 آهي، ان جي امر ۾، سفيد ۽ سياهه،

هادي سو همراهه، هر دم آهي هڪَل ۾!

 

ساراهجي سچو ڌڻي، قدرت جنهن جي قديم،

ڪُل شئيءِ محيط سو، حاذق اهو حڪيم،

قائم ذات قدير جي، آهي پاڻ عليم،

قادر اهو ڪريم، قائم ڪائنات ۾!

 

صفتون سو هزار، ذات آهي هڪڙي،

ڪار فرما ڪريم ٿيو، انسان سڀ اوزار،

هلايو حڪمت سان، قدرت کي ڪلتار،

ڪافي قرب انهيءَ سندو، ٻي محبت ٿي مردار،

”طالب مولا“ مرد ٿي، ڪر نوڙت ساڻ نِهار،

عبرت جا آثار، حسن قبح ۾ هڪڙا!

 

دوا اهو، دارون اهو، طاقت اهو طبيب،

”طالب مولا“ تنهنجو، حاذق اهو حبيب،

قادر آهي قريب، پر ڏسڻ کان ڏور ٿيو!

 

هلي هر ڪنهن جاءِ تي، فائق جو فرمان،

انسان مان حيوان ڪري، حيوان مان انسان،

پري ڪونهي پاڻ کان، مالڪ جو مڪان،

ڪل شئي يحرّڪ ۾، غير نه ڪر گمان،

سبحان ئي سبحان، ٻيو سر ۾ سجهي ڪونه ڪو!

جنهن “ڪُن“ چئي ڪُل جوڙيو تنهن واحد کي واکاڻ،

 

وحدت جي ويساهه سان وجود پاڻ واڻ،

ڪر اعتبار احد تي، ايمان اتي آڻ،

ڪافي تو لئه ڪريم ٿيو، ڇرڪين ٿو ڇا ڪاڻ،

در هڪڙو ديک تون، ٻئي جي ڪڍ نه ڪاڻ،

تون تيڏانهن ئي تاڻ، ”طالب“! مولا، جنهن طرف!

 

ڏسڻ کان جو ڏورسو ويجهو آههِ وجود کان،

ڪَکَ پَن ۾ ڪريم جو، نسوروئي  نور،

ذرڙو، ذرڙو، لئي ڪاملن ڪوه طور،

جو ڏسي نه ٿو ڏيهه ۾، تنهن قلب جو قصور،

دريون دنيا واريون، اٿي پهرئين ٽپي پور،

”طالب مولا“ ڄاڻ تون، هر جا اٿئي حضور،

هو دل کان ناهي دور، هر دم آهي هنج ۾!

 

پري ڇو پلاڻيين، واحد اٿئي ويجهو،

”ونحن“ واري ويڙهه ۾، وار به نا ويڇو،

آهي سو ئي سو، در تون پور دوئيءَ جا.

 

جو پَري ناهه پساهه کان، تنهن واحِد کان ئي وَٺ،

ڪڍي ڇڏ قلب مان، هستيءَ وارو هٺ،

”طالب مولا“ طلب ۾، ڪر ڪلمي سان ئي ڪٺ،

مَن مان ڪڍي مَٺ، مولا ئي تون مرد ٿي!

 

هادي سوئي هيڪڙو، ٻولي ڪبي نه ٻي،

وحدت جي واپار ۾، ٿيبو مرد مَچي،

قل هُوَالله ۾ قاردر جِي، آهي صفت سڄي،

واحد جي وحدت جي، ڪهڙي ڳالهه ڪبي،

هلِي ڪا چلِي، دوئيءَ واري جي دنيا ۾!

”وحده لاشريڪ لہ“ ويجهو اٿيئي.

ماسويٰ کي مرد ٿي، ڏهاڳ ڇڏ ڏيئي، 

قدرتون ڪريم جون، قلب ۾ ڪيئي،[1]

”طالب مولا“ مرد ٿي، ڇڏ نِرت اتي نيئي،

پَڪَ اٿئي پيئي، عاشق الاَ الله ۾!

 

عاشق الله ۾، اٿئي واحد جو وصال،

هيءَ صيقل هڻي صاف ٿي، ڪر قرب منجهه ڪمال،

ته پسين جَلّ جَلالَہ، جي جلوي جو جمال،

ڪر اطاعت  ان جي ، خاصو رکج خيال،

پو هادي ٿيئي حال،”طالب مولا“ طلب ۾!

 

آڻ ”الا الله“ سان، الله تي ايمان،

رهبر ٿيندئي راهه ۾، ڪلمو ۽ قرآن،

هاديءَ جي حڪمت ۾، هر ڪوئي حيران،

ناهي زور زبان کي، ڪري باريءَ جو بيان،

 قرآن ۾ ڪريم جو، شائق پس تون شان،

جيڪي لکيم جيءَ سان، سو به آگي جو احسان،

”طالب مولا“ طلب ۾، دوئيءَ کان رک ڌيان،

هڪڙو اٿئي حنان، شڪ نه آڻج شرڪ جو.

 

عاشق شڪ نه آڻجئين، شڪ جو ٿين نه شڪار،

هادي هڪڙو مَڃُ تون، جل جلالہ جبار،

شرڪ نه ڪجئينس شان ۾، قادر اٿئي قهار،

”طالب مولا“ مرد ٿي، ڪر احد تي آتبار،*

ٿو سمجهي سڀ ستار، ڪيفيتون قلب جون.

آهي هڪ الله حاڪم سو حڪيم،

هر هنڌ اٿئي هڪڙو، مالڪ ئي مقيم،

قائم آهي ڪُلَ تي، مولا مستقيم،

”الله غني وانتم الفقراء“، اهو ئي عظيم

”طالب“ ! مولا آهه سو، عالم پاڻ عليم،

ڪريم ئي ڪريم، قادر آهي ڪُلَ تي!

قائم دائم ڪُلَ تي، خالق خلقڻهار،

ڪونهي ٻيو ڪريم ري، مالڪ ۽ مختار،

 ڪر اطاعت ان جي، بندا نه ٿي بيڪار،

سڌو هل سائينءَ سان، آهي ستار ۽ غفار،

هو ڍَڪي ٿو ڍَڪڻ ٿي، عاصي عيبدار،

”طالب“ ، مولا کان نه وجهه، وِٿي هڪڙو وار،

اصلوڪو اقرار، پاڻان پارج پرت سان.

گهڻو سارج ساهه سان، سبحان، سنجهه صباح،

آهي قرب ڪريم جو، محبت جو مفتاح،

”فاذ ڪروني اذڪر ڪم“، فڪر ڪاڻِ فلاح،

 مڙئي آههِ مباح، محبت جي ميدان ۾!

احمد خان ”آصف“

اڄ ٿيو آڙنگ، اجهو بوندن برسيون،

اوٿَر اوڀر کان ٿيا، سَهج ڪيا سارنگ،

پلر جي پالوٽ ٿي، جَر اوٺو جهر جهنگ،

ساوا ٿيا سيلاب سان، دُرس دَڙا ۽ دنگ،

ريڍر رڙهندا آئيا، چورڻ لڳا چنگ،

ريجهي ڪن رهاڻيون، ٻهڳڻ پايو ٻنگ،

رنگيءَ لاتا رنگ، گل ڦل گلزاريون ٿيون.

 

ڏٺو جيئن آکاڙ، ته مينهَنِ کي موڪل مِلي،

ڪڪرن ٺاهي ڪوڏ مان، سارنگ لئي ست ماڙ،

رعد ڪئي ٿي رعب مان، گجي گجواڙ،

وڄون وسڻ آئيون، ٽَهه ٽَهه ڪري ٽاڙ،

وسنديون وچولي مٿان، لنگهي ويئون لاڙ،

ٿر اُٺو ٿڌڪار ٿي، ٿي ماڙيچن تي ماڙ،

ٻهڳڻ لاٿي ٻاڙَ، ڏُڪر ويندو ڏيهه مان.

 

سهسين ڪري ساٺ، سارنگ سنبري آئيون،

کنوڻيون آيون خير سان، ماڻهن ۾ ٿي ماٺ،

وڄُن وسڻ آئيون، ٺاهي وڏا ٺاٺ،

نمي ڀريائون نُور جا، چُري هليون چرڻاٺ،

آهي ڪانه اڻاٺ، آصف! واليءَ وَسَ ڪئي.

رحيم بخش ”قمر“ نواب شاهي

چکين تان چريو ٿئين، لالڻ سندا لب،

مور نه ٿئي ماکيءَ جي، توکي تات طلب،

رحمت شامل رب، آندو هوت حبيب کي.

 

چکين تان چريو ٿِئين، پرين سندن پڪَ،

مور نه ٿئي ماکيءَ جي، ساجن توکي سِڪَ،

لاکو چئي لِڪَ، ڪانهي انهيءَ قول ۾،

ماکيءَ ۾ مِيٺاجَ، آهن احمد ڄام جا،

مديني جي تاج، ملڪ سڄو مٺو ڪيو.

چکين تان چريو ٿئين، لالڻ جو لُعاب،

شيرين شهد شراب، هاري ڇڏين هوند تون.

”وفا“ ناٿن شاهي

 

موٽي آيا مينهن، تون نه اڃان آئين پرين،

دلبر دل توکي پئي، ساري راتو- ڏينهن،

منهنجو ننڍڙو نينهُن، موٽ، متان مري وڃي.

بادل ريءَ برسات، نيڻن مان نڪري هلي،

ساريندي توکي سڄڻ، رُنس ساري رات،

پرهه ڦٽي پرڀات، اکين اوسر بس ڪيا.

دوها

نارايڻ ”شيام“

نيڻن جي کڙڪين منجهان، جهاتيون پائن خواب،

ساڀيا جي سنسار ۾، اچڻ ڪاڻ بيتاب.

 

سور پرائڻ بعد ئي ليکيم پنهنجو وجود،

ان کان اڳ نه ته پاڻ کي سمجهيم هست نه بود.

 

جوت پتنگ ٻئي جلن، جلڻ جلڻ جو ڍنگ،

پائي جيوت جوت ۽ ماڻي موت پتنگ!

 

کين پڏڻ مان ڇا مليو، پڏلن کي سا ڄاڻ،

تارن کي ته عميق جي ناهي ڄاڻ سڃاڻ.

 

مٺ ڀيڙي گهارڻ ڪلي، ڪنجوسن جي ڪار،

رنگ مان سرهاڻ ڏي، گل ٿي جڳ ۾ گهار.

 

سارو ڏينهن ڪندا رهيا، ٻار نديءَ ڀر راند،

سانجهن مهل ڇنڊي اُٿيا، واريءَ ڀريل پلاند.

 

چڻڪن ۽ چڪن سندي، مون کان سک تون مام،

تارن جو همراز مان، شاعر آهيان شيام.

”تنوير“ عباسي

تنهنجي پياري سهاري جڳ کي ڪري ڇڏيم سنگيت،

پوپٽ پوپٽ راڳ بني ويو، گل گل ٿي ويو گيت.

 

مون کي تنهنجو پاڪ ۽ نرمل، منهن ائين لڳندو آهه،

ڄڻ رابيل جي سرهي گل ۾، ساهه وڌو آهي، الله!

پنهنجو پاڻ وڄي ٿو جو مان آهيان ازلي ساز،

پاڻ وڄان ٿو، پاڻ ٻُڌان ٿو، مان پنهنجو آواز.

رات چڙا تارن جا  ڇوڙيا، ڇڙي ويا ڪي گيت،

اکين ڏٺو ٿي، روح ٻُڌو ٿي، سانتيڪو سنگيت.

لکميچند ”پريم“

سجني، تنهنجو ساجن تو ۾، دل جو دَرُ بس کول،

ناحق ٿي نادان نه اُن کي هيڏي هوڏي ڳول.

 

سجني، تنهنجو ساجن تو ۾، ناهي توکان دور،

ڳولهين ٿي ڇا لاءِ ڳهيلي، مرڻ ڪري منظور؟

 

سجني، تنهنجو ساجن تو ۾، هر دم توسان ساڻ،

ڄاڻ به توکي آهي ته به تون ڪيئن بڻيءَ اڻڄاڻ!

 

سجني، تنهنجو ساجن تو ۾، تون ساجن ۾ آنهه،

آنهه به ڏسندينءَ، ٿيندينءَ جڏهين آنهه منجهان تون نانهه!

 

سجني، تنهنجو ساجن تو ۾، ساجن تنهنجو ساهه،

دل جي درپن ۾ ڏس تون، جي ڪين اچئي ويساهه.

 

سجني، تنهنجو ساجن تو ۾، ٻيائيءَ جو ڇڏ ٻول،

ناحق ٿي نادان نه اُن کي هيڏي هوڏي ڳول.

”آثم“ ناٿن شاهي

ڪنڊا تنهنجيءَ راهه ۾ پکڙيل، وِک وِک تي او گُلَ!

توکي ڇُهڻ لئه ڏيڻا پوندا، ذري ذري تي بُل.

 

گوري مُنهن تي موهيڙن جا داڻا، ڳاڙها لالُ،

ڪنهن جي سِرَ لئه کنيون وتين ٿو، روپو رتڙن – ٿالُ؟

 

رَکي رَکي جو مٿي کڻين ٿو، اکڙيون ٻيئي ٻيلههَ،

قسم خدا جو ڇُپي پون ٿا، دل ۾ سَنِهڙا سيلههَ.

 

رَکي رَکي جو ڏسين ٿو مون ڏي، لب تي آڻي مُرَڪ،

موڳي من کي ڇڏين ٿو پياري، امرت – جَلَ جي سُرَڪ.

 

ڪو ڪو ماڻهو ٻيلو ڀانڊو، ڪو ڪو جيئن الماس،

ڪنهن ۾ رَتَ جي بُو ۽ ڪنهن ۾رابيلن جو واسُ.

 

ڪو ڪو ماڻهو ڪنهن جي اوگهڙ، ۽ ڪو ڪنهن جو پوشُ

ڪو ڪو ماڻهو هوش وڌائي، ڪوئي ڪري مدهوش.

 

جيئنداسين ته جهان ۾ هوندو تارن کي ڀي تاءُ،

مرنداسين ته اُجهامي ويندو، سورج جو به سُهاءُ.

 

جيئنداسين ته جهان ۾ هوندو هر شيءِ تي جوڀَنُ،

مرنداسين ته اسان لئه رئندو گهر گهر جو ڪک-پَنُ.

محمد سومار شيخ

اوسيئڙي ۾ اهڙي طاقت، حال ٿئي ٿو ماضي،

اسين ته آهيون ڪڏهن نه قاضي، حال منجهاران راضي.

 

اوسيئڙي ۾ رهندي رهندي، گذري ويا ڪَئِين سال،

اسان جي ليکي هليو نه آهي، ساڳيو آهي حال،

 

جيڪي گذريو ۽ ويو وسري، سو ته برابر ماضي،

 پر ناوسري، جيڪو دل تان، سو ماضي ناهي قاضي.

 

تنهنجيءَ ڳالهه تي وسهي جيڪو، اوسيئڙو تنهن ماري،

تنهنجيءَ ڳالهه کي اسان اڇايو، نه ته ٿو ڪير نهاري؟

 

تنهنجي ڏک ۾ جيئبو پيارا، تنهنجي ڏک ۾ مربو،

ڏوري ڏوري ڏيهه پيارا، تولئه واپس وربو.

 

تنهنجو ڏک آ راحت پيارا، تنهنجو ڏک آ ڏولي،

جنهن ۾ پنهنجي دلڙي لوڏيان جهوريءَ پاڻي جهولي.

 

اکين اڳيان به ته رهندي رهندي، آهين ٿيو تون دُور،

مون کي ماري پرين اِهو ٿو، محبت جو مذڪور.

”استاد“ بخاري

پورهيو،  پيار ۽ همت، جت ٿا گڏجن ٽيئي ٽول،

دنيا جي دل دهڪي ٿي ۽ چهرو ڊانوا ڊول!

 

پورهئي جي پيشاني سَرهِي، چپڙن تي چوٻول،

سرمائي جي سر ۾ سودا، سيني ۾ ٻڙڌول.

 

 پورهئي ۾ جئن رفته رفته همّت ايندي ويندي،

دوزخ دنيا ڌيري ڌيري جنّت ٿيندي ويندي.

 

پورهئي پنهن جو پاڻ سڃاڻڻ شروع ڪيو آهي،

دنيا پنهنجو رنگ مٽائڻ شروع ڪيو آهي.

 

آسان ناهي، دنيا ٺاهڻ، دوزخ مان جنّت،،

محنت محنت، الفت الفت، همّت ۽ همّت.

 

”ائٽم“ هٿ ۾، انسان بيٺو انسان جو ويري،

يا ته ڪندا اي دنيا تنهنجو ڍينگو ئي ڍيرِي!

 

چاهيوسين ٿي ملنداسين، هڪ ٿينداسين هيڪر،

”هاڪر“ ۽ ”نهڪر“ جا ويڇا، وڌي ويا ويتر!

 

ڪافر مسلم، ڪارن ڀُورن، جي حجّت بهتر،

انسان، انسانن کان ٽهندو، الا اڃا ڪيتر!

ڪافيون

ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني

توسان گڏجي رَهڻ، وري ڌار ٿيڻ-

نڪي آهي جيڻ، نڪي آهي مرڻ!

منهنجي حالت تي جي تون رحم ڪرين،

نڪي کائين کلِين، رڳو سُڏڪا ڀرين:

منهنجا سُور سُڻين، ويٺو سُور چرين:

ڇو ته توئي سيکاريو، قرب ڪرڻ!

 

اهي ڏينهن ته ڪهڙا ڏينهن هئا،

رڳو محبت جا ئي مينهن هئا:

پنهنجا شوق ته ڄڻ ڪي شينهن هئا:

نڪي ڪنهن کان ڊڄڻ، نڪي ڪاڻ ڪَڍڻ!

 

تنهنجي فرقت مان لَکين لفظ ٺهيو،

منهنجي مَن مان نڪرن، لُڇيو ڦٿڪيو:

سُر تار سرود جا ويس وجهيو:

ڪن ڳائڻ وڄائڻ، سوز سڙڻ!

 

اهڙو محبت ۾، مجبور آهيان،

پنهنجي پاڻ لئه پاڻ ئي پُور آهيان:

ڪڏهن چَهڪ آهيان، ڪڏهن چُور آهيان:

ڪڏهن خوب شيون، ڪڏهن روڄ رڙڻ!

 

اچ، رسم و رواج جا بند ڀڃون:

هڪٻئي سان هم آغوش ٿيون،

پوءِ ”بيخود“ اهڙا ٿي ته وڃون:

نڪي عقل آچڻ، نڪي هوش هُجڻ!

 

”عارف المولا“

توکي ڪهڙي ڪَلَ وو، يار،

ڪيئن مون ڦٿڪي  رات گذاري.

 

سانجهيءَ ٽاڻي دلڙي تاڻي، 

دل جون مونجهون دل ئي ڄاڻي

روئي زارو زار قطار،

ايندي ويندي واٽ نهاري!

 

سهَسين سُور سَنجهي ساماڻا،

ٽُلڪي ٽاريم ڪيئي ٽاڻا،

ناهي دل کي صبر و قرار،  

لُڇ پُڇ لئون لئون ۾ لاچاري!

 

آڌيءَ اُٿيــــو تــــڪـــيان تارا،   

ڏِيل اندر ڏهه ڏهه ڏهڪارا،

هينئڙي آهن هَول هزار،  

اوســيــئـــڙي جــنـــدڙي آزاري!

 

آسَر جو اٿيو ڪريان آهون، 

آءُ عجيب اڱڻ اوراهون،

سرڙو واريان سَو سَو وار،

توکان وَڌ جِند ناهه پياري!

 

پرهه ڦُٽي پر يار نه آيو،    

ڀيڄ  ڀنيءَ بيمار بنايو،

بِرهه جا برسر باري بار،  

ڪيئن سَهي هڪ دل ويچاري!

 

ڪاري رات ڏنگي، جيئن ڏائڻ، 

هاءِ اچي ٿي هر هر کائڻ،

نانگڻ نڪريو ٿئي نروار،

سُورن کان سينو پيو ڦاٽي،

 

سُڏڪي ساري رات مون ڪاٽي،

سُورن کان سينو پيو ڦاٽي،

جهُڙ ڦڙ اکيون مينگهه ملهار،  

مينهن جي آهي ريت نياري!

 

جيءَ ۾ جانب جو جهوراڻو، 

سنَڌ سَنڌ سورن کان آ ساڻو،

سهڻا ساجن لهه ڪا سار، 

”عارف“ جي ڪر ڪا پوئيواري!

ا. ح. جئسنگهاڻي ”سام“

گهڙيون شل ٻه- ٽي ڀي پرين ساڻ گهاريان،

پرين ساڻ گهاريان، ڏسي نيڻ ٺاريان!

زماني جو سُک، وهم جو آ وهاڻو،

انهيءَ ڪاڻ غم جي تڏي ڪيئن وساريان.

 

خبر ناهه ڪهڙي وڻي واٽ ان کي،

شرع، عشق جون سڀ ڳليون ٿي ٻهاريان!

لڌم لاڀ لنوَ ۾ سِڪَڻ ۽ سَهڻ جو،

غمن جي وندر ۾ مان سُک ڪيئن ساريان.

 

سمايان ٿي هر ساس ۾ ياد ان جي،

وڇوڙي جا ڏينهڙا ائين ئي گذاريان!

سندم سارحيلو، وسيلو سندن نانءُ،

سوئي ”سام“ منتر پئي ٿي اچاريان!

”محسن“ ڪڪڙائي

دُکي دل جا سڄڻ، او منهنجا مکڻ:

چَپَ چور ته مان قربان ٿيان!

منهنجا مورَ پرين، شهزور پرين:

ڏک اور ته مان قربان ٿيان!

 

تنهنجو حڪم مڃان، تنهنجا پير چمان،

توکان ڪجهه نه گهران، توکي سڀڪي ڏيان،

نئون نينهن لڳو، سِڪ وارو سڳو:

ڪجهه سور ته مان قربان ٿيان !

 

ڪيڏو وقت ٿيو، آهين دُور رهيو،

ايڏو ويڇو وڏو، مَن! ناهي ڪبو،

سَنڌُ سَنڌُ مٺا، منهنجو ڪَنڌُ مٺا:

اچي ڪور ته مان قربان ٿيان!

 

”محسن“  جي اچي، ڏِس سِڪڙي سچِي،

منهنجي پرت پَچِي، ٿي آ لال رچي،

پنهنجي هٿڙن سان، پنهنجي سِر جي مٿان:

مون کي گهور ته مان قربان ٿيان!

حافظ محمد ”احسن“ چنا

آءُ ســـــــڄــــڻ، تـــــــون اوري آءُ،   ســـور    سيني جا سارا سڻايان!

ريت رسڻ جي ڇڏ تــــون راڻا،   پرت منجهان ڪر ڪو پرچاءُ،

پانڌ ڳچيءَ ڳل پايان پايان.

 

دلــبــر توســــــان دلـــڙي اڙائـــي،  ســـڪ جــــــو چــــکــيــــم ســاءُ،

عشق اصل کان افضل ڀانيان.

 

آس انــــدر ۾ آهـــــهِ اِهـــــائـــــي،  وصــــل جـــــو ورنـــــدو واءُ،

ڳڻن ڀريا تنهنجا ڳڻ پيو ڳايان.

 

شال حياتيءَ ۾ ٿئي حــــاصـــــل،       لالـــــــن تـــنـــهـــنــجـــو لـــقــــاءُ،

توسان ملي مان عيد ملهايان.

 

چــشــمـن جــا تـــو تــيــر چـلائي  گهـــورن ســـان ڪــيـــــا گهاءُ،

ڪهڙو تن کي مرهم لايان.

 

”احسن“ کي آهي اُڻ-تڻ تنهنـــجــــي،        ســـــــرس ســـڄـــــڻ ســـــوداءُ،

پور اندر ۾ پيو ٿو پچايان.

احمد خان ”اختر“

جان ۾ جَتَ جَڙَ لائي ويا،

ٻانهيءَ ٻولين ٻُڌائي ويا!

 

سِڪنديءَ سڪندي سنڱڙو سجايو،

موليٰ مَسَ مَسَ محب ملايو،

ويري وير ورائي ويا!

 

مون نه انهن کي سمجهيو ڌاريو،

ڏک جن مون کي هيڏو ڏيکاريو،

چاڪين چئاڪا چِڪائي ويا!

 

مون ڪِيون اُن لئه اکيين اوطاقون،

ڀريا ڀنڀورَ هُو، تڏهين لاڪون،

پَرَ هُو ڀنڀوري ڀُلائي ويا!

 

”اختر“ اُن لئه ڪاڍو مون ڪافي،

ميٽي مدَيون ڏيندم معافي

ايندا اڱڻِ، جي رُلائي ويا!


* يعني اعتبار: پر مروج زبان ۾ ”اتبار“ ئي ڳالهائجي ٿو ۽ وزن جي لحاظ سان ائين استعمال ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com