سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :19

مونث        

        حالت ڏيکاريندڙ ۽ حرف جري پڇاڙين اڳيان اسم ٿڙن جي صورت ۾ ڦير گهير.

          هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ سڀيئي اسم ٿڙ، حرف جري پڇاڙين اڳيان حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون ڪيرائين ٿا. اسم ٿڙن ۾ حالت ڏيکاريندڙ ۽ حرف جري پڇاڙين اڳيان جيڪا تبديلي ٿئي ٿي، تنهن جو هتي بيان ڪجي ٿو.

          (1) سُر سان شروع ٿيندڙ پڇاڙين اڳيان، هيٺ ڏنل اسم- ٿڙ، پنهنجو پڇاڙيءَ وارو سُر غائب ڪن ٿا.

          (الف) آ ۾ پورا ٿيندڙ اسم ٿڙ.

                             زال زالون (/زال-/+/- اوُن/)

          (ب) آ ۾ پورا ٿيندڙ اسم ٿڙ، فقط حرف جري پڇاڙين اڳيان:

دنيا دنيائن- دنيئون (/دنيه /+/- آئون/) (ڀيٽيو- دنيئون ڀاڻيئون نڪتل).

(ٻ) او ۾ وپرا ٿيندڙ اسم ٿڙ، جن ۾ او جي اڳيان هڪدم ڪو ٻيو سُر به آهي، سي فقط اي اڳيان پنهنجو آخري سُر ڪيرائين ٿا.

                          ٻائو ٻائي (حالت عام، عدد واحد)

(پ) اُ يا او ۾ پورا ٿيندڙ اسم ٿڙ، جن ۾ آخري سُر اڳيان ڪو وينجن آهي، ۽ اُ پڇاڙيءَ وارا نرالا اسم ٿڙِ

ٻارُ- ٻارَ (/ٻار-/+/- آ/)، ڇوڪرو- ڇوڪرا (ڇوڪر-/+/- آ/)، ڀاءُ ڀائُن (/ڀا-/+/- اُن/)

          (ڀ) ٻهو پدا (Non-monosyllablic) اوُ ۾ پورا ٿيندڙ اسم ٿڙ/-اُن/ پڇاڙيءَ اڳيان:

                        رهاڪو-رهاڪُن (/رهاڪ- /+/-اُن/)

        پر هڪ پدي اسم ٿڙ ۾ آخري سُر غائب نٿو ٿئي:

                   جون (Louse) جونئنِ.

(2) اُ ۽ او ۾ پورا ٿيندڙ اُهي اسم- ٿڙ، جن جي آخري سُر اڳيان هڪدم ٻيو ڪو سُر آهي، سي /-اَ/،- آ/،/-اؤ/ اڳيان پنهنجي آخري سُر کي /-وَ-/۾ بدلين ٿا.

                ڏيئهُ ڏيوَ: ڏيوو (حالت ندا جمع)

        پر جڏهن اسم ٿڙ جي آخري اُ اڳيان آ اچي ٿو، جنهن جي اڳيان گڏيل وينجن آهن يا آخري سر کان اڳ هڪ کان وڌيڪ پد آهن، تڏهن آخري سر جي /-وَ-/ ۾ تبديل، پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي.

                آڌ ياءُ (باب)- آڌياءَ يا آ ڌياوَ

ڏسو آخري اُ اڳيان هڪ پد وارو اسم ٿڙ، جنهن ۾ /-وَ/ لازمي آهي.

                        ڀاءُ-پاوَ

(3) /-اوُن/ يا /- اُن/ اڳيان، اسم ٿڙ جو آخري اِ يا اي سُر /-ي-/ ۾ بدلجي ٿو.

                اک اکيون (/اکيه-/+ /- اون/)

                ڇوڪري- ڇوڪريون (/ڇوڪريه-/+/-اُن)

پر /- ي- /جي هڪدم اڳيان، جيڪڏهن ڪو تارونءَ وارو سپرش (Stop) وينجن آهي يا /- ش -/ آهي ته پوءِ / - ي- / مرضيءَ مطابق غائب ٿئي ٿي.

                        منجي-منجيون يا منجوُن

                        گُلاباشي- گلاباشيون يا گلاباشوُن

(4) / - او/ جي اڳيان آخري اي مرضيءَ موجب / -ي-/ ۾ بدلجي ٿي.

                ساٿي-ساٿيِئويا ساٿيو (/ساٿيه- /+/- او)

(5) /- اون /۽/ -اُنِ/اڳيان ٽن پدن وارو اُهو اسم ٿڙ، جنهن ۾ ٽي دفعا آ هن نموني آهي وينجن آ، وينجن آ، وينجن آ، - اُنهيءَ جو وچون آ بدلجي ٿو اِ ۾.

                        گَجَرَ- گجرِوُن

(6) آخري آ جي اڳيان جيڪڏهن اسم ٿڙ ۾ هڪدم /- وَ-/ اَچي ٿ، ته اُهو/-اون/، يا /-اُن/ اڳيان غائب ٿئي ٿو.

                        ڇَوَ ڇَئون

(7) آخري او جي هڪدم اڳيان جيڪڏهن /- ي- / آهي، ته اُهو /- اي/ جي اڳيان غائب ٿئي ٿو.

                        رپيو رپئي.

(8) /- او/ جي اڳيان آخري اوُ بدلجي ٿو اُ ۾.

                        رهاڪو رهاڪُئو.

(9) نونهن ۽ ڀيڻ، وينجن سان شروع ٿيندڙ عدد جمع جي  پڇاڙيءَ اڳيان هن ريت بدلجن ٿا- نونهن- نَهَرُيا نَهَرون: ڀيڻ ڀينَرُ يا ڀينرون.

(10) سُر سان شروع ٿيندڙ پڇاڙين اڳيان، مذڪر اسم- ٿڙ جو آخري اؤ بدلجي ٿو /- اَو- / ۾، ۽ مونث اسم ٿڙ جو آخري اؤ بدلجي ٿو /- آ/۾.

جؤ جَوَ، جَوَنِ. (/ جَو-/+/ - آنِ/)، ڄَؤ ڄَئوُن (/ڄَ - /+/- ئون/)

ضميري پڇاڙين سان گڏ اسم ٿڙ:

سنڌيءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو گهڻو واهپو فعلن سان ٿئي ٿو. مٽي مائٽي ڏيکاريندڙ ڪجهه اسم ۽ حرف جر پڻ اِهي پڇاڙيون کڻن ٿا. مثلا ماريم، ماريائينس، وٽس، کانئس، پٽس، وغيره . اِهي پڇاڙيون هميشہ  حالت عام واري ضمير خالص جو اظهار ڪن ٿيون. ماريم (”مون“ ماريو)، ماريائينس (”هن کي“ )، وٽس (”هن“ وٽ)، پٽس (”هن. جو“ پٽ)

                اسم سان لڳندڙ ضميري پڇاڙيون هن ريت آهن:

                        واحد                    جمع

ضمير متڪلم        - مِ                      -

ضمير حاضر           -هِن  (-اِن)، - هين (-اين)  -

ضمير غائب           -سِ                      - نِ

             اِهي ضميري پڇاڙيون، جڏهن اسم سان لڳن ٿيون، تڏهن فقط ”جو“ حرف جر سان گڏ عام حالت واري ضمير خالص جو اظهار ڪن ٿيون. مثلا جوڻس- هن جي جوءِ، پڻس- هن جو پيءُ عدد جمع ۾، ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر جون پڇاڙيون فقط جهوني سنڌيءَ ۾ ملن ٿيون. ٻول چال جي سنڌيءَ مان سندن واهپو غائب ٿي ويو آهي. آ، اوُ، اي ايء، اؤ ۽ وينجن ۾ پورن ٿيندڙن اسمن سان ضميري پڇاڙين جو استعمال نظر ڪونه آيو آهي. ضميري پڇاڙيون گهڻو ڪري هاڻي حالت فاعلي عدد واحد، ۽ حالت عام عدد واحد وارن اسمن سان لڳن ٿيون. حالت ندا، عدد واحد وارن اسمن سان هنن پڇاڙين جا مثال ٿورا آهن. جيئن ته

”سسٽم، ٿالهي ته ڏجانءِ = ”منهنجي سس“! ٿالهي ته ڏجانءِ

”ڏيرَمِ“ هيڏانهن ته اَچجانءِ= ”منهنجا ڏير“! هيڏانهن ته اچجانءِ.

عدد جمع وارن اسمن سان به ضميري پڇاڙين جو استعمال وڃي ٿو گهٽبو. هنن پڇاڙين اڳيان ڪڏهن ڪڏهن اسمن جون هم- آواز صورتون ملن ٿيون. اَهڙيءَ حالت ۾ فقط جملي جي بيهڪ مان ئي اسم جي حالت ۽ عدد جي ڄاڻ پوي ٿي.

پُٽَس (هن جا پُٽَ) ڇا ويٺا ڪن؟

پُٽَس (هن جي پُٽَ) خط لکيو).

ضميري پڇاڙين اڳيان اسم جي صورت ۾ ڦير ڦار:

(1) ڀيڻُ يا ڀيڻَ اِهي ٻئي روپ مروج آهن، پر ضميري پڇاڙيون فقط ”ڀيڻ“ صورت ۾ لڳن ٿيون. جيئن ته ڀيڻَسِ، ڀيڻَمِ. ڀيڻَ لفظ جي مشابهت (analogy) تي نرالي ڪلاس وارا سڀيئي اسم، ضميري پڇاڙين اڳيان پنهنجي صورت جي پڇاڙيءَ  ۾ /- ڻَ/ کڻن ٿا. مثلا پيءُ- پڻَس، ڀاءُ- ڀاڻَس، جوءِ- جوڻَس، ڌيءُ- ڌيڻَس،  ماءُ- ماڻَس، سَسَ- سسڻس، نونهن نُنهِڻَس.

(2) ڀيڻَ ۽ اُنهيءَ جي مشابهت تي /- ڻَ/ کڻندڙ ٻيا اسم، ضمير حاضر عدد واحد جي ضميري پڇاڙيءَ اڳيان / - ڻَ/جي اَ سُر کي غائب ڪن ٿا. مثلا ڀيڻَ- ڀيڻين، پيءُ- پڻهين.

(3) اي يا ايءَ ۾ پورا ٿيندڙ اسم، ضميري پڇاڙيءَ اڳيان پنهنجن اِنهن سُرن کي / - يهَ/ ۾ بدلين ٿا. ڌڻي، ڌڻيءَ ڌڻيَسِ.

(4) او ۾ پورا ٿيندڙ اسم، ضميري پڇاڙيءَ او کي اُ ۾ بدلين ٿا. سهرو سَهُرُس چاچو چاچُسِ.

ضميري پڇاڙين اڳيان حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙين ۾ ڦير ڦار:

(1) /- اون/ بدلجي ٿو /- اُن- /۾. نراڻو نراڻُنهِن.

(2) /- اُنِ/ ۽/ - اَنِ/ جو آخري سُر غائب ٿئي ٿو. مثلا ڌڻيُنِ ڌڻيُنس: ڀائرَنِ- ڀائُرَنسِ.

(3) /- اي/ ۽/ - آ/ بدلج ٿا/ - آ - /۾.

چاچو چاچي (عام حالت، واحد) چاچَس.

چاچو چاچا (حالت فاعلي، جمع) چاچَس.

ضمير حاضر ڏيکاريندڙ ضميري پڇاڙيون:

(1) جڏهن /- ڻ/ ۾ پوري ٿيندڙ بنيادي صورت ۾ / هه/ يا وسرگي سپرش وينجن (Aspirated Stop) ڪونهي، تڏهن/ - هين/ ضميري پڇاڙي لڳي ٿي، نه ته / - اين/ پڇاڙي لڳي ٿي. مثال:

پيءُ- پڻهين (/پڻـ -/+/- هين/)، ماءُ- ماڻهين (/ماڻـ- /+/- هين/)

ڀاءُ- ڀاڻهين (/ڀاڻـ -/+/- اين/)، ڌيءُ- ڌيڻين (/ڌيڻـ -/+/- اين/)

(2) جڏهن بنيادي صورت ۾ /هه/ يا وسرگي سپرش وينجن ڪونهي ۽ اُها صورت /-ڻ/ ۾ پوري نٿي ٿئي، تڏهن مرضيءَ مطابق / - هِن/يا/-اِن/ پڇاڙي لڳي ٿي. پُٽُ پُٽُهِن يا پُٽُئِن . پر جڏهن بنيادي صورت /- ڻ/ ۾ پوري نٿي ٿئي ۽ منجهس /هه/ يا وسرگي سپرش وينجن آهي، تڏهن /- اِن/ پڇاڙي لڳائڻ لازمي آهي. مثال:ڌڻي- ڌڻيئِن (/ڌڻيَـ -/+/- اِن/)

سهرو سهُرُئِن (/سَهُرُ -/+/- اِن/)

5. ضمير جي گرداني بناوٽ:

        ”مان، تون، پاڻ“ کان سواءِ ٻيا سڀيئي ضمير ٿُڙَ، حالت فاعلي عدد واحد ۾ اشتقاقي پڇاڙيءَ ذريعي جنس مونث ظاهر ڪن ٿا، پر ”مان، تون، پاڻ“ جي جنس فقط جملي ۾ ٻين لفظن ذريعي ظاهر ٿئي ٿي. جيئن ته مان لکان ٿو، مان لکان ٿي، انهيءَ آڌار تي ضمير- ٿڙن کي مکيه ٻن ڪلاسن ۾ ورهايو ويو آهي. پوءِ هر هڪ مکيه ڪلاس ۾ حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙين جي آڌار تي ضمير- ٿڙ ننڍن ڪلاسن ۾ ورهائجن ٿا.

ضمير سان لڳندڙ حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙين جا سَٽ:

ضميرن جي باري ۾ هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن.

(1) روايتي وياڪرڻ ۾ ”ڇو ڇا، ڪجهه، ڪُڇ، خود“ ضميرن اندر ڄاڻايل آهن. پر هتي اُنهن جو بيان ڪيل نه آهي ڇا ڪاڻ جو اِهي لفظ گرداني ڦير ڦار نٿا ڏيکارين. اهي حقيقت ۾ اڻ ڦرندڙ (Uninfleckeb) لفظ آهن، انهيءَ ڪري سندن بيان نحوي بناوت ۾ ئي ڪرڻ درست آهي.

(2) پاڻ، هرڪو، هرڪا، سڀڪو، سڀڪا، مڙيوئي، مڙيائي، سڀوئي، سڀائي، اِجهو، اِجها، اُجهو، اُجها، اِهي ضمير، پورو ڦيرو ڪونه ٿا ڏيکارين:  انهيءَ ڪري کين اوڻائيءَ وارا ضمير (Defective Pronouns) سڏجي ٿو.

 (3) ”مان، تون، پاڻ“ حالت عام، عدد واحد ۾ جدا جدا روپ ڏيکارين ٿا، جي حرف جي سان ٻڌل آهن. /منهن -/، /تنهن-/،/ پنهن-/ فقط ”جو“ حرف جر اڳيان اچن ٿا. ”کي“ حرف جر ڳيان ”مان“ ضمير جو روپ لکڻيءَ ۾ ”مونکي“ آهي، پر جيڪڏهن اُچار تي ڌيان ڏبو ته اُهو روپ /مُ -/+ کي ”مُکي“ ٻڌڻ ۾ ايندو. ”مون، تو، پاڻ“ روپ ٻين حرف جرن اڳيان يا حرف جر کان سواءِ استعمال ٿين ٿا. مثال:

مون چيو، مون وٽ اچ، تو چيو، توکي ڇا کپي، پاڻ ايندو، پاڻ کي نه پڏاءِ.

        (4) مان چيو (صحيح استعمال- مون چيو).

        اسان اچون ٿا (صحيح استعمال اسين اچون ٿا).

        توهان اچو ٿا (صحيح استعمال توهين اچو ٿا).

        اهڙا استعمال سنڌيءَ ۾ عام جام ٻڌجن پيا، جي شڪارپوري سنڌيءَ جو اثر ٿا ڏسجن. پر اهي اڃا وچولي سنڌيءَ ۾ توڙي ادبي لکڻين ۾ مقبول نه ٿيا آهن.

(5) سڀِنِ، مڙِنِ ۾ زور ڏيکاريندڙ /- اي/ لڳائي، ”سڀني، مڙنِي“، چوڻ وڌيڪ مروج آهي.

          (6) پڙهيلُ(مذڪر)، پڙهيلَ (مونث)، پڙهندڙُ (مذڪر)، پڙهندڙ (مونث)، اهڙن لفظن جو گردان ضميرن جي گردان وانگر آهي. انهيءَ ڪري اهي ضميرن جي ڪلاس اندر رکيا ويا آهن. ڪلاس 2 جي ضميرن وانگر هي لفظ به فقط حالت فاعلي، عدد واحد ۾ اشتقاقي پڇاڙيءَ ذريعي جنس ظاهر ڪن ٿا. ٻين حالتن ۾ سندن ڦيرو مذڪر ۽ مونث ۾ ساڳيو آهي. جملي ۾ جڏهن هي لفظ ڪنهن مذڪر اسم جي حالت عام، عدد جمع ۾ صفت طور استعمال ٿين ٿا، تڏهن سندن ٻه صورتون ٿين ٿيون. مثال:

        (1) پڙهيل ڇوڪرن کي يا (2) پڙهيلن ڇوڪرن کي.

        (1) پرهندڙ ڇوڪرن کي يا (2) پڙهندڙ ڇوڪرن کي.

   اِنهن مان پهريون استعمال وڌيڪ مروج آهي.

حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙين اڳيان ضمير- ٿڙ جي صورت ۾ تبديل:

(1) هيٺ ڏنل  ضمير- ٿڙ، سُر سان شروع ٿيندڙ پڇاڙين اڳيان پنهنجو آخري سُر غائب ڪن ٿا.

        (الف) مان  ۽ تون عدد واحد جي پڇاڙين اڳيان:

                مون (/م-/+/- اون/)، تو (/ت-/+/- او/)

        (ب) جو، جا، ڪو، ڪا، سڀُ، سڀِ، سڀني پڇاڙين اڳيان:

                جي (/ج-/+/-اي/)، سڀِنِ (/ سڀ-/+/-اِن/)

        (ٻ) سو، سا، ڪيرُ، ڪيرَ ۽ ڪلاس 2 ۾ گروپ 3 ۽ 5 وارا ضمير- ٿڙ، حالت فاعلي، عدد جمع جي پڇاڙيءَ اڳيان.

                سي (/س-/+/- اي/)، اِجهي (/اِجهه-/+/-اي/)

        (پ) پڙهيلُ، پڙهيلَ، پڙهندڙُ، پڙهندڙَ سڀني پڇاڙين اڳيان.

                پڙهيلَ (/ پڙهيل -/+/- آ/)

(2) ”پاڻ“ جو/- اَنهنِ /پڇاڙيءَ اڳيان /پ -/روپ ٿئي ٿو.

                پنهنجو (/پـ -/+/- اَنهن -/+/ جو/)

(3) هيءَ، هوءَ ۽ هيءُ، حالت عام، عدد جمع جي ٻڙي پڇاڙيءَ /-0/ اڳيان پنهنجو آخري سُر ڪيرائن ٿا.

                هيءُ ڇوڪرو- هي ڇوڪرا.

                هيءُ ڇوڪري هي ڇوڪريون

(4) ڪيرُ، ڪيرَ جي حالت عام جي پڇاڙين اڳيان /ڪ-/ صورت ٿئي ٿي.

           ڪيرُ- ڪنهن (/ڪ-/+/- آنهن/)، ڪِنِ (/ڪ-/+/- اِن/)

(5) عدد جمع جي پڇاڙين اڳيان، مڙيوئي، مڙيائي ضميرن مان / -يو-/، /-يا-/ روپ غائب ٿين ٿا، سڀوئي، سڀائي ضميرن ناب /- او -/،/- آ-/ غائب ٿين ٿا. زور ڏيکاريندڙ /- اي / پڇاڙي حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيءَ پٺيان لڳائجي ٿي.

                سڀيئي (/سڀ -/+/-اي/+/- اي/)

        مڙني (/-/+/- اِنِ/+/- اي/) (/ اِنِ/+/- اي/ چي سنَڌي /-اِنِي/)

(6) جمع جي پڇاڙين اڳيان، ”مان“ جو روپ / آس-/ ٿئي ٿو، ۽ حالت عام پڇاڙين اڳيان ، ”سو، سا“ جي صورت /ت-/ ٿئي ٿي.

        مان- آسان (/آس -/+/- آن/) تِنِ (/ت-/+/- اِنِ/)

(7) جمع جي پڇاڙين اڳيان، ”تون“ جي صورت /تَوهه -/ يا/ اَوهه -/ ٿئي ٿي.

              تون توهين (/تَوهه -/+/- ايِن /يا/ اَوهه -/+/ ايِن/)

(8) هيءُ، هيءَ، حالت عام جي پڇاڙين اڳيان / هُن -/ صورت وٺن ٿا.

                هيءُ هِنَنَ (/هِن -/+/- اَنِ/)

(9) هوُ، هوءَ، حالت عام جي پڇاڙين اڳيان / هُن -/ صورت وٺن ٿا.

                هوُ -  هُنَ (/هُن -/+/- اَ/)

(10) اِهو، اِها، حالت عام جي پڇاڙين اڳيان /اِنهه -/ صورت اختيار ڪن ٿا.

                اِهو اِنهن (/اِنهه -/+/- اَنِ/)

(11) ”اُهو، اُها“ حالت عام جي پڇاڙين اڳيان / اُنهه -/ صورت وٺن ٿا.

        اُهو اُنهيءَ، اُنهي (اُنهه -/+/- ايءَ/يا/- اي/)

(6) ڦرندڙ شماري انگن جي گرداني بناوٽ:

        نامن جي ڪلاس ۾ ”ٻه“ شاري انگ کان وٺي ”اٺيتاليهه“ شماري انگ تائين سڀ انگ اچن ٿا. اِنهيءَ کان سواءِ سؤ، هزار، لک، ڪروڙ، اَرب، کرب، نيل، پدم پڻ هن ڪلاس ۾ شامل آهن.

        ”هڪ“ گرداني نقطهء نظر کان ”پڙهيلَ“ وانگر ڦري ٿو، اِنهيءَ ڪري اُن ڪلاس جو ميمبر ليکبو. ”هڪڙو“ جو ڦيرو ”ڇوڪرو“ جيان ۽ ”هڪڙي“ جو ڦيرو ”ڇوڪري“ وانگر هلي ٿو. اِنهيءَ ڪري اهي گرداني بناوٽ جي لحاظ کان اُنهن ڪلاسن جا ميمبر آهن. ”اوڻونجاه“ کان وٺي ”نوانوي“ تائين سڀ شماري انگ اڻ ڦرندڙ آهن. انهيءَ ڪري سندن ذڪر هن باب ۾ نه ڪبو. ”سؤ“ کان مٿي شماري انگ جيڪي ”هزار“، ”لک“ وغيره جي وچ ۾ اچن ٿا، سي حقيقت ۾ نحوي فقرا (Syntactic Phrases) آهن، انهيءَ ڪري گردان ۾ سندن بناوٽ جو ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. مثلا : چار سؤ پنج، ٽي سؤ ويهن ۾، وغيره.

        قطاري انگ ٻيو، ٽيون، چوٿون وغيره اسمن وانگر ڦرن ٿا، جيتوڻيڪ اِهي پورو ڦيرو ڪونه ٿا ڏيکارين. انهيءَ ڪري کين اسمن جي ڪلاسن ۾ اوڻائيءَ وارا اسم سڏي سگهجي ٿو. نحوي بيهڪ ۾ شماري توڙي قطاري انگ (ڦرندڙ ۽ اڻ ڦرندڙ) اسمن توڙي صفتن وانگر استعمال ڪجن ٿا. مثال:

                ٻن ۾- ڇوڪرن ۾: پنجن سان ڇوڪرن سان.

                پنجن ڇوڪرن کي سٺن ڇوڪرن کي.

                آئون ڇوڪرو، اٺين ڇوڪري کي- سٺو ڇوڪرو، سٺي ڇوڪري کي.

                سٺا ڇوڪرا سٺا ڇوڪرا.

ڦرندڙ شماري انگن جي ورهاست:

گرداني بناوٽ جي آڌار تي ڦرندڙ شماري انگن کي هن ريت ٻن ڪلاسن ۾ ورهائجي ٿو: (1) فقط هڪ عدد جمع ۾ ڦرندڙ: (2) واحد، جمع مقرر ۽ جمع مبهم ۾ ڦرندڙ. انهن ٻن ڪلاسن ۾ حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙين جي جدا جدا سَٽَنِ موجب، ڦرندڙ شماري انگ جدا جدا ڀاڱن ۾ رکيا ويا آهن.

        ڪلاس 1 (عدد جمع ۾ ڦرندڙ شماري انگ)

                (1) ٻه، ٽي ، چار.

        حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون: حالت فاعلي جمع /-0/ (ٻڙي پڇاڙي) حالت عام جمع /- اِنِ/).

مثال ٻهَ- ٻن، ٽي ٽن، چار چئن.

                (2) ”پنج“ کان ”اَٺيتاليهه“ تائين انگ.

        حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون: حالت فاعلي جمع /-0/، حالت عام جمع /- ان/. مثال: پنج- پنجن، ٻٽيهه ٻٽيهن، چاليهه چاليهن.

ڪلاس 2 (واحد، جمع مقرر، جمع مبهم ۾ ڦرندڙ انگ)

                (1) - سؤ

        حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون:

 

عدد واحد

عدد جمع مقرر

عدد جمع مبهم

حالت فاعلي

 

-0

- اين

حالت عام

- 0

- اَنِ

- اين ، -اَنِ

حالت فاعلي

سؤ

(ٻه) سؤ

سَوين

حالت عام

سؤ

(ٻِن) سَوَن

سَوين، سَوَنِ

 

 

 

 

 

 

                (2) هزار، لک، ڪروڙ، اَرب، کرب ، نيل، پدم.

        حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙيون:    

 

عدد واحد

عدد جمع مقرر

عدد جمع مبهم

حالت فاعلي

 

-اَ

- اين

حالت عام

- 0

- اَنِ

- اين ، -اَنِ

حالت فاعلي

هزارُ

(ٻه) هزار

هزارين

حالت عام

هزارُ

(ٻِن) هزارن

هزارين، هزارَن

 

 

 

 

 

                                               

مثال: هڪ سؤ، سؤ: ماڻهو، ٻه سؤ ماڻهو: ٻن سَوَنِ ماڻهن ۾: اُتي سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيا: سَوِنِ ۾ ڪو هڪڙو سچارُ ملندو: هزارين ماڻهن کي ڪتاب ڏنا ويا: هزارن ۾ ڪو هڪڙو سچو سخي ٿو پيدا ٿئي.

ڦرندڙ شماري انگن جي صورت ۾ حالت ڏيکاريندڙ پڇاڙين اڳيان ٿيندڙ تبديل:    

(1) سُر سان شروع ٿيندڙ پڇاڙين اڳيان، سؤ کان سواءِ، ٻيا ڦرندڙ شماري انگ، پنهنجو آخري سُر ڪيرائين ٿا.

                ٽي- ٽِنِ (/ٽ -/+/- اِنِ/)

(2) سؤ جو آخري سُرُ /-اؤ/ سُر سان شروع ٿيندڙ پڇاڙين اڳيان / آوَ-/ ۾ بدلجي ٿو.

                سؤ سَوَن (/ سَو -/+/- اَنِ/)

(3) سُر سان شروع ٿيندڙ  پڇاڙين اڳيان، ”چار“ جي صورت /چَ -/ ٿئي ٿي. مثال چار- چئِنِ (/چَ -/+/ اِنِ/).

(7) حالتون ڏيکاريندڙ صرفيه ۽ هم-صرف:

        حالتون ڏيکاريندڙ صرفيه ۽ هم- صرفن جو مطالعو ڪرڻ کان اڳ هتي اِهو سمجهائڻ غير واجب نه ٿيندو ته صرفيه ۽ هم صرف ڇا کي ٿو سڏجي.

        روايتي وياڪرڻ ۾ لفظ (Word) کي ننڍي ۾ ننڍو ايڪو ليکيو ويو آهي، جا ڳالهه درست نه آهي. لفظن جي بناوٽ جو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته لفظ ٽن قسمن جا آهن، مفرد (Simple)، مرڪب (Cmpound) ۽ مرتب (Complex) . مرتب لفظ جڙ (Root) ۾ اڳياڙين، پڇاڙين وغيره گڏڻ سان جڙن ٿا. مثال طور، ”اَڻبڻت“ لفظ ۾ /بَڻ-/ جڙ آهي، جنهن ۾ /-اَت/ پڇاڙي گڏي ”بڻت“ لفظ جوڙيو ويو آهي. ”بڻت“ ۾ ئي وري /اَڻَ-/ اڳياڙي گڏي ”اَڻبڻت“ لفظ جوڙيو اَٿئون. هاڻي ثابت ٿيو ته اِنهيءَ لفظ ۾ ئي ننڍا جزار آهن / آڻ-/، /بَڻ/ ۽ /- اَت/ ۽ اهو هر هڪ جزو معنيٰ ڀريو آهي. اِنهن کي صرف سڏجي ٿو. صرف (Morph) ڪنهن ٻوليءَ جي بناوٽ ۾ ننڍي ۾ ننڍو معنيٰ ڀريو جزو آهي. انهيءَ جزي کي جيڪڏهن وڌيڪ ڀڃبو ته اُنهيءَ جزي جي گهربل معنيٰ غائب ٿي ويندي. اها ٻوليءَ جي خوبي آهي ته با معنيٰ صرف جي روپ جو اظهار،  بي معنيٰ صوتين (Phnimes) ذريعي ٿئي ٿو. /بَڻ-/ ۾ ٽي صوتيه آهن /ب- اَ-ڻ/./اَڻ-/ صرف ۾ به ٽي صوتيه  آهن /آ- ڻ- آ/. ”اَناٿ“ لفظ ۾ / آ-/ صرف آهي ڇا ڪاڻ ته اِهو ننڍي ۾ ننڍو معنيٰ ڀريو جزو آهي ۽ ناڪاري معنيٰ ڏيکاري ٿو. /ا-/ صرف جو روپ فقط هڪ صوتيه سان ئي ظاهر ٿئي ٿو. مائو (مٺائيءَ جو هڪ قسم) هڪ صرف آهي جنهن جو جمع آهي ماوا. عدد جمع جي پڇاڙيءَ /- آ/ اڳيان مائو جو روپ بدلجي /ماو ٿئي ٿو. اَهڙيءَ حالت ۾ /مائو/ ۽ ماو-/ ٻه جدا صرف ليکبا، جن جي صورت علحدين حالتن تي منحصر آهي. /- آ/ پڇاڙيءَ اڳيان /مائو/ صرف ڪو نه ايندو ۽ جتي ڪا به پڇاڙي ڪانه ٿي لڳي اتي /ماو/ صرف ڪونه ملندو. جڏهن ڪي به روپ اهڙيءَ طرح ورڇجي بيهن ٿا جو جتي هڪ روپ اَچي ٿو اُتي ٻيو روپ استعمال نٿو ٿئي، تڏهن اهڙيءَ ورڇ کي ”پورڪ ورڇ“ (Comlementary Distributiron) سڏجي ٿو. پورڪ ورڇ ۾ ايندڙ روپ جدا جدا حالتن ۾ ورڇجي ڪنهن هڪ ايڪي کي پورو روپ ٿا ڏين. پورڪ ورڇ وارن ۽ ساڳي معنيٰ ڏيکاريندڙ صرفن کي گڏي هڪ ايڪي (Unit) اندر ليکجي ٿو، ۽ اُنهيءَ ايڪي کي صرفيه (Morpheme) سڏبو آهي. هڪ صرفيه جي اندر جيترا صرف اچن ٿا، اُنهن مڙني کي گڏي هم صرف (Allomorphs) سڏبو آهي. هاڻي چئبو ته (مائو) صرفيه کي ٻه هم-صرف آهن /ماؤ-/ ۽ /مائو/. سُر سان شروع ٿيندڙ /آ، -اَن،- اؤ/ پڇاڙين اڳيان /ماو-/ اَچي ٿو ۽ ٻين هنڌ جتي پٺيان ڪابه پڇاڙي ڪانهي اتي /مائو/ استعمال ٿئي ٿو. هم- صرف معنيٰ هڪ جهڙا صرف، يعني اُهي صرف جن ۾ هڪ ئي صرفيه جي اندر هئڻ جي هڪ جهڙائي آهي ۽ ساڳي معنيٰ اَٿن. هم- صرف هميشہ صورت ۾ هڪ ٻئي کان علحدا هوندا آهن. اِهي حقيقت ۾ هڪ ئي صرفيه جون جدا جدا حالتن جي اَثر ڪري ڦريل صورتون آهن.

        وياڪرڻ جا ٻه ڀاڱا آهن- علم نحو. علم صرف ۾ ننڍي ۾ ننڍوايڪو صرفيه کڻجي ٿو ۽ علم نحو ۾ ننڍي ۾ ننڍو ايڪو لفظ آهي. صرفيه گهڻن قسمن جا آهن، صرفين مان لفظ ڪيئن ٿا جڙن، لفظن ۾ ڦير گهير ڪيئن ٿي ٿئي، انهيءَ جو ذڪر علم صرف ۾ ڪجي ٿو. لفظن مان جملا ڪيئن ٿا جڙن، جملا گهڻن قسمن جا آهن، اِهو علم نحو ۾ سمجهائجي ٿو. هاڻي چئبو ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي کي سمجهائڻ لاءِ ننڍي ۾ ننڍو ايڪو صرفيه کڻن گهرجي ۽ نه لفظ. نام ٿڙن جي صورت ۾ جيڪا تبديل حالتون ڏيکاريندڙ پڇاڙين اڳيان ٿئي ٿو تنهن جو ذڪر اڳي ئي ڪيو ويو آهي. اُتي گردان سمجهائيندي حالتون ڏيکاريندڙ پڇاڙين کي جدا جدا سَٽَن ۾ ورهايو ويو آهي. اهي سڀيئي پڇاڙيون جدا جدا صرف آهن، جن کي ڪل پنجن صرفين (Morphemes) جي اندر ئي آڻي سگهجي ٿو.

   حالت فاعلي، عدد واحد ڏيکارڻ لاءِ نام ٿڙ ۾ ڪو به صرفيه ڪونه ٿو لڳائجي. اُتي نام ٿڙ خود حالت فاعلي ۽ عدد واحد ڏيکاري ٿو. حالت فاعلي، عدد جمع ۽ ٻيون حالتون ڏيکارڻ لاءِ نام ٿڙ ۾ صرفيه لڳائجي ٿو. هر هڪ صرف حالت توڙي عدد ڏيکاري ٿو. حالتون ڏيکاريندڙ ڪل پنج صرفيه آهن جن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو.

حالت فاعلي، عدد جمع

حالت فاعلي، عدد جمع ڏيکارڻ لاءِ نام ٿڙ پٺيان جيڪو صرفيه لڳي ٿو، تنهن کي (فاعلي جمع) سڏجي ٿو. * اُنهيءَ جا جدا جدا نام- ٿڙن پٺيان لڳندڙ هم- صرف هيٺينءَ ريت آهن:

        /- آ/او پڇاڙيءَ وارن اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو، جڏهن پٺيان ضميري پڇاڙي ڪانه اٿس ڇوڪرو ڇوڪرا.[1]

        /- آ/ 2 ۽ 4 ڪلاس جا مذڪر اسم ٿڙ، او پڇاڙيءَ وارا اسم / ٿڙ جڏهن ضميري پڇاڙيءَ سان گڏ آهن، ۽ ڪلاس 2- (8) جا ضمير- ٿڙ، انهن مڙني سان هيءُ صرف لڳي ٿو.

        ٻارُ ٻارَ، چاچو چاچا- چاچَسِ (هن جا چاچا) پڙهندڙُ پڙهندڙ.

        /- 0 يا اون/ 1 ۽ 3 ڪلاس جي مونث اسم ٿڙن سان لڳي ٿو، جڏهن پٺيان ضميري پڇاڙي ڪانه اٿس. زال- زالون.

        /- اَن/ 1 ۽ 3 ڪلاس جي مونث اسم ٿڙن سان لڳي ٿو، جڏهن پٺيان ضميري پڇاڙي اَٿس نراڻ- نراڻون- نراڻنهِن (تنهنجون نراڻون).

        /- رُ يا رَ/ پيءُ يا ڀاءُ سان لڳي ٿو. ڀاءُ ڀائرُ يا ڀائرَ.

                 /- رُ، -رون يا اون/ نرالي ڪلاس جي مونث اسم ٿڙن سان لڳي ٿو.

        ڌيءُ ڏيئرُ، ڌيئرون، ڌيئون.

        /- 0/ هيٺ ڏنل ٿڙن پٺيان اچي ٿو.

        (1) اي يا اوُ ۾ پورا ٿيندڙ مذڪر اسم- ٿڙ. ساٿي- ساٿي.

        (2) اوُ ۾ پورا ٿيندڙ مونث اسم- ٿڙ. وَهوُ- وهوُ.

        (3) ڪلاس 2 (1) جا ضمير ٿڙ. هوُ- هوُ.

        (4) ڪلاس 1 جا شماري انگ. ٽي، پنج.

              (5) مقرر عدد جمع ڏيکارڻ لاءِ ڪلاس 2- (1) جا شماري انگ هزارُ- (ٻه) هزار.

        /- ايِن/ مان ۽ تون پٺيان لڳي ٿو. مان آسيِن (/آس-/+/-ايِن/).

        /- اي/ ڪلاس 2 ۽ 2، 3، 4 ۽ 5 گروپ جي ضمير- ٿڙن سان لڳي ٿو.

                        سو- سي، اُهو- اُهي.

        /- اِ/ ڪلاس 2 جي 6 ۽ 7 گروپ جي ضمير- ٿڙن سان لڳي ٿو. ڪيرُ- ڪيرِ.

        /- اين/ مبهم جمع ڏيکارڻ لاءِ ڪلاس ٻئي جي شماري انگن سان لڳي ٿو. هزارُ- هزارين، سؤ- سويِن.

حالت عام، عدد واحد:

    حالت عام، عدد واحد ڏيکارڻ لاءِ نام- ٿڙ پٺيان جيڪو صرفيه لڳي ٿو، تنهن کي (- عدد واحد) چئجي ٿو. انهيءَ جا جدا جدا نام ٿڙن پٺيان لڳندڙ هم- صرف هيٺينءَ ريت آهن.

        /- اي/ او پڇاڙيءَ وارن اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو، جڏهن پٺيان ضميري پڇاڙي ڪانه اَٿس. ڇوڪرو- ڇوڪري

        /- آ/ هيٺ ڏنل ٿڙن پٺيان لڳي ٿو.

(1) مذڪر ۽ مونث ۾ ڪلاس 2 ۽ 3 جا اسم ٿڙ. ماڻهو- ماڻهوءَ، ندي- نديءَ.

(2) او ۾ پورا ٿيندڙ مذڪر اسم- ٿڙ، جڏهن پٺيان ضميري پڇاڙي اٿن. چاچو- چاچي- چاچس.

(3) ڪلاس 2 ۾ 1، 7 ۽ 8 گروپ وارا ضمير- ٿڙ . سڀُ- سڀَ.

        /- آ/ ”مان“ سان لڳي ٿو، جڏهن پٺيان ”کي“ حرف جر اٿس. مان مُکي (مون کي) /- اُنهِن/ ”مان“  ۽ ”تون“ سان لڳي ٿو جڏهن پٺيان ”جو“ حرف جر اٿس. مان منهنجو، تون تنهنجو.

        /- اوُن/ ”مان“ سان لڳي ٿو جڏهن پٺيان .کي“ ۽ ”جو“ حرف جر نه آهي. مان- مون، مون سان.

        /- او/ ”تون“ سان لڳي ٿو، جڏهن پٺيان ”کي“ يا ”جو“ حرف جر نه آهي. تون- تو، توکي.

        /اَنهِن/ ڪلاس 2 ۾ گروپ 2، 6 جي ضمير ٿرن- سان، ۽ ”پاڻ“ سان ”جو“ حرف جر اڳيان لڳي ٿو. جو- جنهن، پاڻ- پنهنجو.

        /- ايءِ يا اي / ڪلاس 2 ۾ 3 گروپ جي ضمير- ٿرن سان لڳي ٿو. اِهو- اِنهيءَ يا اِنهي.

        /- 0/ هيٺ ڏنل نام- ٿڙن سان لڳي ٿو.

        (1) ڪلاس 4 جا مذڪر اسم- ٿڙ، ودياليء ودياليء (۾).

        (2) ڪلاس1 جا مونث اسم- ٿڙ، زال- زال (کي).

        (3) نرالي ڪلاس وارا اسم ٿڙ، پيءُ- پيءَ (کي).

        (4) ”پاڻ“، جڏهن پٺيان ”جو“ حرف جر نه آهي، پاڻ (کي)

        (5) ڪلاس 2 جا شماري انگ. سؤ- سؤ (ماڻهن کي).

        نوٽ: حالت عام، عدد واحد ڏيکاريندڙ صرف حرف جري پڇاڙيءَ اڳيان غائب ٿئي ٿو.

     حالت عام ، عدد جمع:

    حالت عام، عدد جمع ڏيکارڻ لاءِ، نام ٿڙ پٺيان جيڪو صرفيه لڳي ٿو، تنهن کي (- عام جمع) چئجي ٿو. اِنهيءَ جا جدا جدا نام- ٿڙن پٺيان لڳندڙ هم- صرف هيٺينءَ ريت آهن.

        /- اَنِ / هيٺ ڏنل نام- ٿڙن سان لڳي ٿو

        (1) ڪلاس 1، 2 ۽ 4 جمله مذڪر اسم- ٿڙ. ڇوڪرو- ڇوڪرَنِ.

        (2) ڪلاس 2 ۾ گروپ 1 ، 3، 8 جا ضمير- ٿڙ. اِهو- اِنهَنِ.

        (3) ڪلاس 1 ۾ گروپ 2 جا شماري انگ ۽ ڪلاس 2 جا شماري انگ. پنجَن، هزارُ- هزارَنِ.

        /- اُنِ/ ڪلاس 3 ۽ 5 جي مذڪر اسمن جي نرالي ڪلاس کان سواءِ ٻين سڀني ڪلاس جي مونث اسم ٿڙن سان لڳي ٿو.

                راجا- راجائن، زال- زالُن.

        /- رَنِ يا اُنِ/ ”پيءُ“ ۽ ”ڀاءُ“ سان لڳي ٿو.

                ڀاءُ- ڀائرن يا ڀائُن.

        /- رُنِ يا اُنِ/ نرالي ڪلاس جي مونث اسم ٿڙن سان لڳي ٿو.

                ڌيءَ- ڌيئَرُنِ، ڌيئُنِ.

        /- آن/ ”مان“ ۽ ”تون“ سان لڳي ٿو. مان- اَسان (/ آس-/+- آن/)

        /- اِن/ ڪلاس 2 جي گروپ 2، 4، 6 ۽ 7 وارن ضمير- ٿڙن سان ۽ ڪلاس 1 جي گروپ (1) وارن شماري انگن سان لڳي ٿو.

                ڪو- ڪِنِ، ٻه ٻنِ.

        /- آ/ ڪلاس 2 جي گروپ 8 وارن ضمير ٿڙن سان لڳي ٿو.

                پڙهيلُ- پڙهيلَ ڇوڪرن کي.

          /- اين/ مبهم جمع ڏيکارڻ لاءِ ڪلاس 2 جي شماري انگن سان لڳي ٿو.

                هزارُ هزارين.

        نوٽ: حالت عام، عدد جمع ڏيکاريندڙ هم- صرف حرف جري پڇاڙين اڳيان غائب ٿين ٿا.

حالت ندا، عدد واحد:

        حالت ندا، عدد واحد ڏيکارڻ لاءِ نام ٿڙ پٺيان جيڪو صرفيه لڳي ٿو، اِنهيءَ جا جدا جدا نام- ٿڙن پٺيان هم- صرف هيٺينءَ ريت آهن:

        /- آ/ او پڇاڙيءَ وارن اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو.

                ڇوڪرو- (اڙي) ڇوڪرا!

        /- آ/ اُ ۽ اؤ پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو.

                ٻارُ- اڙي) ٻارَ!

        /- 0/ نرالي ڪلاس ۽ ڪلاس3، 4 جي مذڪر اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو.

                ساٿي- (او) ساٿي!

        حالت ندا، عدد جمع:

        حالت ندا، عدد جمع ڏيکارڻ لاءِ نام- ٿڙ پٺيان جيڪو صرفيه لڳي ٿو، تنهن کي (- ندا جمع) چئجي ٿو. اِنهيءَ جا جدا جدا نام- ٿڙن پٺيان لڳندڙ هم- صرف هيٺينءَ ريت آهن:

        /- آيا- اؤ/ او پڇاڙي وارن اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو.

                ڇوڪرو- ڇوڪرؤ يا ڇوڪرا!

        /- آ يا- او/ اُ ۽ اؤ پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن سان لڳي ٿو.

                ٻارُ ٻارو يا ٻارَ!

        /- او/ ڪلاس3، 4 جي مذڪر اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو.

                رهاڪوُ- رهاڪُئو!

        /- ر يا- رو/ نرالي ڪلاس جي مذڪر اسم- ٿڙن سان لڳي ٿو.

                ڀاءُ- ڀائُرَ يا ڀائرو!

ادب لطيف

فضل الاهي انصاري

 

گل

        گل ٽاريءَ ۾ هجي يا هٿ ۾، گلدان ۾ هجي يا محبوب جي زلفن ۾ جڙيل، هر حال ۾ حسين آهي. سندس سونهن کيس سينگار جو سامان ٺاهيو آهي. سندس سڳنڌ ڪهڙي نه پياري! پنهنجي توڙي پرائي کي بهار ڪريو ڇڏي. افسوس حسن بي بقا آهي، سندس زندگي نهايت مختصر لمحن جي جهلڪ، ته به ڪيڏيون جانيون برباد ڪريو ڇڏي. ڪشش ڪنڊن جا قلعا پار ڪرايو وڃيو منزل مقصود تي رسائي: پر مقصد حاصل ٿيڻ سان ئي طلب جو دم ٽٽيو پوي. ها اڪير جنهن من ماندو ٿي ڪيو، ميلاپ سان مرجهائجيو وڃي. انسان جي هوس گل کي ٽاريءَ جي گود مان بي درديءَ سان ڇني پنهنجي دامن پُر ڪئي. ان ريت جو وصال معرفت جو ويڇو پيدا ڪرائي ٿو، ۽ بددعا جي زبان بنجيو پوي. اها ڏاڍي پر اثر ٿي ٿئي. نفس ته مکڙين کي ئي مارايو مات ڪيو ڇڏي. ٻوٽي جي آهه جا سندس زيب جي لٽ کان ٿي نڪري، گل کي گهائل ڪيو ڇڏي، کيس سگهو ئي سڪايو وڃي. پٽجڻ سان ئي ڪومائجڻ شروع ٿو ڪري، پاڻيءَ جا ڇنڊا بيڪار بنجيو پون. نتيجي ۾ اهو رونق ڀريو روح وڃيو لاش بنجي. سندس ساري سڳنڌ چوسي کيس کوکلو ڪريو ڇڏين. ڇا بيقدري! انسان خود غرض آهي. لالچ ڪيترو نه ڪيرائي ٿي، جو گل تازگيءَ جي لبن تي لاتو ٿي ويو، اهو ساڳيو ئي گل خشڪ صورت ۾ ڪهڙيءَ نه بيدرديءَ سان اڇليو وڃي ٿو. اتي ويچارو خاموش آهه ٿو ڪڍ:

ڪسي ڪو رنگ سي مطلب ڪسي ڪو خوشبو سي،

گلون ڪي چاڪ گريبان ڪي بات ڪون ڪري!

        نفس انسان کي پنهنجو پاڻ وسارايو ڇڏي. ڪهڙيءَ نه جفاڪشيءَ، نفاست ۽ نزاڪت سان گل ڇنو ويو هو. اها ئي نعمت ڪيئن نه ڪرن ڦل جي معرفت باهه جو نذر ڪئي ٿي وڃي. مئي به ماريندڙ کي رس رسائيندو رهي. انهيءَ لعنت کان بچڻ لاءِ لطيف پڪاريو: ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان شال مَ ملان هوت“. آدم جو اولاد اصل کان ئي ائين آهي. ڏوهه پنهنجو، پر اڇلي غريب بي زبان غير موجود شيطان تي! مخلوق ۾ اشرف جو آهي، ته هر ادا سندس حق رهي. ويچاري ابليس کي پرپٺ پيو پيڙي!

 

سرڳواسي جهامنداس ڀاٽيا

 

مسڪين .

            مسڪين ويچارو ڪيئن نه غريبيءَ جو گذر ڪکائين ڪوٺڙيءَ ۾ ڪندو هوندو، محل ۽ ماڙيون کين مزو نٿيون ڏين، چور مان ۽ چاشنيون کين مسرت نٿيون بخشي سگهن، تڏهين جهَڻ ۽ جهڳي، جهنگل ۽ برپٽ غريب کي ڪيئن لطف ۽ تراوت ڏئي سگهندا؟

        رات کي ڪهڙي پئي آهي جو صبح جي تاتِ رکي؟ هوءَ ته پنهنجيءَ ۾ پوري آهي. اوندهه جي آجيان ڪندي هوءَ سرانجامي ڪندي ٿي رهي، ميزبانيءَ جي فرضن جي.

        باک ڦٽندي، اکين اڳيان بک ۽ ڏک، محنت ۽ مزدوري.

        ڍءُ جيڪڏهين غريب کي ٿئي به ٿو ته بُکَ ۽ مزوري.

        اڄ کي اُساٽ نه آهي ته سڀان ڇا آڻيندو؟ هاڻ کي تاڻ نه آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

        غريب ويچارو ويچارُ ڪري ڪري وڪڙن ۾ وڪوڙجي ٿو وڃي، مگر چارو چرهڻ جو نه پسي چپ چپات ۾ گونگا ڳوڙها ڳاڙي پاڻ پگهاري پيو گنديءَ ۾ گذر ڪري.

        محلن جو موهه کيس ڊوهي نٿو ۽ مَڏيءَ جي ممتا کيس موهي نٿي.

        اُگهڙ ۽ اُگهائيءَ ۾  گهر تَڙ سندس ڌرتي ماتا جي گود. ليڙ نه هجيس لڱن تي، ته به سدا توڪل جو ترجو ڪري پيو پنڌ پئي.

        هوند وارا مٿس کلون ڪن، حقارت جون اکيون مٿس اُڇلائين ته به هي مسڪين ڪري ڇا ٿو سگهي؟

        گرهه نصيب ٿيس، ڍُڪُ پاڻي پي پيٽ ڀري ڇڏيندو، نه ته پيش کي پٽيون ٻڌي پيو وقت سان نباهيندو ۽ ماٺ ئي ماٺ ۾ پيو ڳائيندو گيت اڻ هوند جا.

        ستارن جو سوجهرو پسي اوندهه کي الوداع ڪري گهڙي پَل لاءِ مستيءَ ۾ موج ڪندو، مگر ويراني ۽ حيراني هن جو پيڇو ڇڏن ئي ڪين.

        پنهنجي ڪمزوري ڏسي وَس ۾ واڪا ڪندو ته من وڻڪار سندس ساٿ ڏئي، مگر ڪو همراهه نه پائي وري به چُپ ڪري ڪرونڊڙو ٿي پئجي رهندو.

        صبوح ٿيندي ڪوڏر ڪلهي ڪري گهڙي پوندو سهڻيءَ جيان دنيا جي درياهه ۾. ٿاڦوڙا هڻندي درياهه پار پهچي يا نه، سو ته آهي سندس قسمت تي.

        هو آس ۽ نااميديءَ  جي وچ ۾ غوطا کائيندو اچي جهڳيءَ ويجهو ٿيندو شام ٽاڻي.

ڪلاڪار ڪامل هي آهي تنهنجي تصوير جنهن ۾ تون اَمر خوشي ٿو حاصل ڪرين!

        هن کي ڪهڙي ڪَل ته صبح ٿيندي سندس نصيب ۾ کيس ماني ڳڀو ايندو يا نه.

        جهڻ جا سندس اُڃ اُٿت جي اُٿاريل  اجهائيندي هئي سا به کيس هَڪِي نظر نه آئي.

                   ات جي وسڪاري سندس ڪلائينءَ جهوپڙيءَ جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو هو.

        ٻارڙا بک ۾ بک ٿي ٿيا. پورهيو پگهر جو سارو ڏينهن چڪر ڪاٽيندي به ملي نه مليس. آخر مايوس ٿي وٿاڻ ڀيڙو اچي ٿيو.

        اڃان ٿوري آهٽ ڪن ٿي پيس ته اميد سندس سيني ۾ سجاڳ ٿي، مگر ٻيءَ گهڙيءَ اها سمهي ٿي پيئي.

        نا اميدي، تڏهين وسائل ڏيو ٿالهيءَ ۾ جهلي اچي اڳيانس ٿي. هن تڏهين ان کي چيو ”ڙي امڙ ديپڪ کڻي جڳاءِ ته من سجهندي ۾ ساهه پئي.“

        هن تڏهين کيس ورندي ڏني ”آءٌ ائين مورُ ڪيم ڪنديس. ائين ڪرڻ سان منهنجي منهن جي مڻيا غائب ٿي ويندي.“

        هن تڏهين کيس چيو ”جيجل ڪيڏي نه زوراور آهين، جو پنهنجي حسن کي حياتي بخشڻ لاءِ سوجهري کي اُسرڻ جي واٽ به نه ٿي ڏين! ايتري به ابهم ۽ وڏڙا ٻار بک بک ڪندا، دانهون رڙيون ڪندا، اچي سندس اوڏا ٿيا، بک ٿا مرون.

        اهي ڪچڙيون دانهون ٻڌي مسڪين جو منهن ٻهڪڻ لڳو ۽ کين چوڻ لڳو، هائو ابا ڍير.

        گهڙي ئي نه گذري ته ٻارڙي تپ ۾ ٻرندي هنڌ مان اُٿي آئي ۽ سندس اڳيان اچي بيهوش ٿي ڪري پئي.

        ڦٿڪندي زمين جي گود ۾ ساهه ڏنائين.

        موت ۽ زندگيءَ جي هيءَ ويڙهه ڏسي، هن چيو ”واهه انصاف ۽ عدل هي آهي! ڪلاڪار هيءَ راند ڏسي تون ڇا ٿو چئي سگهين؟

 

”مهراڻ“ تي تبصرو

 

        سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد طرفان نڪرندڙ سماهي رسالو ”مهراڻ“، سال 1968ع جو پهريون پرچو، پنهنجي هٿن ۾ آيو ۽ سندس سرورق، لطيف سائينءَ جي بيت سان زمين آهي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ هي رسالو، هن سماهيءَ ۾ به پنهنجي حسب روايات، سنڌي ٻوليءَ جو  اهو پهريون ئي رسالو آهي، جنهن ۾ ادب جي هر ڀاڱي کي نه فقط شايع ڪيو وڃي ٿو، بلڪ ان تي فراخدليءَ سان تبصرو پڻ ڪيو وڃي ٿو. هن پرچي جا ٽي حصا آهن، پهرئين حصي ۾ شعر آهن، ٻئي ۾ افسانا ۽ ٽئين ۾ مضمون.

        پهريون حصو، مرحوم ”دلگير“ ٽکڙائيءَ جي هڪ يادگار ڪلام “رات جي بات“ سان شروع ڪيو ويو آهي، جو نهايت بهترين ۽ بيمثال آهي.

        نظم جي حصي ۾ بيت، دوها، ڪافيون، وايون، گيت، لوڪ گيت، نظم، آزاد نظم، نيون طرزون، غلز، قطعا، رباعيون ۽ مختلف زبانن جي شاعري شايع ڪيا ويا آهن.

        ڪافين ۾ جناب طالب الموليٰ جي هيءَ مصرع پسند آئي.

گهڻو وقت مخدومي ماڻي ڏٺيسون،

۽ پيري به قبضي ۾ آڻي ڏٺيسون،

پسند پيئي من کي، رڳو مَتِ ملنگي.

ذوالفقار راشديءَ جو هي بيت نهايت با معنيٰ آهي:

 

پَر پائي مان پيار جا، اُڏان ٿي آڪاس!

دوهن ۾ نياز همايونيءَ جي هن دوهي تي غور ڪري سگهجي ٿو:

آءُ ته دنيا بدلايون، جنهن دل دل کي تاراج ڪيو،

ماڻهوءَ کي مجبور بنائي، سُڏڪن جو محتاج ڪيو.

        ان کانسواءِ، حافظ ”احسن“، استاد بخاري ۽ خادم سروري به پاڻ موکيو آهي. واين ۾ عبدالڪريم پلي ۽ قمر شهباز جون وايون شاهڪار آهن. پرڀو ناشاد جي اها مصرع:

پرهه ڦٽيءَ جو پري پلڪ کان، ڪڏهن نه ڏيندا ويڻ

او ڍوليا، سپنا منهنجا سيڻ!

پسند آئي. گيتن جي ڀاڱي ۾ پروانو ڀٽي، حافظ احسن، قيوم طراز جا گيت سٺا لکيل نظر اچن ٿا.

        لوڪ گيتن ۾ نياز همايوني ۽ احمد خان آصف جا مورا لکيل آهن. نظم جي حصي ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جو نظم، ”دنيا ۾ داد نه ڪو فرياد“، هري دلگير جو ”پر سنڌ جي ٻولي ٿو چاهيان مان“، پرواني ڀٽيءَ جو ”سوري به سيج“، ”بردي سنڌيءَ“ جو ”جوئي آهيان سوئي آهيان“، ”آثم“ ناٿن شاهيءَ جو ”ٻه قلم“، استاد بخاريءَ جو ”خوشبو تنهنجي، نظرون منهنجون“، نشتر ناٿن ش اهي جو ، ”ڪلمئه حق“ مثالي نظم آهن.

        آزاد نظم ۾ هري دلگير ۽ سيف ٻنوديءَ جا نظم، آزاد نظم جي صحيح فارم ۾ آهن. غزليات ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، ذوالفقار راشدي، حافظ احسن، عارف المولا، خواب حيدرآبادي، انور هالائي، علي محمد خالدي، احمد خان آصف، جليل سروري ۽ پرڀو ناشاد جا بهترين آهن.

قطعات ۾ ڊاڪٽر حسيني ”بيخود“ جو هي قطعو واهه جو آهي!

دشمنن جون پٽي ڇڏيو پاڙون،

 دوستن ساڻ دل کي هيرايو،

 پاڻ ۾ ئي جهڪي جهڪي مِلبو،

غير جو سر کڄي ته ڪيرايو.

        ان کانسواءِ، خواب حيدرآبادي، استاد بخاري ۽ انور هالائيءَ جا قطعا پسند آيا. ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۾ ”پهريدار ڪتو“ نظم، سڀني کان اتم ٿو نظر اچي.

ٻئي حصي ۾ افسانا ۽ ناٽڪ شايع ٿيل آهن، ....... ممتاز مرزا جو ناٽڪ ”پنرو بڊام“ نهايت سٺو ۽ لاجواب آهي.

        ٽئين حصي ۾، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، پروفيسر محبوب علي چنا، مير حاجي محمد بخش ٽالپور، لطف الله بدوي، خواجا غلام علي الانا، قريشي حامد علي خانائي جا مضمون شامل آهن، جن ۾ سيبويه بن اسماعيل، شاهه شجاع الملڪ، ڪوٽري ڪنبير، مير شير محمد ماڻڪاڻي تاريخي ۽ تحقيقي آهن، جن کي ان مبارڪ پيشڪش تي دِلي مبارڪ پيش ڪجي ٿي.

        غلام علي الانا جو شاهڪار مضمون ”سنڌي گرامر جا مسئلا“، واقعي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي اهميت سمجهڻ لاءِ رهبر آهن.

        ان کان سواءِ ادب لطيف، مهراڻ جا موتي، سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا، مهراڻ تي تبصرا ۽ پڙهندڙن جا پيغام شايع ٿيل آهن.

        هر نقطه نگاهه کان، 1968ع جو پهريون پرچو، سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي هر ڀاڱي جو ادب سهيڙي سمهويو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب کي شاهڪار سڏي سگهجي ٿو.

       (”نواءِ سنڌ“، روزانه حيدرآباد- 2- جون 1968ع، از : نور محمد ابڙو)

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

        هن جهان ۾ اسان جا پنج دشمن، جن جهڙا ٻلوان دشمن ٻيا ڪي ڪينهن. سندن نالا مشهور آهن: پر سندن نشان ڪن ٿورن کي معلوم آهن. ڪو آدمي ڪونهي جو انهن کي ظاهرا ڦٺ لعنت نه ٿو ڪري: پر ڪو ورلي آهي جو انهن مان هڪڙي نه ٻئي کي اندر ۾ نٿو سانڍي. انهن دشمنن سان اڪثر جيترو اسان جو پيار آهي، تيترو پنهنجن ٻارن ٻچن سان ڪونهي... جنهن وقت اهي پنج ڀوت اسان جا سچا ويري نڪري نروار ٿين ٿا، تڏهن الله جو نالو اسان جي زبان تي اچي ٿو ۽ سچي مرشد جي محتاجي ٿئي ٿي. اهو روڳ ئي ڀلو، جنهن ۾ اسان جو سچو سچو حبيب، قريب ٿئي. اها تندرستي گهوري، جنهن ۾ هو دور رهي. اهڙو روڳ درحقيقت صحت آهي ۽ اهڙي تندرستي درحقيقت مرض آهي. نه انهن جي سنگت، جي پاڻ کي ساڌ سڏائن يا پنج پيسا وٺن: پر انهن جي جن ۾ ديا ۽ ڌرم آهي. ساڌو ۽ درويش اهي آهن جي ڀاڻي ۾ ڀنا رهن، جي جڳت کي جوٺ سمجهي، ڪايا ۽ مايا جي موهه ۾ غلطان نه رهن ۽ جي ڪپت ۽ ڪلفت کي ڪٽي سنگسار ڪري ڇڏين. درويش اهو آهي جنهن جي من ۾ ڌڻي پيو وسي، جنهن کي نوش ۽ نيش، نشيب ۽ فراز، رنج ۽ راحت سڀ سمان آهن. ساڌو اهو آهي، جنهن جو ڌن اتم ڌن ۽ جنهن جو گيان اتم گيان آهي. ڪو به انڪار نه ڪندا ته اهو ئي ڌن، اتم ڌن آهي ۽ اهو ئي گيان، اتم گيان آهي. پر دشمن کي ناس ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، دوست هٿ ڪرڻ ٻي. ساڌ سنگت ڪرڻ ۽ درويش سان رهڻ هڪڙي ڳالهه آهي، ساڌو ۽ درويش ٿيڻ ٻي. ساڌ سنگت جي ڪري مَن جا ڀوت ڪڍي سگهجن ٿا پر ساڌو ۽ درويش ٿيڻ ڌاران، سائين نه ٿو ملي!

        سڀڪنهن جي آتما تي ڳرو قرض آهي، ۽ اهو قرض مٿس فرض آهي. وجهن پٺيا وجهه، اشارن پٺيان اشارا اسان کي ملن ٿا: پر قرض ۽ فرض جي اسان کي ڪا يادگيري نه ٿي اچي. شاهوڪار نه ٿو سمجهي ته قرضي آهيان، عالم نه ٿو سمجهي ته قرضي آهيان، ٻئي بيقرض، بيغرض ۽ بيفرض آهن- نه ٿا سمجهون ته جي ڪافر نعمت ٿينداسون ته آخر اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ ماڻهن انساني حسن تي اڪن ڇڪن ٿي، سوين گهمرا ساهه ڇڏيو آهي، پر جنهن ڌڻيءَ اهڙو انساني حسن ٺاهيو، تنهنجي حسن جو اسان کي ڪو خيال نه ٿو اچي! جيڪڏهن ”سائينءَ جي سونهن“ جو ٿورو ئي تصور ڪريون ته هوند ٻيائيءَ جا ٻنڌن ڇڄي پون ۽ مون، آئون ۽ منهنجو جيڪر اسان جي مکئون ڪڏهن به نه نڪري. شاهه لطيف چيو آهي:

        سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو

ان وديا موجب سوري سيج آهي، زهر شربت آهي، مرض صحت آهي، ڏک سک آهي، ۽ موت حياتي آهي.“

(”ساميءَ جا سلوڪ“ ڀاڱو 3، تات پرج لکندڙ ڏيارام گدو مل:

آڪٽوبر 1885ع، ڇپيل 1921ع، گڏ ڪندڙ ديوان ڪوڙو مل کڻائي حيدر آباد سنڌ: چونڊيندڙ: امتياز قاضي، حيدرآباد (سنڌ))

”مهراڻ“ جا موتي

·       بداخلاقي، انسان جي اخلاق ۽ سيرت کي ائين ٿي خراب ڪري، جيئن سرڪو، ماکيءَ کي.               

·       جنهن پنهنجي دشمن کي سڃاتو، ان ڄڻ اڌ فتح حاصل ڪئي.                                             حضرت عمر رضه

 

·        ظالم جي اصلاح ڪرڻ ته بجاءِ خود، ظلم جي دور ۾ زندهه رهڻ به پنهنجي جاءِ تي وڏو جرم آهي.              امام حسين عليه سلام

 

·       ڪوشش ڪريو، جيئن اوهان کي دانشمند ۽ اهل بصيرت ماڻهوءَ جي هم نشيني نصيب ٿئي.                     مولانا رومي

 

·       بري ڳالهه ڪرڻ جو بدترين طريقو اهو آهي، جو پهريائين ئي، ان لاءِ ڪو سبب ۽ ڪا توجيهه گهڙي ڇڏجن.           حضرت علي عليه سلام

 

·       سهڻي ڳالهه، جنهن به چئي هجي، اها غور سان ٻڌڻ گهرجي. اگر ڪو غواص گهٽ درجي جو آهي ته پوءِ به موتيءَ جي مُلهه ۾ ڪو فرق نه ٿو اچي!.                                           حضرت عثمان رضه

 

·       مون کي ان ماڻهوءَ تي حيرت ٿي ٿئي، جو علم ته حاصل نه ٿو ڪري، پر شرف ۽ بزرگيءَ لاءِ بيقرار ٿو رهي.                    ابن مبارڪ

 

·       اوهان مان هر انسان، ٻئي جي مقصد ۽ ارادي جو حصيدار بنجڻ گهرجي. ڇو ته هر هڪ ماڻهوءَ جي مقصد جي تڪميل، ٻئي جي تعاون سان ٿي سگهي ٿي.                         خليل جبران

 

·       جڏهن محبوب چوي ٿو ته مان پيڪر، صداقت آهيان، تڏهن مان يقين ٿو ڪريان ته هائو برابر! حالانڪ سمجهان ٿو ته هو سؤ سيڪڙو غلط چئي رهيو آهي!                                شيڪسپيئر

 

·       انسان جا خيال سندس طبع جي ميلان سان موافق، تقرير ۽ ڪلام سندس عظمت جي موافق، عمل ۽ ڪردار سندس عادت جي موافق ٿين ٿا.                                              بيڪن

 

·       بيشڪ هر حال ۾ سوچڻ گهرجي، ڪافي دير تائين سوچڻ گهرجي، پر سوچ ويچار کان پوءِ، جو فيصلو ڪجي، ان تي اٽل رهڻ گهرجي.                                                      فرينڪلن

 

·       پهريائين اوهان ٻارن کي ڳالهائڻ سيکاريو ٿا، پر پوءِ جڏهن هو ڳالهائڻ سکي ٿا وڃن، تڏهن اوهان پاڻ کين خاموش رهڻ جي تلقين ڪريو ٿا!                                                      جيوبرٽ

 

·       عقل اهو امام آهي، جو ڪڏهن غلطي به ڪري ٿو، پر دل جي بصيرت اهو امام آهي، جنهن کان ڪا غلطي ٿي نه ٿي سگهي.    المعري

 

·       فطرت جي مطالع کان بينياز ٿي رهڻ، اهو جرم آهي، جنهن لاءِ ڪا به معافي ناهي. ڇو ته اها انسان ۽ حيات ۽ ڪائنات سان بغاوت ڪرڻ جي برابر آهي.                                        هٽلر

 

·       زندگيءَ پنهنجو هڪ اٽل اصول ٺاهي ڇڏيو آهي. هوءَ، بزدل کي بزدلي، ڪوڙي کي ڪوڙ ۽ سچي کي سچ ئي ڏئي ٿي.                امام غزالي

 

·       ٻئي جي ڪمال کان انڪار ڪرڻ، خود پنهنجي ڪمال کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي.                                ابو الڪلام آزاد

 

·       قومن جو زوال، فڪر جي صلاحيت جي خاتمي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو.                                                    علامه اقبال

 

·       آدميت، آدميءَ جي احترام ڪرڻ سان پيدا ٿئي ٿو.     علامه اقبال

 

·       جهل، هڪ اهو جنازو آهي، جنهن کي سماج ڪلهن تي کنيون ٿي گهمي! ان کي دفن ڪرڻ سان ئي، سماج جي جان ڇٽندي.         هربرٽ اسپنسر

 

·       زندگيءَ جي صحيح اصول تي عمل ڪرڻ جي نيت ڪجي، پوءِ ان جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ ئي زندگيءَ جو درست استعمال چئي سگهجي ٿو.   مولانا عبيدالله سنڌي

 

·        گهڻو ڳالهائڻ ، خود نفاق ۽ دروغ گوئيءَ جو دليل آهي.  امام غزالي

تبصرا

 

             علم لسان ۽ سنڌي زبان: اسان جي سامهون پهريون ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ آهي، جنهن جو مصنف محترم علينوازحاجن خان جتوئي، صدر سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ ٻن سون صفحن تي مشتمل آهي ۽ آزاد بڪ ڊيپو حيدرآباد مان ڇپيو آهي. ڪتاب جي قيمت لئبرري ايڊيشن لاءِ 00-7 رپيا ۽ اسٽوڊنٽ ايڊيشن لاءِ 00-4 رپيا آهي.

        ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ تي محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مختصر پيش لفظ لکيو آهي. اهڙيءَ طرح جتوئي صاحب به هڪ مختصر مهاڳ لکيو آهي. هي ڪتاب ستن بابن ۾ ورهايل آهي ۽ هر باب ڪيترن فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي. بابن جا عنوان هيٺينءَ ريت آهن:

        باب پهريون: زبان ۽ علم زبان جي تعريف ۽ وضاحت. باب ٻيو: صوتيات. باب ٽيون: صوفيات. باب چوٿون: نحويات. باب پنجون: معنيات. باب ڇهون: لساني جاگرافي ۽ باب ستون: تاريخي ۽ ڀيٽا ڀيٽي لسانيات. هر باب جي پڇاڙيءَ ۾ ماخذن جا حوالا ڏنا ويا آهن:

        لسانيات ۽ صوتيات جو علم يورپ، آمريڪا وغيره جي ملڪن ۾ نهايت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. تقريباً اتي جي هر درسگاهه ۾ انهيءَ فن جا عالم، دنيا جي مختلف ٻولين جي سٽاء: جوڙجڪ لساني ۽ صوتي خصوصيتن ۽ حقيقتن تي ريسرچ ڪري رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ ۾ هي فن بلڪل نئون آهي ۽ نه وري ڪي ايترا محقق ئي موجود آهن، جو ويهي مٿاڪٽ ڪري ۽ نور نچوئي ڪو صحيح ۽ بنيادي مواد پيش ڪن. سنڌ مان لفظ ٻه ڄڻا لنڊن ۾، انهيءَ فن ۾ تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هڪ محترم غلام علي الانا، جيڪو ايم. اي جي ڊگري وٺي آيو ۽ ٻيو محترم علينواز جتوئي. (هن ڪتاب جو مصنف)، جو صاحب به تقريباً هڪ سال جي تربيت وٺڻ کان پوءِ واپس وطن وريو. انهن ٻنهي صاحبن، پنهنجي ڄاتي موجب جديد لسانيات ۽ صوتيات جي فن مطابق سنڌي زبان جي لساني ۽ صوتي اپٽار ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪامياب ڪوششون ڪيون آهن. پر جيستائين ڪي ٻيا محقق پيدا نه ٿين، تيستائين اهي ڪوششون انهيءَ ڏس ۾ فقط هڪ بنيادي حيثيت رکن ٿيون ۽ آئنده جي محققن لاءِ هڪ تربيت جو ذريعو بنجي سگهن ٿيون.

        محترم جتوئي صاحب جي هن ڪتاب جو تقريباً سمورو فني مواد، يورپ جي لسانيات جي چند ماهرن جي ڪتابن تان اخذ ڪيل آهي ۽ انهن مان اخذ ڪيل نتيجن جي بنياد تي ڪتاب ۾ هر هنڌ سنڌي زبان مان مثال ڏنا ويا آهن، جن ڪتاب جي افاديت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ تمام گهڻيون اهڙيون ڳالهيون آهن، جي پڙهندڙن لاءِ بلڪل نيون آهن ۽ دلچسپيءَ جو باعث به آهن. شاگرد طبقي لاءِ خاص طور تي ڪتاب نهايت ڪارآمد ٿيندو. ڪتاب جي هڪ ٻي خصوصيت هيءَ به آهي ته هر هنڌ انگريزي فني لفظن جا سنڌي مترادفات جي دائري ۾ هڪ بيش بها اضافو آهي ۽ ان جي مصنف کيرون لهڻيون. اها به اميد ٿي ڪجي ته جتوئي صاحب پنهنجي تحقيق جاري رکندو ۽ اڳتي هلي سنڌي زبان جي گرامر لاءِ جديد فني تقاضائن موجب ڪو ڪارآمد ڪم ڪندو.

        هن ڪتاب ۾ بهرحال ڪي ڳالهيون نظر آيون جي يا ته صحيح طور تي سمجهايون نه ويون آهن يا وري مصنف کان اشتباهه ٿيو آهي. اسان چند مثال پيش ڪريون ٿا. اميد ته جتوئي صاحب جي هڪ فراخدل محقق جي حيثيت ۾ هن کي فقط هڪ فني انتقاد سمجهي آئينده ايڊيشن ۾ سڌارا آڻيندو.

        (1) صفحي 35 تي ٻن انگريزي لفظ “Phonetics” جي لاءِ ”علم آواز“ ۽ “Phonemics” لاءِ ”علم صوتيه“ ڪم آندا ويا آهن. انگريزي لفظ ته ٻه معنائون رکن ٿا. ”صوت“ (عربي) ۽ ”آواز“ (فارسي) ساڳي معنيٰ رکن ٿا، اهو مناسب ڪونه ٿو لڳي. ”صوت“ سان گڏ ڪو ٻيو لفظ آڻڻ کپي ها. صفحي 74 تي ”علم آواز“ ۽ ”علم صوتيه“ جي فرق سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مگر اها سمجهاڻي ٻنهي انگريزي لفظن جي آهي ۽ نه ”صوت“ ۽ ”آواز“ جي.   

        (2) صفحي 38 تي ٻڌايو ويو آهي ته هيٺيون چپ مٿين ڏندن سان ملي ”ف“ ۽ ”و“ جا آواز پيدا ڪن ٿا. اهو صحيح نظر نٿو اچي. اهڙي قسم جو اچار انگريزن کي ڪندي ڏٺو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ ”ف ۽ و“ اچارڻ وقت هيٺيون چپ ڏندن سان ڪونه ٿو لڳي.

        (3) صفحي 53 تي لکيل آهي ته ”آي“ ۽ ”آئي“ جي آوازن ۾ فرق آهي. پوئين آواز ۾ منهن کلي نٿو ۽ زبان ” آ“ کي ادا ڪرڻ واري حالت ۾ اڳيئي هوندي آهي، مگر ”اَي“ کي اچارڻ لاءِ منهن کولڻو پوي ٿو. منهنجي خيال موجب هي جملو نهايت منجهائيندڙ آهي. ٻنهي سرن جي اچارڻ وقت منهن کولڻو پوي ٿو. البته ائين ٿي سگهي ٿو ته هڪ کي اچارڻ وقت منهن گهٽ کولڻو پوي ۽ ٻئي جي لاءِ وڌيڪ. بهرحال اهو به تحقيق طلب مسئلو آهي.

        (4) صفحي 76 تي ٻڌايو ويو  آهي ته انگريز “Kit Till Pull” کي ”ڦُل- ”ٺِل“ ۽ ”کٽِ“ ڪري اچاريندا آهن. اهو برابر آهي ته صوتيات جي سمجهائڻ وارا انهن حرفن کي “Th Ph” ۽ “Kh” ڪري لکندا آهن. مگر انهن جو اچار ”پ ۽ ک، ٽ ۽ ٺ، ڪ ۽ ک“ جي وچ ۾ ٿيندو آهي، جو نڪي هوبهو ”ڦ، ٺ ۽ ک“ جهڙو آهي ۽ نه وري ”پ، ٽ ۽ ڪ“ جهڙو آهي.

        (5) صفحي 94 ۾ ”ادغام“ کي سمجهائيندي، جتوئي صاحب، ٻڌايو آهي ”ست+ تار“ لفظ ڦري ”ستار“ ٿيو آهي ۽ ”ديدار + دار“ ڦري ”ديدار“ ٿيو آهي. جيتري قدر ديدار جو تعلق آهي، قطعاً غلط آهي. ديد دار آهي ئي ڪونه ديدار اسم آهي، جو فارسي زبان جي اصول موجب ضمير غائب، واحد ماضي (Past Stem) مان قانون موجب ”ار“ ملائڻ سان ٺاهيو ويو آهي. ”ڪُشت + ار“ ڪُشتار = لڙائي، ”گُفت+ ار“ = گُفتار = ڳالهه ٻولهه.

          (6) صفحي 129 تي نحوي بناوت جي ذڪر ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي، اردو، هندي، پارسي وغيره زبانن ۾ فاعل اڳ ۾ فعل پوءِ ايندو آهي، فاعل جون صفتون ان کان اڳ اينديون. جيتريقدر فارسيءَ جو تعلق آهي، ان ۾ فاعل فعل کان اڳي برابر ايندو آهي، مگر فاعل جون صفتون فاعل کان پوءِ اينديون ۽ نه اڳ ۾. جيئن ”ڪتابِ نو“ ”مردِ خوب“  يا ”ڪتابِ نو و بزرگ“ ، ”مردِ خوب و پارسا و مومن“.

        (7) صفحي 157 تي ٻڌايو ويو آهي ته ”وري ڪلهوڙا عباسي عرب جو اولاد هئا. تنهنڪري سندن زبان اگرچ سنڌي ٿي چڪي هئي، پر تڏهن به سندن سنڌيءَ تي عربيءَ جو وڏو اثر هو“. هي هڪ مفروضو آهي. اهو مسئلو ته ڪلهوڙا عباسي عرب جو اولاد آهن، خود اڃا تحقيق طلب آهي. سندن ڏاڏو اوڍاڻو سنڌي هو ۽ نالو به سنڌي اٿس، ان تي ۽ سندس اولاد تي عربي زبان جو اثر ائين آهي، جو چئجي ته ڇا ڪاڻ ته سادات حضرت عليءَ جو اولاد آهن، انهيءَ ڪري سندن زبان تي عربيءَ جو وڏو اثر آهي!

                        - ڊاڪٽر سيّد اسد الله شاهه الحسيني

                (ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد، جي شڪريي سان)


            * صرفيه کي ڏيکارڻ لاءِ هيءَ برئڪيٽ ( ) ڪم آڻڻ جو رواج آهي ۽ صرتيه (Phoneme) توڙي صرف کي ٻن آڏين ليڪن/  / جي وچ ۾ لکبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com