سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :15

مسٽر سراج، اول اول پنهنجو نظريو پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ هو چوي ٿو، ته تاريخ کان اڳ واري هڪ دؤر ۾ هڙپا کان موهن جي دڙي تائين هڪ قوم آباد هئي، جنهن وٽ سٺو تمدن هو ۽ جنهن کي سڌريل زبان هئي (ص 22). پوءِ ڪنهن وچين دور ۾ خانه جنگي ۽ ڪن سماجي صورتن جي تفاوتن سبب انهن ماڻهن جي تهذيب برباد ٿي (ص 22)، ۽ ڪي قبيلا لڏي اوڀر ۽ اولهه طرف وڌيا. انهن مان ڪي قبيلا سُمير ۽ بابل وارن علائقن ۾ وڃي رهيا، ۽ تهذيب قائم ڪيائون (ص 23). سنڌو تهذيب ان تهذيب جو سرچشمو هئي (ص 5). جيڪي قبيلا اوڀر طرف ويا تن گنگا جمنا دوآبي ۾ رهي پنهنجي تهذيب قائم ڪئي (ص 26). سنڌي زبان جتي جتي وئي، تتي تتي مڪاني محاورن سان گڏجي هڪ نئين زبان ٺهي پئي (ص 27). ذات پات جي فرق، کاڌي پيتي جي سَٺي، قبائلي زندگي ٽٽڻ ڪري ڪو سنڌي خشڪي توڻي بحري رستن ذريعي لڏي، ايران، ترڪستان وغيره ۾ بيٺو ٺاهيندا يورپ ۾ پکڙجي ويا (ص 29). لڏڻ جو هڪڙو سبب آدمشماريءَ جي بي انتها واڌ هئي، ڇا ڪاڻ ته انهيءَ وقت ۾ اڃا جنسي زندگيءَ تي بندشون پيل نه هيون ۽ اها هڪ مشترڪ جماعتي نوعيت جي هئي، جنهن ۾ جوءِ مڙس جو تصور نه هو، ۽ نه ان ۾ موجوده زنا يا بدڪاري جو ڪو تصور هو (ص 94). هي اهو دور هو، جڏهن سنڌ جي ذاتي ملڪيت جو وجود نه هو ۽ سماج ان سطح تي هو جنهن کي ابتدائي اشتراڪيت (Primitive Communism) چيو وڃي ٿو (ص 94).

        مسٽر سراج جي انهيءَ نظريي کي ڪا به تاريخي پٺڀرائي نه آهي. ڪٿي به سڌيءَ طرح لکيل ثابتي نٿي ملي، جيئن مسٽر سراج لکيو آهي. مسٽر سراج جو اهو لکڻ ته آريا ٻاهران ڪونه آيا هئا پر اهي سنڌي ئي هئا، جي سنڌ مان نڪري ساري يورپ ۾ پکڙجي ويا، سو سارو مواد هن سوامي سنسڪرانند جي ڪتاب Rigvedic Culture of Prehistoric India تان ورتو آهي، مگر انجي سند پيش نه ڪئي آهي، ۽  انهيءَ مواد کي ائين پيش ڪيو اٿس ڄڻ ته اها سندس پنهنجي تحقيق آهي. تحقيق جي ڪم ۾ ان کي ”چوري“ تصور ڪيو ويندو آهي، جو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي. باقي مسٽر سراج جو اهو لکڻ ته سنڌ ۾ ان وقت سماج ابتدائي اشتراڪيت جي سطح تي هو، بلڪل بي بنياد آهي جنهنجو ڪوبه ثبوت ملي نٿو سگهي.

        افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته مسٽر سراج پنهنجي نظرياتي تعصب جي بناء تي اسلام جي انقلاب آفرين اڳواڻن تي بي بنياد الزام ڌريا آهن، ۽ چوي ٿو ته سنڌ تي اڳرائيءَ واري وقت، عربن چونڊي چونڊي سنڌي ڪتبخانا تباهه ڪيا (ص 42)، ۽ ان بهتان لاءِ هو هڪ متعصب ڪرستان هينري ڪزنس جو هڪ جملو پيش ڪري ٿو ته :

The Arabs destroyed but did not build

        اهڙو انومان ڪاڪي ڀيرومل نه ڪڍيو، اگرچ هن به مٿئين ڪرستان جو ساڳيو ڪتاب پڙهيو هو، جنهن حوالو مسٽر سراج ڏنو آهي. مسٽر سراج کي کپندو هو ته ڪم از ڪم ڪاڪي ڀيرو جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ نظر مان ڪڍي ها، جنهن، صفحي 64 تي عربن کان اڳ ويندي راءِ گهراڻي تائين سنڌيءَ ۾ علم ادب جي نه هجڻ جو سبب مسٽر بيمس جي حوالي سان هيءُ ڏنو آهي، ته سنڌ زرعي ملڪ نه هئڻ سبب آرين ان کي ڇڏي اهيرن ۽ جتن جي حوالي ڪيو جي شوخ طبيعت جا هئا، ۽ ملڪ ۾ بدامني ۽ ڦرلٽ سبب ڪو به علم ادب نه اسريو. مگر مسٽر ليلي رچنداڻيءَ پنهنجن مقالن ۾، جي سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس جي سري سان ”نئين دنيا“ (بمبئي) جي 1961ع وارن پرچن ۾ ڇپيا هئا، هيءُ خيال ظاهر ڪيو ته وديا جو ڦهلاءُ صرف برهمڻ طبقي تائين محدود هو (جون ص 39). ۽ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻ جي حڪومت قائم ٿي تڏهن سنسڪرت عوامي ٻوليءَ کي هٽائي ڇڏيو ۽ خود سرڪاري ٻولي ٿي وئي: هر ڪو ساهت سنسڪرت ۾ نڪرڻ لڳو (ص 42): عوام سان ان جي ڪا به دلچسپي ڪانه هئي ۽ محمد بن قاسم جي حملي وقت، انهن سنڌي ڪسانن برهمڻ حڪومت جي ڏاڍ خلاف عربن جي آجيان ڪئي (ص 65).

        افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته مسٽر سراج، شاهه ڀٽائي (رح) تي بيهوده بهتان ڌريو آهي، ته شاهه صاحب چوي ٿو، ته ”ڪنواريون ۽ ڪونئر هلو ته پسون ڪاڪ جا“ تڏهن شاهه صاحب جو تصور زال جي ”ڪنول گل“ کان خالي نه آهي (ص 88-91).

        مٿين بي جاءِ خيالن جي اظهار کانسواءِ مسٽر سراج ڪي ڳالهيون اهڙيون به لکيون آهن جي علم عقل کان عاري هئڻ جو ثبوت پيش ڪن ٿيون هو ”سَنڌِي“ کي ”سِنڌِي“ جي بگڙيل صورت سڏي ٿو (ص 28). خبر نه پئي اٿس ته ”سَنڌِي“ جو ڏاتو ”سَنڌُ“ يعني جوڙ آهي جنهن مان ئي اهو جڙيو آهي ۽ نه ”سِنڌِي“ مان ڦري سَنڌي ٿيو آهي. صفحي 48 تي هو سنڌيءَ جا يارهن حرف علت ٻڌائي ٿو ۽ ”آئو“ کي يارهون حرف علت سمجهي ٿو، جنهنجو وجود سنسڪرت ۾ آهي ۽ سنڌيءَ ۾. صفحي 50 تي وري لکي ٿو ته سنڌيءَ جي اچارن مان ٻ- ڳ- ڄ- ڃ- ڱ- ڏ، اُهي اچار آهن جي ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪين ٿا ملن. مگر حقيقت هن طرح آهي ته ڱ ۽ چ جا آواز دنيا جي تمام گهڻين ٻولين ۾ موجود آهن ۽ سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ هئا. وري صفحي 52 تي لکي ٿو ته سُڄاڻ جي معنيٰ ”چڱي ڄاڻ“ نه آهي، مگر خبر رکندڙ يا خبردار آهي، ڇو ته سندس خيال موجب سنڌيءَ جي جن لفظن جي منڍ ۾ ”سُ“ آهي تن ۾ سڻڻ جو مفهوم نٿو نڪري. حقيقت هن طرح آهي ته ”سُڄاڻ“ کي ”سجاڳ“ جي معنيٰ ۾ ڀل ڪري ورتو آهي.

        ان بعد صفحي 56 تي لکي ٿو ته ”ک“ يا ”کر“ سمايل هوندا تن سڀني جو لاڳاپو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ”مٽي“ سان آهي. جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ اهڙو لاڳاپو هيٺين لفظن ۾ به هئڻ گهرجي. مثلا کٿو، کٽ، کٽڻ، کسڻ، کڙ، کڻت، ککر، کلو وغيره. تنهن کان پوءِ ص 60 ۽ 61 تي لکي ٿو ته اسان جا بنگالي ڀائر ”واٽر“ ۽ ”بٽر“ ٻنهي کي ”باٽر“ اچاريندا آهن ۽ ”و“ کي ”ب“ سان تبديل ڪندا آهن. بنگالي صوتيات موجب اها ”ب“ اسان واري ”ب“ نه آهي، مگر ”ٻهِ چپائون-گهسِندڙ آواز (Bilabia Fricative) آهي. از ان سواءِ بنگالي لفظ جي پهرين پد تي ”آ“ ٿوري ڊگهي ٿي ”آ“ ٿيندي آهي. مثلا ”صدر“ کي چون ”صادر“، ”ايوب“ کي  چون ”اَيوب“ ۽ ”خبر“ کي چون ”کابر“.

        تنهن کانپوءِ صفحي 62 تي لکي ٿو ته سنڌي واري ”ٽ“، ”تر“ مان مٽجي نه آئي آهي. جيڪڏهن ائين هجي ته ”ترت“ کي اسين ”تُٽ“ چئون ها ۽ ”ترس“ کي ”ٽَس“ ڪريون ها. شايد مسٽر سراج کي خبر نه پئي آهي ته سنسڪرت ”تر“، ”در“ ۽ ”ڪشَ“ صوتيه (Phonemes) آهن ۽ نه پد. مگر سنڌيءَ ۾ ”تَر“ ۽ تُرَ پد آهن ۽ نه صوتيه. تنهن ڪري انهن پدن جي صوتيه ۾ تبديلي ناممڪن آهي. تجزيو ڪري ڏٺو ويو آهي ته سنسڪرت جي جن جن لفظن ۾ صوتيه ”ترَ“ آهي سان بدلجي سنڌيءَ ۾ ”ٽ“ ٿي آهي ۽ ”درَ“ بدلجي ”ڊ“ ٿي آهي ۽ ”ڪشَ“ بدلجي ”ڇ“ ٿي آهي: جيئن ته پتر مان پٽ، متر مان مٽ، چندر مان چنڊ ۽ لڪشمڻ مان لڇمڻ.

        وري صفحي 67 تي مسٽر سراج لکيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو فقرو شمن گُڏو يا شمن گڏِي، ٻڌ ڌرم جي دور جي تمدني زندگيءَ جو هڪ اهڃاڻ اسان وٽ موجود آهي، ڇو ته ٻڌ ڌرم جي وڏن پروهتن کي شمن چيو ويندو آهي، ۽ اهي پروهت پنهنجن ڏڻن تي خوبصورت پوشاڪن ۾ بلڪل ”گُڏا“ بنجي سرگسن ۾ نڪرندا هئا. انهيءَ بيان لاءِ ڪو به تاريخي ثبوت ڪونهي ۽ اتي  به مسٽر سراج ”شامن“ کي ڀل ڪري ”شمن“ ڪري ورتو آهي، ڇو ته اهو لفظ انگريزيءَ ۾ پڙهيو اٿس. ٻڌ ڌرم جي وڏن پروهتن کي شامن سڏبو هو، جو لفظ اڄ ڏينهن تائين هندن ۾ موجود آهي.

        ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڌيءُ ۽ سس سان ڪم ايندڙ متصل نشائين تي بحث ڪندي صفحي 67، 77 تي لکيو اٿس ته متصل نشاني ڳنڍڻ کان اڳ، وچ ۾ ”ڻ“ اڀري ٿي اچي، جا ماءُ آدرشي زماني ۽ پيءُ آدرشي زماني ”اڻسي“ پد جو رهيل حصو آهي. مسٽر سراج جو اهو خيال غلط آهي ڇو ته جيڪڏهن پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڌيءُ ۽ سَس، ويجها عزيز آهن ته پوءِ پٽ ۽ سهرو به اهڙائي ويجها عزيز آهن، جن جي متصل نشانين کان اڳ ”ڻ“ اڀرڻ گهرجي، مگر نٿي اڀري. ازانسواءِ تاريخي طرح سان پڪ ڪانه ٿي ملي ته قديم دؤر جي ”اڻسي“ پد مان ”ڻ“ يا ”ڻهه“ وڃي بچي آهي. صرفيه- صوتي اصولن موجب ڪيترن ئي لفظن ۾ ”ڻ“ اڀري ٿي اچي ته ان جي بجاءِ ڪٿي ”ن“ اڀري ٿو اچي. ۾ مثلا: گلوءَ مان گلڻ، علوءَ مان علڻ: مگر ”شمو“ مان شمن ۽ شامو مان شامن. تاريخي پد اهو ٿيندو آهي جنهن جو ثبوت اڳين ڪتابن ۾ ملڻ گهرجي. مثلا: شاهه ڀٽائيءَ واري دؤر ۾ ”رئن“ کي ”روءِ“ چوندا هئا:

        اکيون اباڻي پار ڏي راتيان ڏينهان ”روءِ“.

        اهڙيءَ طرح سان ساميءَ جي سلوڪن ۾ ”مڃيا“ جي بدران ”منيا“ موجود آهي:

        ”جنين منيا پنهنجا سي ٿيا چڪناچور“

        اتي ”ن“ مٽجي تاريخي طرح سان ڃ ٿيو آهي.

        تنهن کان پوءِ صفحي 77 تي، مسٽر سراج لکي ٿو ته سنڌي ٿوم لفظ جو عربي فوم لفظ سان ڪو به واسطو ڪونهي. سنڌيءَ جا سمورا هندو خواهه مسلمان عالم، ڪاڪو ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ، مولوي فتح محمد وغيره تسليم ڪن ٿا ته عربي ”فوم“ اکر بدلجي سنڌيءَ ۾ ٿوم ٿيو آهي. مگر  مسٽر سراج جو ضد آهي ته اهو لفظ لئٽن ۾ ستيوم جي صورت ۾ بيٺو آهي: سو اصل ۾ سنڌي ”ٿوم“ لفظ آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڇو نه پراڻي سنڌيءَ جو لفظ ٿوم پنهنجن ڀر وارين ٻولين سنسڪرت، پالي، پراڪرت، پهلوي ۽ اويستا ۾ ويو؟ حقيقت هن ريت آهي ته اهو ٿوم لفظ هُوبهو شام جي موجوده ٻوليءَ ۾ ”ٿوم“ بيٺو آهي. جو پراڻيءَ عربي جي لفظ جي بگڙيل صورت آهي.

        باقي پوتي، ڪاسائي ۽ ڪاتي وغيره لفظن جو تعلق جهڙو آريائي ٻولين سان آهي، تهڙو سامي ٻولين سان ان مان عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته لسانياتي بنيادن تي آريا ۽ سامي ٻولين جو هڪ ابو ڏاڏو معلوم ٿئي ٿو. عربي زبان ۾، جيڪي لفظ ٻين ٻولين سان آيا آهن، تن کي عرب لغت نويسن کولي بيان ڪيو آهي، ۽ انهن کي معرب سڏيو آهي. انهن لفظن موجب ”دين“ لفظ آريه ٻولين مان عربيءَ ۾ نه آيو آهي، جيئن مسٽر سراج مئڪس مُلر جي حوالي سان لکيو آهي (ص 74). مئڪس مُلر جا ڪيترائي نُڪتا حوالا بعد جي تحقيق موجب غلط ثابت ٿيا آهن. ممڪن آهي ته لفظ ”دين“ انهيءَ ٻوليءَ جو هجي، جنهن مان آريه ۽ سامي ٻوليون نڪتيون آهن.

        ازانسواءِ مسٽر سراج هيئن به لکيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ مان سنسڪرت ڦٽي نڪتي، تنهنڪري سنڌي لفظ ”جر“ ڦري ”جل“ ٿيو ۽ ”نير“ ڦري ”نيل“ ٿيو (ص 33). مگر بعد ۾ سنسڪرت جي اثر سبب ”جل“ ۽ ”نيل“ سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا (ص 59)، تنهنڪري اسان وٽ اڄ جل ۽ جر، نيل ۽ نير، ٻئي موجود آهن. لسانيات جي تحقيق موجب، ان مان ثابت هيءُ ٿو ٿئي ته سنسڪرت لفظ جل ۽ نيل جڏهن پهرين سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا، تڏهن تبديل ٿي جر ۽ نير جي صورت وٺي سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا. بعد ۾ برهمڻ گهراڻي تائين جو سنسڪرت جي استعمال جو رواج سرڪاري طرح عام هو، تنهن ڪري ماڻهو اڳوڻو اُچار ”جل“ ۽ ”نيل“ استعمال ڪرڻ لڳا. اهو بلڪل ائين آهي، جيئن پهريائين جڏهن عربيءَ جو اثر سنڌيءَ تي ٿيڻ لڳو تڏهن منڍ ۾ سنڌين ”فاطمه“ کي ڦاپان ۽ ”تعويذ“ کي ”تائٿ“ ڪري استعمال ڪيو. مگر بعد ۾ عربي عالمن جي اثر سبب ماڻهن انهن ٻنهي لفظن جي صحيح اچار جي عادت پيدا ڪري وڌي جنهن ڪري اڄ فاطمه ۽ ڦاپان، تعويذ ۽ تائٿ، ٻئي جوڙا رائج آهن.

        آخر ۾ ايترو ٻڌائڻ لازمي آهي ته مسٽر سراج، موئن جي دڙي مان لڌل مهرن تي لکيل اکرن لاءِ جيڪي ”مُلهه“ پيش ڪيا آهن، تن جي تصديق لاءِ انهن اڪابرن جي راءِ جي ضرورت آهي، جن ان فن ۾عُمريون گنوايون آهن ۽ اڃا لڳا پيا آهن. مسٽر سراج کي کپندو هو ته انهن ”ملهن“ کي انهن اڪابرن جي اڳيان رکي ها ۽ نه اسان جي اڳيان، جي انهيءَ فن ۾ بلڪل اڻڄاڻ آهن. انهن مُلهن جو صحيح قدر اهي اڪابر ئي ڪري سگهن ٿا. مگر انهن ملهن کي پڙهڻ ۾ هن هڪ وڏي غلطي ڪئي آهي. خود لکي ٿو ته مئڪي ۽ هنٽر جي چوڻ موجب، موهن جي دڙي وارا انسان ساڄي کان کاٻي لکندا ۽ پڙهندا هئا ۽ وٽن ”ٻه ڏِسي“ لکڻي به هئي (ص 129 ۽ 130). انهيءَ دستور موجب موهن جي دڙي مان جيڪي لکيتون، جي ڇاپي لاءِ نه آهن، مثلا، ٺڪر جي ٿانون تي ۽ سڪن تي لکيل نوشتا، سي ساڄي کان کاٻي ئي پڙهيا. مگر مسٽر سراج جو چوڻ هيءُ آهي ته اهي کاٻي کان ساڄي پڙهبا (ص 130)، جو خيال انهيءَ دستور موجب غلط آهي. هيءَ ڳالهه صحيح آهي ته مهران واريون نوشتون کاٻي کان ساڄي پڙهبيون ڇو ته ڇاپي کان پوءِ اهي خوب بخود ”ساڄي کان کاٻي“ ٿي ويندا.

        مٿين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي پڙهندڙ خود محسوس ڪندا ته سراج جي ڪتاب جو علمي مُليه ڇا آهي.

        جنهن وقت ڊاڪٽر بلوچ ۽ مسٽر سراج جا مقالا سماهي مهراڻ ۾ پئي ڇپيا، ان کان ٿورو اڳ، شري ڪرشنچند جيٽلي جو ڪتاب سنڌي ڀاشا ڪا سنکشپت هندي زبان ۾ سنه 1957ع دهلي مان شايع ٿيو، جنهن ۾ چار باب آهن. پهرئين باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت نئون ويچار پيش ڪيل آهي. ٻئي باب ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت مان سنڌيءَ ۾ آوازن جي ڦير گهير ڏيکاري ويئي آهي: ٽئين باب ۾ سنڌيءَ جي ننڍين ٻولين جهڙوڪ سريلي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، ڪڇي ۽ لاسيءَ تي ڪجهه روشني وڌي ويئي آهي: چوٿون باب ليکڪ جي پُٽ (ڊاڪٽر) مرليڌر جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌي گرامر تي گَهرِي نظر وڌي ويئي آهي. پهرئين باب ۾ ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو بنياد وراچد پئشاچي ڏيکاريو آهي ۽ ان لاءِ وراچد پئشاچي لفظن جي وضاحت ڏني ويئي آهي.ليکڪ جو چوڻ هيءُ آهي ته آريا لوڪ اسيريا، ڪئسپين سمنڊ، ڪاري سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ وارن ملڪن کان وٺي سپت سنڌو واري ايراضي تائين ڦهليل هئا. وقت گذرڻ تي اِهي آريا هڪٻئي کان ٽولن ۾ ڌار ڌار ٿيندا ويا (ص 4). رگويد جو پيرو لفظ ديوتا، راجا ۽ رعيت لاءِ استعمال ٿيل آهي جو نالو اڄ هندستان جي ماڻهن ۽ ذاتين ۾ اڻلڀ آهي مگر مصر ملڪ جي بادشاهن جي لقب فئرو آ سان ملي ٿو (ص 4).پئرو ۽ فئرو لفظن جو تعلق سورج ديوتا سان به آهي. رگويد جو پَراوَت لفظ عراق جي فرات سان به ملي ٿو ۽ منا لفظ سوني مُهر جي معنيٰ ۾ ڪم آيل آهي. اهو لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ اڄوڪين هندستاني ٻولين ۾ موجود ناهي پر پراچين بابل، اسيريا ۽ يونان ۾ رائج هو. رگويد جو لفظ پرمگند معنيٰ وياج خور جو اولاد به ان سان تعلق رکي ٿو (ص 8).

        پشاچ لوگ، جي گوشت خور هئا، اتر اولهه وارن جابلو ملڪن ۾ رهندا هئا. پشاچ لفظ جو تعلق پشتو سان آهي جنهن مان پشاور لفظ نڪتو. ميدلوڪ اصل ۾ شڪ لوڪ هئا، انهيءَ زبان جي ڳالهائيندڙن کي شڪ لوڪ به سڏبو هو. اِهي به آريا هئا (ص 16). سندن ٻولي کي پئشاچي پراڪرت، ڀارتي پراڪرتن سان ملائي ٿي. اهي ميد لوڪ پوءِ  پنجاب ۽ سنڌ، راجسٿان ۽ ڪوڪن تائين ڦهلجي ويا ۽ سندن ٻوليءَ جو اثر مقامي ٻولين تي پيو (ص 35).

        سنڌي ٻولي پئشاچي پراڪرت جي ”وراچد اپڀرنش“ مان نڪتل چئي وڃي  ٿي (ص 58). سنڌ جا لاڙائي، لاڙڪ ذات سان تعلق رکن ٿا. انهن، مٿي لاڙڪاڻو شهر آباد ڪيو. آڳاٽي زماني ۾ دجله ندي جي ڪناري لارَڪ شهر آباد هو (ص 51). ايراني نار ۾ لارڪ نالي ٻيٽ به آهي. سائپرس ۾ هڪ شهر جو نالو لارنَڪ آهي لڳ ڀڳ انهيءَ نالي سان ٻيا شهر ترڪي ۾ به آهن، اها لاڙڪ قوم عيوسي سنه کان 2095 سال اڳ مٿين ملڪن مان سنڌ ۾ آئي (ص 52). بلوچستان ۾ مڪران جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري لنگر يا لنڪر نالي ذاتيون ملن ٿيون خود وراچڊ لفظ ورشل مان نڪتل آهي تنهنڪري سنڌ ۾ جا زبان چالو هئي تنهن کي وراچد اپڀرنش سڏيو ويو جنهن مان سنڌي نڪتي (ص 65).

        ساڳئي سال، يعني 1957ع ۾، آل انڊيا اورنٽل ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارتي خطبي ۾ شري جيرامداس دولترام، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد (The Ancestry of Sindhi) تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن. اهو خطبو انگريزيءَ ۾ ڀارتيه وديا نالي مخزن ۾ ڇپيو آهي. شري جيرامداس جي چوڻ موجب جنهن وراچند اپڀرنش ٻوليءَ ذڪر مارڪنڊيي ۽ ٻين آڳاٽن ڀارتي نحوين ڪيو آهي، سا موجوده سنڌ ۾ رائج نه هئي بلڪ ان کان مٿي ملتان، ديري اسماعيل خان، ديري غازي خان ۽ پنج ند واري خطي ۾ چالو هئي ۽ اهو ئي خطو سنڌو ديش سڏبو هو (ص 43، 45)، ڇو ته مارڪنڊيه 18- صديءَ عيسوي ۾ ٿي جيڪي وراچنڊ اپڀرنس جون ڏهه خصوصيتون ڄاڻايون آهن تن مان هڪ به هن وقت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ نٿي ملي. (ص 49-55) بلڪ سنڌيءَ جون خصوصيتون ڪنهن آڳاٽي پراڪرت گذريو ۽ هن سان ميل کائن ٿيون ۽ نه وراچنڊ اپڀرنش سان (ص 56). موجوده سنڌي ڪنهن مقامي پراڪرت مان نڪتل ٿي ڏسجي جا سنڌو ماٿري جي ڏاکڻي حصي ۾ رائج هجي (ص 57- 54). آخر ۾ شري  جيرامداس، ڊاڪٽر سنتي ڪمار چئٽرجيءَ سان همراءِ ٿي چوي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ڳولڻ لاءِ ضروري آهي ته خود سنڌي ٻوليءَ جي آوازن ۽ گرامر جي سٽا جو پورو پورو جائزو ورتو وڃي (ص 59).

ان کانپوءِ پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي سن 1961ع ۾ ڀاشا شاستر لکيو، جنهن جي ڇهين باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت ڪي ويچار پيش ڪيا اٿس. اول اول انهن شخصن جا رايا پيش ڪيا اٿس، جيڪي چون ٿا ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ناهي. پوءِ پنهنجي هيٺين راءِ پيش ڪئي اٿس ته ”سنڌيسنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت ٻنهي جو بنياد ساڳيو آهي، ٻنهي جو سرچشمو سنڌو ماٿر جي اصل آريائي ٻولي آهي. سنسڪرت، اوائلي مول ڀاشا جو هڪ روپ آهي ۽ سنڌي ٻيو روپ. هڪ ماءُ جون ٻه ڌيئرون هئڻ ڪري ٻنهي ۾ سمانتا آهي (ص 265)“.

        انهيءَ ساڳئي عرصي ڌاري، شري ليلي رُچنداڻي (احمد آباد)، پنهنجا مقالا ”سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس“ جي سري سان، نئين دنيا (مهيم- ممبئي) ۾قسطوار ڏيڻ شروع ڪيا، جن جي بناءَ تي سندس تحقيق جو تت پيش ڪجي ٿو. ان کان اڳ هند واسيءَ (22 مئي 1960ع) ۾ سنڌيءَ بابت هڪ ليک لکيائين، جنهن جو مطلب هنن مقالن ۾ اچي وڃي ٿو.

        سنڌ ئي هندو ڌرم کي جنم ڏنو. (قسط- 2 ص 37) ۽ سنڌ واري ايراضي آريه لوڪن جي ڦهلجڻ کان اڳ ئي هڪ سڌريل ۽ سڀيتا جي لحاظ کان چوٽيءَ تي پهتل ايراضي هئي (ص 37). آريه جي حملي وقت ”ڪول“ جاتي هندستان جي ان وقت جي جاتين جي اڳواڻ هئي: ان جاتيءَ کي جيتوڻيڪ ٽوڙي ڦوڙي ڇڏيو، ان هوندي به اها جاتي ايترو ته طاقتور هئي، جو آريه ٻوليءَ جي اچارن کي ئي ڦيري ڇڏيائين (ص 38). آريه لوڪن انهن کان ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، اکر ورتا ۽ اهڙيءَ طرح سان چ، ڇ، ج، ۽ جهه اکر به سنسڪرت ۽ پراڪرت واري زماني ۾ هند ۽ ٻاهران آيلن ملائي ڇڏيا (ص 39). سنڌو سڀيتا کي به آريه لوڪن ئي ختم ڪري ڇڏيو (ص 40). اوائلي سڀيتا ڀبقاتي دؤر واري هئي ... ان ڪري آريه سولائيءَ سان سنڌو سڀيتا کي اُکيڙي ويا (ص 41- 42). اوائلي آريه چوپايئي مال جا شوقين هئا. ان ڪري هنن لاءِ زمين ملڪيت نه پر هڪ ايراضي هئي ... ۽ ڍڳو مٽا سٽا لاءِ ڪم ايندو هو (ص 41-42). ان دؤر ۾ ئي اوائلي سنڌي ۽ آريه لوڪ هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ هڪٻئي وٽان اکر ڌارا ورتا اٿن (ص 32-33).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com