سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :10

ڊاڪٽر- ها، مون ايلزبيٿ جو علاج ڪيو هو... نڪولاس، تنهنجيون اکيون ڏرا ڇو ڏئي ويون آهن، مون توکي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو نه!

نواب- ڊاڪٽر، مون کي ڪنهن به پل آرام نٿو ملي.

ڊاڪٽر- هاڻ ته ڪيٿرئن به اچي وئي آهي، ضرور توکي آرام ملندو هوندو...

نواب- ها، ڪيٿرئن هڪ هفتي ۾ هن اجڙيل محل جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي، پر هن کي به ته هڪ ڏينهن، هي محل ڇڏڻو پوندو!

ڪيٿرئن- اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو، مئڪسملن، نواب صاحب کي سوپ آڻي ڏي... اوهان کي به جيڪي گهرجي، حجاب نه ڪريو...

فرانس- حجاب ڪير ٿو ڪري؟ توسان گڏجڻ کانپوءِ، مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ته صدين کان وٺي هڪ ٻئي جو ساٿ رهيو آهي.

ڪيٿرئن- جي، مان اوهان جو مطلب نه سمجهيس...

فرانس- منهنجو مطلب آهي ته (چمچي جو ٺڪاءُ)... ماني واقعي لذيذ هئي.

ڊاڪٽر- اوهان ته لنڊن ۾ رهندا هوندؤ؟

فرانس- ها، آءٌ لنڊن ۾ رهندو آهيان.

ڪيٿرئن- ڪيڏو نه خوبصورت شهر آهي لنڊن! هڪ ڀيرو آءُ به وئي هئس... ننڍي هوندي.

فرانس- هاڻ ته وڌيڪ سهڻو شهر ٿي ويو آهي، بلڪل حسين خواب جهڙو.

ڊاڪٽر- ڪيٿرئن، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟

ڪيٿرئن- اوهان کي ٻيو به ڪجهه ڳالهائڻ اچي ٿو، يا رڳوحال پڇڻ ٿو اچيو؟

ڊاڪٽر-مجبور آهيان، ڊاڪٽر آهيان نه.

نواب- ڊاڪٽر تون ڇو نه پيو کائين؟

ڊاڪٽر- منهنجو خيال نه ڪر، الائجي ڪٿي ماني کائي ڇڏي هوم. ڊاڪٽر آهيان نه، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي! صبح جو شهر ڏانهن ويو هوس. موٽندي توسان ملڻ جي سڪ ٿيم، سو آيس.

نواب- شهر جو ڪهڙو حال آهي؟

ڊاڪٽر- بلڪل ساڳيو. خريد فروخت، زندگي ۽ موت، لاها چاڙها، هر شئي بلڪل ساڳي، جهڙي اڳي هئي. صرف نئين روپ ۾ هئي.

فرانس- ڊاڪٽر، مون توهان کان پنهنجي ڀيڻ جي موت جي باري ۾ پڇيو هو...

ڊاڪٽر- او ها، ها خوب ياد آيو، مون کي وري اهڙا سوال ياد ئي ڪونه بيهن.

فرانس- مون کي ٻڌاءِ ڊاڪٽر، هوءَ ڪيئن مئي!

ڊاڪٽر- توکي اهو ڪونه ٻڌايو ويو آهي ڇا؟

نڪولاس- مون هن کي ٻڌايو هو.

فرانس- آءُ اها مڪمل ڪهاڻي توهان کان ٿو پڇڻ چاهيان، ڊاڪٽر!

ڊاڪٽر- هن محل جو ماحول ۽ هُن جي...

فرانس- هن محل جو ماحول ڇا؟

ڊاڪٽر- هن محل جو ماحول ڇا؟ ته ڇا توکي نڪولاس نه ٻڌايو آهي!

فارنس- هون، ته هاڻ خبر پوندي! ٻڌاءِ ته منهنجي ڀيڻ ڪيئن مئي.

نڪولاس- ڊاڪٽر هاڻ دير ٿي ويئي آهي. مون هن کي ٻڌائڻ نٿي چاهيو.

فرانس- ڇا ٻڌائڻ نٿي چاهيئي؟

ڊاڪٽر- تنهنجي ڀيڻ جو موت دل ٽٽڻ ڪري ٿيو هو. هن جي دل ڪنهن خوف کان بيهي رهي!

فرانس- نواب! توهان مون کان هي ڳالهه ڇو لڪائي؟

نڪولاس- مون نٿي چاهيو ته اوهان کي اها صدمي جهڙي ڳالهه ٻڌايان.

فرانس- آخر توهان مون کان اها ڳالهه به لڪائڻ ڇو ٿي گهري؟

ڪيٿرئن- نه نه، اها انساني فطرت آهي. آخر اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ توهان کي ڪهڙي مسّرت حاصل ٿي آهي، جا اڳ مليوَ ها!

ڊاڪٽر- هي ڪهڙي بحث ۾ لڳي ويئو.

فرانس- نواب صاحب ٻڌايو ته هن کي ڇا ٿيو هو، ڪڏهن مئي، ڪٿي ۽ ڇو مئي؟... مون کي ڏيکاريو، مون کي ٻڌايو ... خدارا مون کي ٻڌايو!

نڪولاس- چڱو مسٽر بارنارڊ.

ڪيٿرئن- نه نڪولاس نه... نه فرانس نه... ڪا صورت ئي ڪانهي جو کيس ڳالهه ٻڌائجي!

نڪولاس- منهنجي ڀيڻ پاڻ مسٽر برنارڊ کان ڳالهه لڪائي غلطي ڪئي هئي. هاڻ ان کانسواءِ ڪا به ٻي غلطي نه ڪندس.

ڊاڪٽر- آخر هن کي شڪ ڇا جو آهي؟

فرانس- نواب صاحب، آءٌ اوهان جي  پٺيان پيو اچان.

ڊاڪٽر-نڪولاس ان خيال تان لهي وڃ. آءٌ توکي چتاءُ ٿو ڏيان ته ان خيال تان لهي وڃ.

نڪولاس- هاڻ ان جو ڪو ٻيو طريقو ئي ڪونهي.

فرانس- آءٌ اوهان جي پٺيان آهيان جناب.

(قدمن جو آواز)

نڪولاس-هڪڙو منٽ ترسو، مون کي مشعل کڻڻ ڏيو.

فرانس- بيشڪ بيشڪ. (قدمن جو آواز آهستي رڪجي ٿو وڃي) ڇو، بيهي ڇو رهيئو! اڳيان ڇو نه ٿا وڌو- (تالي ۾ ڪنجي ڦيرائي در کلڻ جو آواز).

نڪولاس- اڳيان وڌو، اڳيان هن بالڪنيءَ تان ڪجهه هيٺ ته نهاريو.

فرانس- (ڊپ جي رڙ ڪري)

نڪولاس- اڳيان وڌو، اڳيان بالڪنيءَ تان ڪجهه هيٺ ته نهاريو.

فرانس- (ڊپ جي رڙ ڪري) اف منهنجا خدا! هي ڇا؟

ڪيٿرئن- خير ته آهي، اوهين ٺيڪ ته آهيو نه! فرانس- ها، مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان...

مسٽر نڪولاس! هي عذاب ڏيڻ وارو ڪمرو آهي ڇا؟

نڪولاس- ها، منهنجي پيءُ جو ڪمرو آهي.

فرانس- اوهه!... ها مون کي ياد آيو. ڇو جو مون کي هن جو چهرو سڃاتل نظر آيو آهي، هو ته ڏاڍو ظالم شخص هو.

نڪولاس- مسٽر فرانس! خدا جي واسطي... هاڻ گهڻو ٿيو.

ڪيٿرئن- مسٽر برنارڊ اوهان خود نٿا ڏسو ته...

فرانس- پر منهنجي ڀيڻ اتي هيٺ ڇا پئي ڪيو؟

ڊاڪٽر- جناب آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو ته ...

فرانس- آءٌ رڳو پڇان ٿو ته منهنجي ڀيڻ کي اها جڳهه ڇو ڏيکاري وئي هئي ۽ هوءَ هتي ڇو آئي؟

نڪولاس- هوءَ پاڻ کي پري رکي ئي نٿي سگهي. (قدمن جو آواز)

فرانس- نواب، ترس نواب.

نڪولاس- مون کي هٿ کان ڇو جهليو اٿئي، منهنجو هٿ ته ڇڏ!

فرانس- ڇا اهو آواز جيڪو مون سويل ٻڌو هو، اهو هتان!...

نڪولاس- نه، نه، اهو آواز ان جو نه هو.

فرانس- هي در ڇو بند ٿيو پيو آهي؟

نڪولاس- انهيءَ ۾ پنهنجو ڪو به ڪم ڪونهي. اوهين منهنجي ٻانهن ته ڇڏيو.

فرانس- اوهان مون کي سموري ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ چيو هو مون کي ٻڌايو.

نڪولاس- جناب هيءَ منهنجي پيءُ جي دنيا هئي. انوکي دنيا، تڪليفن ۽ ايذائن جي دنيا، عذاب جي دنيا...

فرانس- ها! مون کي خبر آهي ته هُن کي ايذاءَ رسائڻ ۾ مزو ايندو هو!

نڪولاس- مظلومن جي وات مان نڪرندڙ آهون، سندس ڪنن لاءِ موسيقي جي برابر هيون.

ڊاڪٽر- توکي اهي ڳالهيون نه ڪرڻ کپن!

نڪولاس- ڇو! آءٌ ئي ته هن جو خون آهيان. ڇا هو منهنجو پيءُ ڪونه هو؟

ڊاڪٽر- توکي اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي.

فرانس- مسٽر نڪولاس، آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي موت جي ڪهاڻي ٻڌڻ لاءِ آتو آهيان!

نڪولاس- ها مسٽر برنارڊ، آءٌ اوهان کي سموري ڳالهه ٻڌايان ٿو. اوهان هي ڪمرو ڏٺو! جتي هزارين انسانن جو خون هاريل آهي. جنهن جي هر ديوار ۾ هزارين رڙيون دفن ٿيل آهن.

(ڪيٿرئن سمجهائڻ واري انداز ۾ کنگهڪار ٿي ڪري)

نڪولاس- ماڻهن جون اکيون اُماڙين سان ڪڍيون وينديون هيون، ۽ سندس جسم جلي سياهه ٿي ويندا هئا!

فرانس- مون کي اهي ڳالهيون ڇو ٿا ٻڌايو؟ انهن جو منهنجي ڀيڻ جي موت سان ڪهڙو  واسطو!

نڪولاس- (ٿڌو ساهه ڀري) آءٌ هن کي ڪڏهن به هتي نه وٺي اچان ها، هوءَ ڏاڍي جذباتي هئي، ۽ پاڻ کي پري ڪانه ٿي رکي سگهي.

فرانس- ڇا کان پري ڪانه ٿي رکي سگهي.

نڪولاس- هن محل جي پر اسرار ماحول کان۽ اوهان سچ ٿي پڇيو، سو ٻڌايانو ٿو ته، هن کي هن محل ئي ماريو.

فرانس- منهنجي ڀيڻ ته ڊڄڻي ڪانه هئي. هوءَ تمام صحتمند ۽ بهادر هئي. آخر هن تي ان محل جي پراسراريت ايترو اثر ڪيئن ڪيو؟

نڪولاس- مسٽر برنارڊ! اوهان کي هن محل ۾ آئي اڃا رڳو چند ڪلاڪ ٿيا آهن. اوهان تصور به نٿا ڪري سگهو ته هتي مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال ڪيئن ٿو رهي سگهجي. هن محل جي زهريلي هوا جو اوهان کي اندازو ئي ڪونهي. اهو ته هت رهڻ وارا سمجهي سگهن ٿا، شروع شروع ۾ ته هن کي به هتي جي ماحول متاثر ڪونه ڪيو. اسان به سٺي زندگي گذاريندا هئاسين، محبت ۽ پيار جي زندگي، حُسن ۽ عشق جي زندگي. اءٌ هن کي پنهنجي زال نه بلڪه پنهنجي من مندر جي ديوي ڪري پوڄيندو هوس. آءٌ روز صبح ساڻ ماريا کان ناشتي جي ٽري وٺي ايندو هوس ۽ هن جي پلنگ وٽ اچي ٽري ميز تي رکي، گوڏن ڀر نوڙي هن جي ننڊ پيل حسن کي ڏسندو هوس. ننڊ ۾ هن جي ڪنبندڙ پنبڻين کي ڏسي بي اختيار ٿي ويندو هوس. آءٌ چاهيندو هوس ته رڳو منهنجا هٿ سندس خدمت جي قابل آهن، ۽ آءٌ ئي هوس جو هن جي صبح مان جاڳندين پهرين مرڪ ڏسندو هوس. آءٌ هن کي ناشتو پنهنجي هٿن سان کارائيندو هوس. هر صبح جو اسين گڏ گهوڙيسواري ڪندا هئاسين. هوءَ ڏاڍي سٺي گهوڙيسوار هوندي هئي. اسين ڳوٺ ۾ گهمڻ ويندا هئاسين ۽ ڪٿي ٿڪجي ڪنهن ٽڪريءَ تي ويهي رهندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون کي گانا ٻڌائيندي هئي. هن جو گلو ڏاڍو سريلو هو، بلڪل بانسري جهڙو. ۽ شام جو هوءَ منهنجي سامهون ويهندي هئي ۽ آءٌ ڪينوس تي سند تصوير ٺاهيندو هوس. اها تصوير مون ٺاهي هئي جيڪا توهان ان جي ڪمري ۾ ڏٺي هئي. پر اهڙيون ته اڃا ٻيون به ڪيتريون ئي تصويرون آهن. پر انهيءَ تصوير جي حسن جو جادو ته اڃا تائين مون تي اثر ڪيو بيٺو آهي.

فرانس- اوهه ته اوهين آرٽسٽ به آهيو!

نڪولاس- مون کي ڳالهه ڪرڻ ڏيو. اسين گڏ ماني کائيندا هئاسين. مون کي هن ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏڻ گهريو. ڪڏهن ڪڏهن اسين اڪيلا ماني کائيندا هئاسين، توهان کي اها خبر آهي هوندي ته مون هن لاءِ هڪڙو خاص بورچي پيرس مان گهرايو هو. اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن مهمان به ايندا هئا، جيئن ڊاڪٽر ليون چارلس هميشه هن کي کلائيندو هو، ۽ کيس پنهنجون دلچسپ ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. هن جي ٻڌڻ لاءِ پئرس ۽ مئڊرڊ مان روز نوان موسيقار گهرايا ويندا هئا، آهه! اها زندگي ڪيتري نه حسين هئي، سادي ۽ سهڻي پر ... اونداهيون مٿان بيٺيون هونديون...

فرانس- اونداهيون... ڇا جون اونداهيون؟

نڪولاس- اُهي اونداهيون، جيڪي هڪ عجيب دماغ جي پيداوار هيون.

فرانس- منهنجي ڳالهه اڌ ۾ نه ڪپيو.

فرانس- اوهين ڀلي ڳالهه پوري ڪريو.

نڪولاس- ها ته، آءٌ جڏهن به صبح جو هُن جي ڪمري ۾ گهڙندو هوس تڏهن  هوءَ مون کي اڳي ئي جاڳيل ملندي هئي، ۽ ائين لڳندو هو ڄڻ سڄي رات نه سُتي هجي... پر هوءَ انهيءَ جو سبب ٻڌائي ڪونه سگهي هئي. مون انهيءَ ڪري سڄي محل ۾ نوان غاليچا وجهارايا ته جيئن قدمن جا آواز هُن تائين نه پهچن. نوڪرن کي منع ڪري ڇڏيم ته منجهند کان اڳ محل ۾ داخل نه ٿين ۽ مالهيءَ کي چئي ڇڏيو هوم ته ٻوٽا شام جو پوکي ۽ انهن کي پاڻي شام جو ڏئي. مون اهو سڀ ان ڪري ڪيو هو جو مون سمجهيو ٿي ته شايد هاڻي هوءَ چڱيءَ طرح ننڊ ڪري سگهندي. پرانهيءَ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيو. هوءَ جاڳندي ئي رهي. انهيءَ مان ڇا  ٿيو جو سندس کاڌو گهٽجي ويو. جنهنڪري وزن به ويس ۽ ڳاڙهو گلاب جهڙومنهن هيڊو ٿي ويس. پي جي زوريءَ ڪجهه به کارايو مانس ٿي ته مرڳهين بيمار ٿيو ٿي پئي. هوءَ ننڊ ۾ به هلندي هئي ۽ انهيءَ لاءِ مون کي راتين جو جاڳڻو پوندو هو. آءٌ ڏاڍو غور ڪندو هوس ته آخر اهو ڇا هو، پر مون کي ڪا به خبر ڪانه پئجي سگهي. مون هن کان بار بار پڇيو ۽ هُن هميشه چيو ”مون کي ڪا به خبر ڪانهي. مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪو مون کي پاڻ ڏي سڏي رهيو آهي.“ اوهه منهنجا مالڪ مون کي ايترو عرصو ڇو بي خبريءَ ۾ رکيئي.

فرانس- مسٽر نڪولاس اوهان ٻڌايو پئي.

نڪولاس- ها ها! معاف ڪجو، اءٌ جذبات ۾ رهي ويس. سو هڪڙي ڏينهن هوءَ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ نظر ڪانه آئي...

نڪولاس- ايلزبيٿ ڪيڏانهن وئي ...ماريا! ايلزبيٿ ڪٿي آهي...؟

ماريا- مون کي خبر نه آهي جناب.

نڪولاس- اُف ! آخر هوءَ ڪيڏانهن وئي. (ڏاڪڻ تان لهڻ جو آواز) هِن ڪمري ۾ هوءَ ڇا پئي ڪري! اُف منهنجا خدا. (تيز تيز هلڻ جو آواز ۽ ڪمري کولڻ جو آواز) هوءَ هيٺ ڇا پئي ڪري، انهيءَ عذاب خاني ۾ هن جو ڪهڙو ڪم. پر هن کي اهو عذاب خانو ڏيکاريو ڪنهن؟ هن کي انهيءَ جڳهه جي خبر ڪيئن پئي؟ اوه هيءَ ڇا پئي ڪري؟ هُن کي ڊپ به ته ڪونه ٿو لڳي. هوءَ ڪري ڇا پئي- آخر هن محل جي غير انساني ماحول هن کي به متاثر ڪري ڇڏيو! هُن کي ٻاهر ڪڍڻ گهرجي... هن کي ٻاهر ڪڍڻ گهرجي... (ڏاڪڻ تان لهڻ جو آواز ۽ در کولڻ جو آواز) انهيءَ سان گڏ هڪ عورت جي رڙ).

نڪولاس- ڊڄ نه ايلزبيٿ، آءٌ آهيان، آءٌ نڪولاس.

هيءَ ته بيهوش ٿي وئي، مون کي کپي ته هن کي هڪدم هن ڀوتخاني مان ٻاهر ڪڍان- (قدمن جو ۽ ڏاڪڻ جو آواز).

نڪولاس- ماريا! هيڏانهن اچ ...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com