سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :17

مسٽر الانا، هاڻوڪي صورتخطيءَ جون جيڪي عام غلطيون ٻڌايون آهن، تن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:

        درسي ڪتابن جهڙوڪ ٻاراڻي ۽ پهرين ڪتاب ۾ ڪن لفظن جون ڪم آيل ڦريل گهربل صورتون، جي مسٽر الانا اعتراض طور پيش ڪيون آهن، سي صوتي لحاظ کان بلڪل درست آهن. مگر ان هوندي به اهي ڦريل گهريل صورتون غلط به نه آهن. البت ”آئون“ لاءِ اعتراض درست آهي، ڇو ته ان جي اُچار ۾ ڪٿي به تبديلي ڪانه ٿي ٿئي، جيئن ”جڏهن“ جي بدران ”جڏهين“، ”ڪڏهن“ جي بدران ”ڪڏهين“ ۾ ٿئي ٿي. صوتي لحاظ کان ”آءٌ“ جي صورت بدران ”آئون“ جي صورت بهتر آهي، پر جڏهين ته ”آءٌ“ جي صورت مقرر ٿي چڪي آهي، تڏهين ان جي بدران ”آئون“ لکڻ درست نه آهي. صفحي 50 تي، هلڪو، ڌرتي، چمڪو جي، جا ”درست هجي“ پيش ڪئي وئي آهي، سا صحيح نه آهي ڇو ته انهن جا پَدَ هيٺئينءَ ريت آهن:

        (1) هَل x ڪو

        (2) ڌَر x تي

        (3) چَم x ڪو

        انهيءَ ڪري انهن جي هِجي هيٺينءَ ريت ٿيندي:

        (1) هي لام زبر هَل، ڪاف واو ڪو هَلڪو

        (2) ڌي (ڌال) ري زبر ڌر، تي بي زير تِي + ڌَرتِي

        (3) چي ميم زبر چَم، ڪاف وارو ڪو چَمڪو.

”هجي“ جو هيءُ طريقو پراڻو ۽ درست آهي. ليڪن ان تي هيءُ اعتراض ٿي سگهي ٿو ته جڏهن هجي ڪندي هيئن چئجي ٿو ته ”هي لام زبر“ تڏهن زبر ”ل“ تي هئڻ گهرجي ۽ نه ”هه“ تي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ اهڙو اعتراض ڏيکاريو آهي (ص 55).

        هن اعتراض جي جواب ۾ ايترو ٻڌائڻ ڪافي آهي، ته پدن واري حالت ۾ پوئين حرف کي پهرين حرف سان گڏڻ سببان زير ۽ پيش جو اطلاق پهرين حرف تي ٿيندو اگرچ هِجي ۾ ان جو اظهار پوئين حرف کان پوءِ ڪجي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ هِجي هن ريت ٿيندي ته ”هي زبر ههَ، لام غير متحرڪ، ڪاف وارو ڪو هلڪو.“ انهيءَ حالت ۾ پهرين پد جو اظهار نٿو ٿئي ۽ ابهم ٻارن لاءِ مشڪل معاملو ٿيو پوي. تنهن ڪري ضروري آهي ته ”هِجي“ جي نظام کي ”پدن“ موجب ڪم آندو وڃي جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي.

        سنڌي ڪتابن ۾ پريم، ڌيان، ڏياري، پيار، گيان، وغيره لفظن جي پهرين اکر هيٺان زير ڏني وئي آهي، سا غير معقول نه آهي. اگرچ انهن جو ساڪن يعني غير متحرڪ هجڻ اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي عام آهي. سنڌي صوتيات ۾ اها تبديلي تاريخي ۽ تازي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ابتدائي ٻن وينجن يا مصمتن (Consonents) جو استعمال محال هو، تنهنڪري انهيءَ عادت موجب اڄ به ڪي ماڻهو مٿين لفظن جي پهرين اکر هيٺان زير ڏين ٿا. سنڌي صورتخطيءَ ۾ جَزم جو استعمال 1888ع کان اڳ هو، جنهن کي ماهرن جي سفارش موجب ترڪ ڪيو ويو. مگر جڏهين مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو، تڏهين هن صاحب وري جزم ۽ شد کي سنڌي صورتخطي ۾ رائج ڪيو. سندس هيءُ خيال صحيح هو ته ”ي“ ۽ ”و“ جڏهين ساڪن ٿي ڪم اچن ٿا تڏهين حرف علت ٿي ڪم اچن ٿا. سندس هيءُ خيال به صحيح هو ته ”بي“ ۾ ”ي“ حرف علت آهي تنهنڪري زير ”ب“ هيٺان ڏيڻ گهرجي جا اڳي ”ي“ هيٺان ڏني ويندي هئي. اهڙيءَ طرح سان ”بُو“ ۾ پيش، ”ب“ تي هئڻ گهرجي جا اڳي ”ي“ تي هوندي هئي: ۽ ”بَو“ ۾ زبر ”ب“ تي هئڻ گهرجي جا اڳي ”و“ تي هوندي هئي.

        ڊاڪٽر صاحب ”با“ ۾ به ”ب“ تي زبر ڏياري هئي جا سنڌي صورتخطيءَ سان نٿي ٺهي ۽ مشڪلاتون پيش ڪري ٿي، جيئن مسٽر الانا ڏيکاريو آهي (ص 31).

        مسٽر الانا، صفحي 30 ۽ 32 تي ”ب“ جي هجي جا مختلف سُرن (Vowels) سان ڏني آهي، سا بلڪل درست آهي. ان ۾ فقط هيتري ترميم جي ضرورت آهي ته زير، زبر ۽ پيش، ”ب“ تي ڏيڻ گهرجن ۽ نه ”ي“ يا ”و“ تي جي حرف علت طور ڪم آيل آهن.

        اهڙيءَ طرح سان جڏهين ”ن“ حرف علت جي پٺيان ساڪن ٿي ڪم اچي ۽ غُني سر جو ڪم ڏئي تڏهين هجي ۾ ان کي پهرين حرف صحيح سان ملائجي. مثلا، ”آهين“ ۽ ”چَرون“ جي عام مروج هجي درست آهي ۽ نه مسٽر الانا واري ڏنل هجي (ص 55 ۽ 56). انهن ۾ ترميم فقط هيءَ ڪرڻ گهرجي ته ”هه“ جي هيٺان زير ڏيڻ گهرجي ۽ ”ر“ جي مٿان پيش ڏيڻ گهرجي.

        اسان جي ٻوليءَ ”لهه“، ”ڙهه“، ”نهه“ ۽ ”مهه“ وغيره وارا وسرڳ آواز (Aspirated Sound) تازا پيدا ٿيا آهن ۽ اڳي اهي ٻن صوتين جي صورتن وارا جوڙ هئا، جن جي وچ ۾ سُر يعني مصوت هو. مثلا ڳاڙهو اڳي ڳاڙهِو هو ۽ اڃا به ڪي ڪي ماڻهو ائين اُچارين ٿا. انهيءَ ڪري اسان جي درسي ڪتابن ۾ اها پراڻي صورت ڪم آندي وئي آهي، جا به غلط نه آهي.

        مسٽر الانا ضميمي ۾ جيڪي درست صورتون پيش ڪيون آهن، سي لڳ ڀڳ صحيح آهن، سواءِ هن ترميم جي، جا مون اڳ ئي پيش ڪئي آهي. انهيءَ اصول موجب شَي ۽ مَي لفظن ۾ زبر ش ۽ م تي هئڻ گهرجي ۽ نه ي تي. جن لفظن ۾ مسٽر الانا جزم ڏني آهي تن مان اها جزم ڪڍي وڃي ۽ ائين سمجهيو وڃي ته جن اکرن تي زير، زبر يا پيش ڏنل نه هوندا آهن تن کي ساڪن سمجهبو ۽ هجي ۾ انهن کي پهرين متحرڪ حرف سان ملائبو.

        مٿئين ڪتاب کان پوءِ مسٽر الانا جا ٻه مقالا، هڪ ”سنڌي (Sindhi) ۽ ٻيو ”سِنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ جي سري سان سماهي مهراڻ (2-4/1966ع ۽ 2/1967ع) ۾ ڇپيا آهن.

        سندس پهريون مقالو جديد لسانيات جي اصولن موجب درست ناهي، جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي. ٻئي مقالي ۾ هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته سنڌي ۽ سنسڪرت ٻئي هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن يا ٻنهي جو بُنياد ڪا هڪ ئي اصلوڪي پراڪرت (natural) ٻولي آهي (ص 73). گويا ٻئي هڪ ئي پراڪرت مان نڪتيون آهن، جا ڳالهه به درست ناهي.

        انهن مقالن کان پوءِ، تازو هاڻي ”سنڌي صوتيات“ نالي هڪ ڪتاب ، مسٽر الانا لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رڳو آوازن جي، جديد لسانيات جي روشني ۾، وضاحت ٿيل آهي ۽ صوتين (Phonemes) جي تشريح کي بلڪل ڇڏي ڏنو ويو آهي. ان ڪري سندس هيءُ ڪتاب ”پورو نه، بلڪ اڌورو آهي.“ خود لکي ٿو ته ”صوتيات“ جو علم، ”صوت“ (Phone) ۽ ”صوتيه“ (Phoneme) جي بيان، لفظن ۾ انهن جي تقسيم، توڙي سندن جزن (elements) جي تشريح لاءِ مواد مهيا ڪري ٿو (ص 2)“ انهيءَ صحيح راءِ موجب مسٽر الانا هن ڪتاب ۾ رڳو سنڌي صوتن يعني آوازن جي تشريح ڏني آهي ۽ صوتين جي تشريح کي ڇڏي ڏنو آهي جا اميد ته ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ڏيندو. خود ڏنل تشريح به ڪٿي ڪٿي ترميم جي لائق آهي. هن ڪتاب جي خوبي هيءَ آهي ته سنڌي آوازن جي تشريح جديد لسانيات جي اصولن موجب ڪئي ويئي ۽ نهايت ڪارآمد آهي.

        سنڌي صرف تي تازو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، دهلي يونيورسيءَ واري، هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آهي ۽ سنڌي نحو تي لکي رهيو آهي. اهي ٻئي ڪتاب جديد لسانيات جي اصولن موجب آهن. افسوس جو اِهي ٻئي ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهن، مگر ڊاڪٽر جيٽلي انهن کي سنڌي زبان ۾ آڻڻ جو پڪو پهه ڏيکاريو آهي.

        هڪ ٻئي سنڌي پروفيسر ايس. ڪي. روهڙا به ڪڇي ٻوليءَ تي جا (سنڌي زبان جي شاخ آهي) تحقيقات ڪري لسانيات ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. اِهو تحقيقي ڪتاب به انگريزيءَ ۾ لکيل آهي.

        تازو هن خاڪسار، جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾، سنڌي زبان جي مختلف پهلوئن جي جامع نموني ۾ وضاحت ڪئي آهي، جا ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ نالي ڪتاب ۾ ڏني ويئي آهي. ان ڪتاب جو علمي مُلهه ڇا آهي، سو اڪابر ئي اُن جو فيصلو ڪندا.

        سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته جديد لسانيات جي اصولن جي اصطلاحن کان بخوبي واقف هئڻ گهرجي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ کان اڳ موجوده سنڌيءَ جو پورو پورو جائزو ورتو وڃي، ان جو تجزيو علمي اصولن تي ڪيو وڃي، جي جديد لسانيات پيش ڪيا آهن. ان بعد اڻويهين صديءَ واري سنڌيءَ جو تجزيو ڪيو وڃي، تهان پوءِ ارڙهين صديءَ واري سنڌيءَ جو، ائين هڪ هڪ صدي اڳ واري سنڌيءَ جو جائزو ورتو وڃي، جا انهيءَ صديءَ جي لکيل ڪتابن ۾ قلمبند آهي. ائين کوجنا جي ڪم کي پوئتي کنيو وڃي، جيستائينڪ (ڪتاب) دستاويز يا ٻيون لکيتون ملي سگهن. ان بعد ئي ابتدائي سنڌيءَ جو پتو لڳي سگهندو. ازانسواءِ سنسڪرت، پراڪرت ٻولين ۽ پراڻن پاڙيوارين زبانن جو به جائزو وٺڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ڪبو، ته تاريخي تحقيق علمي نه ٿيندي بلڪ ظني ۽ ڌڪي واري ٿيندي، جنهن جي ڪا به اهميت نه رهندي.

ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي

سنڌيءَ ۾ نام (Noun) جي گرداني بناوٽ

مهاڳ:

        سنڌي ٻوليءَ جي بڻ-بنياد ۽ اوسر جي کوج ڪرڻ کان اڳ اهو تمام لازمي آهي ته اسين پنهنجيءَ مادري زبان جي بناوٽ، (Structure) جو به گهرو اڀياس ڪريون. ٻوليءَ جي بناوٽ ۽ سٽاءَ جي جيستائين ٺيڪ ڄاڻ نه آهي، تيستائين انهيءَ جي اوسر ۽ تاريخي ڦير گهير جو اڀياس پڻ اڻپورو رهندو.

        ٽرمپ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي بناوٽ جو اونهو اڀياس ڪري، سن 1872ع ۾، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو وياڪرڻ لکي شايع ڪيو. اُنهيءَ ڪتاب ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي ٻين ڪجهه آريه ٻولين سان ڀيٽ ڪندي، سنڌيءَ جي تاريخ تي پڻ روشني وڌي آهي. اُن بعد انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ جيڪي به سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ شايع ٿيا آهن، تن تي ٽرمپ جي وياڪرڻ جي ڇاپ صاف ظاهر آهي. سنڌي عالمن، سنڌيءَ ۾ پنهنجيءَ مادري زبان جو وياڪرڻ لکندي نه فقط ٽرمپ جي سنڌي گرامرن تان مدد ورتي آهي، پر اُنهيءَ سان گڏو گڏ ڪيترن هنڌن تي انگريزي، عربي، فارسي ۽ سنسڪرت گرامرن جي طرز پڻ اختيار ڪئي آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بناوٽ سمجهائڻ ته پري رهي، ماڳهين اُنهيءَ سرشتي جي ڪيترين حقيقتن تي پردو پئجي ويو آهي. اسٽئڪ، ٽرمپ، بيمس، گريئرسن، سنڌي ٻوليءَ جي سرشتي بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُنهي کي به جيڪڏهن جديد علم لسانيات جي اصولن مطابق ڏسبو ته سندن لکيتن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سڌارا ڪرڻا پوندا. اهو به ڌيان رکڻ گهرجي ته ٽرمپ جنهن سنڌي ٻوليءَ جو ڇيد (Analysis) پيش ڪيو آهي، اُنهيءَ کان هاڻوڪي ٻول چال جي سنڌي، ڪي قدر ڦري چڪي آهي. انهيءَ ڪري سندس بيان اکر به اکر هاڻوڪي سنڌيءَ سان لاڳو ڪرڻ غير واجب ٿيندو.

        هن مضمون ۾، جديد علم لسانيات جي اصولن موجب، سنڌيءَ ۾ نام جي گرداني بناوٽ (Inflectional Structure) سمجهائي ويئي آهي. سنڌيءَ سان منهنجو مطلب فقط ٻول چال واري وچولي سنڌيءَ سان آهي. انهيءَ جي تاريخي اوسر تي روشني وجهڻ ۽ ٻين ٻولين سان ڀيٽ ڪرڻ جي هن مضمون ۾ ڪوشش ڪانه ڪئي ويئي آهي. ٻين ٻولين جا فقط اهي لفظ هتي بحث هيٺ آيل آهن، جن کي سنڌيءَ، پنهنجي وياڪرڻي سرشتي ۾ آڻي جذب ڪري ڇڏيو آهي. اُچارن جي لحاظ کان، ليکڪ، مکيه طرح پنهنجن اُچارن کي ڌيان ۾ رکيو آهي، پر ساڳئي وقت هن وچولي سنڌي ڳالهائيندڙن ٻين پڙهيل ڳڙهيل طبقي وارن جا اُچار به جاچيا آهن.

 

  (1) سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ:

        ڦيري يا گردان (inflection) جي نقطهء نظر کان، سنڌيءَ ۾ ٻن قسمن جا لفظ آهن: (1) ڦرندڙ (inflection)، مثال طور، ڇوڪرو، پنج، مان، سٺو، لکيو، لکندو: (2) اڻ ڦرندڙ (Uninflected) مثلا- نه، ها، يا، آڄ، خوش، صفا، وڌيڪ، اڙي. ڦرندڙ لفظ ٻن ڪلاسن ۾ ورهائجن ٿا- نام (Nouns) ۽ فعل (Verbs). حالت (Case) ۾ ڦرندڙ لفظن کي نام سڏجي ٿو ۽ ضمير (Person) ۾ ڦرندڙ لفظن کي فعل سڏجي ٿو. مثلا ڇوڪرو اچي ٿو، ڇوڪري خط لکيو، ڇوڪرا! هيڏانهن اچ، مان اچان ٿو، مون چيو، - انهن ۾ ڇوڪرو ۽ مان لفظ جدا جدا حالتن ۾ ڦريا آهن، انهيءَ ڪري نام آهن: پر لکندس، لکندين، لکندو، لکنديس، لکندينءَ، لکندي، لفظ فعل آهن، ڇا ڪاڻ جو اهي ڦيري ۾ ضمير متڪلم، ضمير حاضر ۽ ضمير غائب جو فرق ڏيکارين ٿا.

        اڻ ڦرندڙ لفظ پڻ جملن ۾ بيهڪ جي ڪسوٽيءَ تي جدا جدا ڪلاسن ۾ ورهائي سگهجن ٿا، انهن جو بيان هن مضمون جي دائري کان ٻاهر آهي.

        اسان ڏٺو ته ڦرندڙ لفظ ٻن قسمن جا آهن نام ۽ فعل. پر فعلن جا ڪي اهڙا روپ به آهن، جيڪي ضميري ڦيرو به ڏيکارن ٿا ته حالتن ۾ به ڦرن ٿا. فعل جون اهي صورتون، جيڪي جملن جي بيهڪ ۾ نام ٿي پڻ استعمال ٿين ٿيون، تن کي ڪردنت (Particpiles) سڏجي ٿو. مثال

”فعل“

”نام“

 

هو مصيبتون ”سهندا“.

ڌڻي شال ”سهندا“ بار ڏئي.

هو اڄ ”ايندو“ ۽ سڀاڻي ”ويندو“.

”ايندو“ سڀڪو ڏسي، ”ويندو“ ڪو به نه ڏسي.

هوءَ مون سان گڏ ”هلندي“.

هن جي سرڪار ۾ ”هلندي“ پڄندي آهي.

ڇيلو ”ماربو“.

مون ڇيلو ”ماربو“ ڏٺو.

مون مک ”ڏٺي“.

”ڏٺي مک ڪير ڳيهندو؟

مون خط ”لکيو“.

”لکيو“ ڪير ميٽي سگهندو؟

هيءَ ٻڪري سڀاڻي ”مرڻي“ آهي.

انسان ”مرڻي“ وٿ آهي.

اسان به ته ڪجهه ”لهڻو“.

هنن جو پاڻ ۾ ”لهڻو“ ڏيڻو ڪيئن آهي؟

 

(2) نام جا ڪلاس:

 گردان جي نقطهء نظر کان، نامن کي ٽن ڪلاسن ۾ ورهائجي ٿو.

 (1) اسم (Substantries)- اهي لفظ، جيڪي ڦيري ۾ حالت ندا ڏيکارين ٿا، يا حالت علم جي عدد جمع ۾ /- اُنِ/ پڇاڙيءَ ۾ پورا ٿين ٿا، تن کي اسم سڏجي ٿو (ڏسو 4- 1، 2).

(2) ضمير (Pronouns)- اهي لفظ، جيڪي فقط حالت فاعليءَ جي عدد واحد ۾ مذڪر ۽ مونث جو فرق ڏيکارين ٿا ۽ ٻين حالتن  ۾ ٻنهي جنسن ۾ سندن ڦيرو ساڳيو آهي، يا حالت فاعلي، عدد جمع ۾ سندن صورت عدد واحد کان نرالي ٿي وڃي ٿي، تن کي ضمير سڏجي ٿو. (ڏسو 5 1، 2)

        (3) ڦرندڙ شماري انگ (Declinable Cardinal Numerals)- اهي لفظ، جيڪي فقط عدد جمع ۾ ڦرن ٿا، يا عدد جمع مقرر (Definite plural) ۽ جمع مبهم (Indefinite Plural) جدا جدا صورتن ذريعي ڏيکارين ٿا، تن کي ڦرندڙ شماري انگ سڏجي ٿو. (ڏسو 6-1).[1]

 

(3) نام جي ڦيري جي بناوٽ:

سنڌيءَ ۾ گهڻا نام ٻن حالتن ۾ ڦرن ٿا حالت فاعلي (Nominative case) ۽ حالت عام (Oblique Case)./-اِ /۽ /- آ/۾ پورا ٿيندڙ مذڪر اسم (سيٺ، راجا وغيره) ڇڏي، باقي ٻيا مذڪر اسم، حالت ندا (Vocative Case) به ڏيکارين ٿا. گهڻو ڪري هر هڪ حالت ۾ عدد واحد ۽ عدد جمع جو فرق رهي ٿو. ڪن اسمن پٺيان ضميري پڇاڙيون (Pronominal Suffixex) به لڳن ٿيون. حالت عام ۾ نام جي پٺيان حرف جر ۽ حرف جري پڇاڙيءَ جو استعمال به ٿئي ٿو. نام جي ڦيري جي اها بناوٽ، هيٺ ڏنل نقشي مان چٽي ٿيندي:

(تير نشان (/) ڏيکارين ٿا ته نامَ-ٿُڙ، جملي ۾ ڪهڙيءَ ريت داخل ٿئي ٿو. ڀڳل ليڪون ڏيکارين ٿيون ته فقط ٿورا نام- ٿڙ انهيءَ بناوٽ ۾ اچي سگهن ٿا).

نام ٿڙ:

        نام- ٿڙ، مرڪب ۽ مرتب قسمن جا آهن.

        (1) مفرد (Simple)، جيڪي وڌيڪ ننڍڙن معنيٰ ڀرين جزن ۾ نٿا ڀڃي سگهجن.

مثال: دعا، ٻه، پاڻي، هُو.

(2) مرڪب (Compound)، جيڪي ٻن يا وڌيڪ لفظن جي ميل مان جڙيل آهن.

مثال: لکا پتي، ٻٽيهه، هرڪو.

        (3) مرتب (Complex)، جيڪي اهڙن معنيٰ ڀرين جزن مان جڙيل آهن، جن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ٻڌل روپ (Bound forms) آهن. مثال: سٺائي (سٺو + آئي)، هوءَ (هو+ آ)، پڙهيل (/پڙه-/+-يه/+-آلُ/).


* روايتي (Traditional) وياڪرڻن ۾، لفظن جون وصفون (Definitions)، ڪڏهن اُنهن جي صورت (From)، ڪڏهن جملي ۾ انهن جي استعمال (Function)، ته ڪڏهن لفظن جي معنيٰ کي خيال ۾ رکي ڏنيون ويون آهن. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي بناوٽ به چٽي ڪانه ٿي ٿئي ۽ اُن سان گڏ مونجهارو به پيدا ٿئي ٿو. اسان کي اها مونجهه محسوس ڪانه ٿي ٿئي،  ڇاڪاڻ جو اسين اهڙين وصفن ٻڌڻ ۽ سمجهائڻ تي هري ويا آهيون. پر جيڪڏهن ٿورو به غور ڪري ڏسبو ته انهن وصفن جون اوڻايون ظاهر ٿي پونديون. مثال طور- ”جملو هڪ لفظن جو ميڙ آهي، جنهن مان پورو مطلب نڪري ٿو“ (سنڌي ويارڪرڻ، مرزا قليچ بيگ- ڀاڱو 1، صفحو 1). هتي ”لفظن جو ميڙ“ چوڻ مان ٻڌايو ته جملي جي بيهڪ جي ڪهڙي ڄاڻ پوي ٿي؟ هر هڪ جملي جي بيهڪ باقاعدي ۽ ڪنهن سرشتي ۾ ٻڌل هوندي آهي. ”ميڙ“ لفظ مان ان سرشتي جي خبر پوي ٿي؟ حقيقت ۾ ته ميڙ، جهنڊ، ڍڳ، مجموعي وغيره لفظن مان سرشتي جو مطلب ڪونه ملندو  آهي انهن مان فقط ڪن ماڻهن، شين وغيره جي گڏ هئڻ جي خبر پوي ٿي. ان بعد معنيٰ جي آڌار تي اِنهيءَ وصف ۾ چيل آهي ته ”جنهن مان پورو مطلب نڪري ٿو “. جيڪڏهن ڪنهن جملي جي معنيٰ ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڇا هو انهيءَ کي جملو نه سڏيندو؟ وڏي ڳالهه ته مطلب پورو ملي ٿو يا اڻپورو- انهيءَ جو فيصلو ڪير ڪندو؟ معنيٰ جي ڪسوٽيءَ تي وصف ڏيڻ سان ٻوليءَ جي بيهڪ جي ڄاڻ ڪانه ٿي پوي، هڪ ئي لفظ جدا جدا بيانن ۾ جدا جدا معنائون ڏئي ٿو ڪنهن جملي جي معنيٰ هڪ کي سمجهه ۾ ايندي ته ٻئي کي ڪانه ايندي- اهي مشڪلاتون ڏسي، جديد علم لسانيات جي عالمن، وصف ڏيڻ وقت، معنيٰ جي ڪسوٽيءَ کي ترڪ ڪري، لفظن جي صورت ۽ استعمال کي اهميت ڏني آهي. ڪو لفظ ڪيئن جڙي ٿو ۽ اهو جملي ۾ ڪيئن استعمال ٿئي ٿو،      (ڏسو حاشيه صفحو 163)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com