سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :14

علي نواز حاجن خان جتوئي

 

سنڌي زبان تي ٿيل کوجنا

(هيءُ مضمون، پهريان سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جي سري سان، سنڌي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي سالنامي سوغات سال 65-1966ع ۾ شايع ٿيو، جنهن سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڀارت ۾ ڪافي چاهه پيدا ڪيو. ڀارت ۾ جو ڪجهه ان باري ۾ لکيو ويو آهي، سو مون ڏانهن موڪليو ويو ته هن مقالي ۾ جا کوٽ آهي، تنهن جي پورائي ڪئي وڃي. ان باري ۾ آءٌ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڀارت ۾ ڇپيل مواد موڪلي ڏنو. آءٌ، پروفيسر ڊي منشاراماڻيءَ بمبئي واري جو به ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جو ڪتاب هٿ ڪري موڪلي ڏنو. هيءُ مقالو، پوئين مقالي جي کوٽ جي پورائي ڪري ٿو .  ع. ح. ج)

سنڌي ٻوليءَ تي جنهن پهرين شخص صحيح طريقي سان علمي تحقيق ڪئي، سو  هو  ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ. هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر انگريزي زبان ۾ سن 1872ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هو صاحب جرمن هو ۽ مشنري هو. سنسڪرت، پراڪرت، پنجابي ۽ سنڌي ٻولين جو سٺو ڄاڻو هو. بعد ۾ پشتو، ڪافرستان جي ٻولي ۽ بروهڪي ٻولي سکيو. آخر ۾ عربي ۽ حبش جي زبان به سکيو.[1]

        سنڌي گرامر جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته، سنڌي ٻولي، سنسڪرتي زبان آهي (1). پر ساڳئي وقت ائين به لکي ٿو، ته سنڌي ٻولي پنهنجي ڀر وارين پراڪرتي ٻولين کان وڌيڪ ڏکي ۽ پيچيدي آهي ۽ منجهس اهڙا آواز ۽ ٻيا اهڃاڻ موجود آهن، جي قديم مقامي ماڻهن جا آهن. اُهي نه سنسڪرت ۾، نه پراڪرت ۾ ۽ نه وري هندستاني ٻولين ۾، سواءِ ڪشميري، ڪوهستاني ۽ لهندا يعني ملتاني ٻولين جي، ملن ٿا: ۽ انهن مان گمان ٿئي ٿو، ته انهيءَ خطي ۾ ڪشمير کان سنڌ تائين، سنسڪرت ۽ ويدڪي زبان کان اڳ ڪا زبان هئي، جنهن جو نالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ۽ جا تاتاري آڪهه مان هئي (1).

         ان کان پوءِ هن صاحب اُهي انوکا اهڃاڻ مقدمي ۽ حاشين ۾ ڄاڻايا آهن، ۽ لکيو اٿس ته آئيندي جيڪو صاحب هن ٻوليءَ جي مزاج ۽ گهراين ۾ وڃي تحقيق ڪرڻ گهرندو، تنهن لاءِ سندس پار پتا رهبري ڪندا. انهن تي گهري غور ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو، ته واقعي سندس ڏنل پار پتا سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد ڳولڻ لاءِ، ڪافي مواد پيش ڪن ٿا ۽ جن مان هاڻ ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي سنسڪرت زبان نه آهي.

مسٽر ٽرمپ کان اڳ ٻين صاحبن به سنڌي گرامر لکيا هئا. ڪئپٽن اسٽئڪ، 1853ع ۾ سنڌي گرامر ٺاهيو، منشي اڌارام 1854ع ۾ سنڌي وياڪرڻ لکيو: ميان محمد حيدرآبادي سنه 1860ع ۾ سنڌي صرف ونحو تيار ڪيو. انهن سڀني گرامرن ۾ تحقيق جو ڪو به ترو رو موجود ڪونه آهي.

        ڊاڪٽر ٽرمپ کان پوءِ، جهمٽمل وسڻاڻي 1892ع ۾ نئون سنڌي وياڪرڻ لکيو. هن وياڪرڻ لکندي شري وسڻاڻي اٽڪل ويهارو کن ڪتابن مان مدد ورتي، مگر گهڻي مدد وري به ٽرمپ جي گرامر تان ورتي اٿس (ص 2). سندس ڪتاب جي خوبي هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ لکيل هيءُ ئي هڪ گرامر آهي جنهن ۾ سنسڪرت گرامر جا مخصوص اصطلاح، عربي گرامر جي اصطلاحن سان گڏ ڪم آندا ويا آهن جا ڳالهه سنڌي ٻوليءَ تي کوجنا ڪندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي. هن ڪتاب لکڻ سان  شري وسڻاڻيءَ جو اصل مقصد هيءُ هو ته جيئن جيئن سنڌيءَ جا ڄاڻو سنسڪرتي اصطلاحن سان واقف ٿيندا ويندا تيئن تيئن عربي اصطلاح مري سنڌيءَ ٻوليءَ مان نڪري ويندا (2). اِها سندس خوش فهمي هئي. کيس اِها ڄاڻ نه هئي ته ٻولين جا لفظ ڇو مرندا آهن ۽ ڪيئن نوان ڄمندا آهن. سنسڪرت وياڪرڻ جي ڪِن اصولن کي سنڌي گرامر سان لڳائيندي شري وسڻاڻيءَ ڪي غلطيون به ڪيون آهن. مثلا  پرڪرڻ پنجين ۾ سنڌي (Sindhi) اصولن موجب جيڪي لکيو اٿس (ص 24 کان 29 تائين) سو جديد لسانيات جي اصولن بابت سراسر غلط آهي. انهيءَ سڄي باب کي مسٽر الانا ٿوري تبديل سان پنهنجي مقالي ”سنڌي“ ۾ درج ڪيو آهي (3). مسٽر الانا کي کپندو هو ته جديد لسانيات جي اصولن موجب انهيءَ مقالي کي نباهي ها ته شري وسڻاڻيءَ جي ڪيل غلطي کان بچي  وڃي ها. شري وسڻاڻيءَ جو اصل مقصد هيءُ هو ته سنسڪرت وياڪرڻ جا سنڌي اصول سنڌي وياڪرڻ سان به لڳن ٿا. [2]

        شري وسڻاڻيءَ انهيءَ وياڪرڻ لکڻ کان اڳ وئتپتي ڪوش به لکيو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪن لفظن جو ڌاتو سنسڪرتي ڌاتن سان لاڳاپو ڏيکاريو اٿس. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنسڪرت جا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آهن، جن جو ڌاتو سنسڪرتي ٿي سگهي ٿو ۽ نه ٻيو. پر انهيءَ جو اهو مطلب نٿو نڪري ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي جيئن شري وسڻاڻي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي (ص 4).

        ڊاڪٽر ٽرمپ کان پوءِ جنهن صاحب سنڌي زبان تي علمي تحقيق ڪئي، سو  هو  مسٽر گئريسن. هن صاحب سنڌي سان گڏ هندستان جي سڀني ٻولين تي تحقيق ڪري سڄا سارا اٺ جلد لکيا، جي لنگسٽڪ سروي آف انڊيا (Linguistic Survey of India) جي نالي سان مشهور آهن. سنڌي ٻوليءَ تي جيڪا تحقيق ڪئي اٿس، سا اٺين جلد جي پهرين حصي ۾ موجود آهي. اهو جلد 1919ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.  از انسواءِ پهرين جلد ۾ هندستاني زبانن جي گروه بنديءَ تي  بحث ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي بيروني گروه ۾ داخل ڪيو اٿس (1) سندس تحقيق جي هڪ خصوصيت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪن آوازن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ سنڌي صوتيات جون ڪي خصوصيتون سنسڪرت جي صوتيات سان ڀيٽي پيش ڪيون ويون آهن. مثلا: معياري سنڌيءَ وارو ”پُٽ“ لفظ سري ۾ ”پُتر“ ٿئي ٿو: سنسڪرت واري ”ت“ سنڌيءَ ۾ ”ٽ“ (ر) واري) ٿئي ٿي: ۽ اها ساڳي لاڙ ۾ ”ٽ“ ٿئي ٿي. مثلا: هنديءَ وارو لفظ ”تانبا“ معياري سنڌيءَ ۾ ”ٽامو“ (ٽرامون) ٿئي ٿو ۽ لاڙي سنڌيءَ ۾ ٽامو ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح سان سنڌيءَ ٻوليءَ جي هيءَ به خصوصيت رهي آهي ته منجهس ٻن صحيح حرفن جي آوازن کي نٿو ملايو وڃي، مگر انهن جي وچ ۾ حرف علت يا حرڪت آندي وڃي ٿي مثلا: ”خِذمت“ جو اچار سنڌيءَ ۾ ”خِذِمت“ آهي ۽ عُمر جو اچار ”عُمِر“ آهي. اهڙيءَ طرح سان ٻيون به خصوصيتون بيان ڪيون ويون آهن، جي هينئر بدلجي چڪيون آهن. جئن ته ”وَقت“ کي ”وَقِت“  ۽ ”چَڙهي“ کي ”چڙِهي“ ٻڌايو ويو آهي (2) سنڌيءَ جي اها خصوصيت اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي بدلجي چڪي آهي ۽ اڃان به بدلجي پئي. مسٽ گئريسن جي تحقيق جي ٻي خصوصيت هيءَ آهي ته منجهس سنڌي زبان جي مختلف مڪاني محاورن، لاڙي، ٿري، ڪڇي، لاسي وغيره جو خوب جائزو ورتو ويو آهي (3) انهيءَ تحقيق جي ٽين خصوصيت هيءَ آهي: انگريزن جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اندر جيڪي مختلف صورتخطيون اڳئي رائج هيون، سي ۽ ٻيون، جي پوءِ رائج ٿيون، سي سڀ پيش ڪيون ويون آهن (4).[3]

        مسٽر گريئرسن پنهنجي تحقيق موجب هن نتيجي تي پهتو ته آريه لوڪ ايران کان ٻن گروهن ۾ آيا. پهريان سنڌو ماٿر کان وٺي گنگا جمنا ماٿر تائين اچي رهيا. جيڪي پوءِ آيا تن هنن سان جنگيون ڪيون، ۽ کين هندستان جي چئني سرحدن ڏانهن ڀڄائي ڪڍيائون ۽ پاڻ وچ ۾ ويهي رهيا. انهيءَ ڪري وچ  هندستان واريون ٻوليون هڪٻئي سان مشابهت رکن ٿيون، ۽ سرحدي ٻوليون وري پاڻ ۾ نسبت رکن ٿيون. اهڙي قسم جون شهادتون مسٽر گريئرسن پيش ڪيون آهن (1). اهڙيءَ طرح سان هن هند آرائي ٻولين کي ٻن گروهن ۾ ورهايو آهي: هڪ اندروني آريائي ٻولين وارو ۽ ٻيو بيروني آريائي ٻولين وارو. سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ بيروني آريائي ٻولين جي ٽولي ۾ شامل ڪيو اٿس.

        مسٽر گريئرسن هڪ ڳالهه نهايت انوکي ۽ عجيب لکي آهي. ۽ اها هيءَ آهي، ته سنڌيءَ جي ”ٻ“ ٻٽي ”ب“ آهي، ”ڏ“ ٻٽي ”ڊ“ آهي: ”ڳ“ ٻٽو ”گ“ آهي: ۽ ”ڄ“ ٻٽو ”ج“ آهي (2). اها غلطي مسٽر گريئرسن کان ان ڪري ٿي آهي، جو ان وقت انهن آوازن جو صوتي تجزيو نه ڪيو هو، ۽ اُن  وقت اهو ممڪن به نه هو.[4]

        جنهن سمي ڌاري مسٽر گريئرسن پنهنجي تحقيق کي لکي پورو ڪيو، تنهن وقت ڌاري مرحوم مرزا قليچ بيگ سنڌي ”وياڪرڻ“ لکڻ شروع ڪيو. پهريون ڀاڱو سنڌي چوٿين درجي لاءِ لکيائين. چوٿين ڀاڱي جو تعلق سنڌي شعرو شاعري ۽ فصاحت بلاغت وغيره سان آهي. البت ٻئين ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ سنڌي صرف ونحو ۽ سندس تاريخ تي روشني وڌي اٿس. مرحوم مرزا صاحب بنا تحقيق جي ڊاڪٽر ٽرمپ جي هن راءِ کي قبول ڪيو ته سنڌي ٻولي اصل سنسڪرت ۽ پراڪرت مان نڪتل آهي (3). باقي سنڌي گرامر کي عربي گرامر جي سانچي ۾ ٺپي پيش ڪيو اٿس ۽ ڪو به نئون نڪتو پيش نه ڪيائين. ٻ،ذ، ڄ، ڳ جي باري ۾ مسٽر گريئرسن جي فيصلي تي تحقيق نه ڪيائين: ائين جو ائين قبول ڪيائين (4). مسٽر گريئرسن جي تحقيق، جنهن سنڌي سڄڻ کي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکڻ لاءِ تيار ڪيو، سو هو ڪاڪو ڀيرو مل آڏواڻي. کيس سنڌي ٻوليءَ سان منُ لڳل هو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي، پنهنجي علم آهر، خوب خدمت ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ بابت هن صاحب  ٻه ڪتاب لکيا آهن: هڪ ”سنڌي وڏو وياڪرڻ“، جو 1935ع ۾ لکيائين: ۽ ٻيو ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، جا 1941ع ۾ لکيائين. سنڌي وياڪرڻ لکڻ وقت ڊاڪٽر ٽرمپ وارو گرامر گهڻي ڀاڱي اکين اڳيان رکيو اٿس ۽ ٻين گرامرن کي به ڌيان ۾ رکيو اٿس. ان ڪري سندس وساڪرڻ گهڻي ڀاڱي ٽرمپ واري گرامر جو ترجمان آهي. منجهس ڪا به نئين ڳالهه، سواءِ سنڌي اصطلاحن ۽ پهاڪن جي پيش ٿيل نه آهي.

        بعد ۾ سن 1941ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ پيش ڪيائين. جنهن بابت سندس چوڻ آهي، ته ”سنڌي ٻوليءَ جي اونهي اڀياس ڪرڻ لاءِ هيءُ گويا پهريون ڪتان آهي“(5). مٿي ٻڌايو ويو آهي ته آنجهاني ڀيرومل کي هن ڪتاب لکڻ جو خيال مسٽر گريئرسن جي تحقيق لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا پڙهڻ کان پوءِ پيدا ٿيو. مگر معلوم ٿو ٿئي ته هن ڪتاب لکڻ کان اڳ سر وليم جونس، ڊاڪٽر ٽرمپ، مسٽر رئپسن، مسٽر پٿاوالا، مسٽر واڊيا، سر جان مارشل، ڊاڪٽر چئٽرجي، مسٽر گرفٿ، ڊاڪٽر مئڪڊونالڊ، ڊاڪٽر پارٽنجر، ڊاڪٽر سينا ناٿ پرڌان، مسٽر راولسن، مسٽر جهانگير دار وغيره جا مناسب ڪتاب به نظر مان ڪڍيا اٿس، جن جا حوالا به ڏنا اٿس. جن نتيجن تي پهتو آهي سي هي آهن:

        هاڻوڪي سنڌي ٻولي وراچڊ اپڀرنش جي ڄائي آهي (ص 70).جا وري پنجاب واري شورسيني پراڪرت جي ڌيءُ آهي (ص 75). انهيءَ شورسيني پراڪرت تي وري داردڪ ٻولين جو اثر پيو، جنهن ڪري اها اُپڀرنش يعني بگڙيل ٿي پئي (ص 68). اهي داردڪ ٻوليون، پشاش لوڪن آنديون هيون، جن ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ ۾ بيٺڪون وڌيون (ص 77). سرائڪي، ملتاني، ڪشميري ۽ ڪوهستاني ٻوليون انهن داردي ٻولين جو اولاد آهن (ص 68). سنڌيءَ ۾ ٻ، ڏ، ڳ، ڄ وارا آواز، سرائڪي ٻوليءَ جي ذريعي داخل ٿيا (ص 86). سنڌي، سرائڪي، لهندا ۽ ڪشميري ٻولين ۾ ضميري پڇاڙيون ڪنهن به ٻين هندستاني ٻولين ۾ ڪونهن پر ايراني ٻولين ۾ آهن (ص 86): تنهن ڪري سنڌي ٻولي هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙو، يا وچ وارو ڏاڪو آهي، جا هندستان جي ٻولين کي ايراني ٻولين سان ڳنڍي بيٺو آهي (ص 88). انهيءَ هوندي به سنڌي ۽ ٻيون ڏيهي آريه ٻوليون بگڙيل پراڪرت ٻوليون آهن، جي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتيون آهن (ص 72). انهن کي بگڙيل پراڪرت سڏجي ته روا آهي (ص 73). سمي پئي سنسڪرت ڦري پراڪرت ٿي، جا عام ماڻهو ڳالهائڻ لڳا  (ص 37).

        بعد ۾ سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون ٿيون (ص 41). پهرين پهرين ايراني لوڪ ڪاهي آيا ۽ هتي کروشٽي صورتخطي چالو ڪيائون. اها عيسوي ٻي صديءَ تائين ڪُشن گهراڻي جي حاڪم وسديو پهرين جي دؤر ۾ موجود هئي (ص 42). ايرانين کان پوءِ يوناني ڪاهي آيا (ص 43). سڪندر جي مرڻ جي خبر ٻڌي سنڌين، يونانين کي تڙي ڪڍيو ته بهار جي مورين اچي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ چالو ڪيائون (ص 44). انهن جي ذريعي پاليءَ جو اثر سنڌيءَ تي پيو (ص 47).

        مورين کان پوءِ وري بختر جا يوناني سنڌ تي ڪاهي آيا، جن جا لفظ بختي، بُغدي، ۽ بلغاري سنڌيءَ ۾ موجود آهن (ص 49). بختيارن کان پوءِ سٿين لوڪ ڪاهي آيا، جن جي ڏينهن ۾ سنڌ انڊوسٿيا سڏبي آهئي (ص 52). سنڌ جا جت ۽ ميد، ۽ هندستان جا راجپوت انهن جو اولاد آهن (ص 51).

        سٿين جي وقت ۾ پارٿين لوڪ ڪاهي آيا ۽ ٻنهي کي وڙهندو ڏسي، ڪشن وارن، وري اچي قبضو ڪيو، جنهن ڪري وري ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ زور ورتو، ۽ پاليءَ جو اثر سنڌيءَ تي وري پيو.

        تنهن کان پوءِ گپت گهراڻي وارن سنڌ تي قبضو ڪيو، جنهنڪري برهمڻن جو زور وڌڻ لڳو ۽ ماڻهو پراڪرت لفظن بدران ڪيترا نج سنسڪرت جا لفظ ڪم آڻڻ لڳا (ص 54). گپت گهراڻي وارن جو خاتمو ”هون“ لوڪن اچي ڪيو، جن کي برهمڻ پهرين شودر ليکيندا هئا، پر پوءِ کين شڌ ڪري کتري بنايائون. انهن ئي سنڌ ۾ راءِ گهراڻو قائم ڪيو (ص 55). سنڌ جا  اهير انهن جو اولاد آهن، جي اپڀرنش ۾ شعر چوندا هئا (ص 59). راءِ گهراڻي جي وقت ۾ وري به ايرانين اچي ڦرلٽ ڪئي، ۽ پوئين راءِ جي وقت ۾ چچ برهمڻ حرفت ڪري سنڌ جي حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ڪيون (ص 62). کانئس پوءِ چچ جو پٽ راجا ڏاهر گادي تي ويٺو. جنهن کان عربن سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي، ۽ عربي ٻوليءَ جو واهپو ٿيو (ص 63).

        ”هون“ لوڪن جي راءِ گهراڻي کان وٺي عرب جي ڪاهه تائين، سنڌي ٻولي پراڪرت کان وڌيڪ ڇو بگڙي ۽ ڇو سنڌيءَ ۾ علم ادب ترقي نه ڪئي، تنهنجو سبب مسٽر بيمس جي حوالي سان آنجهاني ڀيرومل هيءُ ڏنو آهي، ته سنڌ زرعي ملڪ نه هو، تنهنڪري آرين ان کي ڇڏي اهيرن ۽ جتن جي حوالي ڪيو، جي  شوخ طبيعت جا هئا ۽ ملڪ ۾ بدامني ۽ ڦرلٽ پئي رهي (ص 64).

        تعجب فقط هن ڳالهه جو ٿئي ٿو ته ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر ايس.ڪي. چئٽرجي جي ڪتاب ”بينگالي ٻوليءَ جو بنياد ۽ ان جي ارتقا“ (Origin and Development of Bengali Language) پڙهڻ کان پوءِ به ڪيئن هيٺين ڳالهين کي نظرانداز ڪيو، حالانڪ لسانيات جي حلقن ۾ اهو ڪتاب سند (Authority) ڪري مڃيو ويو آهي.

        ڊاڪٽر چئٽرجي هڪ هنڌ لکي ٿو، ته جڏهين آريا هندستان ۾ آيا، تڏهين يقينن سندن ڪا هڪ معياري زبان ڪانه هئي، مگر ڪيتريون ئي ٻوليون (Dialects) هين، جن مان فقط هڪ ويدن واري هئي. ٻيون ٻوليون، جي ويدن جي ٻوليءَ کان گهڻو مختلف نه هيون، لاشڪ بدلجي سدلجي، ڪي نه ڪي انڊو آرين زبانون ٿي پيون آهن (ص 20). رگ ويد جي ٻوليءَ کان سواءِ ٻيون ٻوليون به موجود هيون (ص 36). ويدڪ ٻوليءَ جي ساري تنظيم کي دراوڙين ٻولين جي نموني مطابق، سولو بنائي، موجوده مقامي زبانون ڪيو ويو آهي (ص 38 ۽ 39).

        هندستان ۾ جي آريه آيا، تن سڀني جي ڌرم ويدن وارو نه هو. ڇو ته رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي، ته ويدڪ ڌرم وارا آريه نه صرف اڻ آرين سان وڙهيا، پر ٻين آرين سان به وڙهيا، جي سندن هم خيال نه هئا (ص 40): پر پوءِ مٿن دراوڙي زبان ۽ تهذيب جو سندن زبان ۽ تهذيب تي ايتروجو ته اثر پيو جو ”جُوڻ“ جو عقيدو انهن کان ورتائون، جو رگ ويد ۾ نه آهي، ۽ ڪيترائي دراوڙي آواز ۽ الفاظ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ داخل ڪيائون (ص 42). ٽ، ڊ ۽ ڻ وغيره جا مور ڏني يقينا دراوڙي ٻولين جا آواز آهن ۽ نه آريائي (ص 38).

انهيءَ ڳالهه جي قوي امڪان آهي، ته هندستاني ۽ ايراني زبانن جي وچ ۾ درمياني ٻوليون هيون. پريوڳ ڀاوي (Nenter Construction) ، جو سڀني مغربي زبانن جهڙوڪ سنڌي، لهندا ڪشميري ۽ ڪوهستاني ٻولين جي خصوصيت آهي، سو ساري مشرقي هندستاني زبانن ۾ ناپيد آهي (ص 160). اهي سڀ مغربي زبانون، ڄڻ ته پنهنجو هڪ انفرادي گروهه ٺاهين ٿيون (ص 160). علم بشر جي بناءَ تي، اتر اولهه واريون لهندا ۽ سنڌي زبانون، مشرقي زبانن کان بلڪل مختلف آهن (ص 196). ديسي لفظ، انهن ملڪي ٻولين جا باقيات آهن، جي آرين جي اچڻ کان اڳ هت رائج هيون (ص 192).

        ڊاڪٽر چئٽرجي جي مٿين حوالن مان ثابت ٿو ٿئي، ته ويدن واري آريائي زبان کان سواءِ ٻيون آريائي زبانون به هيون، جن مان ڪي هاڻوڪيون ٻوليون اسان جي ملڪ جون پيدا ٿيون آهن. آريه زبانن تي دراوڙي ٻولين جي آوازن جو اثر موجود آهي، ۽ هندستاني خواه ايراني ٻولين جي وچ ۾ ٻيون ٻوليون هيون، جن کي پنهنجي انفراديت هئي ۽ ويدن واريءَ زبان مان نڪتل نه هيون. ديسي لفظ انهن ٻولين جا باقيات (Relics) آهن. اِهي اُهي نتيجا آهن. جن کي ڪاڪي ڀيرومل بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو.

        ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب جي منڍ ۾ ائين به لکيو آهي، ته جيڪڏهن پڙهندڙن ٻوليءَ جي انهيءَ اڀياس لاءِ ڏيکاريو، ته ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ نالي ڪتاب جلد ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو. افسوس جو اهو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو ۽ الائي ڪيڏانهن ويو.

        1940ع کان وٺي ويندي 1950ع تائين ڪنهن به سنڌي جي اونهي اڀياس تي توجهه ڪونه ڏنو. البت مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو پنهنجي ڊائريڪٽري واري دور ۾ سنڌي صورتخطيءَ کي سڌارڻ تي ڪمرڪشي بيٺو. سندس ڪي ڳالهيون درست هيون، مگر لٿي پٿي، فائدي بدران الٽو نقصان ٿيو. شد ۽ جزم، جا سنڌي صورتخطي  ۾ ڪانه هئي، تن اچي اسان جي هِجي واري جوڙجڪ ۾ مونجهارو پيدا ڪيو، ۽ اهو اڄ تائين قائم آهي. انهيءَ وچ ۾ مسٽر ريجهو مل ايسرداس ٿڌاڻيءَ شاهاڻي لا ڪاليج (ڪراچي) جي مخزن ينگ لابرس (Young Lawyers) سنڌي ٻوليءَ جي بنياد ۽ تاريخ تي انگريزيءَ ۾ مضمون لکيو جنهن ۾ ڄاڻايو اٿس ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڪل (آڪهه) مان آهي ۽ سنه 1000 ڌاري وجود ۾ آئي (ص 23). جنهن پراڪرت مان نڪتي تنهن جو پورو پتو ڪونهي. ان مان وراچد اپڀرنش نڪتي جنهن مان سنڌي ڄائي.

        سال 1950ع ۾ سنڌي زبان بابت هڪ انقلاب پيدا ٿيو. ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس، جا انهيءَ سال آڪٽوبر مهيني ۾ لاڙڪاڻي ۾ سڏائي ويئي هئي، تنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجو مقالو، ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان پڙهيو جو تحفهء لاڙڪاڻه ۾ ڇپيو. سندس مقالي علمي ادبي حلقن ۾ ٿرٿلو مچائي ڏنو. ان وقت هندو ودوان ته هت هڻائي ڪونه، باقي پڙهيل مسلمانن ۾ هئا ٻه گروهه جي اڄ تائين موجود آهن: تن مان هڪ گروهه جي همراهن کي اچي مٺيان ورتو. ويتر جو ڊاڪٽر صاحب جو ساڳيو مقالو، سڌاري ۽ واڌاري سان سماهي مهراڻ جي سال 1959ع واري پهرين جلد ۾ ڇپيو، تنهن ٻئي گروهه جي هڪ شخص مسٽر سراج کي بيچين ڪري وڌو. همراهه سندرو ٻڌي ميدان ۾ نڪري پيو، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي مقالي جي جواب ۾ ”هڪ تنقيدي جائزو“ لکيائين، جو ساڳئي سال جي مهراڻ جي چوٿين جلد ۾ ڇپيو. ان مضمون ۾ مسٽر سراج تحقيق پيش ڪرڻ بدران، علمي تنقيد جا لوڙها لتاڙي پنهنجي نظريي جي تبليغ ڪئي، ۽ ڊاڪٽر صاحب تي اڻ سونهائيندا حملا به ڪيائين. کيس نانڙي به سڏيائين ۽ چهنڊڙي به پائي ورتائين. ساري ملڪ ۾ چو پچو ڦهلجي وئي. ڊاڪٽر صاحب وضاحت طور وري ٻيو مضمون لکيو، جو 1960ع جي مهراڻ ۾ 1-2 جلد ۾ ڇپيو، جو نهايت مدلل هو. حاصل مطلب ته، آخرڪار ڊاڪٽر بلوچ جو سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيقي مواد ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ سمن جي دور تائين 1962ع ۾ ڇپجي پيش ٿيو. جنهن جي جواب ۾ مسٽر سراج پنهنجو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ڇپائي سنه 1964ع ۾ ميدان ۾ آندو. انهن ٻنهي ڪتابن جو جائزو هيٺ ڏجي ٿو.

        ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”آثار قديمه“ مان مليل مواد ۽ معلومات جي بنا تي سنڌ جي قديم ٻوليءَ يا ٻولين کي سامي صفت يعني سامي ٻولين جهڙي زبان قرار ڏئي ٿو، ۽ ”سنڌي ٻولي“ جنهن جي اسان کي علمي ڄاڻ آهي سا اڃا ناپيد هئي (ص 1). ان جي تائيد ۾ جان مارشل جي رپورٽ ۽ اسٽار رچرڊ جي ڪتاب، ”انڊس وئلي پاٽري“ (Indus Valley Pottery) جا حوالا پيش ڪري ٿو (ص 4). پر ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب، سنڌ جي انهيءَ اوائلي زبان جي داردي ٻولين سان نسبت پڻ ڏيکاري ٿو ۽ گريئرسن جي مشهور تحقيق جو حوالو پيش ڪري ٿو (ص 5). سنسڪرت جو جيڪڏهن ڄاتل سنڌيءَ تي اثر پيو ته پالي پراڪرت جي ذريعي (ص 10)، جنهن کان گهڻو اڳ ايراني، يوناني ۽ ترڪي ٻولين جو اثر سياسي غلبن سبب سنڌيءَ تي پيو (ص 12). تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب هندستان جي آڳاٽن نحوين جا حوالا ۽ پشيل جو حوالو ڏئي ڏيکاريو آهي ۽ خود پراڪرتون سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه هيون. پر انهن جو سرچشمو سنسڪرت کان اڳ واريون عوامي زبانون هيون (ص 18). سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي انهن مان هڪ هئي، جنهن مان لهندا، ڪشميري ۽ سنڌي ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن: بود و باش جي لحاظ سان اِهي مڙيو ئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون هند- آريائي“ ٻوليون آهن (ص 18). سنڌ جي آڳاٽي اڻ ڄاتل ٻوليءَ جي ابتدائي سٽا ۾ سمير ۽ بابل جي تمدن وارين ٻولين ۽ سامي صفت زبانن جا اجزا شامل ٿيا (ص 19).

        افسوس آهي ته ڪن شخصن ڊاڪٽر صاحب جي هن نڪتي کي نه سمجهڻ جي بناء تي چيو آهي ته ڊاڪٽر موصوف سنڌي ٻوليءَ کي آريائي ٻولي تسليم نٿو ڪري ۽ اڃا به پنهنجيءَ راءِ کان مطمئن نه آهي (مهراڻ 2-1967 ص 67 ۽ 68) ڊاڪٽر صاحب ڀرپور حوالن ۽ دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته ڪيئن عربن جي اچڻ کان پوءِ سنڌيءَ ڪَر کنيو، ۽ نفسياتي انقلاب سبب هر طرف ايتري ته ترقي ڪيائين جو هوءَ بهترين علم ادب پيدا ڪرڻ لڳي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪن جزوي ڳالهين سان اختلاف ٿي سگهي ٿو مگر جيتريقدر اصل مضمون جو تعلق آهي، اهو پنهنجيءَ جڳهه تي بلڪل صحيح ۽ درست آهي، جيئن اڳتي هلي مسٽر ليلي رُچنداڻيءَ ۽ ٻين جي مقالن مان معلوم ٿيندو.

        ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب جي جواب ۾ مسٽر سراج پنهنجو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ نالي پيش ڪيو، جنهن ۾ هن تحقيق جي بدران پنهنجي مخصوص نظريي جي روشنيءَ ۾ پنهنجا مفروضا پيش ڪيا آهن، جن کي ڪا به تاريخي پٺڀرائي نه آهي ۽ جنهن ۾ اهڙيون ته علمي غلطيون نمايان آهن جن کي ڌيان ۾ رکي ائين چئي سگهجي ٿو، ته اهو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت بلڪل بيڪار آهي، جيئن هيٺين اُپٽار مان ظاهر ٿيندو.


(1) س 1

(1) ص III (2). P 2 Preface.  (3) مهراڻ سماهي 3-4 / 1966ع  ص 104.115

(1) جلد I- حصو II ص 117. (2) جلد 8- حصو 1 ص 23. (3) ص 96 کان 195 تائين .(4) ص 97 کان 209 تائين

(1) جلد I  حصو I -  ص 117 کان 157 تائين. (2) ص 22 (3) سنڌي وياڪرڻ ڀاڱو ٽيون – ص 14-15 (4) سنڌي وياڪرڻ ڀاڱو ٽيون – ص 71-72 (5) ص 10.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com