سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :7

ملڪ الله بخش جي سياسي حيثيت

خواجه عبدالرؤف پنهنجي ”جنگ نامي“ ۾ ملڪ الله بخش افغان جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته هو بختاور خان کي سڃاڻندو هو ۽ ان جي اشاري سان مغل شاهي فوج کيس قتل ڪيو هو. مير ”قانع“ ٺٽويءَ جو قول آهي ته الله بخش، بختاور خان جو ڀاءُ هو. مولانا غلام رسول مهر جو چوڻ آهي ته هي بختاور خان جو ڀائيٽو هو. بهرحال، دنيوي اقتدار حاصل ڪرڻ، وقت جي حاڪم کي خوش ڪرڻ، يا دنيوي هوس کي پوري ڪرڻ لاءِ انسان پنهنجي رت جا رشتا لتاڙي، پنهنجي ويجهي کان ويجهي عزازت کي به نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي. بختاور خان جي قتل کان پوءِ، الله بخش پنهنجي نمڪ حلاليءَ جي انعام حاصل ڪرڻ لاءِ مغل شاهيءَ جي اثر رسوخ وارن ماڻهن جو پاسو ورتو، ليڪن شروع ۾ کيس ڪابه ڪاميابي حاصل نه ٿي. معزالدين، غازي خان کي سبي ۽ ڍاڍر جي حڪومت ڏني، پر هو حڪومت هلائڻ جي اهل نه هو، ان ڪري الله بخش جي ڪيل خدمتن کي نظر ۾ رکي، کيس اتان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اورنگزيب جو سخت حڪم هو ته بختاور خان جي ڪنهن به فرد کي شاهي منصب تي نه رکيو وڃي. خبر ناهي ته شهزادي معزالدين ان شاهي حڪم کي پاسيرو رکي، ڪهڙيءَ سياسي مصلحت تحت الله بخش کي سبي ۽ ڍاڍر جو حاڪم مقرر ڪيو. مولانا غلام رسول مهر جو قول آهي ته الله بخش حڪومت جو انتظام هلائي نه سگهيو ۽ آخر ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي نالي حڪومت جو فرمان جاري ٿيو. (14)

متن جنگ نامه فارسي

در سبب تصنيف اين رساله

مرا شوق بر شعر گفتن نبود

بسي ميل با اين نوشتن نبود

و ليکن بمرز بکهر مفسدي

به بيختند سر ز امر شاهنشاهي

برو لشکڪر شہ ظفر يافتند

سرش را به تير و تبر کافتند

پي سال قتلش رزم داستان

مگر بعد يکچند صاحبدلان

تجسس نمايند زان قصه ناز

بيابند زين نامه نغز ساز

زخواندن مکر يادم ارو کسي

که اين باشد و من نباشيم بسي

چو خواني عبارت چنين خام

همان به که عيبم نگري فرا

ز عبدالرئوف است اين نسخه نو

و ليکن ز خامي تو عيبم مگو

تواني اگر هم صحيحش کني

چنين نامه را باز بغيش کني

مگر خورمي خاطر انرا دهد

بسي لذت، ناظم انرا دهد

چو خواند کش مرد نيکو سِير

بياد آورد نام من کس مگر

ز گفتار خام و ز اشعار چند

ايا مرد دانائي بر من مَ خند

صحيحش ز لطف و کرم باز

اگر بر خطا رفته باشد سخن

زخامي سخن عيب برمن بکير

که نادان منم هيچ خوانده حقير

پُر است از خطا نامه ام بسر

منم هيچ دان از خطايم گذر

همان به که خود از خودي بگذرم

قلم را بعرصه عبارت برم

ز سر قصه هيجانمايم بيان

ز فيروزي شاه سازم نشان.

در آغاز جنگ نامه

به ملک بکهر مفسدي سخت بود

که بہ خواه بدکيش بدبخت بود

ورا بختاور بخواندند نام

ولي بخت خود چون نبودش بکام

رسانده به هر کہ و مہ گزند

علم ظلم را کشيده بلند

ز دزدي جهانرا پر آواز کرد

در ظلم بر عاميان باز کرد

مجوز بتاراج هر شهر شد

ندا ظلم او در همه دهر شد

نوشتند حڪام ز.... نهان

ز ظلمش سويي شاه گيتي ستان

که ملک بکهر شد ز مفسد تباه

بدزدي شده ..... ..... .....

چو کردار کز مفسد آمد پديد

بسمع شه هفت کشور رسيد

در مدح شاهنشاهه اورنگزيب بادشاهه

شهي افضل العصر جمشيد جاه

زهر عادل خسرو دين پناه

سکندر شهامت سليمان شکوه

چو مرات نگينش تجلي پزوه

سر شهرياران اورنگزيب

جهان يافت از عدل اورنگزيب

زهي خسرو کرد نان کود کن

زهي پهلوان دهر رستم فگن

زهي مطلع شعشه سروري

زهي کان فضل و جهان بروري

زهي رستم هفت اقليم کير

بنا خچ نمانيده اعدا اسير

بشهزاده فرمود فرمان چنان

که بالشکر و خيل کردن کشان

ز ملتان روان سوئي بکهر شود

بسر جنگ آن مفسدي بد رود

بسرعت زباغي بر ارد دمار

بغارت بر درخت آن نابکار

چو اين حکم والا بشاه رسيد

ز ملتان به بکهر علم بر کشيد

در مدح شاهزاده والا گهر محمد معزالدين

شهي کو سزارار باشد ثنائي

جوانمرد شيرافگن و نيک رائي

دلير زمان رستم روزگار

معلي جناب و بلند اقتدار

معزالدين بهادر خردمند شاه

که در ملک او ظلم را نيست راه

زهي اختر برج شاهنشاهي

زهي گوهر درج کار آگهي

شجاع شجاعان شيران فگن

نه شيران که شاه دليران فگن

در آغاز جنگ

براست لشکر بپر خاش چست

روان کرد مرکب بران لوم ست

ز ايراد عسگر چو عاص شُنيد

چو مرجل ..... ..... .....

بدل بست سودا جان خام را

که سازد زموئي يکي دام را

درآن دام سلان مست افگند

به عنقا چنين شير دست افگند

بتار عنکبوتي چنين بي بقا

کند بند سکان افلاک را

ولي غافل ازانکه خود رود کار

ز ظالم بسرعت بر ارد دمار

چو موران مردم بهم موج موج

بحرب سليمان براء است فوج

زنعم شهنشهه فراموش کرد

زجام جفا جرعه نوش کرد

بباغي گري مفسدي پي فشرد

که تا از هزان کند دست برد

برار است لشکر به بيهوده کي

کمربست برباد پيموده کي

چو ايام مرکش بقربت رسد

بحرب هڙان لشکر کشيد

چه يارا بود زره مي نور را

که باطللعت خورشود همنما

رسيده چو اخبار عسکر بشاه

که برجنگ مفسد درآمد ز راه

طلب کرد افواج آراسته

بهنگام هيجائي پيراسته

بفرمود فرمان که در روزگار

بر آرند زان مرد عاصي دمار

بگردن اسيرو نموذن تناه

روان گشت لشکر بفرمان شاه

دويده سپه همچو غرنده شير

همه تاخته سوئي دشمن دلير

چو خلف شد لشکر بلشکر بهم

برون کرد هريک حسام علم

بپاشد ز لمعات صارم عبار

ز قوس فلڪ ابرشد تير بار

زسم سمندان جولان رکاب

ز لرزش زميني براورد آب

تو کوئي زکثرت سير ابر بود

که چون برق زوتيغاو مينمود

نه آواز بندوق بود اندر آن

ندا رعد بس مينموند اندر آن

دران رزم گه مفسدي و از بخت

سوئي لشڪر شه فرس راند سخت

به بين پشه بر جنگ پيلان بريد

سيه گوش بر شور شيران دويد

نبوده ز لشکر کسي واقفش

که در فوج چندين شناسد رخش

در مدح الله بخش افغان

و ليکن جواني نبرد آزمائي

قوي هيکل و مرد ديو لاديائي

الله بخش افغان او نام داشت

و ليکن تخلص ملک عام داشت

بسرعت بميدان مفسد شناخت

بلشکر شهنشاه مشهور ساخت

که اين است سر حلقه مفسدان

همين باغي سرور رهزنان

چو لشکر سخن اين مفسد از ملک

بيورش درآمد سپه يکيک

سوئي بختاور همه تاختند

به پرخاش او دست افرختند

جواني ازين فوج جنگ آوري

شجاعان بشمشير تنگ آوري

نرفت آن تهمتن کهچي در نبود

که يک لشکري خصم برهم نکرد

محمد امين بود نامش زبيش

بيگي تخلص ولي داش پيش

بسوئي عدو رفت آراسته

بحقش چو ايزد چنين خواسته

سواري ازآن مفسدان تاخته

بر نيزه تنش را بر انداخته

به تيغ قضا ايزد و لايموت

که بر جمله جاريست هنگام فوت

رحلتي بر افتاد بر سر زمين

چو شيري که از زخم ماند حزين

ز شربت شهادت همان شير مرد

ز ساقي اجل ساغري نوش کرد

روان جست روش ز قالب برون

بغلطيد چون لاله در خاک خون

ملک چون ز بيگي خبردار گشت

ببر خاش باغي رهوار گشت

بمفسد پيوست در کارزار

ز باغي بر آورد حالي دمار

بيک ضرب تيغش زمين برساخت

چو شيران سرش را بجمله بداخت

پس آنکه سپه تاخت يکباره کي

بميدان دوانيد هر باره کي

دليران رستم دلان بيدريغ

بپر خاش هريک علم کرد تيغ

سوئي دشمنان بار کي تاختند

بسي کس ازآن فوج انداختند

فراري شده لشکر آن بد سير

ز مفسد بميدان نمانده اثر

ظفر شد قرين لشکر شاه را

بخاک اندر آورد بدخواه را

سرش از جسمش جدا ساختند

گرفته سوئي شاهزاده شدند

بنظر معلي گيتي پناه

فگندند سر بر خاک راه

بفرمود فرمان فرمان دهي

که عام است عدلش بهرکه ومهي

که از حربگه جسم او آورند

کشيده ورا سوئي بکهر برند

بسازند آنجا تنش لخت لخت

معلق نمايند هر هر درخت

که تابعد زين کس بمثلش مدام

نسازد دهر ره نمک را حرام

نمودند آن حسب فرمان شاه

در آندم بکردند جسمش تباه

بس ازوي خلف چند وامانده بود

باوطان خود مسکنت مينمود

جورامات اقبال شاه جهان

بس آنکه سوئي خانپور شد دوان

بفرمود که اين رخت آن و از بخت

پسر دختر و زيور وزا درخت

عمه را از آنجا بدست آورند

بنائي بدش را شکست آورند

بر اعداي شد شاه فيروزه مند

علم عدل شد درجهان سربلند

ندائي امان در انام اوفتاد

هميشه حين شاه فيروزه باد

اثر چون به عالم ز مفيسد نديد

به يکچند در ملک بکهر رسيد

همان به که اين قصه ماضي کنم

پي سال تاريخ سازي کنم

که کز سال اقتال باغي زمان

شود کسپس از عهد پرشس کنان

بيابد ازي نسخه دلنواز

بياد آورد کس ازين بنده باز

شنو اي برادر نصيحت نيوش

که چون سال قتلش بجستم زهوش

خرد متفق شد برين مقصدي

که مقهور دارين شد مفسدي.

1114هه

مصنف و کاتب اين رساله احقر عبدالرئوف ولد

خواجه فتح عيل بجهت … … … مگر کس از …

ديده در هق اين بنده دعائي خير کند اميد

در عيبش نکو … و بذيل الطاف بپوشند.

بتاريخ ششم محرم الحرام سن 1116هه تحرير

يافت روز شنبه بوقت عصر انجام يافت.

نوشته بماند سيه بر سفيد

نويسنده را نيست فردا اميد.

والسلام.

حوالا

(1) سيد حسام الدين راشدي: ”تذڪره امير خاني“ ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1961ع، ص 359.

(2) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفة الڪرام“ ، مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1957ع، ص 262.

(3) ايضاً، ص 263.

(4) ايضاً.

(5) غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور“ جلد پهريون، مترجم يار محمد ابن حيات پنهور ۽ شمشيرالحيدري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1963ع، ص 176.

(6) ايضاً، ص 78-176

(7) ايضاً، ص 81-178

(8) ايضاً، ص 83-181

(9) ايضاً، ص 84-183

(10) ايضاً، ص 195ع.

(11) سيد حسام الدين راشدي: ”تذڪره امير خاني“ ،

(12) غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور“ ، ص 184 ۽ 185 ، بحوالا راءِ بهادر هتورام: ”تاريخ بلوچستان“ ، ص 81- 18.

(13) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفة الڪرام“ (فارسي)، تصحيح و تحشيہ سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1971ع، ص 38-437.

(14) غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ-ڪلهوڙا دور“ ، ص 192.

 


 

 

 

 

غلام محمد لاکو

فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما

 

سال 1986ع ۾ اسلام آباد مان ”مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان“ نالي اداري ”ترجمه هاي متون فارسي بہ زبانهاي پاڪستاني“ عنوان سان هڪ ڪتاب ڇپيو آهي. هي ڪتاب جناب اختر راهيءَ جو تيار ڪيل آهي، جنهن ۾ انهن فارسي ڪتابن جو ذڪر ملي ٿو، جي پاڪستاني ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن. هن مطالعي جو پهريون ۽ وڏو حصو اردو زبان لاءِ وقف آهي، جڏهن ته ٻئي مختصر حصي ۾ پنجابي، پشتو، سنڌي ۽ براهوي ڪتابن جو اندراج ٿيو آهي. هن اڀياس ۾ صرف ڇٽيهه سنڌي ڪتابن (ترجمن) جو ذڪر ٿي سگهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ايراني سفارتخاني جي ثقافتي مرڪز پاران سہ ماهي ”دانش“ نالي هڪ علمي ۽ تحقيقي جرنل شايع ٿئي ٿو. هن جرنل جي چوڏهين شماري ۾ جناب عارف نوشاهيءَ اهڙن ڪتابن جي نشاندهي ڪئي آهي جي راهي صاحب جي مطالعي ۾ شامل نه ٿي سگهيا آهن. نوشاهي صاحب وڌيڪ ٽن سنڌي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جي پڻ مذڪوره ڪتاب ۾ اچڻ کپن ها. هن کان پوءِ مختلف اديبن هن ڏس ۾ قلم کنيو ۽ ”دانش“ جي پرچي نمبر: 19، 20، 22 ۽ 24-25 ۾ پنهنجا مطالعا پيش ڪيا. ليڪن اهڙن کوجنائن ۽ تنقيدن جو سڄو محور اردو ٻولي رهيو.

منهنجو تعلق جيئن ته سنڌي زبان سان آهي، ان ڪري مون کي راهي صاحب جو پنهنجي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيل مطالعو گهڻو گهٽ نظر آيو. مون تڙ تڪڙ ۾ هٿ پير هنيو ۽ ستر کن وڌيڪ ڪتابن جو اڀياس پيش ڪري، جولاءِ 1991ع ۾ ”ايڊيٽر“ ڏي موڪلي ڏنو. ليڪن منهنجو اهو مطالعو ڇپجي نه سگهيو، ڇو ته ان صورت ۾ شايد سنڌي زبان جي اهميت وڌيڪ اجاگر ٿئي ها. ان مطالعي کي به اڄ ڀريا چار سال گذري ويا آهن. زنده ٻولين ۾ علمي مطالعا، ادبي کوجنائون ۽ ٻين ٻولين مان ترجمن جو سلسلو جاري رهندو ايندو آهي. هنن چئن سالن ۾ فارسيءَ مان سنڌي ترجمن جو عمل هلندو رهيو آهي. ان صورت ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪتاب ترجمو ٿيا آهن، يا وري ڇپجي منظر تي آيا آهن. جناب عارف نوشاهيءَ پاران (دانش:14) ذڪر ڪيل ٽن سنڌي ترجمي کي ملائي، هتي وڌيڪ ٻياسي ڪتابن جو ذڪر ٿي رهيو آهي. ان ريت فارسيءَ مان سنڌي ترجمن جو هڪ وڏو انگ سامهون اچي ٿو.

هن مطالعي پيش ڪندي طريقهء ڪار ساڳيو اختر راهي صاحب وارو اختيار ڪيو ويو آهي. هر ڪتاب جي مصنف جي نالي اڳيان ڏنگين ۾ وفات جو سن ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ ”م“ جو اکر ڪتب آندو ويو آهي. تاري جو نشان اصل فارسي ڪتاب لاءِ آهي ۽ سيريل نمبر ترجمن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. هن اڀياس لاءِ ڪجهه ڪتاب منهنجي دانشمند دوست محترم عبدالرسول قادري صاحب مهيا ڪيا ۽ پير صاحب پاڳارن جي سلسلي جا ڪتاب امام راشدي صاحب موڪلي ڏنا. خاطري آهي ته اڃا گهڻو مواد هن مطالعي ۾ نه اچي سگهيو هوندو. اميد ته ڪو جاکوڙي جوان، هن عنوان تي قلم کڻي وڌيڪ ڪتابن جو اڀياس پيش ڪندو. هيٺ ذڪر ٿيندڙ اڪثر ڪتاب مون پاڻ ڏٺا آهن. ڪي ذاتي ڪتبخاني ۾ اٿم، ته ڪي مختلف لئبررين ۾ نظر مان گذريا. ان هوندي به مددي ڪتابن جي ببليوگرافي آخر ۾ ڏني وئي آهي.

* الطاف القدس

هي ڪتاب شاهه ولي الله دهليءَ (م. 1176هه) تصوف جي علمي تاريخ بابت لکيو آهي.

(1) ترجمو

از غلام حسين جلباڻي، هي سنڌي ترجمو شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد پاران سال 1976ع ۾ ڇپيو آهي.

* انوار سهيلي

هي ڪتاب ملا ڪمال الدين حسين واعظ ڪاشفيءَ (م 910هه) لکيو، جو اصل م هڪ قديم تصنيف“ ڪليلہ ودمنہ“ تان ورتل آهي. اصل ڪتاب متعدد ڀيرا ڇپيو آهي.

(2) گلزار چنبيلي

هن نالي سان مذڪوره ڪتاب جو ترجمو محمد بخش واصف ڪيو. چوٿون ڇاپو 1965ع ۾ محمد يوسف اينڊ برادرس حيدرآباد پڌرو ڪيو. واصف جو هي ترجمو ”انوار سهيليءَ“ جي پهرئين حصي طور ڇپيو هو.

(3) گلزار چنبيلي

ڪتاب جو ٻيو حصو احمد خان آصف مصراڻي ۽ محمد خان ٻٻر ترجمو ڪيو؛ جو آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس حيدرآباد طرفان 1956ع ۾ نروار ٿيو.

* انيس المريدين

خواجه حافظ محمد حسن جان سرهندي پنهنجي والد خواجه عبدالرحمان جي سوانح ۽ نقشبندي سلسلي جي وضاحت ۾ لکيو آهي. شروع ۾ مقدمو، بعد ۾ چار فصل آخر ۾ خاتمو ڏنو ويو آهي. اصل فارسي ڪتاب 1228هه/1910ع ۾ امرتسر مان ڇپيو هو.

(4) ترجمو

مترجم مولانا محمد اسحاق محمد صالح انصاري. هي ترجمو خواجه محمد حسن جان اڪيڊمي ٽنڊو سائينداد طرفان ڇپيو آهي. سال ڄاڻايل ڪونهي.

* بابر نامہ

ليکڪ ظهيرالدين محمد بابر (م. 937هه). ڪتاب توزڪ بابريءَ جي نالي سان به مشهور آهي. هي اصل ۾ بابر بادشاهه جي خودنوشتہ سوانح عمري آهي، ليڪن تاريخي طور تي ڪتاب جي وڏي اهميت آهي. اصل ڪتاب ترڪي زبان ۾ لکيو ويو. بعد ۾ اڪبر اعظم جي حڪم تي، عبدالرحيم خانخانان (م. 1036هه)، اهو فارسيءَ ۾ منتقل ڪيو. ننڍي کنڊ ۾ خانخان جو ترجمو استعمال ۾ رهندو اچي ٿو.

(5) فتوحات بابر

عبدالقيوم صائب جو هي ترجمو ۽ انتخاب، سال 1961ع ۾ ادارهء آواز ادب حيدرآباد طرفان پڌرو ٿيو. بعد ۾ به هي ترجمو ڇپبو رهيو آهي.

(6) بابر نامو

هي ٻيو ترجمو ۽ اختصار آهي. هي الٿو ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ ڪيو ۽ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ سال 1964ع ۾ شايع ڪيو. ان جو ٻيو ڇاپو نڪتو آهي. ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ جو تعلق سنڌ سان هو. ورهاڱي کان پوءِ دهلي ويو. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين، جو سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.

* بوستان

از شيخ سعدي عليہ رحمة (م. 691هه). هي ڪتاب اخلاقيات تي آهي ۽ نظم ۾ آهي. سن 655 ۾ مڪمل ٿيو. هي مشهور ڪتاب هندوستان وانگر سنڌ جي نصاب ۾ پڻ صدين تائين شامل رهيو.

(7) علمي خزانو

غلام محمد شهواڻيءَ (م. 1950ع)، هي ترجمو ڪيو. هي هڪ انتخاب آهي. پهريون ڇاپو 1944ع ۾ نڪتو هو.

* بيان العارفين

از محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي. هي ڪتاب سن 1038هه ۾ تيار ٿيو. هن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري (م. 1032هه) جا ملفوظات آهن، جي سندس مريد محمد رضا مرتب ڪيا ۽ ان ۾ شاهه ڪريم جو سنڌي ڪلام به درج ڪيائين. فارسي ڪتاب ستن بابن ۾ هڪ خاتمي تي مشتمل آهي.

(8) شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم (م. 1958ع)، ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، مقدمو لکيو ۽ سنڌي شعر کي نروار ڪيو. هي ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ جي مالي مدد سان سال 1937ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڇاپو 1977ع ۾ نڪتو.

(9) ڪريم جو ڪلام

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، ان کي نئين انداز سان سال 1963ع ۾ نروار ڪيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1976ع ۾ منظر تي آيو. تازو ان جو ٽيون ايڊيشن به آيو آهي.

* بيسر نامہ

از فريدالدين عطار نيشاپوري (م. 627هه). هي مثنوي سلوڪ ۽ عرفان تي آهي. اڪثر ڀيرا ڇپي آهي.

(10) راز اظهار

هي منظوم ترجمو هدايت علي نجفي تارڪ (م. 1939ع) ڪيو. تارڪ مرحوم چاليهن کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. هو هڪ سٺو شاعر به ٿي گذريو آهي. سندس ڪجهه وڌيڪ ترجمن جو ذڪر هيٺ ٿيندو.

* بيگلار نامہ

از ادراڪي بيگلاري. ليکڪ جا حالات معلوم ڪونهن. پاڻ ارغون-ترخان دور ۾، سنڌ جي طاقتور ”بيگلار“ خاندان سان لاڳاپيل هو، جن کي نصرپور سرڪار ۾ جاگيرون ۽ اقتدار حاصل هو. بيگلارن جو قبرستان اڄ به ٽنڊي آدم- ٽنڊي الهيار روڊ سان موجود آهي. ادراڪيءَ هي ڪتاب بيگلارن جي باري ۾ لکي، سنڌ جي تاريخ جي هڪ مکيه باب کي محفوظ ڪيو آهي. هي ڪتاب سن 1017هه ۾ لکيو ويو. اصل فارسي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1980ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. مصنف هڪ تاريخي مثنوي ”چنيسر نامہ“ به لکي، جنهن کي سيد حسام الدين راشدي مرحوم مرتب ڪري، تفصيلي مقدمي سان سال 1956ع ۾ ادبي بورڊ ذريعي ڇپرايو هو.

(11) ترجمو

محمد صديق ميمڻ (م. 1958ع) جو اختصاري ترجمو، سال 1947ع ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد شايع ڪيو. هي ترجمو ٻيو ڀيرو سال 1983ع ۾ سنڌالاجيءَ ڇپرايو آهي.

* پنج گنج

ليکڪ فقير قادر بخش بيدل (م. 1289هه). بيدل سنڌيءَ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. کيس اردو، سنڌي ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. چاليهن کان مٿي ڪتاب لکيا اٿس. هي ڪتاب تصوف ۽ اخلاقيات تي آهي. ان ۾ قرآن مجيد، حديث، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڀٽائي جي بيتن مان انتخاب ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪيو اٿس. بيدل فقير ”پنج گنج“ سن 1264هه ۾ تيار ڪيو.

(12) ترجمو

فقير صوفي سبحان بخش سجاده نشين درگاهه بيدل فقير روهڙي. ابتدا ۾ مفصل مقدمو آهي، جنهن ۾ بيدل بابت لکيو ويو آهي. هي ترجمو شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران سال 1977ع (1396هه) ۾ ڇپيو آهي.

* بابر تاريخ بلده تهتہ المعروف بہ تاريخ طاهري

مصنف سيد طاهر محمد نسياني (م. 1051هه). هن جو تعلق ٺٽي جي باغائي ساداتن مان هو. هي ڪتاب سن 1030هه ۾ تيار ٿيو ۽ سنڌ جي ارغون، ترخان ۽ مغل دور جي حوالي سان ان جي وڏي اهميت آهي. طاهر محمد جي مزار مڪليءَ تي، درگاهه عبدالله شاهه جي پٺيان موجود آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سعيي سان، اصل فارسي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1384هه/1964ع ۾ پڌرو ڪيو. مصنف سنڌ جي عشقيه داستان ”عمر ماروي“ کي پڻ ”ناز و نياز“ جي نالي سان فارسيءَ ۾ تيار ڪيو هو.

(13) انتخاب تاريخ طاهري

هن ڪتاب جو هي پهريون اختصار ۽ ترجمو محمد صديق ميمڻ ڪيو. ميمڻ صاحب هي ڪم ”سنڌ جي قديم تاريخي دستاويزن جي جلد اول“ طور ڪيو. هي ايڊيشن شڪارپور جي پوڪرداس ٿانورداس، سنڌ پرنٽنگ پريس نوشهري گيٽ مان ڇپرائي 1347هه/1928ع ۾ پڌرو ڪيو. ميمڻ صاحب ليکڪ جي هڪ ٻئي ڪتاب بابت هن ريت لکي ٿو: طاهر محمد تاريخ سنڌ کان سواءِ هڪ ڪتاب نظم ۾ ”نسياني“ جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ سنڌ جا قديم قصا ۽ ڪهاڻيون درج آهن. هي ڪتاب لنڊن جي ڪتبخانن ۾ به ڪونهي. البته ٺٽي ۽ رياست خيرپور جي شاهي لئبرريءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ڪل 254 صفحا آهن.

(14) ترجمو

از نياز همايوني. هي مڪمل ترجمو ڊاڪٽر بلوچ جي ايڊيشن تي مبني آهي. مترجم پنهنجي طرفان آخر ۾ ڪي واڌارا به ڪيا آهن. ليڪن ڪٿي اصل متن سان به هٿچراند ڪئي آهي، جيڪا ترجمي جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 1408هه/1988ع ۾ ڇپيو آهي.

* تاريخ گنجينہ جهان نما

مصنف مخدوم محمد عاقل کهڙوي (م. 1337هه). هي ڪتاب ٽن جلدن تي آهي. آخري حصو سنڌ جي تاريخ بابت ڏسجي ٿو. ليکڪ جو تعلق کهڙن جي مخدومن مان هو ۽ وڏو عالم دين هو. هن خاندان کي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ وڏي اهميت حاصل رهي.

(15) قصص الاولياء سنڌ

اختصار ۽ ترجمو مخدوم شفيع محمد. مترجم جو واسطو پڻ هن خاندان سان هو. اصل ڪتاب توڙي ترجمو اڃا تائين اڻ ڇپيل حالت ۾ آهي.

* تاريخ مظهر شاهجهاني

از يوسف ميرڪ بن ابوالقاسم نمڪين. مصنف جو والد ۽ ڀاءُ مغل دور ۾ نهايت اثر وارا امير ٿي گذريا آهن. هن خاندان جي علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن بابت سيد حسام الدين راشدي مرحوم ”تذڪره اميرخاني“ نالي ڪتاب لکيو، جو سنڌي ادبي بورڊ 1961ع ۾ ڇاپيو آهي. سنڌ جي تاريخ بابت ”مظهر شاهجهاني“ مان وڏي ڄاڻ ملي ٿي. خاص ڪري شاهجهان جي دور ۾ سنڌ جي بگڙيل حالتن تي ڀرپور روشني وڌل آهي. مؤرخن هن ڪتاب کي سنڌ جي سترهين صديءَ جو گزيٽيئر به سڏيو آهي. ڪتاب 1044هه ۾ تيار ٿيو. ان جا ٻه حصا آهن. پهرئين حصي ۾ نظام الملڪ طوسيءَ جي ”سياست نامہ“ جي طرز تي مواد آهي. ٻيو حصو سنڌ بابت آهي. هي ڪتاب لکجڻ کان پوءِ صدين تائين گم رهيو. راشدي صاحب کي ان جو نسخو ڊاڪٽر محمد ناظم وٽان دستياب ٿيو هو. پاڻ هي ناياب ڪتاب ايڊٽ ڪري، هڪ مفصل مقدمي سان، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي سال 1962ع ۾ پڌرو ڪيائون.

(16) ترجمو

از نياز همايوني. پيش لفظ ۽ فرهنگ ايم. ايڇ. پنهور جو لکيل آهي، جو سنڌي ترجمي جي مهڙ ۾ ڏنل آهي. هي ايڊيشن جزوي طرح سان ناقص آهي. سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ هي ڇاپو نروار ڪيو. تازو ان جو ٻيو ايڊيشن به نڪتو آهي. هن تاريخي ڪتاب جوانگريزي ترجمو ڊاڪٽر سليم اختر صاحب سال 1990ع ۾ اسلام آباد مان پڌرو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com