سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :1

مهراڻ 3- 1995ع

نفيس احمد شيخ

گذارش

سنڌ جا قديم آثار ۽ انهن جي سنڀال

” آءٌ سنڌ جي سرڪار کي، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي تهذيب جو واسطو وجهي عرض ڪندس ته محڪمهء آثار قديمه ۽ محڪمهء اوقاف جي گڏيل وسيلي سان، ٺٽي شهر ۽ مڪليءَ جي آثارن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي ... اهو وقت جو آواز آهي ۽ اها تاريخ جي صدا آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. موجوده حڪومت، انهيءَ عمل ڪري، دائمي طرح سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ثبت ڪري ويندي....“

مٿينءَ جيءُ جنجهوڙيندڙ اپيل، سنڌ جي تاريخ جي عظيم ڄاڻو ۽ نامياري دانشور، مرحوم پير حسام الدين راشدي جي آهي، جا سندس مشهور تحقيقي مقالي – ”ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي“ – جي پُڄاڻيءَ ۾ ڪيل آهي.

1972ع ۾ پير صاحب جي ڪيل ان اپيل جي افاديت اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهي، بلڪ ايترن سالن گذري وڃڻ جي ڪري ان جي اهميت ۾ واڌارو اچي ويل آهي. پير صاحب جي ان اپيل جو واسطو فقط ٺٽي ۽ مڪليءَ جي آثارن تائين محدود نه سمجهڻ کپي، پر سنڌ جي سمورن قديم آثارن، تهذيبي ماڳن ۽ ثقافتي مرڪزن سان لاڳو سمجهڻ کپي، جي واسطيدار کاتن جي بي ڌياني، سرڪاري حلقن جي بي توجهي ۽ خود اسان جي عام ماڻهن طرفان ڄاڻي ٻُجهي نقصان پهچائڻ وارين ڪوششن جي ڪري ڏينهون ڏينهن برباد ٿي رهيا آهن.

تهذيب يافته مُلڪن ۽ قومن پنهنجن تاريخي آثارن ۽ ثقافتي ماڳن جي سار سنڀال لاءِ جيڪي اپاءُ ورتا آهن، تن کان علمي حلقا چڱيءَ طرح واقف آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي سنڌ جي قديم آثارن سان جيڪو سلوڪ شروع کان وٺي روا رکيو ويو آهي، اهو بيحد ڏکوئيندڙ آهي. هن وقت سنڌ جا آثار تباهيءَ جي سنجيده مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به کاتي يا اٿارٽي، سرڪار يا ڪنهن اداري طرفان جوڳا اپاءُ ڪونه ٿا ورتا وڃن.

حالت اها آهي جو دنيا جي عظيم ترين تهذيبي مرڪز ”موهن جي دڙي“ جي تحفظ لاءِ هڪ اٿارٽي هڪ وڏي زماني کان وٺي قائم آهي، پر اڄ تائين ان جي ڪارڪردگي ڇا رهي آهي، ان کان عام ماڻهو ته ڇڏيو، پر سنڌ جا علمي حلقا به اڻواقف آهن ته اٿارٽي دڙي کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن ۽ انهن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويئي آهي. ٻئي طرف دڙي لاءِ اهي خبرون اينديون ٿيون رهن ته باقي هيترن سالن جو مهمان اَٿو!

سنڌ جي ٻئي وڏي تهذيبي مرڪز مڪليءَ جي حالت هاڻي اها وڃي بيٺي آهي، جو سنڌ جي سپوت ڄام نظام الدين سمي جو آخري آرام گاهه—جيڪو مڪليءَ جي سموري تعميرات جو نڪُ آهي—مرامت کان بيڌيانيءَ ڪري لاوارثي جي حالت ۾ زبون ٿي رهيو آهي. سنڌ جي سدا حيات هيرو دولهه دريا خان جي مزار جي مرامت نه ٿي ته اکڙجندڙ پٿرن کي تڳائڻ کان ڪوبه بچائي نه سگهندو، جيئن مڪليءَ جا چٽسالي وارا سوين پٿر، ڪراچيءَ ۾ بنگلن جي زينت بنيل آهن. يونيسڪو طرفان قرار ڏنل عظيم تاريخي مرڪز ”مڪلي“ ڏينهون ڏينهن برباد ٿي رهيو  آهي ۽ هاڻي ته حالت هيءَ به آهي جو ڪن بااثر ماڻهن پنهنجي ذاتي سهوليت لاءِ مقرره ثقافتي حدن اندر بلڊوزر گهمائي، قبرن کي مسمار ڪري، رستا به ڪڍي ورتا آهن!

اسان کي قديم آثارن وارو کاتو ٻڌائي سگهندو ته خداآباد ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي تاريخي مسجد جي تازه برباديءَ تي انهن ڪهڙو تحرڪ ورتو آهي، جو ان جو هڪ حصو اچانڪ ڊهي پٽ ٿي پيو آهي.

ان طرح ننگرپارڪر پاسي، آڳاٽي زماني جي قديم آثارن جي برباديءَ جو ڪڏهن ڪنهن اهلڪار معائنو به ڪيو آهي؟ ساڳيءَ ريت ٺُل مير رُڪڻ ۽ چٽوڙيءَ جو قبرستان به محڪمي جي بيڌيانيءَ ڪري زبون ٿي رهيا آهن. حيدرآباد ۾ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي مقبري واري چوديواريءَ اندر خانگي قبرستان ٺهڻ شروع ٿي ويو آهي.

وري به آفرين آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه کي، جنهن عمرڪوٽ جي قلعي جي نگهداشت لاءِ چوڌاري ناجائز قبضن ۽ تازه تعميرات کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيئن ائنٽيڪئيٽيز ائڪٽ جي حوالي سان قومي ثقافتي ماڳ کي بچائي سگهجي. واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ ۾ عمرڪوٽ جي قلعي جي ديوار جي ڀرسان شاپنگ سينٽر جي اڏاوت جي حوالي سان سنڌ جي علمي ۽ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي حلقن ۾ بي چينيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي هئي ۽ سنڌ جي باشعور حلقن گهُر ڪئي هئي ته ان قسم جي اڏاوت کي روڪي، قلعي کي برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي. اهڙي وقتائتي احتجاج جي حوالي سان، اسان سنڌ جي سجاڳ علمي حلقن جي ڪوششن کي به قدر جي نظر سان ڏسون ٿا.

سنڌ جي قديم آثارن جي سنڀال کي اسان اڄ ان ڪري به موضوع بنايو آهي، جو مرڪزي حڪومت پاڪستان جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جو هاڻوڪو ڊئريڪٽر جنرل ۽ اسان جو عزيز دوست ڊاڪٽر محمد رفيق مُغل، نه فقط عالمي طور تي مڃيل عالم، محقق ۽ قديم آثارن جو ماهر آهي، پر ان سان گڏ سنڌ جي قديم ماڳن جي کوٽاين ۽ انهن تي تحقيق ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ سندس پراڻو ۽ گهرو واسطو به رهيو آهي. ديبل ۽ منصوره سان گڏ بَهم جي ڀڙي ۽ ٻين آثارن جي کوٽاين ۾ ڊاڪٽر صاحب ماضيءَ ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي سندس تحقيقي مقالن کي علمي دنيا ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. اهڙي فاضل شخص جي ايامڪاريءَ ۽ سندس نگرانيءَ ۾ سنڌ جي قديم آثارن سان بيڌيانيءَ وارو سلوڪ نه ٿيڻ کپي.

ٻئي طرف، اسان سنڌ جي سپوت سائين حسام الدين راشديءَ جي تاثرات جي روشنيءَ ۾ سنڌ سرڪار، خاص ڪري سائين عبدالله شاهه کي عرض ڪنداسين ته ”تاريخ جي صدا“ تي ڌيان ڌريندي، برباديءَ ڏانهن وڌندڙ سنڌ جي قديم آثارن جي سار سنڀال لاءِ نه صرف پنهنجي طرفان اپاءُ ورتا وڃن، پر ان سان گڏ ذاتي دلچسپيءَ سان مرڪزي حڪومت کي به آماده ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي ادبي ۽ علمي، ثقافتي ۽ سماجي حلقن جي ان شڪايت جو خاتمو ٿئي ته محڪمي جي غفلت ڪري، سنڌ جا ثقافتي آثار برباد ٿي رهيا آهن.

ڪجهه ”مهراڻ“ بابت

مهراڻ جو هيءُ ٽيون پرچو آهي، جو هن سال، پوري وقت تي پڌرو ٿي رهيو آهي. چوٿون پرچو به وقت کان اڳ شايع ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن. مهراڻ جي ديرمدار جي خاتمي جو سڄو اهتمام ۽ ڪريڊٽ، بورڊ جي فاضل چيئرمن، سينيٽر حسين شاهه راشديءَ جي تحرڪ ۽ ڪوششن سان وابسته آهن ته ٻئي طرف پنهنجي شفقت ۽ محبت سان مڪمل ساٿ سهڪار سان نوازيو آهي، جيڪا هن اداري ۾ ماضيءَ جي هڪ بنيادي ۽ اهم روايت پئي رهي آهي.

ان طرح سنڌ جي انتهائي ٻاجهارن ليکڪن، اديبن، شاعرن، محققن ۽ علمي حلقن جي ادبي سهڪار کي به وساري نٿو سگهجي، جي پنهنجا دستوري ڀال ڀلائي، مهراڻ کي قلمي سهڪار سان نوازيندا رهن ٿا. ان ڏس ۾ اسان جي نئين ٽهيءَ جي مهربان ليکڪن جي تعاون لاءِ خاص طرح سان سندس لک لائق ۽ احسان. – ن.ا.ش.

سٽاءُ

* شاعري

 

سچل سرمست (ترجمو: امير علي چانڊيو)

 

شيخ اياز

 

تنوير عباسي/ شمشيرالحيدري

 

تاجل بيوس

 

عنايت بلوچ/نور الهديٰ شاهه/ نصير مرزا

 

انيس انصاري/ ادل سومرو

 

عبدالقيوم صائب/ غلام حسين رنگريز/ آثم ناٿن شاهي / منير سولنگي

 

اياز گل/ بخشڻ مهراڻوي/ سوز هالائي/ احمد ٽالپر/ مير محمد پيرزادو/ بادل/ سقراط سيتائي/ مختيار گهُمرو

 

ڪرم ٽالپر

 

ماڻڪ ملاح/فياض چنڊ ڪليري/ اقبال رند

 

وسيم سومرو/ زوار نقوي/ راشد مورائي

 

مقصود گل/ منظر راڄپر / محسن عباسي/ ضمير ڦل

 

نياز پنهور/ معشوق ڌاريجو/ معصوم بخاري/ بشير احمد شاد

 

سعيد ميمڻ/ روشن گهانگهرو/ عزيز ڪنگراڻي/ سرڪش سنڌي

 

مسڪين ملاح/ آدرش/ روبينه ابڙو

 

ستار/ سميع ڪنڌر/ انجم قاضي/ آصف مٺياڻوي

 

مهر خادم/ پريم پتافي/ درد سولنگي/ سڪندر مگسي

 

امين زرداري/ فهميده شرف بلوچ/ ناصر چاچڙ/ بيخود بلوچ / عبيد ڪٽپر

 

آڪاش بوزدار/ سلمان سومرو/ جبار تاثير سومرو/ شڪيل پارس

 

غلام حسين ڏيپر/ باري ابڙو/ عادل سومرو/ بانو محبوب جوکيو

 

اسلم چنا/ ضياءُ شاهه/ آزاد انور ڪانڌڙو

 

احسان دانش/ راهي چنا/ سلميٰ پنهور/ اسحاق سميجو

 

* مقالا

 

1- ڪچهري بدين

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

2- جنگ نامہ منظوم فارسي

- ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

3- فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما

- غلام محمد لاکو

4- نواب شاهه ضلعي جا ڪتبخانا

- عبدالرسول قادري

5- چچ نامي ۾ موجود فارسي شعرن جي باري ۾ هڪ گذارش

- ڊاڪٽر نذير احمد

- سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر

6- 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو

(اسلام، هندو ڌرم ۽ عيسائيت جا 1900ع تائين ڇپيل ڪتاب)

- ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ

7- دستاويزن ۽ مخطوطن جي مرامت جا طريقا

- گُرڏنو گانگاڻي

8- ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون

(ڪشنچند ”بيوس“ جي ٻارن لاءِ شاعري)

- نصير مرزا

* ڪهاڻيون

 

1- ڪجل بنا نيڻ

- ماڪن شاهه رضوي

2- بوسنيا جي ڌيءَ

- شاهه زمان ڀنگر

3- هڪ گُڏيءَ جو زائچو

- مظهر الاسلام

سنڌيڪار: قاضي اياز مهيسر

4- نيري ڍنڍ

- هينري ڊي ويري اسٽيڪپول

سنڌيڪار: قربان جعفري

5- زندگي، هڪ لُچي عورت

- ڪرتار سنگهه دُگل

سنڌيڪار: محسن عباسي

* اڄ نه اوطاقن ۾

 

حاجي ولد محمد جَت (ڪَڇ)

- ڊاڪٽر پرسو گدواڻي

 

 

 

”مختلف دورن ۾ هيتري ترقيءَ جي باوجود به برطانوي دور ۾ سنڌي شعر کي هڪ عظيم نقصان سهڻو پيو. هن کان اڳ سنڌي شاعري خالص مقامي ماحول جو عڪس هوندي هئي. دوها، بيت ۽ ڪافيون – جن ۾ ٻولي خالص، تشبيهون ۽ استعارا مقامي، جذبات ۽ تخيل گهريلو، توڙي تصورات جي حد تائين به وابستگي سنڌي سان هوندي هئي. ليڪن هن دور ۾ هي خوبيون بلڪل ختم ٿي ويون. بيدل ۽ بيڪس تائين ته اها پراڻي ريت قائم رهي، ليڪن مير حسن علي خان، مير عبدالحسين خان، سيد فاضل شاهه ۽ مرزا قليچ بيگ روايتي شاعريءَ کان منهن موڙي نئين راهه ڪڍي ۽ ايراني ماحول کي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ڪيو. ڪانءَ، ڪٻر، ڪرڙ، ڪنڊي ۽ ڀٽن ڀاڻن جي بجاءِ گل ۽ بلبل توڙي سرو ۽ صنوبر کي اهميت ڏني وئي، جنهنڪري ٻولي خالص نه رهي. تصور ۽ خيال جي مطابقت ماحول موجب نه رهي. تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون وغيره اهڙي ملڪ مان آندا ويا، جيڪو سنڌي ماڻهن ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو ۽ انهن لاءِ هي صورت حال (شاعري) بلڪل کِل جهڙي بنجي پيئي. سنڌي شاعريءَ جو نالو پنهنجي ماڻهن کان ٽُٽي ويو ۽ شاعري صرف تعليم يافته ۽ شهري ماڻهن جي ذهني عياشي لاءِ مخصوص ٿي وئي. سنڌي ادب لاءِ اها اهڙي ڪاري ضرب هئي، جنهن جي اثر هيٺ، اهو اڄ تائين مُئل حالت ۾ پيو آهي. سنڌيءَ جي غزليه شاعري اهڙي پئي معلوم ٿئي ڄڻ ڪو گار ڏئي رهيو آهي.“

- سيد حسام الدين راشدي

(سنڌي ادب، 1951ع“)

شاعري

 

لطيفي لات

لُـڙ لـهــــــريــون لَـس لـيـٽ، جـــت اَت نـــه آب جــــو،

الله اُت مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،

جوکَو ٿئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرهي اچي مَ ڦيٽ،

لڳي ڪا مَ لپيٽ، غاريبي غور اب کي.

 

وَههَ تِکَ وهڪرا، جت ننگر نه ٿهرن،

وڏاندريون وَهه سامُهيون، ججهي جورَ جُنبن،

نيڍوءَ ۾ ناتاريون، وڻجارا وجهن،

مُلا معلمن، مون ڳري سُڻائي ڳالهڙي.

 

اڇاڙا عَميق جا، گڏئا غواصن،

جُهڙيون جهاڳي آئيا، ڪارونڀار ڪُنن،

سمنڊ سُوجهي جن، آني اَمُل اولئا.

 

کُوها ڪالهه کڻي، وِڌئون اُتر آسري،

الله جهُري مَ ان جي، اولي جي اَڻِي،

وڻجارن وَڻي، وکر وڌو ٻيڙين.

 

لڳي اُتر هير، سامهونڊين سِڙهه سنباهيا،

ننگر کڻي ناکئا، ٿِئا سَڻائيءَ سِير،

هِنيڙي نِت اڪير، کاري-کيڙائن جي.

 

ناکئو نگهبانُ، مُنجي مُعلم خبرون،

جن ساري کنيو سمنڊ ۾، سَفر جو سامانُ،

لطف ساڻ لطيف چئي، تَن لنگهئو طوفانُ،

سنڀاري سُبحانُ، وڃي عَدَنئون اکتا!

- شاهه عبداللطف ڀٽائي

سچل سرمست

ڪافي (سُر آسا)

جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مست ومست مُدام.

حقّ موجود، سَدا موجود!

دين مذاهب رهندي ڪٿي، ڪُفر ڪِٿان اسلام؟

حقّ موجود، سَدا موجود!

پنجتن پاڪ حمايت ميڏي، حَسن حُسين امام.

حقّ موجود، سَدا موجود!

بخش ڪريندا عشاقان تي، جَنّت جاءِ مقام.

حقّ موجود، سَدا موجود!

سرَ ڏيوڻ ڪيتي عشاقان نُون، عشق ٻڌائي احرام.

حقّ موجود، سَدا موجود!

راتين ڏينهان مُشتاقان نُون، مستي موج مدام.

حقّ موجود، سَدا موجود!

سُولي تي منصور چڙهيا، اَنَا الحَق ڪَلام،

حقّ موجود، سَدا موجود!

چاوَڻ بار مَلامت سرِ تي، برهه سارا بدنام،

حقّ موجود، سَدا موجود!

ڇوڙيا تنهن ڪُون علم عقل ني، جنهن دا عشق امام،

حقّ موجود، سَدا موجود!

خوشيان خُرميان ڏيک سَٽيندا، عشق وڃايا آرام.

حقّ موجود، سَدا موجود!

در سانئيان دي سوين سچاهي، ”سَچّل“ ڀي هڪ غلام.

حقّ موجود، سَدا موجود!

KAFI (SUR ASA)

The heart which with wine of is drunken,

That heart is ever frenzy ever madden.

Truth is permanent, truth is prevailing,

Truth is ever living, truth is ever lasting.

No room for religion nothing for faith,

Where stands infidelity where stands Islam?

Truth is permanent, truth is prevailing.

Five holy persons are my patrons,

Hassan and Hussain are my leaders.

Truth is permanent, truth is prevailing.

The lovers he is forgiving,

And bestows them heaven as their dwelling,

Truth is permanent, truth is prevailing.

For sacrificing lovers heads, lovesr life,

Love wore them pilgrim-robe as atire

Truth is permanent, truth is prevailing.

All the day and all the night,

Longing are enraptured and madden.

Truth is permanent, truth is prevailing.

Mansoor was sent to gallows for love,

Still he shouted "I am a truth".

Truth is permanent, truth is prevailing.

For them repreach and reprehension,

Love is slander, love is aspersion.

Truth is permanent, truth is prevailing.

Learning left, intellect deserted for ever,

Love became their leader and only mentor.

Truth is permanent, truth is prevailing.

Several are servants at the door of my sire!

Sachal is also slave without any desire,

Truth is permanent, truth is prevailing.

Truth is ever living, truth is ever lasting.

Translated by: Amir ali Chandio

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com