سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :4

بشير احمد شاد

غزل

گيتن ۾ غزلن ۾ تون،

سازن ۾ نغمن ۾ تون.

تنهنجو چهرو اجرو جاني،

دل جي آن درپن ۾ تون.

ٻي پاسي ڇو ڳوليان توکي،

منهنجي آن پلڪن ۾ تون.

پنهنجي وس ۾ مان ڪٿ آهيان،

ٽهڪن ۾، سڏڪن ۾ تون.

هرسُو تنهنجو جلوو جاني،

ساگر ۾ ڇولين ۾ تون.

تنهنجي دم سان قائم آهيان،

دل جي هر ڌڙڪن ۾ تون.

منهنجا جذبا منهنجا ناهن،

منهنجن سڀ جذبن ۾ تون.

هر پل منهنجو، تنهنجو سائين،

خيالن ۾، خوابن ۾ تون.

چوڏس ڏس هي ڪنهن جو چرچو،

خوشبو ۾ رنگن ۾ تون.

توکي شاد سدائين ڳائي،

مينڍن ۾ مرڪن ۾ تون.

سعيد ميمڻ

وائي

هينئين جي بر ۾؛

خاموشي آهي!

وڻندڙ ٽهڪ هيا هاڻي ته گهر ۾،

خاموشي آهي!

سج لٿي کان پوءِ چوڌاري تَرَ ۾،

خاموشي آهي!

هلڪيون لهرون هن ڇو اڄ ساگر ۾؟

خاموشي آهي!

چوڌاري، واري ٽاڪ منجهند، ٿر ۾،

خاموشي آهي!

نُوري! تو کانپوءِ ڪيڏي ڪينجهر ۾،

خاموشي آهي!

اوندهه، ڪمرو، سعيد ۽ پس منظر ۾،

خاموشي آهي!

روشن گهانگهرو

غزل

ڪو احساس ڪر دلربا دل جليءَ جو،

سوا تو ڏکيو آ سفر زندگيءَ جو.

اڃا چنڊ چهري جي چانڊاڻ گهرجي،

ڪٿي آ وتو مون مزو چاندنيءَ جو؟

نظر جي پيالي مان جيڪو پيئي ٿو،

اهوئي ٿو ماڻي مزو ميڪشيءَ جو.

پني چنڊ توکان وٺي چاندني ٿو،

سدا سرُ جهڪيل تو اڳيان روشنيءَ جو.

چمن تي هلي ٿي سرءُ جي حڪومت،

ڏٺو زرد چهرو مون هرهڪ ڪليءَ جو.

رڳو تلخ يادون عجب زندگي آ،

ڪڏهن دڳ نه دل آ ڏٺو ڪو خوشيءَ جو.

بچائڻ گهرو ٿا، جي پنهنجي محل کي،

گهرو خير هر دم ٻين جي جڳهيءَ جو.

پٿر دوستن جي هٿن ۾ ڏسو ٿا،

پڇو ٿا اڃا ڇا قصو دوستيءَ جو.

وڏو ڪو اياڻو، اياڻو آن ”روشن“،

نه سمجهيو آ تو فلسفو زندگيءَ جو.

عزيز ڪنگراڻي

غزل

ڏورؤن تنهنجو اشارو چمڪيو،

منهنجو شوق اُڃارو چمڪيو.

باک ڦُٽيءَ جو مرڪ ائين ڄڻ،

اڀ ۾ پڇڙ تارو چمڪيو.

نينهن جي چڻڻگ دکي ڀڙڪي ته،

منهنجي من جو انڌارو چمڪيو.

عشق سمنڊ ۾ سارون لهرون،

اٿلي آس ڪنارو چمڪيو.

اڀ ۾ چنڊ ۽ ڀر ۾ تون آن،

هر هڪ خوب نظارو چمڪيو.

تنهنجي حسن جي موهه ۾ مهڪي،

روح پرين هانيارو چمڪيو.

مينهن ۾ منهنجي ڳلن تي تنهنجن،

چمين جو وسڪارو چمڪيو.

سونهن ۽ موهت فطري سنگم،

سونهن سبب جڳ سارو چمڪيو.

جنهن پاسي تون مرڪي گذرين،

تنهن پاسي هر چارو چمڪيو.

سرڪشن سنڌي

غزل

ڪيتري ڀي ڪريان مان ڀلي شاعري،

تنهنجو هڪ ٽهڪ منهنجي سڄي شاعري.

 

مُرڪ! مُرڪڻ سان کنوڻيون کڻن ساز ٿيون،

جيئن ڳائن ڪڪر سونهن جي شاعري.

 

سون ورني وهي، بئنسريءَ جي صدا،

تو نه گهوريو ته ويندي وڄي شاعري.

 

ساءُ صبحن جو نيڻن ۾ رکجانءِ نه ته،

ساري دنيا مان ويندي هلي شاعري.

 

روح فطرت کي سرڪش ڳلن مان مليو،

ڪئي گلابن جي رنگن رچي شاعري.

مسڪين ملاح

غزل

سونهن ڇوليون هڻي ٿي ڇني ڇاتيون ساري ست جي سگهو عشق وارا اچو،

سير سيڻهه سوا جيڪي اُڪري سگهن، سيئي سورهه اچو سي سگهارا اچو.

جيڪي مقتل ٽپي ٿا پڄن يار ڏي تن لئه منزل ڏکي عشق جي ڪانه آ،

سِرَ ڏنا جن سي سوڀون به ماڻي ويا، هت اچو يار منصور پارا اچو.

جن کي سورن کان آجو خدا آ رکيو، تن کي احساس غم يار هوندو ڪٿي،

حال محرم اچو حال اوريون سڀئي، منهنجي سڏ تي سمورا ڏکارا اچو.

مون کي اڀ جي خبر ساري ڏيو، سور ڌرتيءَ جا مون کان سمورا ٻڌو،

رات اوندهه آ ڪڙڳهه اڪيلو ئي مان، مون سان ڳالهايون ڪريو اي ستارا اچو.

ساز وڄندو رهيو عشق نچندو رهيو، عاشقيءَ تي ڇڪن حسن ٿيندي ڏٺم،

منهن تان پردو هٽائي حسينن چيو، خوب درشن ڪيو اي سڪارا اچو.

ڪا فضا ڪانه مسڪين کي ڀانءِ پئي، مون ڪفن پوش آهن بهارون ڏٺيون،

دل کي آٿت هتي ڪو ڏئي ئي نٿو، گڏجي باد صبا سان سهارا اچو.

آدرش

هڪ شاعر بابت نظم

شاعر جي زندگي،

هڪ اُهو آلبم آهي،

جنهن ۾،

مينهن ڪڻيون،

سهڻين زائفن جون تصويرون،

کنوڻ جهڙا چمڪندڙ نظم

۽ ساروڻيون هونديون آهن.

شاعر جا نظم،

خوبصورت ڇوڪريءَ جي،

نرم هٿن جهڙا هوندا آهن.

شاعر جو موت ڪٿي به ٿي سگهي ٿو،

محبوبا جي دل ۾،

ڦاسي گهاٽ ۾،

سمنڊ ڇولين ۾،

يا گئس چئمبر ۾.

شاعرُ،

ماڻهن، جانورن، وَڻَن،

۽ محبوبا سان هڪجهڙي ئي محبت ڪندو آهي.

روبينه ابڙو

غزل

جفائون سڄو جڳ وفائون ڇو جاڳيون؟

وري عشق جون انتهائون ڇو جاڳيون؟

 

اسان ڪوئي ديپڪ جڏهن ڀي آ ٻاريو،

اوهان جي شهر جون هوائون ڇو جاڳيون؟

 

نه گهربو نه گهربو اوهان کي نه گهربو.

جڏهن دل ۾ سوچيو دعائون ڇو جاڳيون؟

 

اوهان جو حوالو يا نالو جي آيو،

ته ڪؤتا اندر ڪهڪشائون ڇو جاڳيون؟

 

جڏهن کان ڪيو فيصلو آ، نه لکبو،

تڏهن کان اوهان جون ادائون ڇو جاڳيون؟

 

جڏهن ڪنهن انوکو ڪيو عشق آهي،

ته لوڪو اوهان جون سزائون ڇو جاڳيون؟

 

رهي ماٺ اندر هي کاڄڻ لڳو هو،

اڃان ڀي پڇين ٿو صدائون ڇو جاڳيون؟

ستار

مَن - اُڪنڊ

ڀرجن گرجن ڪڪر ڪارا،

ڇم ڇم برکا من تڙپائي.

ياد پون سي گهاريل گهڙيون،

ساجن آيا سونهن سمائي.

روح ويو راڻل سِر ريجهي،

ٻول ٻرن پيا هر هر پل ۾.

من آ ڪانڍو ڪين مڙي ٿو،

ڪيئن ڀليان مان ناهي جهل ۾.

ڇنن ڇنن جيئن ڇنون وهن،

ڳلڙن تان ڳوڙهن جون لارون.

سيءَ سياٽو لونءَ ڪانڊاري،

تيئن وڌن سي ساجن سارون.

ڪالهه کنياتي ٻولي جهوريو،

جيءُ مٺو هو اڳ ئي ماندو،

ڪيڏي من کي يار اُڪنڊ آ،

ويتر نياپو کنياتي آندو.

روح رڙيو يا بادل گرجيا،

ڦڙ ڦڙ برکا اکڙيون آتيون،

ويل اهائي اجهو وهاڻي،

ساهه پيو ير پائي جهاتيون.

آس نراس ۾ بدلي آهي،

رات وهاڻي باک ڦٽي آ؛

تون نه آئين منهنجي ويڙهي،

ساجن ساري آس کُٽي آ.

سميع ڪنڌر

ترائيل

ڪير ڄاڻي ٿو پرين؟

انت جيون جو ڪڏهن؟

موت آڻي ٿو پرين،

ڪير ڄاڻي ٿو پرين؟

درد ماڻي ٿو پرين،

رات ساري ڪو جڏهن.

ڪير ڄاڻي ٿو پرين؟

انت جيون جو ڪڏهن؟

انجم قاضي

غزل

زندگي ساري هُئي آڙاهه ۾،

پوءِ به تنهنجي ئي رهيس مان چاهه ۾.

 

آءُ موٽي ڏي نئون دوکو وري،

مان ٻڏان اڄ ڀي پيو ويساهه ۾.

 

ڪوڙ کي پنهنجو ڪري سچ عام جان،

تو به اڇلايو کڻي ڇو باهه ۾.

 

ڪيئن جيون گهارجي هتڙي ڏنگن،

نفرتن جا نانگ هر هڪ راهه ۾.

 

زندگيءَ جو لطف ”انجم“ آ تيسين،

آس جو درياهه جيسين ساهه ۾.

آصف مٺياڻوي

غزل

پيار جي جيڪا بکي آ دوستو،

زندگي گهارڻ ڏکي آ دوستو.

 

دوستي هرڪو وڌائڻ ٿو گهري،

پرک پر تنهن جي وڏي آ دوستو.

 

اندر ۾ هڪڙي ته ٻاهر ٻي وري،

ڳالهه وئي سڀ کي ڪکي آ دوستو.

 

جا عزيزن کان به مون کي آ عزيز،

بس چري سان دل لڳي آ دوستو،

 

مون هميشه کان حسن کي پوڄيو،

ڳالهه وئي اهڙي هُلي آ دوستو.

 

لوڪ حضرت عشق جي مون تي مٺا،

شاهدي اهڙي ڏني آ دوستو.

مهر خادم

غزل

آئي هئي مرڪي وئي،

ها ياد ڪا گم ٿي وئي.

 

ڳولي لڌم پاڇا هئا،

ڊاهي مگر ڇولي وئي.

 

سڀئي هئا ٽهڪن ۾ پر

مون کان ئي کل وسري وئي.

 

ڪيڏا اڃايل ها ٻئي،

سِپَ ۽ ڪئي هڪ ٿي وئي.

 

مون ساڀيا خود ئي ڏٺي،

سپني طرف موٽي وئي.

پريم پتافي

غزل

ڪنهن منظر ۾ گم ٿيا نيڻ،

ڄڻ ته شهر ۾ گم ٿيا نيڻ.

 

ڪين سگهيو آ ڳولي ڪوئي،

ڄڻ ته کنڊر ۾ گم ٿيا نيڻ.

 

شهر سڄي کان خوب بچايم.

هڪڙي گهر ۾ گم ٿيا نيڻ.

 

آئون رهيس هي سوچيندو،

ڪيئن پڌر ۾ گم ٿيا نيڻ.

 

آڪاس سمورو خوب لتاڙي،

چنڊ آڳر ۾ گم ٿيا نيڻ.

 

آئون کيڏاري لفظن جو هان،

گيت نگر ۾ گم ٿيا نيڻ.

درد سولنگي

وائي

سوچون ساري رات

ننڊ اچي ئي ڪانه ٿي.

ڪيئن اچي آرام ڪو، ساهه لڳل سڪرات،

ننڊ اچي ئي ڪانه ٿي.

هڪ ته جدائي ٻيو وري، دنيا جا فڪرات،

ننڊ اچي ئي ڪانه ٿي.

رات سڄي لڇ پڇ رڳو، ڄاڻي رب جي ذات،

ننڊ اچي ئي ڪانه ٿي.

آءٌ اڪيلو ۽ مٿان، لڙڪن جي بَرسات،

ننڊ اچي ئي ڪانه ٿي.

هِن هُن پاسي ڦٿڪندي، پرهه ڦٽي پرڀات،

نِنڊ اچي ئي ڪانه ٿي.

سڪندر مگسي

وائي

قرب ڪناري ساڻو سائل،

هڏڪين ۾ هر پل!

لهرن لوڙهيو تخت تماچي، ڪينجهر منجهه ڪنول،

هڏڪين ۾ هر پل!

نيڻن نارا سنڌو ڌارا، ٻڏتر ۾ ساحل،

هڏڪين ۾ هر پل!

ڏور ڪنارو ڪابه نه ڪشتي، اُلري پيو ته اجل،

هڏڪين ۾ هر پل!

تڙپي ڦٿڪان، کامي ٽڙڪان، واري ويل وصل،

هڏڪين ۾ هر پل!

هڏڪين جي ڀي هڪڙي خواهش، قرب ٿئي ڪامل،

هڏڪين ۾ هر پل!

سَنڌ ته ساڻا، گهُور به گهايل، آڏو امرت جَلُ،

هڏڪين ۾ هر پل!

سارا سپنا، هيڪل وياڪل، پوياڙيءَ جيئن گُل،

هڏڪين ۾ هر پل!

عرش اگهامن ڪيئن دعائون، هو به نه آ شامل،

هڏڪين ۾ هر پل!

سڏڪا وايون، ڳوڙها ڪافيون، نوحو گيت غزل،

هڏڪين ۾ هر پل!

ويل ٽڙي پئي هاڻ سڪندر، جذبا ميڙي هَلُ،

هڏڪين ۾ هر پل!

امين زرداري

غزل

ٻاهر ماڻهن ميلو آهيان،

من ۾ آءٌ اڪيلو آهيان.

 

مون کي پنهنجون پيڙائون ۽،

دنيا لاءِ ڳهيلو آهيان.

 

ڪنهن لئه آهيان ماکي مصري،

ڪنهن لئه ڪڙو ڪريلو آهيان.

 

ڪڏهن اڪيلو وڻ برپٽ ۾،

ڪڏهن ته ٻرندڙ ٻيلو آهيان.

 

ڪڏهن ته آهيان ڇوليون ٻوليون،

ڪڏهن ته آءٌ بتيلو آهيان.

 

دنيا جي لئه ڪجهه ڀي ناهيان،

ڪنهن جي لئه البيلو آهيان.

فهميده شرف بلوچ

بيت

سارون تنهنجون سپرين! سانڍي ساهه رکيم،

پر پوءِ ياد پيم، ساهه به وڃڻو آ ڪڏهن.

 

ڪالهه پرين! جو خط هو، لکيو مون توڏانهن،

اُن ۾ پنهنجو هانءُ، ويڙهي توڏي مون مُڪو.

 

تو بن منهنجي اڱڻ تي، جا به لٿي آ شام،

منهنجا ٽهڪ تمام، سُڏڪن ۾ مِٽجي ويا.

 

جيڏا، منهنجا نيڻ ها، ورهين کان بي خواب،

تن ۾ اڄ گلاب، ڦٽا تنهنجي پيار جا!

 

اکين ۾ آگم، منهن تي خوشي ڪيئن ٽڪي،

جيئڙي کي جوکم، رهيا آهن ڪيترا.

 

مرڪي پنهنجي هٿ تي، لکيم هن جو نانءُ،

۽ پوءِ منهنجو هانءُ، سارو خوشبو ٿي ويو.

ناصر چاچڙ

غزل

آس هرڪا ڌرتتي بڻجي وئي،

تو سوا ڇا زندگي بڻجي وئي؟

موت جهڙي ڪشمڪش ۾ هر سمو،

۽ جياپو شاعري بڻجي وئي.

ساٿ جنهن هو زندگي جو ارپيو،

ڪيئن هاڻي اوپري بڻجي وئي.

دوستي جي روپ ۾ دوکا ٿيا،

خوف ڄڻ ڪو دوستي بڻجي وئي.

نانوَ ناصر کان ويا وسري ٻيا،

نانءُ تنهنجو بندگي بڻجي وئي.

بيخود بلوچ

غزل

اُڃارا اُڃارا اسان جا غزل،

ڏکارا ڏکارا اسان جا غزل.

اکر سڀ بي رنگ تنهنجي بنا،

سدا بي سهارا اسان جا غزل.

گلابي چپن ساڻ جهونگار تون،

ٿين چنڊ تارا اسان جا غزل.

ڪڏهن ڄڻ اسان کي به ٻوڙين ٿا،

ڪڏهن ڄڻ ڪنارا اسان جا غزل.

سٽون پنهنجو سنسار ”بيخود“ ٿيون،

اسان جا سهارا اسان جا غزل.

عبيد ڪٽپر

وائي

آتا آتا خواب،

ٿڪل نيڻن ۾.

وک اسان جي واٽ ۾، آڏا آڏا خواب؛

ٿــــڪــل نــيــڻــن ۾.

کڻي هلجو خيال سان، ڪاوا ڪاوا خواب؛

ٿــــڪــل نــيــڻــن ۾.

آءُ هڪ ٻئي کي ارپيون، پنهنجا پنهنجا خواب؛

ٿــــڪــل نــيــڻــن ۾.

ڪلاڪي ڏيئي وئي، نعرا نعرا خواب؛

ٿــــڪــل نــيــڻــن ۾.

آڪاش بوزدار

وائي

مون مٿان هوءِ،

شال! تنهنجو ڇانورو.

تکي اُس آرهڙ جي، ساڙي پيئي لوءِ،

شال! تنهنجو ڇانورو.

تون ڇمرُ، آءُ ٿوهر، هائو! پرين پوءِ.

شال! تنهنجو ڇانورو.

دوري سڏ ڳيهي پئي، وو وو سپرين ووءِ.

سلمان سومرو

پيارو

تون اُهو سپنو آهين،

جيڪو ڪنهن به ناهي ڏٺو.

تون اهو نظم آهين،

جيڪو ڪنهن به ناهي لکيو.

تون اها خوشبو آهين،

جيڪا ڪنهن به ناهي سنگهي.

تون اهو لفظ آهين،

جيڪو ڪنهن به ناهي پڙهيو.

تون اهڙو رقص ڪرين ٿي،

جهڙو ڪنهن به ناهي ڪيو.

تون ۽ مان-

هڪ ٻئي جي دل ۾ ائين آهيون،

جيئن ڪوبه ناهي هوندو.

انهيءَ ڪري ئي،

اسان جو پيار-

هر پيار کان زوراور آهي.

جبار ”ٽالپر“ سومرو

غزل

مون کي تنهنجي ياد ستايو آ،

منهنجي اکڙين مينهن وسايو آ.

ڇو سڏڪا سڏڪا چوڏس هن،

ڪنهن گيت غمن جو ڳايو آ.

هر پور مٿان ٿو پور پوي.

هڪ درد ويو، ٻيو آيو آ.

هن ڏيهه جا ماڻهو ڏائڻ هن،

مون تن کان پيار لڪايو آ.

مون پنهنجي پيار جي ڪشتي کي،

لهرن مان پار پڄايو آ.

سڀ تنهنجي نانءُ تي ڏئي ويٺس،

مون ڪجهه به ڪين بچايو آ.

تنهنجي ابرن ڪا دل زخمي ڪئي،

تنهنجي گهورن ڪنهن کي گهايو آ.

جو توکان مليو غم درد و الم،

مون سيني ساڻ لڳايو آ.

سج بيٺي تنهنجي يا اچي،

منهنجي دل جو در کڙڪايو آ.

ڪنهن لڙڪ اگها ”تاثير“ نه ڪيو،

ڪنهن ڀي به نه اچي پچايو آ.

شڪيل پارس

وائي

تون جو مرڪي ملئين، سارو ڄڻ سنسار،

خوشبو خوشبو ٿي ويو!

لفظن سان سُرهاڻ ڦٽي، چاهت جو اظهار،

خوشبو خوشبو ٿي ويو!

لوڪ ڪيئن پڪڙيندو پنهنجو پرين پيار،

خوشبو خوشبو ٿي ويو!

ڪوئي وارن ڇانءُ ۾، گهاري پل ٻه چار،

خوشبو خوشبو ٿي ويو!

غلام حسين ڏيپر

غزل

رات جيڪي رهي ويا آهن،

ڇا چوان، ڇا چئي ويا آهن.

مرڪ منهنجي کسي ويا مون کان،

لڙڪ مون کي ڏئي ويا آهن.

گل هنيائون ائين پئي ڄاتم

ڄڻ ڪي پٿر هڻي ويا آهن.

هي وريو واءُ آ وري ڪهڙو،

شاخ کان گل ڇڄي ويا آهن.

عندليبن جو هاڻ ڇا ٿيندو،

ساهه جن جا سڪي ويا آهن،

هاڻي پرواز جون پڇ تنهن کان،

کنڀ جنهن جا کسي ويا آهن.

ڳالهه جي پيار جي ڪٿي نڪتي،

پاند پنهنجا پسي ويا آهن،

ڳالهه ڪهڙي الائي هئي ساحر،

تنهنجو مون کان پڇي ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com