سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :10

علم ۽ ڪتابن سان شوق کيس ورثي ۾ مليل ٿو ڀانئجي. پاڻ رڳو مطالعي ۽ ڪتب خاني ٺاهڻ تي اڪتفا نه ڪئي اٿس، پر وڏو محقق، مصنف ۽ مؤرخ به آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي به ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپيل اٿس. ان کان سواءِ نامور رسالن ۽ اخبارن ۾ به سندس سو کن تحقيقي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيا آهن. کيس سنڌي، فارسي، انگريزي ۽ اردو ٻولين تي دسترس حاصل آهي. سندس لئبرري ۾ سنڌ جي تاريخ تي موجود ڪتابن ۽ رسالن جو تعداد پنج هزار کن آهي.

سندس علمي شوق ايتري قدر آهي جو برٽس ميوزم لنڊن مان به سنڌ جي عالمن جا ڪي ناياب قلمي نسخا پنهنجي لئبرريءَ لاءِ فوٽو اسٽيٽ ڪري گهرايا اٿس. اهو سچ آهي ته رڳو سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪنهن لئبرري ۾ ايترو يڪجا مواد موجود هجڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. هن لئبرريءَ ۾ ڪتاب سهڻي سليقي سان سينگاريل آهي. هي لئبرري ضلعي نواب شاهه ۾ ڳوٺ مٺا خان جوکيو، نزد دولتپور صفن ۾ واقع آهي.

گرامي لئبرري

ڏهاڪو سال اڳ دولتپور شهر ۾ ڪن علم دوستن غلام محمد لاکو، غلام علي باگاڻي، غلام محمد لانگاهه، مولا بخش ٻرڙو، چڱل انڙ، غلام مصطفيٰ ملاح، رجب علي لانگاهه ۽ چند ٻين نوجوانن گڏجي، سنڌ جي نامور عالم ۽ دانشور، خطيب ۽ اهل قلم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر غلام محمد گرامي جي ياد ۾ هڪ لئبرري قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ جديد سنڌي ۽ سياسي ادب جا ڳچ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن، جن مان دولتپور جا نوجوان اديب ۽ شاگرد سٺو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. تازو هن لئبرريءَ جي پنهنجي جاءِ به ٺهرائي وئي آهي.

مولوي جلال الدين جمالي لئبرري

مولوي صاحب وڏي ڄمار وارو بزرگ، پراڻي وضع قطع جو عالم ۽ ڪتابن جو ڪوڏيو آهي. وٽس گهڻائي عربي فارسي ۽ جهونا سنڌي ڪتاب موجود آهن. مولوي عزيزالله مٽياروي جو قرآن مجيد جو مڪمل ڇپيل پهريون سنڌي ترجمو به هن ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. سندس بخت سڪندري آهي. ڪي اهل خير هر سال کيس حج ادا ڪرڻ لاءِ خرچ پکو ڏئي حرمين شريفين موڪليندا آهن. جيتوڻيڪ سندس اڪثر رفيق عربستان مان ٽي. وي، ريڊيا، ٽيپ، واچون ۽ ڪپڙا آڻيندا آهن، پر هي بزرگ هر سال عربي جي ناياب ڪتابن جي ڀروٽڙي ٻڌيو ايندو آهي. سندس ٻه پٽ محمد عمر ۽ محمد ايوب به عالم ۽ عربي جا استاد آهن. راقم سندس ڪتب خاني مان ڪي ناياب عربي ڪتاب، پنهنجي ڪتب خاني لاءِ فوٽو اسٽيٽ ڪرايا آهن. هي ڪتب خان ڳوٺ شير خان جمالي تعلقه سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ آهي.

عبدالحڪيم ”ارشد“ لئبرري

ارشد، عربي فارسي جو ڄاڻو، سٺو اديب ۽ شاعر آهي. سندس زندگيءَ تي گهڻيئي لاها چاڙها آيا ٿا ڏسجن. شروعات ۾ ديني تعليم ۽ دينداري، اڳتي هلي ماحول جي وهڪري ۾ وَهي انقلابي بنيو. هن وقت گوشه نشينيءَ ۾ تصوف جي تات طلب ۾ تڙڳي رهيو آهي، پر سندس چوڻ آهي ته زندگيءَ جي هر مرحلي تي، سندس ڪتابن سان محبت ۽ مطالعو جاري رهيو آهي. ارشد عربي استاد به آهي ۽ نواب شاهه جي ويجهو ڳوٺ کٻڙ لکمير ۾ رهي ٿو.

مولوي عزيز الله ڀٽي لئبرري

هي ڀلارو خرطوم يونيورسٽي مان عربي جو فاضل، خوشنويس، عاشق رسول، الله وارن جو محبتي، ڪتابن جو شوقين، علم دوست ۽ ڊي. سي. هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ عربي استاد آهي. وٽس عربي ادب جو وڏو ذخيرو موجود آهي. خاص ڳالهه ته کيس ڪتابن سان گڏ عربي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي رسالن گڏ ڪرڻ جو بي انتها ذوق آهي. مولوي صاحب جي سهڻي اخلاق وانگر اکر به تمام سهڻا آهن. راقم سندس سهڻن اکرن مان گهڻو فائدو پرايو آهي. مولوي صاحب ڪتابن سان اولاد وانگر محبت ڪري ٿو. اڪثر خاموش طبع ۽ مٺو ماڻهو آهي.

استاد محمد ملوڪ لئبرري

محمد ملوڪ به بنيادي طور ڊي. سي هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي. کيس ڪتابن سان ڪا ازل کان لونءَ لڳل آهي ۽ ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي سندس ڪتب خاني جو ديدار ته نه ٿيو هي، باقي ساڻس ڪتابن جون ڳچ ڳالهيون ٿيون آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته وٽس هر موضوع تي پراڻن ڪتاب ۽ رسالا سانڍيل آهن. گويا سندس ”جنرل لئبرري“ آهي. جڏهن به مون کيس نواب شاهه ۾ ڏٺو آهي ته پراڻن ڪتابن واري دڪان تي علي حسن وٽ منڊلي مچايو ويٺو هوندو آهي. پاڻ به پيو سٺا ڪتاب ڳوليندو آهي ۽ آئي وئي علم دوست کي به پراڻا ۽ ناياب ڪتاب ڳولي ڦولهي پيو شوق ڏياريندو آهي.

بشير ٻگهيو لئبرري

پاڻ ڊي. سي. هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ استاد آهي ۽ شاعريءَ سان شغف اٿس. جيئن ته بشير بنيادي طور استاد آهي، ان ڪري وٽس تعليمي مواد، شاعري جا ڪتاب ۽ رسالن جو چڱو خزانو آهي. ڳچ وقت اڳ نواب شاهه ۾ سنڌي ادبي سنگت جي محفلن ۽ مشاعرن جو چڱو چهچٽو هوندو هو، جيڪو هينئر سنڌ ۾ سراسري طور بدامني، افراتفري، گروهه بندي ۽ مهانگائي واري دور ۾ ماٺو آهي. البت بشير ٻگهيو پوءِ به سنڌ جي پراڻي ادب ڏور، بيت ۽ ڳجهارت کي نئين سر جيارڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ هن وقت نواب شاهه ۾ سگهڙن جي ڪچهرين جو روح روان آهي.

مولوي غلام حيدر نائچ لئبرري

مولوي صاحب اصل ۾ ٿرڙي جادو شهيد لڳ نائچ ڳوٺ ضلعي دادو جو باشندو آهي، پر سالن کان ايس. پي. آفيس نواب شاهه ۾ ملازمت سانگي گهر گهاٽ ڪري رهائشگاهه پذير آهي. مدرسہ نورالاسلام دولت ڪالوني نواب شاهه ۾ ديني تعليم جو سلسلو به جاري رکيو اچي. نهايت نفيس ۽ ذهين آهي. وٽس ديني ڪتابن جو سٻنڌڙو ڪتب خانو آهي.

مولوي محمد اسماعيل ٻگهيو لئبرري

مولوي صاحب اصل ۾ مفتي محمد دائود ڀاڻپوٽي جي خاندان مان ۽ حضرت مولوي نالي مٺي جو ڳوٺائي موري طرف جو آهي. گهڻن سالن کان مدرسہ غوثيہ نالي نواب شاهه ۾ ديني ادارو قائم ڪيو اٿس. وٽس ننڍڙي پر سينگاريل لئبرري آهي جتي درسي ۽ ديني ڪتاب موجود آهن. مولوي صاحب عربي استاد به آهي. هن وقت عليل آهي. الله تعاليٰ کيس صحت سلامت ڏئي.

ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو لئبرري

ڊاڪٽر گهانگهرو ڳچ سالن کان نواب شاهه ۾ ملازمت سانگي مڪين آهي. پهريائين گورنمينٽ ڪاليج ۾ خدمتون بجا آندائين ۽ هنيئر مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اسلاميات جو سربراهه آهي. ”سنڌي ۾ قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير“ عنوان تي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي. ڪئي اٿس. ڊاڪٽر گهانگهرو سٺو ليکڪ، سنجيده محقق ۽ ڪتابن جو شائق آهي. وٽس ديني ادب خاص ڪري علوم القرآن بابت ڳچ ڪتاب آهن. سندس اصل ڳوٺ ڄام نورالله تعلقي ڪنڊياري ۾ آهي. پاڻ نواب شاهه جي اهل علم ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جو صحبت يافته آهي. قرآن اڪيڊمي قائم ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن جي خدمت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

ناز لئبرري

هي لئبرري ناز باع قاضي احمد ۾ مدرسي دارالفلاح سان گڏ رئيس علي نواز انڙ ويجهڙ ۾ قائم ڪئي آهي، خاص ڳالهه ته هن مدرسي ۽ لئبرريءَ جو افتتاه ڪعبة الله جي امام عبدالله بن سبيل ڪيو هو. هن لئبرري ۾ ڏهاڪو کن ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل آهن، جن ۾ تاريخ ۽ ديني ادب بابت گهڻو مواد آهي. هي لئبرري جديد سهوليتن سان سينگاريل آهي ۽ محمد هاشم ”درد“ ان جو انچارج آهي. هن لئبرري ۾ ٻه قلمي قرآن شريف ۽ 23 قلمي ڪتاب به موجود آهن. انهن جا نالا هي آهن: مجربابت عبدالرحيم گرهوڙي، مختصر مفتاح، ورد ڪمال، راضي جو رسالو سنڌي، ڪتاب الذبائح، حڪمة المقاليہ، معرفة البواسير، ماة الفوائد، حصن حصين، خلاصة الحڪمة، دعا گنج العرش، ڪتاب الطب فارسي، طب فارسي، مجرب العلاج، مناقب غوثيه، جامع تعليلات، تعبير خواب، ابيات مثنوي، تحفة الملوڪ، قلمي نسخہ طب فارسي، ڪشف الحاجہ اردو، اشعة اللمعات فارسي ۽ ينابيع فارسي.

قائم الدين خاصخيلي لئبرري

قائم الدين خاصخيلي سماجي ورڪر ۽ ڪتابن جو شوقين آهي. وٽس چونڊ ڪتابن جو چڱو ذخيرو آهي. سندس لئبرري سڪرنڊ شهر ۾ آهي. پاڻ اصل ڳوٺ ڪنب ليمان جو رهاڪو آهي.

استاد مير حسن لاکو لئبرري

هي لئبرري استاد مير حسن لاکي نالي هڪ پرائمري استاد ڳوٺ لاکا آباد لڳ خياري شريف ۾ ٽيهارو سال اڳ قائم ڪئي. وٽس سنڌي ڪتابن جو چڱو تعداد آهي. هن لئبرريءَ ۾ تحريڪ پاڪستان ۽ سنڌ جي مشاهيرن بابت گهڻو مواد آهي.

ڊاڪٽر بلوچ لئبرري

ڊاڪٽر احمد علي بلوچ سڪرنڊ ۾ ”ڪپهه جي تحقيقي اداري“ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. پاڻ نهايت سادگي پسند، ديندار ۽ علم دوست آهي. وٽس تمام سٺي لئبرري آهي، جنهن ۾ تحقيقي ڪتابن جي گهڻائي آهي.

مولوي امام الدين نوراني لئبرري

هي لئبرري سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ دڌ (چوٿون ميل) ۾ واقع آهي. هن لئبرري ۾ هزار کن عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب آهن. مولوي صاحب سگهڙ به آهي. سندس لئبرري ۾ فتاويٰ، فقہ ۽ تصوف تي گهڻو مواد آهي.

مدرسہ غوثيہ لئبرري

سڪرنڊ شهر ۾ حاجي علي نواز مگسي ۽ صوفي غلام حسين سڪندري ڪجهه وقت اڳ دارالعلوم غوثيہ نالي ديني مدرسو جاري ڪيو آهي. مدرسي سان گڏ بهترين ڪتب خانو به قائم آهي، جنهن ۾ ٻه هزار ڪتاب آهن، جن مان اڪثريت حديث، فقہ، منطق، مناظري ۽ عربي فارسي جي درسي ڪتابن جي آهي. خاص ڳالهه ته هن لئبرريءَ ۾ قرآن مجيد جا تفسير زياده آهن.

خاڪي جويو/ تاج جويو لئبرري

هي لئبرري سڪرنڊ شهر ۾، خاڪي جويي ۽ تاج جويي جي ذاتي لئبرري آهي، جنهن ۾ پنج ڇهه هزار ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. هن لئبرري ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ خاص ڪري جديد سياسي ادب تي گهڻو مواد موجود آهي، جو ٻنهي ڀائرن محنت سان گڏ ڪيو آهي.

مير محمد پيرزادو لئبرري

پيرزادو صاحب اصل لاڙڪاڻي طرف جو ويٺل آهي، پر سالن کان سڪرنڊ ۾ سروس سانگي سڪونت پذير آهي. پاڻ سٺو شاعر به آهي. سٺي لئبرري اٿس، جنهن ۾ جديد سياسي ادب جا ڪتاب گهڻا آهن. سنڌ ۾ نقشبندي بزرگن تي پي. ايڇ. ڊي جو ارادو رکي ٿو.

مدينہ مسجد اڪبري لئبرري

هي ڪتبخانو درگاهه اڪبري طرفان مدينه مسجد ۽ مدرسي ۾ سڪرنڊ شهر ۾ ڳچ عرصي کان هلندڙ آهي. علي اڪبر شاهه ۽ مولوي احمد خان چانڊيو هن ڪتب خاني جا نگران آهن. هتي عربي فارسي ۽ ڳچ ڪتاب موجود آهن.

امير بخش زؤنر لئبرري

هي لئبرري سڪرنڊ لڳ زؤنرن جي ڳوٺ ۾ آهي. امير بخش زؤنر مطالعي جو شوقين آهي ۽ چونڊ مضمونن سان دلچسپي رکندو ۽ ڪتاب وٺندو آهي. سندس لئبرري ۾ نسيم حجازي، الطاف شيخ جي ڪتابن جا مڪمل سيٽ، تاريخ، ديني ادب ۽ عام معلومات بابت هزار کن ڪتاب موجود آهن. وٽس شاهه جو رسالو ۽ ڪلام گرهوڙي قلمي صورت ۾ آهن.

عزيز مگسي لئبرري

عبدالعزيز مگسي سڪرنڊ شهر جو اديب ۽ علم دوست نوجوان آهي ۽ وٽس بهترين چونڊ ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي، جنهن ۾ تاريخ، ديني ادب، ڪهاڻيون ۽ شاعري بابت گهڻو مواد آهي. عزيز مگسي ڪجهه ڪتاب پاڻ لکي ڇپايا به آهن. هينئر سروس سانگي حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ ڪتابن سان لؤن لايو ٿو اچي.

لطيف لئبرري

هي لئبرير ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ طرفان ڪجهه سال اڳ ۾ قائم ٿي هئي. ان ۾ ڏيڍ هزار ڪتاب آهن، پر هن وقت هي لئبرري بند آهي.

شمس الهديٰ لئبرري

هي لئبرري مدرسه شمس الهديٰ ڳوٺ مير محمود جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ قائم آهي. هن لئبرري ۾ ديني ادب جو مواد زياده آهي.

تاجل بيوس لئبرري

هي لئبرري چند سال اڳ قاضي احمد جي نوجوانن گڏجي مشهور شاعر تاجل بيوس جي نالي قائم ڪئي آهي. هن لئبرري ۾ هزار کن ڪتاب آهن. قاضي احمد جا نوجوان اديب ۽ شاعر هن مان فائدو وٺي رهيا آهن.

پبلڪ لئبرري

هي لئبرري 1960ع کان پوءِ قاضي احمد ۾ قائم ٿي، جنهن ۾ ڏيڍ هزار ڪتاب آهن.

مولوي علي محمد لئبرري

هي لئبرري مولوي صاحب قاضي احمد مدرسي ۾ قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ اڪثر ديني ادب جا ڪتاب آهن.

مفتي غلام نبي کوسو لئبرري

مولوي غلام نبي کوسو اصل ۾ دادو پاسي جو آهي، گهڻن ڏينهن کان نواب شاهه ۾ رهي ٿو. ديني مدرسو جاري ڪري درس تدريس ۾ مشغول رهي ٿو. پاڻ وڏو مفتي مدرس ۽ چشموي بزرگ جو صحبت يافته آهي. مدرسن ۾ درس ۽ فقہ جا سٺڙا ڪتاب آهن.

محمد ملوڪ انڙ لئبرري

هي لئبرري ويجهڙ ۾ محمد ملوڪ انڙ ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ۾ قائم ڪئي آهي. کيس مطالعي ۽ ڪتابن جو گهڻو شوق آهي. هن لئبرري ۾ ٻه هزار ڪتاب آهن، جن ۾ تاريخ ۽ سنڌي ادب جي ڪتابن جي گهڻائي آهي. اخبارون ۽ رسالا به ڳچ تعداد ۾ آهن.

قاضي عتيق الرحمان لئبرري

قاضي صاحب موري شهر جي علمي خاندان جو چشم و چراغ ۽ قاضي اختر مورائي جو لائق فرزند آهي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نواب شاهه ۾ ليڪچرار آهي. هن وقت سندس رهائش سڪرنڊ شهر ۾ آهي. وٽس سٺي لئبرري پڻ آهي، جنهن ۾ انجنيئرنگ جي ڪورس جا مڪمل ڪتاب ۽ سنڌي ڪتاب جو سٺو ذخيرو، اخبارون ۽ رسالا به موجود آهن. ان سان گڏ ديني ادب ۾ اردو مواد به گهڻو آهي.

فيضان عطار لئبرري

هن لئبرري جو باني سڪرنڊ شهر جو نوجوان سيد عبدالمصطفيٰ عرف خدا ڏنو شاهه قادري آهي. پاڻ نهايت محنتي عاشق رسول ۽ جلالي به آهي. سيد کي مطالعي جو تمام گهڻو شوق آهي. ان ڪري وٽس ڪتابن جو سٺو ذخيرو وجود آهي. هن لئبرري ۾ امام غزالي ۽ حضرت احمد رضا بريلوي جي تصنيفات جي گهڻائي آهي.

غلام حسين جوڻو لئبرري

جوڻو صاحب هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي. وٽس سنڌي، اردو ۽ انگريزي جا هزار کن ڪتاب آهن، انهن ۾ اڪثريت ديني ادب جي آهي. هي لئبرري قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير محمد جوڻي ۾ آهي.

ماڻڪ ملاح لئبرري

هي نوجوان اديب ۽ شاعر سڪرنڊ تعلقي ۾ صحافتي خدمتون باهمت ۽ سهڻي نموني ۾ سر انجام ڏئي رهيو آهي. وٽس ننڍي پر سٻنڌڙي لئبرري آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب، شاعري ۽ اخبارن ۽ رسالن جو سٺو مواد موجود آهي. هي جديد لئبرري سڪرنڊ فارم لڳ ڳوٺ تليءَ ۾ ويجهڙ ۾ قائم ٿي آهي.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي لئبرري

هي لئبرري ٽيهارو سال اڳ ۾ راقم ڳوٺ دڙي مگسي تعلقي سڪرنڊ ۾ قائم ڪئي آهي. مطالعي جي گهڻي شوق ۽ ڪتابن سان محبت ڪري علم جو عمدو ذخيرو گڏ ٿيندو رهيو. ويتر شفيق استاد علامہ ڪريم بخش ميراڻي جي علمي چاهه ۾، صحبت ۽ علمي شوق، سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو ۽ هن وقت لئبرري ۾ عربي، فارسي، سنڌي، اردو، انگريزي، بروهڪي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ تفسير، حديث، تاريخ، سوانح، تصوف ۽ سنڌي ادب جو ججهو ذخيرو موجود آهي. هن لئبرري ۾ مصر، بيروت، دمشق، ايران، استنبول ۽ پاڪ و هند جي ناياب ۽ ڇپيل ڪتابن جي گهڻائي آهي. ان کان علاوه قلمي قرآن مجيد، سيوهاڻي ۽ ٺٽي جي بزرگن جا قلمي ۽ عڪسي نسخا ۽ خاص ڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا اڪثر ڪتاب موجود آهن.

متفرقه

مٿي ذڪر ڪيل ڪتب خانن کان سواءِ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻين گهڻن ئي عالمن، فاضلن، شاعرن، استادن ۽ علم دوست ماڻهن وٽ ذاتي لئبرريون موجود هيون ۽ آهن. جيڪڏهن انهن جو تفصيلي ذڪر ڪجي ته ضخيم دفتر تيار ٿي وڃي. طوالت کان بچڻ ۽ اختصار جي پيش نظر تبرڪ طور نالن تي اڪتفا ڪجي ٿي:

(1) مولوي نورالدين ڀٽو، خطيب جامع مسجد اوقاف نواب شاهه شهر، (2) مولوي محمد خان مصلح لاکو، مهراڻ ڪالوني نواب شاهه، (3) مفتي محمد دائود فقير ملاح، پيش امام مصطفيٰ مسجد نواب شاهه، (4) حاجي قربان علي سومرو غريب آباد نواب شاهه، (5) شادي خان لاڙڪ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه، (6) سيد غلام سرور شاهه سچل سرمست ڪاليج نواب شاهه، (7) پير ضياءالدين ”ضيا“ خياروي، ميان شورا خياري شريف، (8) غلام دستگير پيرزادو ريگل چوڪ نواب شاهه، (9) مولوي يحيٰ الهدائي حسين ڪالوني سڪرنڊ، (10) سيد امداد محمد شاهه مجيد ڪيريو تعلقو سڪرنڊ، (11) پروفيسر محمد عثمان ڪيريو ڳوٺ مجيد ڪيريو، سڪرنڊ، (12) سيد محمد مٺل شاهه سنائي، جيلاني ڳوٺ غلام حيدر ڀٽو، سڪرنڊ، (13) محمد عالم ڪيريو ڳوٺ لڌو لال سڪرنڊ، (14) استاد علي محمد خاصخيلي محراب پور، سڪرنڊ، (15) سيد عثمان علي شاهه محراب پور، سڪرنڊ، (16) غلام نبي مگسي ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ، (17) عبدالرسول سمون ڳوٺ ماڙي جلباني، سڪرنڊ، (18) ممتاز علي مگسي ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ، (19) مولوي محمد عظيم مگسي خطيب ٿاڻو مسجد سڪرنڊ، (20) سيد عاشق علي شاهه، ڳوٺ دنگ شريف، سڪرنڊ، (21) استاد سردار مگسي نئين ڪالوني سڪرنڊ، (22) نثار احمد، مسعود احمد خاصخيلي، خاصخيلي محلو سڪرنڊ، (23) مولوي عبدالجبار ٻگهيو جهونجهاڻ قاضي احمد، (24) مولوي محمد عيسيٰ اوٺو، ڳوٺ اوٺا قاضي احمد، (25) محمد هاشم درد انڙ ڳوٺ ناصري سڪرنڊ، (26) مولوي محمد هارون اوٺو ڳوٺ راهو، دولتپور صفن، (27) مولوي محمود ڀاڻپوٽو شاهپور جهانيان، (28) مولوي غلام رسول ڏاهري ڳوٺ راج محمد ساهيه شاهپور جهانيان، (29) مولوي حبيب الله جمالي ڳوٺ ميوو جمالي، سڪرنڊ، (30) مولوي محمد مريد جمالي ڳوٺ مهر علي جمالي، سڪرنڊ، (31) خان محمد مجاهد جمالي ڳوٺ شير خان جمالي، سڪرنڊ، (32) سيد شاهد حسين شاهه دڙو شهر، نواب شاهه، (33) مولوي خان محمد رحمان ديني مدرسہ ٻانڌي، نواب شاهه، (34) غلام نبي ڪنڀار، ڳوٺ ڄام جوڌو، سڪرنڊ، (35) نذير احمد کوکر ڳوٺ جهونجهاڻ، قاضي احمد، (36) غلام حسين چانڊيو ڳوٺ پنهون خان چانڊيو، سڪرنڊ، (39) محمد جعفر ڏاهري ڳوٺ ڄام ڏاهري، سڪرنڊ، (40) علي نواز ڏاهري ڳوٺ ڄام ڏاهري، سڪرنڊ، (41) عامر اسماعيل رند سڪرنڊ، (42) حفيظ ٻرڙو سڪرنڊ، (43) غلام رسول زؤنر، سڪرنڊ، (44) معشوق علي مگسي، ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ (45) محمد صادق ڀٽي مهراڻ ڪالوني نواب شاهه.

هنن ذاتي ڪتب خانن کان علاوه نواب شاهه ضلعي ۾ چڱي پيماني تي سرڪاري ادارن، ڪاليجن، اسڪولن ۽ آفيسن ۾ علمي، فني ۽ ادبي لئبرري قائم ڪيل آهن، جن مان عملو، استاد ۽ شاگرد هر وقت چڱو فائدو پرائيندا رهن ٿا:

(1) مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي نواب شاهه، (2) نواب شاهه ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه، (3) گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه، (4) گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، (5) گورنمينٽ حبيب ڪاليج آف ٽيڪنالاجي نواب شاهه، (6) سنڌ زرعي ڪاليج سڪرنڊ، (7) ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ، (8) ميونسپل هاير سيڪنڊري اسڪول نواب شاهه، (9) گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول قاضي احمد، (10) گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول دولتپور صفن، (11) ايڇ. ايم. خواجه ڊي. سي. هاءِ اسڪول نواب شاهه، 012) لائين پار هاءِ اسڪول نواب شاهه، (13) گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ، (14) گورنمينٽ هاءِ اسڪول مجيد ڪيريو، (15) گورنمينٽ هاءِ اسڪول محرابپور، (16) گورنمينٽ هاءِ اسڪول صابو راهو، (17) گورنمينٽ هاءِ اسڪول حسن جمالي، (18) گورنمينٽ هاءِ اسڪول مهر علي جمالي، (19) گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو، (20) گورنمينٽ هاءِ اسڪول لانڍي (21) گورنمينٽ هاءِ اسڪول دليل ديرو، (22) گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڄام صاحب، (23) گورنمينٽ هاءِ اسڪول سٺ ميل، (24) گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنجون ميل، (25) گورنمينٽ هاءِ اسڪول مشائخ، (26) گورنمينٽ هاءِ اسڪول ماڙي جلباڻي، (27) گورنمينٽ هاءِ سڪول محمد خان مگسي، (28) گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنهون خان چانڊيو، (29) گورنمينٽ هاءِ اسڪول النور شگرمل شاهپور جهانيان، (30) گورنمينٽ هاءِ اسڪول حمل فقير سڪرنڊ، (31) گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکيو مناهيجو سڪرنڊ، (32) گورنمينٽ هاءِ اسڪول کٻڙ لکمير سڪرنڊ.

ان سان گڏ ضلعي جي هر مڊل ۽ پرائمري اسڪول ۾ به ننڍي پيماني تي لئبرريون قائم ڪيل آهن.

ڊاڪٽر نذير احمد

محمد پنهل ڏهر

چچ نامي ۾ موجود فارسي شعرن جي باري ۾ هڪ گذارش

[نوٽ: سنڌ توڙي سڄي برصغير متعلق پهريون تاريخي ماخذ ”فتح نامه سنڌ المعروف چچ نامه“ آهي. هي ڪتاب اصل عربيءَ ۾ لکيل هو، علي بن حامد ڪوفي سن 613هه ۾ اُن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. هن ڪتاب کي پهريون ڀيرو سنڌي ترجمي جي صورت ۾ آڻڻ جو سهرو مرزا قليچ بيگ جي سِر تي آهي، جنهن ’چچ دور‘ تائين سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو سنڌي ترجمو 1923ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو. مرزا قليچ بيگ هن ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪيو، جيڪو 1900ع ۾ ڇپيو. پهريون ڀيرو ڊاڪٽر علامه دائود پوٽي اصل فارسي متن کي ايڊٽ ڪيو ۽ مٿس مقدمو، تعليقات ۽ حاشيا لکيا. اهو فارسي متن 1939ع ۾ ”انجمن مخطوطات حيدرآباد دکن“ مان ڇپيو. هن ڪتاب جو پهريون اردو ترجمو مولانا محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاولپوري ڪيو. اهو اردو ترجمو بهاولپور مان 1939ع ۾ شايع ٿيو.

مذڪوره ڪتاب جو ٻيو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو. اهو ترجمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني ۾ ۽ سندس تحقيقي مقدمي ۽ تعليقات سان پهريون ڀيرو 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران ڇپيو. مخدوم امير احمد واري سنڌي ترجمي تان وري اختر رضوي اردو ترجمو ڪيو. اهو ترجمو پڻ پهريون دفعو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان ڇپيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، وڏي محنت ڪري انهيءَ ڪتاب جي فارسي متن کي مختلف نسخن سان ڀيٽي صحيح متن تيار ڪري حاشين ۽ تعليقات سان سينگاريو آهي ۽ مٿس انگريزيءَ ۾ طويل تحقيقي مقدمو به لکيو اٿس. اهو فارسي متن 1983ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف هسٽري، ڪلچر اينڊ سولائيزيشن اسلام آباد مان شايع ٿيو آهي.

چچ نامي ۾ موجود فارسي شعرن جي تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽي جي قابل استاد پروفيسر ڊاڪٽر نذير احمد ڪئي آهي. اها تحقيقي  ڇنڊ ڇاڻ هڪ مقالي جي صورت ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي اردو شعبي مان نڪرندڙ تحقيقي ميگزين ”تحقيق“ (نمبر 5) 1991ع جي صفحي 283 کان 301 تي ڇپي آهي. تحقيق دوران ڊاڪٽر نذير احمد جي سامهون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو ايڊٽ ڪيل فارسي متن رهيو آهي، تنهن ڪري هن مقالي ۾ فارسي شعرن هيٺان جيڪي به صفحا ڄاڻايل آهن، سي سڀ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتاب جا آهن. هيٺ انهيءَ تحقيقي مقالي جو سنڌي ترجمو ڏجي ٿو. مترجم]

 چچ نامو، جنهن جو اصل نالو ”فتح نامه سنڌ“ آهي، هي محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ متعلق معتبر تاريخ آهي ۽ هي عربي ڪتاب جو فارسي ترجمو آهي. عربي ڪتاب جو اصل نالو يقيني طرح سان معلوم نه آهي ۽ نه وري ان جي مصنف جي باري ۾ ڪو درست اطلاع آهي. البت فارسي ترجمو علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي جو ٿيل آهي. هن اهو ترجمو 613هه ۾ مڪمل ڪيو ۽ ناصرالدين قباچه متوفي 625هه، بادشاهه اُچ ۽ ملتان جي وزير عين الملڪ اشري جي نالي انتساب ڪيو.علي بن حامد ڪوفي جو هي فارسي ترجمو سڄي برصغير ۾ قديم سمجهيو وڃي ٿو. (1) انهيءَ ترجمي ۾ فارسي جا ڪجهه شعر موجود آهن، جن جو وچور هن ريت آهي.

رباعيون 5

قصيدو 1 (صرف 8 چونڊ شعر)

قصيدو صرف هڪ بيت

قطعو 1 (ٻه بيت)

مثنوي يا نظم هڪ بيت

اهي سمورا شعر علي ڪوفي جا سمجهيا ويا آهن، انهيءَ ڪري ئي علي ڪوفي کي فارسي شاعر سڏيو ويو آهي. چچ نامي جو اهو ترجمو ٻيو دفعو ڇپيو آهي. (2) ٻئي ايڊيشن جو ترتيب ڏيندڙ مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هن پنهنجي مقدمي ۾ لکيو آهي ته:

"In all earnest, therefore, Ali Kufi tried to make up such deficiencies in his Persian translation. To this end he supplied brief introduction to the different sections with poetic imagery charactercistic of the Tasbih in qasidah, inserted her and there verses of is own and also of others."

ڊاڪٽر بلوچ انهن شعرن مان چند علي ڪوفي جا ۽ ڪجهه ٻين جا ڄاڻايا آهن. ليڪن ڊاڪٽر سدارنگاڻي پنهنجي فارسي ڪتاب ”پارسي گويان هند وسند“ (3) ۾ انهن سڀني شعرن کي علي ڪوفي جو ڄاڻايو آهي. هو لکي ٿو ته: ”يکي از آنان علي بن حامد کوفي است که قديم ترين تاريخ موجود سند يعني منهاج الدين و الملڪ، رابه فارسي ترجمه ڪرد (613هه) و نام آن را چچ نامه نهاد، درين کتاب علي کوفي برخي از اشعار خود را آورده که بيشتر در مدح ناصرالدين قباچه سروده است، وي ظاهراً پيشاهنگ شاعران فارسي زبان درسنده است، ازوست.“ (4)

خسروا ملک بر تو خرم باد،

کُل گيتي ترا مسلم باد.

از تو آباد ظلم ويران شد،

به تو بنياد عدل محکم باد.

خطبه تعظيم يافت از نامت

همچنين سال و ماه معظم باد.

و آنچه در ملک جم نبود ترا،

همه زيرِ نگين مختم باد.

چترميمون وهمت عاليت،

سايه دارِ سپهر اعظم باد.

هر دلي کز تو حال عصيانست

همه کارش چو زلف درهم باد.

به يمينت چو ملک داد يسار،

در يسارِ تو خاتم جم باد.

(صفحو 5)

چچ نامي جا مٿيان شعر قباچه جي مدح ۾ آهن. اهي شعر علي ڪوفي ”انوري“ جي ديوان تان نقل ڪيا آهن. انهن شعرن جي تفصيلي احوال کان اڳ ۾ اسان ڊاڪٽر سدارنگاڻي جي مٿئين بيان تي هڪ تنقيدي نظر وجهنداسين.

هن چچ نامي جي عربي ماخذ جو نالو ”منهاج الدين و الملڪ“ ڄاڻايو آهي، ليڪن اهو قياس صحيح نٿو لڳي. ٿي سگهي ٿو ته اهو عين الملڪ اشعري جي لقب جو حصو هجي، جنهن اشعري جي نالي اهو ترجمو تيار ٿيو آهي. (5) ڏسو:

مخلص ڪتاب

سماءَ الدين و الملک الحضرة الصدرالاجل العالم عين الملک: پس اين کتاب راکه ملقب است به منهاج الدين و الملک الحضرة الصدر الاجل عين الملک از تصنيف علماءَ عرب و تاليف حکماء ادب در فتح بلاد هند وسند.“

مخلص ڪتاب مان مراد آهي فارسي ترجمي کي ممدوح جي نالي ڏانهن منصوب ڪرڻ. لفظ تخلص جي جملي ۽ معنيٰ جي مناسبت سان هي معنيٰ به آهي: ”اُوردن نام ممدوح در شعر يا در نثر و گريز زدن بمدح و ممدوح“ انهيءَ ڳالهه کان ”سماء الدين و الملک، منهاج الدين والملک“ ، ڪتاب جو عنوان نه آهي، بلڪ انهي کي ممدوح جي لقبن جو هڪ حصو سمجهڻ کپي. هي ڪتاب اهڙي شخص جي نالي منسوب آهي، جنهن جا هي لقب آهن، منهاج الدين والملڪ، الحضرة، الصر، الاجل، عين الملڪ. اهڙيءَ طرح منهاج الدين والملڪ کي اگر ڪتاب جو حصو قرار ڏينداسين ته ”الحضرة“ کان اڳ ۾ ”باسم“ ضروري آهي. ڪتاب لاءِ لقب جو لفظ نٿو ٺهي، توڙي جو ”مخلص ڪتاب“ جي عنوان وارو بيان منجهيل آهي، تڏهن به اها ڳالهه ضرور آهي ته جيڪو ڪتاب عين الملڪ اشري جي نالي هو، اُهو فارسي ۾ هو، يعني عربي ترجمو، تنهنڪري منهاج الدين والملڪ ڪتاب جو اصل نالو نٿو ٿي سگهي. انهي کانسواءِ فارسي ترجمي ۾ ڪٿي به اهو نالو نه آيو آهي، انهي جو نالو ”فتح نامه سنڌ“ ملي ٿو. ڏسو،

• اين نو باوء غريب وفتحنامهء طريف مخلص بکدام صدر را شايد (6)

•اين فتحنامه که از ثواب ديني و فضول دنياوي است. ((7)

• اين فتحنامه راکه از شهامت وصولت اهل عرب و شام بود اولي ترکه به بارگاهه رفيع خداوند مولوي الاانعم صاحب السيف والقلم اجل کبير مويد مظفر منصور عين الملک فخرالدوله والدين نظام الاقاليم جلال الوزرا حسين بن ابي بکر بن محمد الاشعري.... عرضه افتد تابشرف ملاحظه و نظر مطالعه مشرف گردد وبه عز قبول ميمون مقبول گردد. (8)

باقي چچ نامو ته بعد جو نالو آهي، علي ڪوفي جو انهي سان واسطو نه آهي. چچ جو احوال انهيءَ ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي، جنهن چند نسخن (قلمي) تي انهي ڪتاب جو اهو نالو سرورق تي لکجي ويو. ”طبقات اڪبري“ ۾، جيڪا 1002هه جي لکيل آهي، تنهن ۾ لکيو ويو آهي ته ”عموماً هي تاريخ چچ نامي جي نالي سان مشهور آهي.“ مطلب ته سموري احوال جو خلاصو هن طرح آهي ته ترجمي ڪندڙ، انهي ترجمي جو نالو فتح نامه سنڌ رکيو ۽ نه وري چچ نامو.

ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ جي هي عبارت ڌيان لائق: ”درين کتاب علي برخي از اشعار خود را آورده که بيشتر در مدح ناصرالدين قباچه سروده.“ انهيءَ عبارت ۾ ڪيئي مونجهارا آهن. پهريون هي ته انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته علي ڪوفي گهڻن شعرن جو صاحب آهي، جن مان ڪجهه چچ نامي ۾ موجود آهن، سي علي ڪوفي جا به نه آهن ۽ نه ئي علي ڪوفي جي شعرن جو ٻيو ڪو ماخذ به موجود آهي. سدارنگاڻي جو ٻيو هي قياس به غلط آهي ته چچ نامي ۾ جيڪي به شعر آيل آهن سي سڀ ناصرالدين قباچه جي مدح ۾ آهن. هن ڪتاب اندر قباچه جي مدح ۾ هڪ قصيدي جا اٺ شعر موجود آهن ۽ اهي به ٻئي ڪنهن شاعر جا چيل آهن. انهي متعلق به بحث ڪجي ٿو، ۽ ٻن بيتن جو هڪ ٻيو قطعو به اشري جي مدح ۾ آهي، ليڪن انهي جي مصنف جي باري ۾ ڪا به ڳالهه واضح طور تي چئي نٿي سگهجي. بقايا پنج رباعيون، قصيدي جو هڪ بيت ۽ نظم، جن مان هڪ بيت جو تعلق نه قباچه سان آهي ۽ نه اشعري سان ئي، مطلب ته سدارنگاڻي جو بيان مونجهارن سان ڀريل آهي.

قصيدي جا اٺ بيت، جيڪي پهريائين لکي چڪا آهيون ۽ جيڪي قباچه جي مدح متعلق آهن، سي سڀ مشهور فارسي قصيده گو شاعر ”انوري ابيووردي“ (وفات 585هه) جا آهن، اهي علي ڪوفي جا نه آهن. انوري جو اهو سمورو قصيدو 39 شعرن جو آهي، جيڪو ڇپيل ۽ قلمي نسخن ۾ موجود آهي. هت صرف اٺن شعرن جو انتخاب ڏنو ويو آهي. هي ڳالهه دلچسپي واري آهي ته انوري جي وفات بعد 28 سالن اندر انهيءَ قصيدي جي مشهوري تهران جي حدن مان نڪري هندستان تائين پهچي چڪي هئي. انوري جي قصيدي جو تعلق سلطان سنجر يا ناصرالدين طاهر يا علاءُ الدين سان آهي. وڌيڪ ممڪن آهي ته ڪجهه شعرن ۾ ردوبدل ڪري ٻين ممدوحين جي نالي به ڪيو ويو هجي. انوري جو اهو قصيدو (ڇاپو مدرس رضوي، ايڊيشن ٽيون 1364هه، مرڪز انتشارات علمي وفرهنگي تهران) ڇائيتاليهه نمبر وارو قصدو آهي، جيڪو صفحي 107 کان 109 تي آهي، جنهن جو مُنڍ (مطلع) هن طرح آهي.

”صاحبا عيد بر تو خرم باد، گُل گيتي ترا مسلم باد.“

حاشيه ۾ ”خسرو الملڪ“ آهي، جيڪو چچ نامي جي درست متن جي عين مطابق آهي. چچ نامي جو ٻيو بيت انوري جي ديوان ۾ به ٻئي نمبر تي آهي. ٽيون بيت ديوان ۾ پنجين نمبر تي آهي ۽ انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته ممدوح بادشاهه آهي، جنهن جي نالي جو خطبو پڙهيو وڃي ٿو. ٻنهي جاين تي متن ۾ ڪوبه فرق نه آهي. چوٿون بيت ديوان جي متن ۾ نه آهي، ليڪن حاشيي ۾ هن طرح آهي. ”اين بيت (آسمان گفت گرمنم چونگينشن، اندر آن رقعه نام من هم باد) و دو بت بعد در ط، م نيست وبجاي آن بيت زير فزوده شد که در بعضي نسخ مانند نيز آمده است:

آنچه در ملک جو نبود ترا     هم زيرنگين مسلم باد

ديوان ۾ اٺون بيت هي آهي.

خواستم گفت ملک هفت زمينت     هم زيرنگين خاتم باد.

چچ نامي وارو پنجون بيت ديوان ۾ 22 نمبر تي آهي ۽ انهيءَ جو پهريون مصرعو هن طرح آهي ”چتر ميمون همت عاليت“ ، جڏهن ته چچ نامي (9) ۾ ”چتر ميمون و همت عاليت“ آهي. اهو آخري ذڪر ٿيل لفظ درست نه آهي، انهيءَ مان معنيٰ ۾ خلل پوي ٿو ۽ شعر جو حسن به ضايع ٿي وڃي ٿو. پورو بيت هي آهي.

چتر ميمون همت عاليت       سايه دار سپهر اعظم باد.

مطلب هي آهي ته تنهنجي همت اهڙو ڇٽ مبارڪ آهي جيڪو سپهر اعظم تي ڇانو مثل آهي. عالي همت جي تنبيهه ڇٽ مبارڪ سان ڏني ويئي آهي. اگر چتر ميمون کانپوءِ وارو عطف پڙهيو ويندو ته تشبيهه ختم ٿي وڃي ٿي. انهيءَ صورت ۾ شعر جو مطلب هن طرح ٿيندو: تنهنجي ڇٽ مبارڪ ۽ تنهنجي عالمي همت جي پاڇي هيٺ سپهر اعظم آهي. سپهر جو سايو يا پاڇو ٿيندو آهي، عالي همت جو نه. هاڻ جيڪڏهن همت کي ڇٽ سان تشبيهه ڏينداسين ته هي شبهو ختم ٿي سگهي ٿو ۽ هي صورت صرف واو عطف جي ختم ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿي سگهي ٿي. جيئن ته ديوان جي نسخن ۾ واو نه آهي، تنهنڪري انهيءَ کي اختيار ڪرڻ کپي.

چچ نامي جو ڇهون بيت ديوان جو ويهون نمبر بيت آهي. چچ نامي ۾ اهو بيت هن طرح ڏنل آهي: ”هر دلي کز تو حال عصيانست، همه کارش چو زلف درهم باد.“ پهرئين مصرعي جي اها روايت ڊاڪٽر سدارنگاڻي (10) وٽ به آهي، جيڪا بلڪل غلط آهي ۽ تعجب اهو آهي جو اها غلطي چچ نامي جي ٻنهي ايڊيشنن ۾ موجود آهي. (11) مزي جي ڳالهه اها آهي جو مصرعي جي درست صورت حاشيي ۾ درج آهي. (12) متن غلط، حاشيو درست. شعر جي درست صورت هن طرح آهي:

بر دلي از تو خال عصانست      همه کارش چو زلف درهم باد. (13)

                                  (صفحو) 195 حاشيو)

”خال عصيان“ جي ترڪيب نهايت شاعرانه آهي. هن ۾ قرآن مجيد جي هن آيت مبارڪ ڏانهن اشارو آهي، ”کلا بل ران عليٰ قلوبهم ما کانُو يکسبون.“ (هرگز ائين نه آهي، انهن جي دلين تي سندن خراب اعمالن جو زنگ چڙهي ويو آهي.) انهيءَ آيت جي تشريح ۾ حضرت محمد ﷺ جي هڪ حديث شريف آهي ته ”چوندا آهن ته جڏهن ڪو انسان گناهه ڪري ٿو ته انهيءَ جي دل تي تِر جي برابر هڪ ڪارو نقطو ٺهي پوي ٿو ۽ جڏهن هو انسان توبهه ڪري ٿو ته اُهو ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪو توبهه ڪرڻ کان رهجي وڃي ٿو يعني جيڪو توبهه نٿو ڪري ته سندس دل گناهه جي اهڙن نقطن ڪري ڪاري ٿي وڃي ٿي.“ (14)

انهيءَ تشريح جي روشني ۾ شعر جو مطلب هن طرح آهي ته ”جنهن شخص جي دل ۾ تولاءِ بغاوت جي ڪري گناهن جا نقطا پيدا ٿي وڃن، خدا انهي جي ڪاروبار کي برباد ڪري ڇڏي ٿو. ڪارو نقطو ۽ ٽڙيل يا وکريل وار حُسن ۾ واڌاري جو ڪارڻ هوندا آهن، ليڪن شاعر جو خيال هن طرح آهي ته خطائن جو اهو ڪارو نقطو ڪاروبار کي ٽڙيل يا وکريل زلفن وانگر بربادي جو سبب پيدا ڪري ٿو. ٿوري تبديليءَ سان ۽ معنوي رنگ سان شاعر شعر کي ڀري ڇڏيو آهي، ليڪن چچ نامي جا ايڊيٽرن ۽ ”فارسي گويان هند و سند“ جي لکندڙ هن شعر جو حُليو بگاڙي، شعر کي بي مقصد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وري درست پڙهي حاشيي ۾ ڏني وئي آهي. حيرت آهي ته زلف سان گڏ خال جي مناسب کي نظرانداز ڪري ڇڏيائون.

ستون شعر ديوان ۾ 32 نمبر تي آهي. سدارنگاڻي وٽ ”دولتت“ جي بجاءِ ”دوستت“ غلط طرح سان لکجي ويو آهي ”شاعر کم وبيش“ جي فقري سان نقطو پيدا ڪري شعر کي سهڻو ڪري ڇڏيو آهي.

چچ نامي جو اٺون ۽ آخري بيت ديوان ۾ ستين نمبر تي آهي. جيتوڻيڪ متن جي روايت چچ نامي کان مختلف آهي، ليڪن حاشيي ۾ نسخن جو اهو اختلاف درج آهي. اهو شعر چچ نامي ۾ هن صورت مطابق ٿي ويو آهي.

در يمين تو خانئه آصف

حاشيو ۽ چچ نامو: به يمينت جو ملک داد يسار.

چچ نامي ۾ موجود شعرن جي ترتيب مان هي نتيجو نڪري ٿو ته علي ڪوفي قصيدي مان شعر منتخب ته ڪري ورتا، ليڪن شعرن جي ترتيب جو خيال نه رکيو. يا وري هينئن به ٿي سگهي ٿو ته علي ڪوفي وٽ انوري جي ديوان جو جيڪو نسخو موجود هو، ان ۾ انهن شعرن جي ترتيب اهڙي طرح هجي.

”معذرت مصنف“ جي عنوان هيٺ چچ نامي ۾ هڪ قطعو ڏنل آهي جنهن ۾ ٻه بيت آهن. اهو هن طرح آهي. (15)

آن سروران (16) که نامه نکو کسب کرده اند

رفتند و يادگار ازيشان جزان نماند

نوشيروان (17) اگرچه فراوانش گنج بود

جز نام عدل از پس نوشيروان نماند.

هي قطعو عين الملڪ اشعري (18) جي لاءِ نقل ٿيل آهي. اهوئي ٻن بيتن وارو قطعو (تذڪرة لباب الالباب) (19) ۾ فضيلت شعر ۽ شاعري جي متعق موجود آهي، ليڪن انهيءَ کان اڳ ۾ يعني 599هه ۾ ”راوندي“ ، ”راحت الصدور“ (20) ۾ اهوئي قطعو عربي جي هيٺين ٽن شعرن کانپوءِ ڏنو آهي.

لولا جرير والفرزدق لم يدم

ذکر جميل من بني مروان

ونري ثناء الرودکي مخلداً

من کل ما جمعت بنو سامان

وملک غسان لغانوا غير

مان قد قاله حسان في غسانِ

(اگر جرير ۽ فرزدق نه هجن ها ته بني مروان جو ذڪر جميل باقي نه رهي ها. بني سامان جيڪي ڪجهه گڏ ڪيو هو، انهيءَ ۾ رودڪي جي شعرن (مدحيه نظم) کانسواءِ باقي ڪجهه نه رهيو. ملوڪ غسان سڀ فنا ٿي ويا. سواءِ انهي جي جيڪي ڪجهه حسان، غسان جي باري ۾ چيو هو.)

ڇهين صدي هجري جي آخر ۾ شرف الدين محمد بن مسعود مروزي (22) ”رساله دربارهء آثار علوي“ ۾ انهي قطعي جا هيٺيان ٽي شعر ڏنا آهن. (23)

آن خسروان که نام نکو کسب کرده اند

رفتند يادگار ازيشان جز آن نماند

ايشان نهان شدند درين جوف کائنات

ليکن شعار کرده ايشان نهان نماند

نوشين روان اگرچه فراوانش گنج بود

جز نام نيک از پس نوشين روان نماند.

خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو انهي قطعي مان مصنف جي باري ۾ خبر پئجي ويئي. (24) اهي ٽيئي شعر ”رشيد و طواط“ (وفات 573هه يا 578هه) جي هڪ قصيدي مان ورتل آهن، جيڪو ”سلطان اتسز“ (وفات 551هه) جي مدح ۾ چيل آهي. هي قصيدو 23 بيتن تي مشتمل آهي ۽ قطعي ۾ موجود ٽيئي بيت قصيدي جا 18، 19 ۽ 20 نمبر بيت آهن. قصيدي جو ٿلهه ۽ ڪجهه شروعاتي بيت هن ريت آهن.

اي آنکه درجهان ز تو سري نهان نماند

باعدل تو نشان ستم در جهان نماند

تا چرغ تيغ فتنه نشان در کفت نهاد

از فتنه در نواحي عالم نشان نماند

از خسروان عرصه عالم بعلم و حلم

برتخت خسروي چو تو صاحب قرآن نماند

با کوکبان جاه تو در کل خافقين

آوازه کواکب هفت آسمان نماند

آن کس که کرد با تو بجان باختن خطر

ر ششدر نهيب تو جز رايگان نماند.

سعدي جي هيٺئين قطعي جو بنياد به انهيءَ قصيدي تي آهي. سعدي جو اهو قطعو گلستان ۾ آهي.

بس نامور بزير زمين دفن کرده اند

کز هستيش به روي زمين بر نشان نماند

آن پير لاشهء که سپردند زير خاک

خاکش چنان بخود کزو استخوان نماند

زنده است نام فرخ نوشيروان به عدل

گرچه بسي گذشت که نوشيروان نماند.

خيري کُن اي فلان و غنيمت شمار عمر

زان پيشتر که بانگ درآيد فلان نماند

(گلستان باب اول، حڪايت 02، ڇاپو تهران 1348هه، صفحو 14)

هاڻي چچ نامي ۾ موجود ٻين شعرن جي باري ۾ چند ڳالهيون عرض رکجن ٿيون. هيٺئين رباعي متعلق چئي نٿو سگهجي ته اها علي ڪوفي جي آهي. (25) مصنف اين شعر را در تصديق احترام او مي گويد.

گل رنگ زرين کرد چو روي تو نشد

شب مشک وشي کرد چوموئي تو نشد

آراسته است بلباس لاله وسوسن و گل

ليکن بخدا چو خاک کوئي تو نشد.

                                      (صفحو 2)

چچ نامي ۾ ”زرين“ جي ”ر“ تي شد آهي، انهيءَ سان وزن نٿو ٺهي.

مشڪ وش (مشڪ وانگر) هي لفظ مشڪ+ وش جو مرڪب آهي، انهي ڪري ئي مشڪ وشي جي ترڪيب لڳي ٿي. ٻئي مصرعي جو قافيو موئي آهي، ليڪن پهرئين ۽ چوٿين مصرعي جا قافيه، روي، ڪوي آهن، جيڪا ڇاپي جي غلطي آهي. روي، ڪوئي هجڻ کپي ها. ٽئين ۽ چوٿي مصرعي جو پاڻ ۾ ربط معلوم نٿو ٿئي. معلوم ٿئي ٿو ته اها رباعي درست طرح سان ڇپيل نه آهي. چچ نامي جي صفحي 14 ۽ 15 تي ٻه عاشقانه رباعيون آهن جيڪي نثري مضمون سان بلڪل ٺهڪي اچن ٿيون. اُهي هي آهن. (26) اگر ملتمس من باجابت مقرون نسازي خود را هلاک کنم:

هيچت افتد کين دل مون شاد کني

وز هجر وا فراق خويش آزاد کني

ور بازکشي اي صنما روي زمن

فرياد کنم مِها که روي بيداد کني.

گاهه بيگاهه هر روز بخيال و جمال خود صدقه مارا مضيف مي باش تابامل وصال خود خرسند مي باشم:

خرسندم اگر سال بسالت بينم، ور در عمري شبي خيالت بينم

نوميد نگردم خيالت صنما، آر روزي شب وصالت بينم.

پهريون شعر يا رباعي تي يقيناً مصنف يعني علي ڪوفي جي معلوم ٿئي ٿي، ٻئين ۽ ٽئين رباعي ممڪن آهي ته مصنف موقعي جي مناسبت سان چئي ڇڏي هجي. هيٺيون بيت قصيدي جو معلوم ٿئي ٿو.

هم فيل داري هم حشم هم خيل داري هم خدم

مردانه بيرون نه قدم زير و زبر کن خصم را

(صفحو 19)

هي راڻيءَ کي نصيحت واري عنوان هيٺ آهي، جيڪو نثري عبارت سان بلڪل مناسبت رکي ٿو. ملاحظه ڪريو:

ميان ببند و چون شير غران برخيز و مردانه بجنگ پيش برو و در مدافعت خصم بکوش که

    مرگ بانام وننگ بهتر از مذلت هم کفو باشد. بيت، ”هم فيل داري هم حشم.“ احخ

هڪ فارسي بيت برهمڻ قيدي ۽ محمد بن قاسم جي گفتگو دوران نقل ٿيل آهي.

چون عهد وثيق درميان آمد و ثال موکد بدست کرد به محاسن

خود ز و گره موي روي بکشاد باز کرد و سر اوبرانگشتان پيچيده

    بايستاد و رقص کردن گرفت و اين مثل همي گفت:

کس نديدست اين عجب که مراست

موي ريشم همي کشان تا پاست

                            (صفحو 173)

واقعو هن طرح آهي ته برهمڻ پنهنجي ۽ پنهنجي عزيزن جي جان بخشي ڪرائڻ کانپوءِ ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ وڃي ٿو، ليڪن هتي واري نثري عبارت غلط لڳي ٿي. ائين چوڻ ته ڪرتب باز پنهنجو هٿ ڏاڙهي تائين آندو ۽ وار کولي ڇڏيائين ۽ وارن جا سِرا ٻنهي آڱوٺن سان ٻڌي ڇڏيائين، پوءِ اُٿي بيٺو ۽ نچڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته جهڙو هُنر مون وٽ آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن به نه ڏيکاريو هوندو جو ڏاڙهي جو وار ڇڪي ڪري پيرن تائين آڻي سگهي ها. هي شعر ڪرتب ڏيکاريندڙ برهمڻ جي زبان مان ادا ٿيل آهي، ڇاڪاڻ ته برهمڻ جو مخاطب محمد بن قاسم آهي ۽ اهو برهمڻ ڪتاب (چچ نامي) جي مترجم يعني علي ڪوفي کان صديون پهريائين ٿي گذريو هو. انهي مان واضح ٿئي ٿو ته علي ڪوفي جي نقل ٿيل فارسي شعرن کي چڱيءَ طرح پڙهڻ جو موقعو ڪنهن کي به نه مليو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيٺئين عبارت ڪنهن غلط فهمي تي ٻڌل آهي.

'' Among such tales as those of the sorceress of the Arur city (P. 170), the Brahman prisoner of Arur who recites (Ali Kufis Persian verses.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ شعر کي علي ڪوفي جو ڄاڻائي ٿو. بخوبي امڪان آهي ته سندس راءِ درست هجي، ليڪن برهمڻ جي زبان مان انهيءَ جي ادائگي ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته برهمڻ، علي ڪوفي کان صديون اڳ ۾ ٿي گذريو آهي.

انهي واقعي ۾ ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم برهمڻ جو ڪرتب ڏسي حيرت ۾ اچي ويو، ليڪن ٻين ڏسڻ وارن کيس چيو ته اهو ڪهڙو ڪرتب آهي جنهن جي ڪري هو امان وٺي ٿو. اهو دوکي باز معلوم ٿئي ٿو. اهو ٻڌي محمد بن قاسم چيوته ڳالهه ڳالهه ۽ وعدو وعدو آهي. ڳالهه ۽ وعدو ٽوڙڻ بزرگن جو شيوو نه آهي. انهي کانپوءِ هي رُباعي آهي، جيڪا ڄڻ ته محمد بن قاسم جي زبان مان ادا ٿي:

منگر تو بدان که ذوفنون آيد مرد

در عهد وفانگر که چون آيد مرد

در عهده عهد اگر برون آيد مرد

از هرچه گمان بري فنون آيد مرد.

(صفحو 174)

انهي جي ٽئين مصرعي ۾ در بجاءِ از هجڻ کپي.

چچ نامي ۾ جيڪا آخري رباعي درج آهي، اها انهي موقعي مهل جي آهي ته جڏهن چڱي، جيسيه جي محبت ۾ ناڪام ٿي ۽ طئي ڪيائين ته هو پاڻ کي ۽ پنهنجي محبوب جيسيه کي ختم ڪري ڇڏيندي، انهيءَ حالت ۾ هن جي زبان مان هي رباعي نڪتي. (اين ابيات مي گفت:)

تا عشق و جمال توشده دل سوزم

وين شمع جمال تس جان افروزم

انصافم ده وگر نه فرياد کنم

خود را و ترا و شهر درهم سوزم.

(صفحو 176)

پهرئين مصرعي ۾ جمال هجڻ کپي. ٻنهي جي وچ ۾ ’و‘ عطف غلط آهي. نسخي ۾ اصل ’عشق جمال‘ آهي، ليڪن مرتب غلط لفظ کي متن قرار ڏنو ۽ درست لفظ کي ڇڏي ڏنائين.

هي مختصر گذارش انهن فارسي شعرن متعلق آهي جيڪي چچ نامي ۾ موجود آهن. ضرورت انهي ڳالهه جي هئي ته انهن شعرن کي درست ڪيو وڃي ها. ڇاڪاڻ ته انهي سلسلي ۾ ڪابه ڪوشش ٿيل نه آهي، تنهن ڪري ئي درج ٿي ويا آهن. هڪ خاص ڳالهه، جنهن ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته اهي فارسي شعر علي ڪوفي جا اضافو ڪيل آهن، اصل عربي ڪتاب سان انهن جو ڪوبه واسطو نه آهي. محمد بن قاسم جي زبان مان نڪتا هجن يا چڱي يا ڪنهن ٻئي جي زبان مان، مطلب ته انهن ماڻهن اهي فارسي شعر نه چيا هئا.

انهن شعرن جو مفهوم انهن جي زباني عربي ۾ ادا ٿيو هوندو. انهن شعرن ۾ علي ڪوفي جا شعر به آهن ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جا شعر به آهن.

 

حوالا ۽ واڌارا

(1) قديم ڪتاب هي آهن: فارسي ترجما، فرح بعد الشده (محمد عوفي 620هه) ۽ لباب الالباب (محمد عوفي 618هه). هي ٻيئي ڪتاب قباچه جي نالي انتساب ٿيل آهن. تاج الماثر (حسن نظامي 614هه)، جوامع الحڪايات (عوفي 630هه)، طبقات ناصري (مهناج سراج 658هه).

(2) چچ نامي جو پهريون ايڊيشن ڊاڪٽر دائود پوٽي مرتب ڪيو، جيڪو مجلس مخطوطات فارسي حيدرآباد دکن پاران 1939ع ۾ ڇپيو. انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. اهو اداره تاريخ وثقافت و تمدن، جامعه اسلاميه، اسلام آباد مان 1983ع ۾ ڇپيو آهي. مرتب طرفان مٿس قيمتي حاشيا لکيا ويا آهن، جيڪي 150 کان وڌيڪ صفحن تي پکڙيل آهن.

(3) ڊاڪٽر سدارنگاڻي، ”پارسي گويان هند وسند“ ، ڇاپو پهريون 1976ع، انتشارات بنياد فرهنگ ايران تهران. (هن ڪتاب جو مرتب فارسيءَ جو استاد ۽ محقق ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي آهي، جنهن سان راقم کي نيازمنديءَ جو شرف حاصل رهيو.)

(4) پارسي گويان هند و سند، صفحو 14

(5) ساڳيو ڪتاب، صفحو 90

(6) ساڳيو ڪتاب، صفحو 7

(7) ساڳيو ڪتاب، صفحو 8

(8) ساڳيو ڪتاب

(9) ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل چچ نامي جي ٻنهي ايڊيشنن ۾ واو (و) عطف موجود آهي.

(10) پارسي گويان هند وسند، صفحو 14

(11) چچ نامي (ايڊٽ) ڊاڪٽر دائود پوٽو، صفحو 7 حاشيه.

(ii) چچ نامه (ايڊٽ) ڊاڪٽر بلوچ، صفحو 5

(12) چچ نامه (ايڊٽ) ڊاڪٽر دائود پوٽو، صفحو 7 حاشيه

(ii) چچ نامه (ايڊٽ) ڊاڪٽر بلوچ، صفحو 195

(13) سورة 83، آيت 14

(14) جامع ترمذي جلد 5، صفحو 109 حديث نمبر 339.

(ii) مسند امام احمد بن حنبل جلد 2، صفحو 297.

(15) چچ نامه (ايڊٽ) ڊاڪٽر دائود پوٽو، صفحو 13

(ii) چچ نامه (ايڊٽ) ڊاڪٽر بلوچ، صفحو 9.

(16) راحت الصدور ۾ ”خسروان“ آهي.

(17) راحت الصدور ۾ ”نوشين روان“ آهي.

(18) سلطان ناصرالدين قباچه جو وزير، جنهن جي نالي تي عوفي، تذڪرة لباب الالباب سنه 617هه ۾ لکيو هو.

(19) عوفي، تذڪرة لباب الالباب، طبع بريل، جلد 1، صفحو 211.

(ii) عوفي، تذڪرة لباب الالباب، طبع نفيسي، صفحو 14.

(20) راوندي، راحت الصدور، صفحو 62، طبع تهران.

(21) هي ابراهيم بن يحيٰ بن عثمان الغزي جا شعر آهن، جيڪي ابوالعلام مڪرم، صاحب مڪران جي مدح ۾ چيا آهن. (جهانڪشايء جلد 1، صفحو 163 حاشيه.)

(22) شرف الدين محمد بن مسعود بن مسعودي مروزي بخاري حنفي، زنده درسال 582.

(23) شرف الدين مسعودي مروزي، رسال دربارهء آثار علوي، صفحو 582.

هي رسالو ”جناب دانش پزوه“ جي ڪوشش سان 1338 شمسي، انتشارات فرهند ايران تهران مان ڇپيو. هي رسالو 550 هجري کان پوءِ تيار ٿيو هو.

(24) ياد نٿو پوي ته ڪٿان اطلاع مليو. بهرحال ’رسالو آٿار علوي‘ رشيد وطواط جي زندگي ۾ تيار ٿيو هو. هن جي قصيدي مان ٽن شعرن جو انهي رسالي ۾ هجڻ، انهيءَ قصيدي جي غير معمولي اهميت ۽ مقبوليت جو دليل آهي.

هوڏانهن ’راحت الصدور‘ راوندي تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال تعليقات لکيا آهن. انهيءَ ۾ هن لکيو آهي ته ”اين دو بيت از قصيده رشيدالدين وطواط است در مدح سلطان قطب الدين محمد خوارزم شاهه، اولش اينست.“ (راوندي) راحت الصدور.“ ايڊٽ ڊاڪٽر محمد اقبال، صفحو 478، طبع بريل هالينڊ.

اي آنکه در جهان تو سري نهان نماند

باعدل تو نشان ستم در جهان نماند

(ديوان وطواط 42-41. 11. F 16791 Add)

اين دو بيت را توارد غريبي است باقطعه معروف سعدي:

بس نامور بزير زمين دفن کرده اند

کز هستيش بروي زمين يک نشان نماند

زنده است نام فرخ نوشين روان بعدل

گرچه بسي گذشت که نوشيروان نماند.

الله تعاليٰ پروفيسر ڊاڪٽر اقبال کي عجيب غريب صلاحيتون بخشيون هيون، تنهنڪري هن ’راحت الصدور‘ ۾ موجود هزارن شعرن جي مصنفين جو پتو لڳائي ورتو ۽ اصل ڪتاب سان انهن شعرن جي ڀيٽ ڪئي. راوندي جو هڪ شعر ”بدر جاجرمي“ ، ”مونس الاحرار“ جلد 2 جي صفحي 131 تي نقل ڪيو آهي. اهو شعر ”دولت شاهه سمر قندي“ پنهنجي تذڪري (طبع ليڊن صفحو 154 ۽ 155) ۾ شرف الدين ”شغروه“ جي نالي سان آندو آهي. هي قطعو جڏهن ڊاڪٽر صاحب جي نظر تي چڙهيو ته فوراً کيس سمرقندي جو تذڪرو ياد اچي ويس ۽ فوراَ انهي جي نشاندهي ڪري ڇڏيائين. هي انهيءَ جي علم جو ڪمال آهي، ليڪن انهيءَ جي باوجود راحت الصدور جي نئين ايڊيشن ۾ امير ڪبير نهايت ئي ڪريل حرڪت جو مظاهرو ڪيو آهي.

(25) هي رباعي، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ايڊٽ ڪيل چچ نامي ۾ نه آهي.

(26) هي ٻيئي شعر ”عاشق شدن راني به چچ وابا نمودن چچ ازمحبت او“ جي عنوان هيٺ اچي وڃن ٿا. اهي ئي شعر راڻيءَ جي زباني آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com